ايڊيٽوريل سنڌ ڪمانڊو پوليس جي شهيدن کي سلام July 2020

ايڊيٽوريل

سنڌ ڪمانڊو پوليس جي شهيدن کي سلام

 

29 جون 2020 تي بلوچ لبريشن آرميءَ جي چئن دهشتگردن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي عمارت تي صبح جو 10 وڳي هڪ ڪار ۾ سوار ٿي اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن مان ٻه دهشتگرد پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج عمارت جي ڪمپائونڊ ۾ داخل ٿيڻ تي سيڪيورٽي اهلڪارن سان فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ مارجي ويا. جڏهن ته ٻن دهشتگردن کي سنڌ پوليس جي اهلڪارن عمارت جي پارڪنگ ايريا ۾ ماري ڇڏيو ۽ کين عمارت اندر داخل ٿيڻ ۾ ناڪام بڻايو. ان حملي ۾ ٽي نجي سيڪيورٽي جا محافظ ۽ هڪ پوليس آفيسر دهشتگردن سان مقابلو ڪندي شهيد ٿي ويا.

1980ع جي ڏهي کانپوءِ پاڪستان جي عوام دهشتگرديءَ سان تمام بهادريءَ سان مقابلو ڪندي آئي آهي. 29 جون 2020 تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي دهشتگرديءَ جو حملو به انهن گذريل حملن جي هڪ ڪڙي آهي. ڪجهه عرصي کان دهشتگردن جي حملن ۾ ڪجهه ماٺار آئي هئي، پر هن حملي هڪدم پاڪستاني عوام جي دلين ۽ ذهنن کي ٻيهر لوڏي ڇڏيو آهي ته دشمن اڃان به طاقتور آهي جو هو اسان جي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تي حملي ڪرڻ لاءِ ڀرپور طرح سان تياري ڪري اچي ٿو. سندن ساز و سامان مان ئي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سندن نيتون اسٽاڪ مارڪيٽ کي گهيري ۾ وٺڻ جون هيون ۽ جيڪڏهن دهشتگرد اندر وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ها ته پوءِ اهو ڪيترو نقصانڪار ثابت ٿئي ها ان جو اندازو چڱيءَ طرح لڳائي سگهجي ٿو. ان ۾ ڪوبه شڪ ناهي ته پاڪستان جا انٽيليجنس ادارا دشمن تي پنهنجي ڪڙي نظر رکن ٿا. جنهن ڪري ڪڏهن دشمن جا حملا ناڪام ٿي وڃن ٿا ۽ ڪڏهن وري انٽيليجنس ادارن جي اطلاع باوجود به دشمن پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿا. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج واري حملي ۾ به ايئن ئي ٿيو آهي، هن حملي جو اطلاع به انٽيليجنس جي اداري قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تائين پهچايو هو جنهن سبب قانون لاڪو ڪندڙ ادارا چوڪس ٿي ويا هئا. هن حملي جي ذميداري بلوچستان لبريشن آرمي قبول ڪئي آهي. هي حملو هڪ اهڙي اداري مٿان ڪيو ويو آهي جيڪو پاڪستان جي معاشي شهه رڳ چئجي ته ان ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آهي ۽ PSX جي عمارت ڪراچيءَ جي مين ڪارپوريٽ ڊسٽرڪٽ ۾ آهي جتي ڪيترين ئي ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ بينڪن جا هيڊڪوارٽر به موجود آهن. يقينن اهڙي اهم جاءِ تي پهچڻ لاءِ دشمن کي تمام گهڻي پلاننگ ڪرڻي پئي هوندي.

پاڪستان دشمن قوتن هن حملي ذريعي هڪ اهڙو پيغام دنيا جي انهن سيڙپڪارن کي ڏيڻ ٿي چاهيو جيڪي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيا آهن يا ڪرڻ چاهين ٿا ته پاڪستان سيڙپ جي لحاظ کان هڪ غير محفوظ ملڪ آهي، پر اسان جي پوليس  اهڙن دشمنن کي ختم ڪري اهو پيغام ڏنو آهي ته اسان جي هر فورس جاڳي پئي، ڪيترن ئي چئلينجن جي باوجود هن حملي ۾ جهڙيءَ ريت سنڌ پوليس جي ريپڊ رسپانس فورس ڦڙتيءَ جو مظاهرو ڪندي پاڪستان جي نالي کي بدنام ڪندڙ دهشتگردن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو آهي، ان اسان جي پوليس جي مورال کي بلند ڪيو آهي ڇو ته سنڌ پوليس مٿان ڪيترائي الزام مڙهيا وڃن ٿا ۽ سندن اهليت تي به سواليه نشان اٿاريا وڃن ٿا، پر حقيقت آهي ته سنڌ پوليس اندر جيڪي نوجوان ڀرتي ٿي اچن ٿا، انهن کي نه ته اهي سهولتون مليل آهن جيڪي هڪ بنيادي سيڪيورٽي نافذ ڪرڻ واري اداري کي هجڻ گهرجن. سندن پگهارون به ٻين صوبن جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهن، ان کانسواءِ سنڌ پوليس کي تربيت جي سخت ضرورت آهي، يقينن انهن جي تربيت ٿيندي رهندي آهي، پر هن وقت کين بين الاقوامي معيار جي تربيت ڏيڻ جي ضرورت آهي. ان کانسواءِ کين جديد هٿيار ڏنا وڃن ته جيئن هو جديد هٿيارن سان پنهنجي شعبي ۾ وڌيڪ اثرائتو ڪردار ادا ڪري سگهن.

سڀ کان وڌيڪ اهم ڳالهه جيڪا پوليس جي اداري لاءِ انتهائي اهم آهي اُها اِها آهي ته پوليس کي با اختيار بڻايو وڃي ۽ ان کي سياسي اثر رسوخ کان آجو رکيو وڃي ته جيئن پوليس جا جوان بهادريءَ سان پنهنجي ڊيوٽي سرانجام ڏين ۽ جڏهن وقت اچي ته پوليس دشمن کي فرنٽ لائين فورس جي حيثيت سان روڪي سگهي. سنڌ پوليس جي رفيق سومرو ۽ خليل جتوئي پنهنجي فرض شناسي ۽ ڦڙتيلي رد عمل سان دشمن کي نيست ۽ نابود ڪري سڄي سنڌ جو مان وڌايو آهي ۽ پنهنجي بهادريءَ سان ملڪ کي پيش ايندڙ هڪ وڏي سانحي کان بچايو آهي. سنڌ پوليس کي اهڙن جوڌن آفيسرن کي سندن بهادريءَ تي پروموشن ڏيئي کين وڌيڪ تربيت ڏيڻ گهرجي ته جيئن مستقبل جي ڪنهن به اهڙي صورتحال جو بهادري ۽ حوصلي سان مقابلو ڪري سگهن.

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments