اچو ته البانيا گهمون ڀوَن سنڌي قسط-1 حصو ٽيون
قسط-1
حصو ٽيون
اچو ته البانيا گهمون
ڀوَن سنڌي
پنهنجي اڀ اڏام:
ڪپتان جو آواز هڪ ڀيرو ٻيهر جهاز ۾ گونجيو، ”هن وقت اسين مقدونيا جي گادي جي هنڌ اسڪوپيا جي ايئرپورٽ تي موجود آهيون. جيئن ئي موسم بهتر ٿيندي اسان واپس پنهنجي منزل ترانا ڏانهن اسهنداسين. جهاز جا دروازا بند ئي رهندا ۽ ڪنهن کي بہ جهاز کان ٻاهر هيٺ لهڻ جي اجازت ناهي، جو عرب امارات ۽ مقدونيه جي سرڪار جي وچ ۾ ميزباني جو اڳي ڪوبه اهڙو معاهدو ٿيل ڪونهي. اسان ڪوشش ڪنداسين ته هتي اسان جو ڊاٻو (Stay) ٿورو وقت رهي، بهرحال ان جو دارو مدار موسم جي بهتري تي آهي. جيڪڏهن اسان جو ڊاٻو (Stay) وڌيڪ ٿي وڃي ٿو ته ٻنهي ملڪن جون سرڪارون ڪو نه ڪو حل ضرور ڪڍي وٺنديون. تڪليف لاءِ وري به معافي، اميد آهي ته جهاز جي اسٽاف (Crew) سان اوهان جو ڀرپور تعاون رهندو.“
هاڻي سائين ڏيو منهن. پاڻ آيا آهيون البانيا گهمڻ ۽ پهچي ويا آهيون وري هڪ ٻئي ملڪ مقدونيا جي گادي جي شهر اسڪوپيا ۾. خير پاڻ کي ڇا آهي؟ جي اتي لاهيندا ته به ٺيڪ. پاڻ کي آهي گهمڻو. البانيا نه سهي مقدونيا ئي سهي. پنهنجو ته ڪنهن سان نه ڪو رياستي جهيڙو آهي ۽ نه ئي محبوبائن جو معاملو، جو هروڀرو انا جو مسئلو بڻائجي. هاڻ خبر ناهي ته پاڻ کي ترانا (البانيا) ڪوٺي هلندا يا اِتي اسڪوپيا (مقدونيا) ۾ ئي لاهيندا. في الحال تہ پاڻ اسڪوپيا جي هوائي اڏي تي جهاز جي اندر موجود آهيون. چوندا آهن ته واندي کان وندر ڀلي، سو اچو ته ٿورڙو اسڪوپيا جي باري ۾ ڄاڻي وٺون.
اسڪوپيا (Scopyia) مقدونيه جي گادي جو هنڌ آهي ۽ ان جي اتر ۾ واقع سڀ کان وڏو شهر آهي. هي تاريخي طور تي تمام قديمي شهر آهي. ھن شھر تاريخ جي مختلف دورن ۾ ڪئين لاھا چاڙھا ڏٺا. هن ۾ 4000 قبل مسيح جي سڌريل پٿر جي دور (Neolithic Age) جي قلعي جا آثار ملن ٿا، جيڪو اڄ جي جديد دور جي سٽي سينٽر جيان ڏيکا ڏئي ٿو. هتي پئيونين حڪمرانن عيسوي سن کان اڳي 350-230 BC ۽ داردنيئن 230 -28 BC تائين حڪومت ڪئي. رومن حڪمرانن جو دور 28BC-518AD تائين رھيو. ان کانپوءِ 518ع کان 830ع تائين ھتي بازنطين حڪمراني جو دور رھيو. 831ع ۾ بلغاريئن شهنشاهيت ۽ اُن کانپوءِ وري بازنتين حڪمراني جو دور 1005ع ۾ شروع ٿيو، جيڪو 1203ع تائين جاري رھيو. اُن کان پوءِ ھن خطي تي وقفي وقفي سان بلغاريئن، بازنتين ۽ سربيئن جون حڪومتون رھيون ۽ 1392ع ۾ ھن شھر کي خلافتِ عثمانيه سلطنت (Ottoman Empire) فتح ڪيو ۽ 1912ع تائين ھن شھر تي حڪمراني ڪئي. 1912ع ۾ بالڪن جنگ ۾ سربيا سوڀ ماڻي خلافتِ عثمانيہ سلطنت جو خاتمو آندو. 1915 ۾ بلغاريا سربيا کي جنگ ۾ ھارائي ھن شھر تي قبضو ڪيو، جنھن کي وري 1918 ۾ يوگوسلاويا شڪست ڏئي حاڪم ٿي ويھي رھيو. 1941 ۾ بلغاريا اسڪوپيا شھر تي قبضو ڪري ورتو ۽ 1944 ۾ يوگو سلاويا ٻيھر اسڪوپيا تي قبضو ڪري ورتو. 13 نومبر 1992 ۾ ھن شھر يوگوسلاويا کان آزادي ماڻي ۽ اُن وقت کان ھي شھر اُتر مقدونيا جو حصو آھي. آزادي کانپوءِ هن شهر ڪافي ترقي ڪئي آهي. هن خوبصورت شهر ۾ مختلف تاريخي دورن جون جايون خاص ڪري سنگتراشي جي فن سان لاڳاپيل پتلا (Sculpture) ڏسڻ وٽان آهن. هن شھر جي سرحد البانيا سان ملي ٿي. اسڪوپيا ملڪ جي ڪاروباري، ثقافتي، سياسي، سماجي ۽ ٻين اڪيڊمڪ توڙي آرٽ سان لاڳاپيل سرگرمين جو مرڪز آهي. آئون سوچيان ٿو تہ ھن ملڪ پنھنجي تاريخي ورثن ۽ ڄاڻ کي ڪيترو نہ سنڀالي رکيو آھي ۽ تحقيق ڪئي آھي، ۽ اسان وٽ پراڻي تاريخ مثلن موھن جي دڙي جي ڄاڻ تہ ٺھيو، پر ويجھڙائي وارن دورن، مثلن ھوشو جي اصل قبر ڪٿي آھي، اُن جو بہ صحيح پتو ڪونھي. اھا بہ انگريزن جي مھرباني جو اُھي موھن جي دڙو ۽ ٻين تاريخي جڳھين جي کوٽائي ڪري ڏئي ويا. اسان ان تحقيقي ڪم کي وڌايو تہ ڇا پر سنڀالي بہ ڪون سگھيا آھيون.
تقريبن هڪ ڪلاڪ جي وقفي کانپوءِ جهاز جي ڪئپٽن جو آواز وري ڪنن تائين پهتو، ”هاڻي موسم ڪافي بهتر ٿي وئي آهي ۽ اسان جلد ئي فلاءِ (اڏام) ڪرڻ وارا آهيون. سيٽ بيلٽ ٻڌي رکو، جيڪڏهن موسم اسان جو ساٿ ڏنو ته اسان اڌ ڪلاڪ ۾ ترانا ايئرپورٽ تي لينڊ ڪنداسين.“ ماڻهن جي چهرن تي ھڪ دفعو وري خوشي ڦهلجي وئي، پر گڏوگڏ ان ۾ اڃان به اڄاڻ ڊپ ۽ خطري جي ڪيفيت نمايان نظر اچي رهي هئي. خير جهاز رن وي تان ڊوڙندو فضا ۾ بلند ٿيندو ويو، ڪنهن به ڪنهن سان ڪونه ٿي ڳالهايو. سڀ خاموش هئا، سڀني تي سڪتو طاري هو، ڄڻ ايئن محسوس ٿي رهيو هجي نانگ (موت) في الحال ٻر ۾ لڪي ويو هو ۽ ڪنهن به وقت ان جي ٻاهر نڪرڻ جو گمان ٿي سگهيو پئي. سڀني مسافرن کي شايد پنهنجا پيارا به وسري ويا هئا ۽ اُڀ جي اڄاتل امداد تي ڀاڙي ويٺا هئا. پر اُن جي باوجود به اُهي بي يقيني جو شڪار محسوس ٿي رهيا هئا! پر اسان پارا پريت ۽ پرهه جا پياڪ جن جي اُڃ فقط موکي جا مٽ ئي اُجهائي سگهن ٿا، اُهي ڪنهن کي ياد ڪن؟ اسان جي من اندر جي آکيري کي تہ پوري طرح مٺڙي محبوب ڀري ڇڏيو آهي ۽ ڪا ڀيڻي (جاءِ) بچي ئي ناهي جو ڪنهن کي ان ۾ رکي سگهون. چوندا آهن ته جڏهن من مندر پريتم جو گهر هجي ته ان کي وڇوڙي جو ڪهڙو ڊپ؟ استاد غالب جي مصداق، غالب اپني ڌن مين مگهن، غير ڪي سنتا نهين. سو پاڻ دري مان ٻاھر نھاري آسمان جو مزو وٺي رھيا ھئاسين، جتي اڃان بہ رکي رکي کنوڻ جا تجلا ۽ بادلن جا بدليل رنگ محسوس پي ٿيا. تقريبن اڌ ڪلاڪ گذريو ته پائليٽ جو آواز وري گونجيو، ”اسان هاڻي جلد ئي ترانا ايئرپورٽ تي لهي رهيا آهيون. هن وقت ترانا جو گرمي پد 6 ڊگري سينٽي گريڊ آهي. آئون پنهنجي عملي طرفان توهان جو شڪريو ادا ڪريان ٿو ۽ هڪ دفعو وري توهان کي پيش آيل تڪليف (دشواري) تي معذرت ڪريان ٿو.“ هاڻي اسان وارو جهاز اوچائي تان آهستي آهستي هيٺ ايندي رن وي تي ڊوڙڻ لڳو آهي، ۽ جيئن ئي جهاز بيٺو ته ماڻهن جو هڪ دفعو وري تاڙين جو ٺڪاءُ ٿي ويو، بلڪل ايئن جيئن سئنيمائن ۾ ڪنهن عريان يا فحش سين تي ماڻهن جي هوڪرن ۽ تاڙين جو ٺڪاءُ پيو پوندو آهي ۽ دل باغ بهار ٿي ويندي آهي. اهو ماڻهن جو پاڻ کي مليل نئين زندگي جي خوشين جو ڀرپور اظهار هو ۽ اهو خوشي جي اظھار جو انداز بنا ڪنهن معتبري ۽ اسٽيٽس جي بلڪل فطري هو. اِهو ته طئي آهي ته ڀلي موت برحق هجي، پر ان جي باوجود به اسان جهڙن گنهگارن لاءِ جيڪي نرڳ (Hell) ۾ ويندا اُهي ته موت نٿا چاهين، اهو ته سمجهه ۾ اچي ٿو. پر اُهي نيڪو ڪار جيڪي مرڻ کانپوءِ سرڳ (Paradise) جا مزا ماڻيندا، اُهي بہ ھِن دنيا ۾ ڏکي سکي زندگي گذارڻ تہ پسند ڪن ٿا، پر موت کان پوءِ مزي واري زندگي ملڻ جي آسري جي باوجود بہ مرڻ نٿا چاهين. ۽ اِها به کين پڪ آهي ته جيسين مربو ڪونه سرڳ ملندي ڪونه، پر پوءِ به هو هِن دنيا ۾ جيئڻ چاهين ٿا. خير اُهي ماڻهو جيڪي هِن دنيا ۾ سکيا ستابا آهن ۽ جن کي هر عيش و آرام ميسر آهي، اُنهن جو نہ مرڻ ته وري بہ سمجهه ۾ اچي ٿو، پر اُهي ماڻهو جن جي هِتي زندگي عذاب ۽ مصيبتن ۾ گذري ٿي، سي به هُن دنيا ۾ سرڳ جا مزا ۽ آسائشون ماڻڻ لاءِ مرڻ نٿا چاهين. هاڻي اِن جي پويان ڪهڙو منطق آهي؟ اوهين پاڻ ڄاڻو. باقي پاڻ ته چئون ٿا، هيءَ دنيا ڪسي ڦڪي، ڪهڙي ئي سهي، پر يار پاڻ ته جيئڻ چاهيون ٿا.
جيئن ئي جهاز مان هيٺ لٿاسين ته ٻاهر ڪافي ٿڌڪار محسوس ٿي. شٽل (بس) ايئرپورٽ تي کڻي هلڻ لاءِ تيار بيٺي هئي. پاڻ کي گوڏي جي سور اصل وڄائي ڇڏيو آھي، سو ڊگهي سفر تي چاڙهين تان لهڻ ۽ چڙهڻ ۾ تڪليف سبب لٺ (Stick) کڻي هلڻو پوي ٿو. بس ۾ چڙهيس ته اُها اڳ ۾ ئي ماڻهن سان سٿجي چڪي هئي. مون کي هٿ ۾ لٺ ڏسي هڪ عورت جيڪا منهن مهانڊي ۾ يورپين لڳي ٿي، پنھنجي سيٽ تان اُٿي مونکي ويهڻ لاءِ چيو. هوءَ بار بار چوندي رهي، پر مون کيس چيو ته مون کي ڪو ايترو مسئلو ناهي. ايتري ۾ وري هڪ آفريڪن عورت اُٿي ۽ ويهڻ لاءِ زور ڀريو. تمام گهڻي اسرار تي آئون انڪار ڪري نه سگهيس. هونئن به پنهنجي شيدين سان دل لڳي. منهنجي شهر ۾ گهڻائي شيدين جي آهي. ويچارا گهارين سدائين مفلسي ۾ پر پوءِ به کل مک ۽ زنده دل. اڃان به مون کي انهن سان وڌيڪ اُنس انهيءَ ڪري به آهي ته اُهي پنهنجي ڌرتيءَ تان غلام بڻائي دربدر ڪيا ويا ۽ اڃان تائين به نسلي مت ڀيد جو شڪار آهن ۽ ساڳي صورتحال پاڻ سان به آهي. پاڻ به پنهنجي ڌرتيءَ تي سڀ ڪجهه هوندي به نڌڻڪا آهيون. خير قصو ڪوتاهه، شٽل (بس) ترانا ايئرپورٽ جي گيٽ تي لاٿو. اُن وقت ڪا ٻي فلائيٽ لٿل ڪانه هئي، انهيءَ ڪري اميگريشن توڙي ٻئي پروسيس ۾ دير ڪونه ٿي. جڏهن ڪنهن ٻئي ملڪ وڃبو آهي ته اُتي انٽري جو ٺپو لڳندو آهي. پر هتي ڪجهه عجيب لڳو، جو ھنن آن ارائيول ويزا (On Arrival Visa) وارن ٽوئرسٽن جي پاسپورٽ تي داخلا (Entry) جو ٺپو ڪونه هنيو. هنن پنهنجي سسٽم ۾ انٽري ضرور ڪئي، پر ٻين ملڪن کي ڪيئن خبر پوندي ته اهو ٽورسٽ البانيا به گهمي آيل آهي. ترانا جو ايئرپورٽ ايڏو وڏو ڪونهي. ڪورونا جي ڪري پاڻ کي تہ ماسڪ پاتل هو، پر هتي حالت اِها هئي جو پنهنجي ملڪ جي عوام وانگي ايئرپورٽ جي عملي کي به نالي ماتر ماسڪ پاتل هئا. بهرحال پاڻ کي ته احتياط ڪرڻو ئي هو. خدانخواسته جي ڪورونا لڳي وڃي ته واپسي ئي رولي ۾ پئجي وڃي، ڇو جو فلاءِ ڪرڻ لاءِ ڪورونا جي ٽيسٽ جو نيگيٽو هئڻ لازمي آهي. جيئن ته پاڻ هن وقت ترانا ايئرپورٽ تي آهيون، انهيءَ ڪري بهتر آهي ته ٿورڙو ذڪر ترانا ايئرپورٽ جو به ٿي وڃي. …(هلندڙ)…

