برسات جي ڪري هر طرف تباهيءَ جا آثار  

2022 جي مون سون جي برساتن سڄي ملڪ ۾ اتر کان وٺي ڏکڻ تائين سنڌ، بلوچستان، خيبر پختوانخواهه ۽ پنجاب جي ڏکڻ واري حصي ۾ مڪمل تباهي آندي آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ته قدرتي برساتن جو مقدار وڌيڪ هو، پر ان جي ڪري ملڪ ۾ ايتري وڏي تباهي ڇو ٿي. هن وقت تائين جيڪي انگ اکر دستياب آهن انهن مطابق سڄي پاڪستان ۾ 11 سئو قيمتي جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، 16 سئو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهي، 3 لک 25 هزار گهر تباهه ٿي چڪا آهن، 7 لک 33 هزار گهر ڀڃ ڊاهه جو شڪار ٿيا آهن، 7 لک 35 هزار جانور ٻڏي يا ته مري ويا آهن يا لڙهي ويا آهن، 20 لک ايڪڙن تي بيٺل فصل تباهه ٿيا آهن ۽ 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو مختلف طريقن سان برسات کان متاثر ٿيا آهن. سنڌ ۾ لکين ايڪڙن تي بيٺل ڦٽي، ساريون ۽ کجيءَ جو فصل تباھ ٿيو آهي. ان کانسواءِ مرچ، ٽماٽي ۽ بصر سان گڏ ٻين فصلن جو نقصان ملائي جلائي لڳ ڀڳ 110 ارب رپيا آهي. باقي گهرن، روڊن، پلين کي پهتل نقصان جو ڪاٿو ٽي سئو اربن جو آهي. ان وڏي پئماني تي آيل تباهي مان نڪرڻ لاءِ وڏي حڪمت عملي جي ضرورت آهي.

ڇا ان تباهي جي ذميداري صرف اسين گلوبل وارمنگ ۽ ماحولياتي تبديليءَ تي وجهنداسين يا اسان جا ادارا جيڪي اسان جي جان، مال ۽ اثاثن جي تحفظ جي لاءِ اسان کان رياستي ٽيڪس وٺندا رهيا آهن، اهي به ان جا ذميدار آهن جن ڪڏهن به پنهنجو پاڻ کي انهن حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار نه ڪيو ۽ عوام اڄ ان سڄي تڪليف کي اڪيلي سر ڀوڳي رهيو آهي. انهن متاثرن جي مدد ڪرڻ لاءِ انتظاميه غير متحرڪ نظر اچي ٿي. افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته اسان کي نه ته پنهنجن ادارن جي تياري نظر آئي ۽ نه وري انتظاميه جي طرفان متاثرن کي مڪمل امداد ملي سگهي آهي. بلڪه ايئن چوڻ درست آهي ته ٻاهران کان آيل امداد انهن سياسي ماڻهن جي گودامن ۾ بند پئي آهي جيڪي چونڊن جي وقت وري وڃي انهن تباهه حال ماڻهن کان ووٽ وٺڻ لاءِ هٿ ڊگهيريندا.

17 آگسٽ 2007 ۾ اسان وٽ نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ نالي هڪ ادارو قائم ڪيو ويو جنهن کي قومي سطح تي آيل مصيبت سٽيلن جي امداد ڪرڻي آهي، ان ڪورونا جي ڏينهن ۾ به صوبائي باڊين سان گڏجي ڪم ڪيو، پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته انهن وٽ هڪدم امداد فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوبه لائحه عمل موجود نه آهي، جنهن سان صوبائي سطح تي يا ضلعي سطح تي ڪو ڪم ڪرڻ جو ڍانچو موجود هجي، هن وقت ڪيتريون ئي اين جي اوز پنهنجي پنهنجي پليٽ فارم تان ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ ميدان تي لٿل آهن ۽ عوام کي مختلف طريقن سان رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. هن وقت سڄي سنڌ ٻڏل آهي. اسان کي ان جي سببن کي تلاش ڪرڻ جي ضرورت آهي ته آخرڪار ايتري وڏي تباهيءَ جا سبب ڪهڙا ٿي سگهن ٿا. ڇا اسان پاڻيءَ جي قدرتي وهڪرن کي بند ڪري فطرت سان وڏي ڇيڙ ڇاڙ ڪئي آهي، جنهن جو رد عمل فطرت اسان کي هن ريت ڏنو آهي. ڇا شهرن ۾ ندين ۽ نالن جي مٿان سياسي وابستگين جي تحت جيڪي قبضا ٿيل آهن انهن پاڻيءَ جي گذر گاهن کي بند ڪيو آهي ۽ شهرن کي ٻوڙيو آهي. ڇا آبپاشيءَ جي نظام ۾ دريائن، ندين ۽ نهرن جي صفائي جي کاٽي هڪ مستقل بنيادن تي هلندڙ سلسلو جيڪو انگريزن جي دور کان وٺي هلندو ٿي رهيو ان ۾ ڪا غفلت ته  نه ڪئي وئي آهي، جنهن جي ڪري اسان جا واهه، درياءَ، ڍنڍون ڍورا لٽجي چڪا آهن ۽ ماڻهن جون زمينون ۽ انهن جا رزق حلال سان ڪمايل وسيلا پاڻيءَ ۾ ٻڏي تباهه ۽ برباد ٿي چڪا آهن. انهن سڀني عملن جي ڪري شڪار هميشه هڪ غريب ۽ ڪمزور وڌيڪ ٿيو آهي، جنهن شايد ماحول کي نقصان به نه رسايو هوندو. نقصان رسائڻ وارا ته پنهنجن محلن ۾ ان وقت به مدهوش هوندا جڏهن سندن حلقي جا ماڻهو پنهنجن گهرن اندر برساتي پاڻيءَ جي جمع ٿيڻ ڪري دٻجي هن دنيا سان رابطو منقطع ڪري ويٺا هوندا. ماحول کي تباهه ڪرڻ ۾ جتي ٻين ادارن پنهنجي وسان نه گهٽايو آهي اتي ٻيلي کاتي به پنهنجو حصو ان ۾ وڌو آهي ۽ ٻيلن کي ڪٽي ان جي زمينن تي ماڻهن کي قبضا ڏنا ويا آهن جيڪي اتي فصل پوکين ٿا، پر انهن کي نه ڪو پڪڙڻ وارو آهي نه انهن کي ڪو سزا ڏيڻ وارو آهي. نه رڳو ايترو، پر اسان دريائن جي پيٽ کي به سوڙهو ڪري رهيا آهيون، اسان ته سمنڊ جي اندر مينگرووز جي به ڪاٽي ڪري سمنڊ جي اندر پلاٽنگ ڪري هائوسنگ اسڪيمون ٺاهيون آهن. انگريزن جي دور ۾ دريائن ۽ روڊن رستن جي ڪنارن تي وڻ پوکيل هوندا هئا، جيڪي اسان هٿ سان تباهه ڪري ڇڏيا، هاڻي ماڻهن کي ويهڻ لاءِ ڪٿي ٿڌي ڇانو به نصيب نٿي ٿئي. سنڌ جي ڌرتيءَ کي غنيمت جو مال سمجهي ٽڪرا ٽڪرا ڪري مختلف طاقتور ڌرين ورهائي کنيو آهي. سنڌ جي عوام لاءِ انهن صرف کلون ۽ هڏا ڇڏي ڏنا آهن ته جيئن اهي ان تي گذارو ڪري زنده رهي سگهن.

سنڌ جو حقيقي وارث سنڌي ماڻهو جيڪو ڳوٺن ۽ ٻهراڙين ۾ طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جي ڪري جيڪڏهن ڪراچي لڏي وڃي ٿو ته اتي کيس غير ملڪي ماڻهو جن کي ڪئمپن ۾ هجڻ گهرجي اهي ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ غير قانوني طريقي سان آباد ٿيل آهن، اهي سنڌين کي اتي اچڻ کان روڪي رهيا آهن، جن تي سنڌ حڪومت خاموش آهي. هن وقت جڏهن دل کولي ٻوڏ جي سٽيل عوام کي حڪومت جي امداد جي ضرورت آهي، اتي به سياست جي بازار گرم آهي. امداد جو سامان انهن هٿن تائين نٿو پهچي جيڪي ان جا حقيقي مستحق آهن، پر انهن کي ڏنو پيو وڃي جيڪي سياسي وابستگي رکن ٿا. هن وقت سنڌ حڪومت جي بدانتظاميءَ جو پردو چاڪ ٿي چڪو آهي. عوام بي گهر روڊن ۽ رستن تي پنهنجن ٻچن سان ويٺل آهي، پر حڪومت جي ساٿارين کي مليل امداد انهن جي اوطاقن ۾ سٿيل آهي. حڪومت کي امدادي سامان جي ورهاست لاءِ منصفاڻي انتظام جي ضرورت آهي. اهو وڏيرو ۽ ڪمدار جيڪو پنهنجي علائقي ۾ اسڪول جو هلڻ برداشت نٿو ڪري اهو انهن ضرورتمندن تائين امداد به رسائڻ نٿو گهري.

هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڄي سنڌ ۾ روينيو کاتي کي سروي لاءِ موڪليو وڃي، ڊٺل گهرن، فوت ٿيل ماڻهن، مال متاع جي نقصان جو درست اندازو لڳرايو وڃي ۽ انهن ماڻهن جي کاڌي پيتي جي شين سان امداد ڪئي وڃي، انهن کي طبي امداد پهچائڻ لاءِ سرڪار طرفان طبي امدادي ڪئمپون لڳايون وڃن، پيئڻ جو صاف پاڻي مهيا ڪيو وڃي ته جيئن هو زنده رهي سگهن. جن ماڻهن پنهنجا گهر نه ڇڏيا آهن ۽ اهي ان خراب ماحول ۾ رهي رهيا آهن جتي مختلف بيمارين جي پکڙجڻ جو انديشو آهي انهن کي اتان ڪڍي ڪئمپن تائين آندو وڃي ته جيئن هو بهتر ڏينهن گذاري سگهن. حالتون بهتر ٿيڻ کانپوءِ ٽائون پلاننگ ڪري کين گهر جوڙائي ڏنا وڃن ته جيئن عوام جو درد گهٽ ٿي سگهي.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments