ايڊيٽوريل ڪارونجهر جي تباهي تهذيب ۽ ماحوليات جي بربادي آهي | # جنوري 2022

ڪارونجهر جبل ٿر ۽ پارڪر جي سونهن ۽ ان جي قدرتي ورثي جي علامت آهي جيڪو ٿر ۽ پارڪر جي ملڪيت به آهي ۽ انهيءَ جي شناخت پڻ آهي. هن وقت اتان وڏي پئماني تي گرينائيٽ پٿر ڪڍيو پيو وڃي. جيڪو قيمتي به آهي ۽ شاهي محلاتن جي تعمير ۾ استعمال ٿئي ٿو. ٿر ۽ پارڪر سميت سڄي سنڌ جي ماڻهن ۾ انهيءَ ڪٽائي جي عمل تي ڳڻتي آهي ۽ انهيءَ بيواجبي ۽ غير ذميداري تي سخت ڪاوڙ پڻ آهي. انهيءَ تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي استحصال ۽ بربادي تي عوام سراپا احتجاج آهي. سنڌ جي تاريخي ورثي ڪارونجهر جبل کي ڪٽائي ۽ بربادي کان بچائڻ لاءِ عملي قدم طور ”ٿر سجاڳ سٿ“ 26 ڊسمبر 2021 تي ڪانفرنس پڻ ڪوٺائي هئي ۽ گڏوگڏ ٿر جي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي نمائندن به مجاز اختيارين سان ملي انهيءَ ڪٽائي کي بند ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر اهي ناڪام رهيا. انهيءَ جو سبب اهو آهي ته جن کي اجازت ناما مليل آهن اهي طاقتور ڌريون آهن. اهي تاريخ، تهذيب، ماڳن ۽ مڪانن جي اهميت جا انڪاري آهن ۽ اها ڪا نئين ڳالهه ناهي.

سڄي دنيا موجوده وقت ۾ ترقي جو سوچي رهي آهي اهو سفر ڪاميابي سان ڪري به رهي آهي، پر ماحول جي اهميت کان ڪوبه ترقي يافته ملڪ انڪار نٿو ڪري ۽ نه ئي پنهنجي نام نهاد ترقي ماحوليات جي قيمت تي ٿو ڪري. اهي ملڪ سڀ کان پهرين تحقيق ڪري ڪجهه اهڙا گس ڪڍن ٿا جيئن ماحوليات کي ڪو نقصان نه ٿئي ۽ اهي ترقي يافته قومون پنهنجي ماحول ۾ انسانن، وڻن، جانورن، پکي پکڻ، دريائن ۽ ڍنڍن لاءِ به پلاننگ ڪن ٿا ۽ انهن کي تحفظ فراهم ڪن ٿا. اسان وٽ ترقي جي نالي تي انسانن جي ۽ ماحول جي تباهي ٿي رهي آهي. انهن کي ڪهڙي خبر ته روهيڙي جي خوبصورتي ڇا آهي انهن کي ڪونڀٽ جي يا سائي رنگ جي ٻير جي وڻ جي ڪهڙي خبر. انهن کي ڇاڇري ۽ مهراڻو جي ڪهڙي خبر، انهن کي ٿر جي ٿوهرن جي اهميت جي ڪهڙي خبر، انهن کي ٿر جي موسيقي، لوڪ گيتن، لاڏن، ڳيچن، لورين ۽ شاديءَ ۾ ڳائجندڙ گيتن جي ڪهڙي خبر. مطلب ته ٿر ۽ پارڪر جو سڄو علائقو ۽ ان جو لينڊ اسڪيپ نه صرف خوبصورت آهي، پر پوري ملڪ جي علائقن کان مختلف پڻ آهي، انهيءَ رڻ جي جاگرافي جي به شاندار تاريخ آهي. ڪارونجهر ۽ ان جي آسپاس جا علائقا جيئن ته پراچين تهذيب جي هڪ تاريخ به آهن، اهو سڄو علائقو ٽي هزار پنج سئو کان مٿي سال جين مت جو مرڪز رهيو آهي. جتي گوڙي نالي هڪ شاندار مندر ٺهيل آهي. موهن جو دڙو جي تهذيب کانپوءِ سنڌ ۾ جين مت جي شروعات ٿي ۽ پارڪر ان جو هڪ مرڪز رهيو آهي انهيءَ شاندار تاريخ سان گڏ ٿر خوبصورت آهي ايئن ڄڻ اها ڪا الوهي مصوري هجي. انهيءَ سڄي تصوير ۾ ڪارونجهر شان سان ڪنڌ اوچو ڪري بيٺل جبل آهي، پر نئين ايڪيهين صدي ان لاءِ وڏا خطرا کڻي آئي آهي. ڪارونجهر ڪٽجي رهيو آهي ۽ سنڌ جو عوام سخت ڪاوڙ ۾ آهي.  بلاشڪ ترقي کپي، پر اها ماحولياتي تباهي جي قيمت تي هرگز نه هجڻ گهرجي. ديال سهيري هڪ ماهر ارضيات ۽ ٿر ٽيڪنيڪل فورم جو ميمبر آهي سندس چوڻ آهي، ”جيڪڏهن ڪارونجهر جي ڪٽائي ٿي ته مستقبل ۾ خطي ۾ لڳاتار زلزلا اچي سگهن ٿا.“ هڪ ٻئي ماهر ارضيات ۽ پاڻيءَ جي ماهر عطا محمد رند جو چوڻ آهي، ”گرينائيٽ ۽ گريول جي ڪٽائي سبب خطو پنهنجي پيداواري صلاحيت تيزيءَ سان وڃائي رهيو آهي.“

ماحول جو تحفظ ۽ ان جي لاءِ ڳڻتي هينئر دنيا جي سڀني کان اولين ترجيح آهي. انهيءَ ڪري ماحولياتي تبديلي تي سڄي دنيا فڪرمند آهي ۽ اسان کي ته اول هجڻ گهرجي جو ماحول جي تباهي کانپوءِ اسان جي غريب ملڪ کي ماحول جي بحالي جي سگهه هرگز نه آهي. جيئن سنڌ مان ٻيلا ختم ٿي ويا، وڻ ختم ٿي ويا، پکين جون جنسون ختم ٿي ويون يا ناياب ٿي ويون اسين هٿ مهٽيندا رهجي وياسين. ڪنهن به سياسي جماعت وٽ ماحول جي بچاءُ لاءِ ڪوبه پروگرام ناهي. ماحول دوستي جي ڳالهه آهي ته لفظن ۾ عمل آهي ئي ڪونه ۽ نه ڪو انهن کان پڇڻ ۽ احتساب ڪرڻ وارو آهي. ملڪ ماحولياتي تبديلي جي نشاني تي آهي. 40 سيڪڙو ماڻهو انهيءَ کان متاثر ٿي چڪا آهن. ٿيڻ ته ايئن کپندو هو ته ٿر جي ماحول جي بحالي لاءِ اڳواٽ ئي قدم کنيا وڃن ها. جيئن تحقيق ٻڌائي ٿي ته ٿر ۾ اڳ ۾ ڏڪار اٺن يا ڏهن سالن ۾ ايندو هو هاڻي هر ٽن سالن ۾ اچي ٿو جنهن سبب اتي جي رهاڪن جي گهڻائي غربت جي لڪير کان هيٺ اچي چڪي آهي اهو سڀ ماحول دشمني جي ڪري ٿيو آهي. جديد دور آهي، ٿيڻ ته ايئن کپندو هو ته ٿر ترقي ڪري ها ماحول دوستي جي عمل سان موسمون ۽ مندون مهربان ٿين ها. انهيءَ جي ابتڙ ٿيو ايئن جو ماحول دشمني جي ڪري برساتون گهٽجي ويون، مندون ۽ موسمون ٿر جي ماڻهن جي مٿان نا مهربان ٿيون آهن. هاڻي اسين ٿر ۽ پارڪر جي نشاني ڪارونجهر جي پٺيان اچي پيا آهيون جتي وڻ، ٻوٽا آهن، ننڍيون ڍنڍون آهن، سڀ کان اهم ته ڪارونجهر قدرت جو مليل عظيم عطيو آهي ۽ هاڻ اهو سرڪار ۽ پئسي وارن جي نظر ۾ آهي. اسين سمجهون ٿا ته ڪارونجهر جبل کي ڪٽي پٽ ڪرڻ نه صرف سنڌ سان زيادتي آهي، پر ماحول سان زيادتي پڻ آهي، نه رڳو ماحول سان پر اها تاريخ، تاريخي ماڳن، جاگرافي، ثقافت، گذر جي ذريعن، لوڪ گيتن، موسيقي، شاعري ۽ صدين ۾ ظاهر ٿيل آثارن، جبلن، چشمن ۽ ڍنڍن سان به زيادتي آهي.

اسين انهيءَ زيادتي کي لطيف سائين سان زيادتي سمجهون ٿا، جنهن جي شاعري جو اهم علائقو ۽ ماحول ٿر ۽ پارڪر آهي. اسين انهيءَ زيادتي کي مارئي سان به زيادتي سمجهون ٿا جنهن ڪارونجهر جيان پنهنجو ڪر مٿي ڪري رکيو ۽ تاريخ ۾ امر ٿي وئي. اسين سرڪار کي ٻڌائڻ ٿا چاهيون ته اسان کي ڪارونجهر جي ڪٽائي ۽ بربادي ڪنهن به قيمت تي قبول ناهي. پنهنجي سڃاڻپ جيڪا اسان کي هزارين سالن جي قدرتي عمل جي ڪري ملي آهي اهو ماحول جتي مختلف نسل، عقيدا ۽ ٻوليون تخليق ٿيون آهن. انهن جي بربادي اسان کي قبول نه آهي. هرهڪ وس واري کي ياد رکڻ گهرجي ته اسين هڪ زنده قوم آهيون اسان کي پنهنجن ماڳن، مڪانن، جبلن، ڍنڍن، دريائن، وڻن ۽ سموري حياتيات سان هڪ جذباتي لڳاءُ آهي. اسان جو ماحول خوبصورت آهي ۽ انهيءَ ڪري ماحولياتي جماليات سان اسان کي عشق آهي. اسين وڏي وزير ۽ آئيني ادارن کان مطالبو ٿا ڪريون ته ڪارونجهر جي ڪٽائي هڪدم بند ڪئي وڃي. ڇو ته اسان هي ڪنهن به سرڪار جي ملڪيت نٿا سمجهون. ڪنهن کي به اهو حق نه آهي ته اها مختلف ڪمپنين کي اجازت ناما ڏيئي ڪارونجهر کي پٽ ڪري ڇڏي. انهيءَ ڪري سنڌ حڪومت کي ڪارونجهر جبل جي ڪٽائي جا سڀ اجازت ناما منسوخ ڪري جبل جي ڪٽائي بند ڪرڻ گهرجي ۽ سنڌ جي عوام کي اهو يقين ڏياريو وڃي ته آئنده اهڙي ڪابه ڪوشش نه ڪئي ويندي. اسان ماحول دوست آهيون ۽ ٿر جي ماحول جي بحالي جو مطالبو ڪريون ٿا.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments