اچو ته البانيا گهمون ڀوَن سنڌي ترانا ايئرپورٽ کان هوٽل تائين قسط-2 حصو ٻيون
قسط-2
حصو ٻيون
اچو ته البانيا گهمون
ڀوَن سنڌي
ترانا ايئرپورٽ کان هوٽل تائين
مدر ٽيريسا کي 1979ع ۾ نوبل انعام لاءِ چونڊيو ويو هو ۽ پنهنجي سماجي سرگرمين جي مشغولين سبب تقريب ۾ شريڪ ٿي نه سگهي، پر هن انعام جي رقم 19200 آمريڪي ڊالر غريبن ۾ ورهائڻ لاءِ چيو. ان ايوارڊ کانسواءِ به مدر ٽيريسا کي سندس حياتي ۾ توڙي وفات کانپوءِ کوڙ سارا ايوارڊ مليا جن ۾ فرسٽ پوپ جان XXII پيس ايوارڊ 1997ع، ڪينيڊي ايوارڊ 1971ع، نهرو امن ايوارڊ 1975ع، اسٽيٽ ريزيڊينشل مڊل آف فريڊم 1985ع، ڪانگريس گولڊ مڊل ايوارڊ 1994ع، يوٿانت پيس ايوارڊ 1994ع، آنرري سٽيزن آف يونائيٽيڊ اسٽيٽس 1996ع وغيره شامل آهن. 19 آڪٽوبر 2003ع تي ڪيٿولڪ چرچ (ويٽيڪن سٽي) جي پوپ جان پال II مدر ٽيرسيا کي زنده درويش (Living Saint) ڊڪليئر ڪيو جيڪو چرچ جو وڏي ۾ وڏو اعزاز آهي ۽ ان جي تجديد وري 14 ڊسمبر 2016 ۾ پوپ فرانس هن کي زنده درويش (سنت) جو لقب ڏيندي ڪيو ۽ پنهنجي خطاب ۾ چيو ته “هن خدا ۽ ان جي بندن (ٻنهي) کي راضي ڪيو ۽ هوءَ هڪ زنده درويش آهي، جيڪا دنيا لاءِ هڪ اعليٰ مثال ۽ چڱائي کي متعارف ڪرائڻ جي علامت آهي.
اميگريشن جي پروسيجر مان گذرڻ کانپوءِ ليگيج بورڊ (ڊيڪ) تان سامان کڻي ان مان جيڪٽ ۽ ٻيا سياري جا آٿر ڪڍي ايئرپورٽ کان ٻاهري نڪري آياسين. متحده عرب امارات کان البانيا جو وقت ٽي ڪلاڪ اڳيان آهي يعني جي عرب امارات ۾ صبح جا 8 ٿيندا ته ترانا ۾ صبح جا 11 ٿيندا. اسان جي فلائيٽ تقريبن ڇهه ڪلاڪ جي هئي. فلائيٽ جي روانگي جو ٽائيم 2 وڳي منجهند جو هو، ان حساب سان ان کي ترانا ايئرپورٽ تي شام جو 5 وڳي جي اندر لهڻو هو، انهيءَ ڪري شام جو ستين وڳي پهتو. پنهنجو ٽيڪسي واري سان ڳالهايل هو، پر ٻاهر ٽيڪسي وارو نظر ڪونه آيو. ظاهر آهي جهاز ليٽ هو ۽ وري هليو به ويو ٻئي ملڪ، سو لازمي طور ٽيڪسي وارو انتظار ڪري هليو ويو هوندو. سو ٻي ٽيڪسي ڪري ان کي هوٽل هلڻ لاءِ چيوسين، هوٽل جي بڪنگ اڳواٽ ئي ڪيل هئي. ڇاڪاڻ جو هوٽل بڪنگ البانيا جي ويزا جي شرطن ۾ شامل هئي. ٽيڪسي واري 20 يورو (پاڪستاني 4000 رپيا) ورتا. هونئن ته هتي جي ڪرنسي ليڪ (Lek) آهي ۽ هڪ ليڪ پاڪستاني 1.65 رپين جي برابر آهي، پر هتي يورپي ملڪ هئڻ ڪري يورپ جي ڪرنسي يورو به عام جام هلي ٿي. هتي البانيا ۾ سياري ۾ شام جو 4:30 وڳي سج لهي وڃي ٿو ۽ جلد ئي اونداهه ڇانئجي وڃي ٿي. انهيءَ ڪري جڏهن پاڻ شام جو ستين وڳي ايئرپورٽ کان ٻاهر نڪتاسين ته باقائدي رات محسوس ٿي رهي هئي. يورپ ۾ هونئن به سج ٿوري وقت لاءِ اڀري ٿو. انهيءَ ڪري هتي ڏينهن ننڍا ۽ راتيون وڏيون ٿينديون آهن. انهن يورپي ملڪن ۾ البانيا وري به بهتر آهي جتي ڏينهن نسبتن وڏو ٿئي ٿو، يعني سج جي روشني دير تائين رهي ٿي، پر پوءِ به ايڏو وڏو فرق ناهي، انهيءَ ڪري گهمڻ لاءِ بهتر آهي ته صبح جو سوير ئي نڪري پئجي. ڇاڪاڻ ته رات جو کڻي لائيٽنگ سبب شهرن جي رونق قائم هجي ٿي، پر شهرن کان ٻاهر روڊن تي قدرتي منظر ۽ ٻيو جهان اونداهه سبب ڏسي نٿو سگهجي. اسان يورپ جي ڀيٽ ۾ خوش نصيب آهيون جو سج سڄو سال اڀري ٿو ۽ ڏينهن به روشن هجن ٿا، پر اها کڻي اسان جي بدنصيبي چئجي جو يورپ ۾ ڏينهن ننڍا ۽ راتيون وڏيون هئڻ جي باوجود به اهي روشن ڏينهن جهڙي شاندار زندگي گذارين ٿا ۽ اسان وٽ راتيون ننڍيون ۽ ڏينهن وڏا هئڻ جي باوجود به ڪاري رات اماس جهڙي زندگي گذاريون ٿا. جيستائين اسان جهالت کي تڙي نه ڪڍنداسين تيستائين اسان جي لاءِ روشن ڏينهن به گهگهه اونداهي جهڙا رهندا.
ٽيڪسي پنهنجي منزل ڏي وڌي رهي آهي. آئون پهرين ئي ٻڌائي آيو آهيان ته مدر ٽيريسا ايئرپورٽ ترانا سٽي کان ڪافي ٻاهر آهي، انهيءَ ڪري رستي تي ويراني آهي. رستي تي ٻنهي پاسن کان گاڏيءَ جي لائيٽ پوڻ تي هلڪي ڦلڪي وڻڪار ڏسڻ ۾ اچي ٿي. رستي تي ايندڙ هوٽلون يا شاپنگ مال يا دڪان بند محسوس ٿين ٿا. ٿي سگهي ٿو ته انهن مان ڪجهه ۾ اندر دنيا جهان جون سرگرميون جاري هجن. ٻاهر چپ چپات لڳي پئي آهي، پر ان جمود کي ٻاهر پوندڙ هلڪي ڦلڪي بارش ٽوڙيندي چرپر يا زندگيءَ جي تحرڪ ۾ هئڻ جو احساس ڏياريندي رهي ٿي. ٽيڪسي ڊرائيور سان رستي ويندي هتي جو حال احوال وٺڻ پئي چاهيم، پر دٻي ۾ ٺڪرين جيان نه ڪو هو منهنجي انگريزي سمجهي ۽ نه ڪو آئون هن جي الباني ٻولي، هتي ٻوليءَ جو وڏو مسئلو آهي، جي ڪو انگريز سمجهندڙ ملي وڃي ته ٺيڪ نه ته پيا پنهنجو منهن مٿو پٽيو. هاڻي جيئن ئي ترانا جي شهر اندر داخل ٿيا آهيون ته چُر پُر نظر اچڻ لڳي آهي، پر ايڏي گهڻي به ڪانهي. ٻاهر سخت سردي به آهي ۽ مٿان وري هلڪي بارش ۽ هونئن به جلدي رات ٿيڻ سبب ترانا جي عام زندگي گهڻو ڪري گهرن تائين محدود ٿي وڃي ٿي. ٽيڪسي اڌ ڪلاڪ تائين روڊن تي ڊوڙندي اسان کي اچي هوٽل ڪمفرٽ تي لاٿو، ڪائونٽر تي انٽري ڪرائي هوٽل جي انڌي منڊي لفٽ جنهن جي هلڻ جو آواز پاڻ وارن ٿر جي ڇڪڙن جيان پئي لڳو ۾ چڙهي ڪمري تائين پهتاسين. هوٽل بس نالي ۾ فور اسٽار هئي. نه ته ڪمري ۾ اليڪٽرڪ ڪٽلي، نه فرج ۽ نه ئي منرل واٽر جي سهولت، ڪمرو به ايڏو ڪشادو نه ۽ نه ئي فور اسٽار هوٽل جا لوازمات يعني سوئمنگ پول وغيره. ها باقي هوٽل جي ڊائننگ (ريسٽورينٽ) تمام سٺي هئي. ڪمري تي سامان کولي سيٽ ڪيو ۽ اڳي ڳالهايل ٽيڪسي واري سان ٻئي ڏينهن جو پروگرام سيٽ ڪري ٿورو ٿڪ ڀڃي پيٽ پوڄا لاءِ ٻاهر نڪري پياسين. جيئن ته سفر جي ڪافي ٿڪاوٽ به محسوس ٿي رهي هئي ۽ صبح جو سوير شهر کان ٻاهر گهمڻ جو پروگرام به سيٽ ڪيل هو، انهيءَ ڪري ويجهي پنڌ تي هوٽل تي اچي ويٺاسين. هوٽل جو مينيو گهٽ سمجهه ۾ ويٺو. ڇاڪاڻ جو هر ملڪ جي کاڌن جا الڳ نمونا ۽ ذائقا هجن ٿا، بس پيزا ئي گهرائڻ بهتر لڳو. هتي جي عام هوٽلن ۾ ٺهندڙ پيزا جي ٽيسٽ پاڻ واري پيزا کان الڳ آهي، پر بهرحال ذائقي دار آهي ۽ کائڻ ۾ مزو ڏئي ٿو. اتان اٿي هلڪي هلڪي بوندا باري ۾ پنڌ ڪندي هوٽل تي پهچي جلدي سمهڻ جي ڪئي جو ٻئي ڏينهن صبح سوير ڊگهي سفر تي اسهڻو هو. …(هلندڙ)….