اچو ته البانيا گهمون قسط-6 بيرات جي تاريخي جاين جو سير ڀوَن سنڌي
قسط-6
بيرات جي تاريخي جاين جو سير
ڀوَن سنڌي
پنهنجي برصغير ۾ مغل بادشاهت جي دور ۾ عياشين جا ته قصا اوهان ضرور ٻڌا هوندا. انھن بادشاهن پنهنجي دور ۾ رعايا جي ڀلائي لاءِ درسگاهون ۽ ٻيا رفاهي ادارا ته برپا ڪونه ڪيا، باقي عبادت گاهون ۽ محلات جام اڏايا. سڄي هندستان جي مغل راڄ جي محلاتن ۾ بارہ دريون (بالڪونيون) هونديون هيون جن ۾ مغل شهزاديون سورنهن سينگار ڪري جڏهن بيهنديون هيون ته دل جيڪا ڀونئري مثل آهي ان جي ڌڪ ڌڪ وڌي ئي ويندي هئي. پاڻ وري ٽنڊي ولي محمد (هيرآباد) حيدرآباد ۾ پارٽيشن کان اڳ عامل طبقي جون جوان ڇوڪريون جڏهن بالڪونين ۾ اچي بيهنديون هيون يا درين کان ٻاهر منهن ڪڍي نهارينديون هيون ته رستي ويندڙن جون نظرون اوچتو ئي اوچتو مٿي کڄي وينديون هيون ۽ انهن جون دليون سونهن جي ساگر ۾ گم ٿي وينديون هيون. درين مان محبوبن جي ديدار ۽ عاشقن جي اوسيئڙي جي ڪيفيت تي برصغير توڙي باقي دنيا جو ادب ڀريو پيو آهي، پر اڄ پاڻ ذڪر ڪري رهيا آهيون بيرات ۾ واقع تومور جبل جي لاهين ۽ چاڙهين تي بنهه معمولي وٿي جي، هيٺ مٿي ڊگهين قطارن ۾ ٺهيل گهرن جو، جن ۾ هڪ نه، سئو نه پر هزارين دريون موجود آهن ۽ اهي گهر لاتعداد درين سبب دنيا ۾ پنهنجي منفرد سڃاڻپ رکيو بيٺا آهن. توهان سوچيو ته جڏهن هڪڙي دري مان سندري جي ديدار سان دل جا چارئي طبق روشن ٿي وڃن ٿا ته جڏهن جبلن مٿي اڏيل انهن گهرن جي مهاڙي وارين هزارين درين مان سندريون جلوه افروز ٿينديون هونديون ته هيٺ ڌرتيءَ تي بيٺل عاشقن جي دلين جي چئن طبقن کان ته قصو چڙهي ئي ويندو هوندو. جڏهن پوري اڀ جا چنڊ ۽ ستارا سونهن جي سانگ سان جوت جلائين ته ساري ڌرتي جي ڪهڙي ڪنڊ هوندي جيڪا روشن نه ٿيندي هوندي. جيڏا نهار جانب جا ئي جلوه. سهڻي لطيف جي لفظن ۾.
ايڪ قصر، درلک، ڪوڙين ڪڻس ڳڙکيون،
جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن صاحب سامهون.
۽ پوءِ ان سندرتا ۽ سونهن ڀرئي سنسار ۾ عاشق ڇو نه محبت جو معراج ماڻيندو ۽ پورڻتا کي پائيندو. اهڙو ئي عجيب و غريب پسمنظر رکندڙ ۽ دنيا ۾ منفرد عمارت سازي جو شاهڪار، جنهن کي يونيسڪو جي ورلڊ هيريٽيج ۾ شامل ڪيو ويو ان کي توهان جي دل ضرور ڏسڻ چاهيندي. وري به سھڻي لطيف سائين جون سٽون ورجائيندي.
هلو ته هلون ڪوريئين، جتي نينهن اڇل،
نه ڪا جهل نه ڪا پل، هرڪو پسي پرين کي.
سو مون سان گڏ هلو ته هلي ڏسون تومور جبل تي ٺهيل ان منفرد آرڪيٽيڪٽ جي عمارتن کي جن جهڙو منفرد نظارو (New) شايد ئي توهان اڳي ڏٺو هجي.
هن وقت آئون بيرات شهر جي وچ ۾ واقع اوسم ندي جي پيڊسٽرين پل تي بيٺو آهيان. ان جي بلڪل ساڄي پاسي روڊ جي ڀرسان تومور جبل تي هي بالڪن هائوسز موجود آهن. هي گهر اوٽومين حڪمراني جي دور ۾ 18 کان 19 صدي جي عرصي جا آهن. هي لاتعداد گهر ٻه ماڙ آهن. هي گهر پٿر جا ٺهيل آهن ۽ مٿيون طبقو اڇي رنگ جو آهي ۽ ڇتيون ڳاڙهسري سرامڪ ٽائل جون آهن. ڇتين کي به اھڙي ريت سلوپ (لاهي) ڏنل آهي، جيئن بارش جو پاڻي نه بيهي ۽ ڇتون خراب نہ ٿين. هنن گهرن کي بالڪن هائوسز کانسواءِ وائيٽ اوٽومين هائوسز به چوندا آهن. انهن گھرن جي مهاڙي سامهون روڊ (Road Facing) ڏانهن آهي ۽ انهن ۾ هزارين دريون آهن. انهن گهرن ۾ لاتعداد درين ھئڻ سبب دنيا ۾ انھن گھرن جي ھڪ الڳ سڃاڻپ آھي، جن جي ڪري ئي بيرات کي سٽي آف ٿائوزنڊ ونڊوز به چيو وڃي ٿو. هنن گهرن ۾ لڳل دريون ڪاٺ جون ٺهيل آهن ۽ هنن گهرن جي درميان وٿي يا گهٽي نه هئڻ جي برابر آهي.
هيٺ مٿي ڊگهين قطارن ۾ هئڻ سبب هنن گهرن جي مهاڙي جي منظر (Front Veiw) مان ايئن محسوس ٿئي ٿو ڄڻ پورو جبل انهن گهرن جو ٺهيل هجي. 2008ع ۾ هنن گهرن کي يونيسڪو جي ورلڊ هيريٽيج سائيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. هنن گهرن جي هيٺان مين روڊ تي زمين تي جيڪي گهر ٺهيل آهن انهن کي ننڍن ننڍن دڪانن ۾ تبديل ڪري سڌي لائين ۾ بازار ٺاهي وئي آهي، جنهن ۾ هوٽلون، آئسڪريم جا دڪان، ڪاسميٽڪ ۽ جنرل اسٽور ٽائپ دڪان موجود آهن. بيرات جا آئسڪريم ڪيڪ جيڪي مختلف شڪلين سائيزن ۽ وزن ۾ ملن ٿا کائڻ ۾ ڏاڍا لذيذ آهن. نه صرف اهو پر ان ۾ اسٽرابيري، پائن ايپل، بليڪ بيري ۽ ٻيا کوڙ سارا فليور (ذائقا) به ملن ٿا. آئسڪريم ڪيڪن کائڻ جو پاڻ کي گهڻو تجربو آهي، ڇو ته پاڻ جيون ئي ٿا کائڻ لاءِ. مختلف ملڪن ۾ بہ پنھنجا جام ڪيڪ کاڌل آھن پر بيرات جي ڪيڪن جو رس ۽ چس سڀني کان مٿي آهي ۽ جي پاڻ وارا ديس واسي ناراض نہ ٿين تہ چئي ڏيان تہ ھي پاڻ واري بامبي بيڪري جي ڪيڪن کان بہ ڀلا آھن. هونئن ته ڪيڪ شام يا ماني کان مٿان کائڻ جو ائٽم آهي، پر پاڻ جڏھن بيرات جا ڪيڪ کائڻ ويٺاسين ته ماني ئي وسري ويئي ۽ دل پئي چوي اڃان کانوان ئي کانوان. تڏهن ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته پاڻ کي مولوي يا پنڊت وارو پيٽ مليل هجي ها ته اصل سٺ تي ڪانٽو رکي ڏيون ها. ڪيڏي مهل دل ۾ خيال ايندو آهي ته انسان کي جيتوڻيڪ سڀني مخلوقن تي سبقت (فوقيت) حاصل آهي، پر پيٽ جي معاملي ۾ ويچارو ٺڳجي ويو. ڪاش هاٿيءَ جيڏو پيٽ هجي ها ۽ پوءِ کاڌي مان به واهه جو مزو وٺجي ها.
دنيا جو هي شاهڪار عمارتي آرڪيٽيڪٽ البانيا جي ماڻهن جي مخصوص سڃاڻپ آهي. البانيا جا ماڻهو دنيا ۾ جتي به ويا، هنن جبلن جي لاهين چاڙهين تي هيٺ مٿي ڊگهين قطارن ۾ گهر جوڙيا. هي گهر تعداد ۾ تمام گهڻا آهن جن ۾ هزارين دريون آهن، پر اهڙا ئي گهر توهان کي البانيا جي شهر گروڪاسٽر (Gjrokaster) بلغاريه جي شهر ميلنڪ (Melnic) ۽ اٽلي شهر ڪئٽنزرو (Catanzoro) ۾، جتي البانيا جي ڪميونٽي آباد آهي ڏسڻ لاءِ ملندا. انهن ملڪن ۾ اهي گهر به 18 کان 19 صدي جي دور جا آهن.
عشقيه داستان رکندڙ ۽ من موهيندڙ نظارو پسائيندڙ اوسم ندي ۽ اوٽومين دور جي پراڻن تاريخي گهرن (بالڪن هائوسز) کي ڏسڻ کانپوءِ پاڻ هلون ٿا بيرات جي قلعي کي ڏسڻ جنهن کي ڪلاجا ڪاسل (kalaja Castle) به چيو ويندو آهي. هي قلعو بيرات شهر کان اڍائي ڪلو ميٽر پري آهي. هاڻي پاڻ شهر کان ٻاهر نڪري آيا آهيون. پنهنجي ٻنهي پاسي تومور ۽ شپراگ جا پهاڙ آهن ۽ هيٺ وادين ۾ رنگ برنگي وڻ، ٻوٽا ۽ سائو گاهه ۽ ڪٿي ڪٿي گهر ۽ ٻيون عمارتون. هاڻي پريان تومور جي پهاڙن جي اوچائي تي قلعو نظر اچي پيو. ٻئي پاسي شپراگ جي پهاڙن ۾ هڪ هنڌ تي تلوارن جهڙا نشان نظر اچن ٿا. عشق جي ديو مالائي قصي جنهن جو پاڻ پهرين ذڪر ڪيو آهي، اهو حوالو پنهنجي جاءِ تي، پر منهنجي خيال ۾ پهاڙن ۾ اهي لسا ڌارن جهڙا نشان بارش جي ڪرندڙ تيز پاڻي جي وهڪري سبب بڻيا آهن. انهن پهاڙن تان ڪرندڙ پاڻيءَ جا نشان ايئن ڏيکائي ڏين ٿا جيئن پاڻ وٽ تربيلا ڊيم جي دروازن مان اوچائي تان آبشارن جيان ڪرندڙ پاڻي جو منظر ڏيکائي ڏيندو آهي. هاڻي پاڻ واري گاڏي اچي قلعي کان ٻاهر پارڪنگ ايريا ۾ بيٺي آهي. گاڏيءَ مان لهي ور وڪڙ واري ويڪري پڪي رستي تان اوچائي تي چڙهي قلعي جي پهرين مکيه گيٽ ۽ پوءِ ان جي اندر ئي ٿورو اڳيان قلعي جي ٻئي گيٽ وٽ پهتس جتي ٽڪيٽ گهر ٺهيل آهي. قلعي جي ٻنهي گيٽن تي هن وقت ڪو دروازو لڳل ناهي، پر پراڻي دور ۾ جڏهن قلعا جنگي لحاظ سان محفوظ پناهه گاهه بڻيل هوندا هئا، ان وقت ۾ لازمي طور تي هن قلعي کي به دروازا لڳل هوندا. قلعي جي ٽڪيٽ گهر تي 300 ليڪ ڏئي ٽڪيٽ وٺي قلعي اندر داخل ٿيس. قلعي گهمڻ کان اڳ اچو ته پاڻ ان قلعي جي تاريخ تي ٿوري گهڻي نظر وجهون.
هي علائقو بيرات جو پراڻو شهر به چوائي ٿو. هن شھر مختلف دورن ۾ ڪيترين ئي تهذيبن کي اسرندي ۽ ڊهندي به ڏٺو، ان قلعي بادشاهن جا اوج به ڏٺا تہ زوال بہ انجو مقدر بڻيا تاريخي لحاظ کان هي قلعو 24 سئو سال پراڻو آهي. هن قلعي واري شهر کي 200BC ۾ رومن طرفان جلايو ويو. پنجين صديءَ ۾ هن جي ديوارن رومن بادشاهه ٿيوڊوئيسس|| (Theodosius) مرمت ڪرائي. 6 صدي ۾ بادشاھ جسٽينيئن |نئين سري سان تعمير ڪرائي. تيرهين صديءَ ۾ بازنتين بادشاهه هن ۾ ويهن کان مٿي چرچ ۽ ترڪن لاءِ هڪ مسجد جوڙائي. 1385ع ۾ هن تي اوٽومين بادشاهت سئورا (Savra) جي لڙائي ۾ قبضو ڪيو جيڪو ڪجهه سال جاري رهيو ۽ 1417ع ۾ ھي قلعو باقاعدي اوٽو مين بادشاهت جي قبضي ۾ اچي ويو. اوٽومين جي دور ۾ هن شهر ۾ ڪابه ترقي نه ٿي. پندرهين صديءَ تائين هتي عيسائي اڪثريت ۾ هئا، پر 1670ع ڌاري اوٽومين بادشاهت طرفان عيسائين جو زوري مذھب تبديل ڪري انهن کي مسلمان ڪيو ويو ۽ 18 صديءَ ۾ هي اوٽومين بادشاهت جو هڪ مشهور شهر بڻجي چڪو هو ۽ قلعي کان ٻاهر به تمام گهڻو ڦهلجي چڪو هو. ٻي عظيم جنگ ۾ جڏھن هٽلر يهودين کي ڳولهي ڳولهي ماري رهيو هو، تڏهن بيرات جي قلعي ۾ آباد 60 فيملز تي مشتمل يهودي شهرين کي مسجدن ۾ عبادت ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. اهو يهودين کي پناهه ڏيڻ ۽ پنهنجا عبادت خانا کولي ڏيڻ جو مسلمانن طرفان رواداري جو هڪ بهترين مثال هو. هن وقت به ان وقت جي مسجدن مٿان يهودين جي نبي حضرت دائود عليه السلام جي نشاني تاري (اسٽار) جا نشان چٽا نظر اچن ٿا. البانيا ۾ ڪميونسٽ حڪمراني جي دوران، حڪمران پنهنجن سياسي مخالفن کي ان قلعي ۾ قيد بڻائي رکندا هئا.
هي قلعو سڄو پٿر جو ٺهيل آهي ۽ فرش به پٿر جا آهن. هن قلعي ۾ ميوزيم، تهه خانا، حڪمرانن ۽ دربانن جون رهائشون، درٻارون، گودام وغيره ٺهيل آهن. هن وقت به هي قلعو ڪافي بهتر حالت ۾ آهي ۽ سرڪار طرفان سنڀاليل لڳي ٿو. جيتوڻيڪ ڪميونسٽ دور حڪومت ۾ هتي جي ڪميونسٽ حڪمران انيور هووا (Enver Hoxha) مذھبي عبادت گاهن مان گهڻين کي ڊهرائي ڇڏيو، پر پوءِ به ڪجهه باقي بچيون آهن، جن کي مرمت ڪري ڏسڻ لائق بڻايو ويو آهي. ميوزيم ۾ رکيل مختلف دورن جون شيون ۽ هٿيار وغيره انهن دورن جي ياد ڏيارين ٿا. هي قلعو جيئن ته زمين کان ڪافي اوچائي ۾ جبل تي واقع آهي، انهيءَ ڪري پراڻي زماني ۾ ماڻهن جي تحفظ ۽ جنگي لحاظ کان هڪ محفوظ پناهه گاهه بنيل ھو. هن دور ۾ جديد جنگي هٿيارن، جهازن، ميزائلن، راڪيٽن ۽ ٻين جديد ٽيڪنالاجي جي هٿيارن سبب هي قلعا معنيٰ وڃائي ويهي رهيا آهن ۽ اڄ جي دور ۾ ماڻهن جو ڪوبه تحفظ نٿا ڪري سگهن. پر اڄ به اھي قلعا ماضيءَ جي جنگ و جدل جا قصا بيان ڪن ٿا ۽ انسانن لاءِ عبرت جو نشان بڻيل آهن. جيئن پراڻي دور جو انسان هيڏن وڏن ۽ اوچن قلعن هوندي به پاڻ کي جبر جي خوف کان محفوظ نه سمجهندو هو ۽ سدائين عدم تحفظ جو شڪار رهندو هو، تيئن اڄ جو انسان به جديد هٿيارن، جديد جنگي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي باوجود به خوف ۾ مبتلا آهي. جيسين سماج ۾ فضيلت ڀريا انساني قدر جنم وٺن ٿا ۽ جيسين انسان پنهنجي وحشي جبلتن کي بالائي طاق رکي پوري انسان ذات جي درميان امن، ڀائيچاري ۽ رواداري کي فروغ نه ڏيندو تيستائين ڪلهه جي انسان جيان اڄ جو انسان به جنگي هٿيارن ۽ معاشي سگهه جي باوجود به هن ڌرتيءَ جي گولي تي غير محفوظ رهندو.
بيرات جو قلعو گهمي هاڻي موٽڻ جي ڪئي آهي. هن وقت تقريبن شام جا ساڍا چار ٿيا آهن، پر رات پنهنجا پر پکيڙڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن ۽ هاڻ جڏهن ترانا واپسي لاءِ رستي تي نڪري پيا آهيون ته گاڏيءَ جي لائيٽن جي پوندڙ روشني ۾ اڳيان روڊ ۽ پهاڙن جي ويجهڙائي وارن حصن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نظر نٿو اچي، پريان اونداهه ئي اونداهه لڳي پئي آهي ۽ ايئن محسوس ٿئي ٿو ڪاري رات هن فطرت جي وادين ۽ پهاڙن کي واڳونءَ جيان ڳڙڪائي وئي آهي. ان وقت آئون محسوس ڪريان ٿو ته انهن قلعن جي اندوهناڪ ڪوٺين ۾ قيد ان دور جا انسان ڪيڏو نه درد ۽ ڪرب ڀوڳيندا هوندا ۽ ڪڏهن ان قيد خاني ۾ اوچتو کلندڙ دريءَ مان ايندڙ سج جي ڪرڻن تي ائين ٻهڪي اٿندا هوندا، جيئن گاڏيءَ جي پوندڙ لائيٽ جي روشنيءَ تي پهاڙ ٻري اٿن ٿا. اهو سوچيندي منهنجو جيون ۾ اتساهه ۽ ويساهه ڪر کڻي اٿي ٿو ۽ انسان جي روشن مستقبل ۾ يقين پختو ٿي وڃي ٿو. اڄ نه ته سڀاڻي هن ڌرتيءَ جي انسانن جي زندگيءَ ۾ به اهڙو ڏينهن ضرور ايندو، جڏهن ساري ڌرتيءَ جا انسان جنگ و جدل کي وساري هڪٻئي ۾ پيار محبت سان گڏجي جيون جا مزا وٺندا. منهنجي ئي شاعريءَ جي ٻولن ۾:
ڏک جا ڏينهن ٻه ٽي او ساٿي
سک جا سال سوين.