بلاگ

اچو ته مزدورن جو قدر ڪريون! مزدورن جو عالمي ڏينهن رياض هاشم لاشاري May2021

نائين درجي ۾ اسان جي انتهائي رحمدل ۽ معزز اُستاد سر قائم الدين مهر انگلش جي ڪورس ۾ هڪ نظم پڙهايو هو، جيڪو مزدورن جي عالمي ڏينهن تي مضمون لکڻ وقت مون کي ياد اچي ٿو. ان جي ڪهاڻي ڪجهه هن ريت آهي ته اٽي جي چڪيءَ تي ڪم ڪندڙ هڪ مزدور ڪم دوران سڄو ڏينهن خوشيءَ منجهان ڏاڍيان گانا ڳائي ٿو. پنهنجي گاني ۾ چوي ٿو: “مان ڪنهن سان به حسد نٿو رکان ۽ نه ئي ڪو مون سان حسد رکي ٿو.” هڪ بادشاهه کيس ڏسي حيرانگيءَ جو اظهار ڪندي کيس چوي ٿو: “آئون بادشاهه هوندي به مايوس آهيان ۽ تون هڪ پورهيت ٿي ڪري به ايڏو خوش آهين!” بادشاهه کانئس ان جو سبب به پڇي ٿو، جنهن تي اهو مزدور ٻڌائي ٿو ته هو ڪنهن جو به قرضدار ناهي ۽ پنهنجي زندگي، پنهنجي گهر واريءَ، ٻچڙن ۽ دوستن سان خوش گذاري ٿو. بادشاهه سندس اهڙيءَ ڳالهه تان متاثر ٿي چويس ٿو: “تنهنجي ميري ٽوپي منهنجي تاج جي برابر آهي ۽ تنهنجي چڪي منهنجي بادشاهي جيڏي قيمتي آهي.” چارلس ميڪي جي نظم ۾ بيان ڪيل هيءَ مختصر ڳالهه در اصل! پورهيت جي عزت ۽ عظمت کي چڱيءَ ريت بيان ڪري ٿي.

هي سماج جيڪو مختلف طبقن جو هڪ گڏيل گُلدستو آهي، ان ۾ هرهڪ طبقو پنهنجي مُنفرد خوشبوءِ رکي ٿو. انهن مان هڪ طبقو به جيڪڏهن ڌار ليکجي يا ان جو واسطو ڪٽجي ته پوءِ ڄڻ ته انسان اڌورو ٿي وڃي ٿو. اسان ساڳئي سماج ۾ رهندڙ انسان ڪنهن نه ڪنهن طرح سان هڪٻئي تي پنهنجو اثر رکون ٿا ۽ زندگيءَ جي ضرورتن جي پوراءُ لاءِ هڪٻئي تي انحصار ڪريون ٿا. اهو اسان جي وچ ۾ هڪ فطري لاڳاپو آهي ۽ ان فطري لاڳاپي کي ٽوڙي نٿا سگهون. ساڳيءَ طرح اسان جو مزدور سان به فطري تعلق رهي ٿو. مان ته اهو ٿو سمجهان ته اسان جو جن طبقن جي ماڻهن سان تعلق آهي، تن مان “مزدور” وارو تعلق يا ڳانڍاپو اسان لاءِ وڌيڪ گهرو ۽ اهم آهي. اهو ان ڪري به ته اسين هن کان اهڙي خدمت وٺندا آهيون، جيڪا اسان جي زندگيءَ ۾ اطمينان آڻي ٿي ۽ سندس اها خدمت وري خوبصورت شين يا وري عاليشان عمارتن جي صورت ۾ به ملي ٿي. هن دنيا ۾ ڪير نه چاهيندو آهي ته هو سٺي طريقي سان جڙيل گهر ۾ رهي؟ اها به اسان جي گهرج آهي، جيڪا هڪ اهڙي گهرج آهي، جنهن جي تڪميل کانسواءِ اسان بلڪل به اڌورا آهيون.

اسان جنهن اسڪول اندر، هڪ ڇت هيٺان ڇانوَ ۾ فرش تي رکيل بينچ تي ويهي تعليم پرائيندا آهيون، علم پرائڻ جي ان سهولت ۾ به مزدور طبقي جو ئي هٿ آهي، جيڪو درسگاهن جي تعمير ڪري ٿو. اها ڳالهه عيان آهي ته جيڪڏهن عمارت نه هجي ها ته اتي تعليمي عمل ئي ممڪن نه هجي ها. درسگاهه کان علاوه اسان جنهن به مڪان ۾ ڪم ڪار وغيره ڪندا آهيون، اهي سندن ئي محنت جو نتيجو آهن. اسان مان ڪوبه ان ڳالهه جو انڪاري نٿو ٿي سگهي ته اسان جي معاشري ۽ ملڪ ۾ رونقون آڻڻ ۾ هڪ مزدور جو ئي اهم ڪردار آهي.

جهڙيءَ ريت دنيا ۾ مختلف عالمي ڏهاڙا ملهايا ويندا آهن، انهيءَ ريت مزدورن لاءِ به عالمي سطح تي هڪ ڏينهن مخصوص ڪيو ويو آهي، جيڪو پهرين 01 مئي آهي. هن ڏينهن جي پسمنظر کان واقفيت حاصل ڪرڻ جي ڪنداسين ته اسان کي خبر پوندي ته اڄ کان 135 سال اڳ  1886ع ۾ آمريڪا جي شهر شِڪاگو ۾ تقريبن 30 هزار کان وڌيڪ مزدورن پنهنجا جائز مطالبا مڃرائڻ لاءِ احتجاج ڪيو. ان وقت مزدورن سان ڪم دوران ڪيتريون ئي ناانصافي ٿي رهيون هيون، جهڙوڪ: وڌيڪ ڪم ورتو ويندو هو ۽ گهٽ اجورو ڏنو ويندو هو، جنهن خلاف انهن پاڻ ۾ اتحاد قائم ڪري پنهنجي حقن لاءِ گڏ ٿيا هئا. 1886ع ۾ انهيءَ احتجاج دوران Hay Market Square ۾ پوليس کين منتشر ڪرڻ ۽ احتجاج ختم ڪرڻ  لاءِ مٿن ڪڙڪي پئي. انهيءَ دوران ان وڏي هجوم تي اوچتو هڪ بم اڇلايو ويو، جنهن ۾ هڪ پوليس آفيسر به مارجي ويو ۽ صورتحال ڪافي حد تائين بگڙجي وئي، جنهن کانپوءِ پوليس مزدورن مٿان فائرنگ شروع ڪري گولين جي برسات وسائي ڇڏي ۽ نتيجي ۾ مزدور وڏي انگ ۾ شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ٿيا. مزدورن جي انهيءَ قربانيءَ جي نتيجي ۾ دنيا ۾ مزدورن جي ڪم جو وقت گهٽائي 8 ڪلاڪ ڪيو ويو، سندن اجورو به وڌايو ويو ۽ ٻيا جائز حق تسليم ڪيا ويا، جنهن ڪري کين خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. شِڪاگو ۾ شهيد ٿيل مزدورن جي ياد ۾ دنيا پهرين 1st مئي کي “مزدورن جو عالمي ڏينهن” جي حيثيت سان ملهائڻ لڳي. پاڪستان ۾ به 1972ع ۾ مزدورن جي حقن جي حوالي سان لاڳو ٿيل پاليسي موجب مزدورن جي ڏينهن پهرين مئي کي سرڪاري موڪل جو ڏينهن قرار ڏنو ويو.

پهرين مئي اهو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن تي مزدورن جي حمايت ۾ ريليون ڪڍيون وينديون آهن، سيمينار منعقد ٿيندا آهن، پروگرام ۽ مارچ ڪيا ويندا آهن، مزدورن جي حقن جي عنوان تي تقريرون ڪيون وينديون آهن ۽ ٽيليويزن تي به مزدورن جي حوالي سان خصوصي پروگرام نشر ٿيندا آهن. ان کان علاوه اخبارون ۽ رسالا به مزدورن جي حوالي سان خاص ايڊيشن شايع ڪندا آهن. مزدورن جي عالمي ڏينهن تي سماج جي اهم خدمت گار “مزدور” جي عزت، عظمت، اهميت ۽ ڪردار تي ڳالهايو ويندو آهي، سندن خدمتن عيوض کين سلام پيش ڪيو ويندو آهي، سندن حقن جي حاصلات لاءِ آواز اٿاريو ويندو آهي، کين درپيش مسئلن جي نشاندهي ڪئي ويندي آهي ۽ انهن جي حل لاءِ ڪوششون ورتيون وينديون آهن. هي عالمي ڏينهن پنهنجي الڳ حيثيت ۽ مقام رکي ٿو، جيڪا حيثيت ۽ مقام يقينن! مزدور جي آهي. اها هڪ اٽل حقيقت آهي ته مزدور اسان جي سماج جو اهو ڪردار آهي، جيڪو اڻٿڪ محنت ۽ مشقت سان پاڻ پتوڙيندو رهي ٿو. گرميءَ جا بي رحم جهولا هجن يا ٽچڪندڙ اس ۾ جسم ڳرندو هجي يا وري سياري ۾ برف وانگي ڄميل جسم ڏڪندو هجي، اهو محنت ڪش مزدور پنهنجي پورهئي ۾ مشغول رهي ٿو ۽ پنهنجي محنت ۽ مشقت سان پنهنجي معاشري کي فائدو رسائي ٿو. ان جي محنت اسان لاءِ مفيد ۽ معاون ثابت ٿئي ٿي.

پورهيو ڪندڙن کي اسلام به اعليٰ درجو ڏنو آهي، جنهن بابت خاتم الانبيا حضرت محمّد صلي الله عليه و آلهي وسلم جن فرمائين ٿا: “پورهيت الله جو دوست آهي” مزدور جي اهميت ۽ قدر جا اسان کي اسلام جي تاريخ ۾ ڪيئي مثال ملن ٿا، جن مان هڪ هي به آهي ته ٻنهي جهانن جي سردار حضورِ اڪرم صلي الله عليه و آلهي وسلم جن به پنهنجو ڪم پنهنجي هٿن سان پاڻ ڪرڻ پسند فرمايائون، جنهن جو مثال مسجد نبوي جي تعمير به آهي، جن ۾ پاڻ سڳورن صلي الله عليه و آلهي وسلم جن پنهنجن هٿن مبارڪن سان مزدوري ڪئي.

دنيا جي مهذب ۽ ترقي يافته ملڪن ۾ اڄ به پورهيت کي عزت ۽ قدر جي نگاهه سان ڏٺو وڃي ٿو، جنهن ڪري سندس حقن جو خيال به رکيو وڃي ٿو، پر افسوس اهو آهي ته اسان جي ملڪ ۾ مزدورن کي هميشه پنهنجي حقن کان محروم رکيو وڃي ٿو، جنهن ۾ اجورو گهٽ ۽ تحفظ جو ماحول ميسر نه هجڻ شامل آهن. جيتوڻيڪ پنهنجي ملڪ جي آئين ۾ به مزدورن جي حقن جي حمايت ۾ آرٽيڪلز شامل آهن ۽ ان کانسواءِ مختلف وقتن تي مزدورن جي حقن جي حوالي سان پاليسيون به جوڙيون وڃن ٿيون، پر مڪمل عمل اڄ تائين به نه ٿي سگهيو آهي ان جو سبب تعليم جي ڪمي ۽ معاشري ۾ پورهئي جي اهميت کي اجاڳر نه ڪرڻ به آهي تنهنڪري اڄ به اسان جو مزدور دردن جو داستان بڻيل آهي. پنهنجا حڪمران ته مزدورن جي عالمي ڏينهن تي ٽي وي تي مزدورن جي حقن ۽ رليف جي ڳالهه ته ڪندا آهن يا وري سندن شان ۾ هڪ اڌ جملو ٽوئيٽ ڪري ڄڻ ته پنهنجو فرض ادا ڪندا آهن، پر مجال آهي جو عملي طور ڪو تسلي جوڳو قدم کڻن. پنهنجن حڪمرانن وٽ پورهيتن ۽ مزدورن جي تحفظ جو ايترو الڪو آهي جو ڪوئلي جي کاڻ ۾ ڪم ڪندڙ 11 مزدور هڪ ئي وقت دهشتگردي جو نشانو بڻجن ٿا. حڪومت کي سندن لاءِ ايتري همدردي آهي جو زيرو سينٽي گريڊ واري پاري ۾ هڪ هفتو روڊن تي مقتولن جا لاش رکي احتجاج ڪندڙ وارثن وٽ وزير اعظم داد رسي لاءِ نٿو پهچي ۽ کين “بليڪ ميلر” جو لقب ڏئي ٿو.

اها به ستم ظريفي آهي جو ملڪ جي مختلف صنعتي ادارن ۽ ڪارخانن کي عمر جو ڪافي حصو ارپيندڙ پورهيتن کي ته اولڊ ايج بينيفٽ جهڙو حق به نه ملندو آهي، ان جو مثال سنڌ روڊ ٽرانسپورٽ ڪارپوريشن حيدرآباد جي ملازمن سان ٿيل ويڌن آهي، جن کي 1999ع ۾ اداري جي تباهي جو جواز ڄاڻائي نيڪالي ته ڏني وئي، پر هن وقت تائين کين ڊيوز ۽ اولڊ ايج بينيفٽ نه ملي سگهيو آهي. ساڳي روش هن وقت اسٽيل ملز جي هزارين ملازمن سان به آهي، جن کي به ساڳيو ئي جواز ڄاڻائي، نيڪالي ڏئي دربدر ڪيو ويو آهي. اهڙا کوڙ سارا ادارا آهن، جتي مزدورن سان ناانصافي ٿي رهي آهي.

اسان جيڪڏهن ڏِهاڙِي واري مزدور جي ڳالهه ڪريون ته اهي ويچارا 5 سئو رپين جي اجوري تي سڄو ڏينهن لوڙين ٿا. اهي مسڪين ته ٻن ويلن جي ماني الائي ڪيئن هڙان وڙان ڪري حاصل ڪن ٿا ته ان حالت ۾ وري پنهنجي عالمي ڏينهن تي ڪيئن موڪل ڪري پنهنجن حقن لاءِ آواز اٿارين يا پنهنجي حقن لاءِ ڪا اثرائتي تحريڪ ڪيئن هلائين؟

ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڻ مزدورن جي عالمي ڏينهن تي پورهيتن ۽ مزدورن سان همدردي واري ڏيکاءُ کان هٽي ڪري عملي طور به ڪجهه ڪريون. نه صرف هڪ مخصوص ڏينهن تي، پر هميشه انهن جو قدر ڪريون ۽ انهن کي اهو ئي مرتبو ڏيون، جن جا اهي حقدار آهن. رياست ۽ حڪومت مزدور جهڙي پيڙهيل طبقي جي حق تلفي بند ڪري ۽ انهن جي حقن جي حوالي سان موجود قانونن تي عمل درآمد کي به يقيني بڻائي ته جيئن اسان جي ملڪ جو مزدور طبقو به ٻين ترقي يافته ملڪن جي مزدورن جيان پنهنجي ملڪ ۾ به خوشحاليءَ سان زندگي گذاري ۽ سک جو ساهه کڻي سگهي. يقينن! مزدور طبقي جي ترقي قوم ۽ ملڪ جي ترقي آهي، ڇاڪاڻ ته قوم ۽ ملڪ جي ترقيءَ ۾ مزدور اهم ڀاڱي ڀائيوار آهي ۽ ان جي خدمتن کان ڪنهن به طرح انڪار نٿو ڪري سگهجي.