بلاگ

بـنـيـاد ڇو ننڍڙيون تبديليون وڏا فرق پيدا ڪري سگهن ٿيون؟ باب ٻيون سنڌيڪار: فضا قريشي

ننڍڙين عادتن جي حيرت انگيز طاقت:

2003 ۾ برٽش سائيڪلنگ جي قسمت تبديل ٿي وئي. عظيم برطانيه ۾ پروفيشنل سائيڪلنگ جي گورننگ باڊي جي اداري ڊيو بريلسفورڊ کي پنهنجو نئون ڪارڪردگي يا پرفارمنس ڊائريڪٽر ڪري رکيو. ان وقت تائين، برٽش سائيڪلسٽ تقريبن سئو سالن کان وچولي درجي جا رانديگر ڪري تسليم ڪيا ويندا هئا. 1908 کان وٺي انهن فقط هڪ ڀيرو اولمپڪ راندين ۾ گولڊ ميڊل کٽيو هو ۽ سائيڪلنگ جي عظيم ريس، ٽورڊي فرانس ۾ هنن بدترين کيڏيو. 110 سالن جي تاريخ ۾، اها ريس ڪوبه برٽش رانديگر کٽي نه سگھيو.

دراصل برٽش رانديگرن جي ڪارڪردگي ايتري ته خراب هئي جو يورپ جي سڀ کان وڏي سائيڪل ٺاهڻ واري ڪمپني پنهنجون سائيڪلون برٽش رانديگرن کي وڪرو ڪرڻ کان نابري واري ڇڏي ڇو جو ان جو خيال هو ته اهڙا برا رانديگر جيڪڏهن سندن سائيڪل استعمال ڪندا ته ان سان سندن وڪرو متاثر ٿيندو. بريلسفورڊ کي ان ڪري رکيو ويو ته جيئن هو برٽش سائيڪلنگ کي نئين دڳ لاهي. جنهن شيءِ هن کي ٻين کان مختلف بڻايو سا سندس اها حڪمت عملي هئي جنهن کي “ٿورڙي منافعي جو مجموعو” چئي سگھجي ٿو، جيڪا بريلسفورڊ مطابق هر شيءِ ۾ جيڪا اوهان ڪيو ٿا ان ۾ ذرڙي بهتريءَ جي فلاسافي آهي. “اهو سڄو اصول ان سوچ تي ٻڌل آهي ته هر شيءِ جيڪا اوهان سائيڪلنگ جي لاءِ سوچيو ٿا ان کي تقسيم ڪريو ۽ ان ۾ فقط هڪ سيڪڙي جي بهتري لاءِ ڪوشش ڪريو ته اوهان جڏهن انهن سڀني کي گڏيندو ته اها ڳڻپ ٺيڪ ٺاڪ ٿي ويندي.”

بريلسفورڊ ۽ انهيءَ جي ڪوچن هڪ پروفيشنل سائيڪلنگ ٽيم مان جيڪي توقعات ٿي سگھن ٿيون انهن ۾ ننڍڙيون ننڍڙيون تبديليون ڪرڻ شروع ڪيون. هنن سائيڪلن جون سيٽون ٻيهر ڊزائن ڪيون ته جيئن انهن کي وڌيڪ آرامده بڻائي سگھجي ۽ سائيڪلن جي ٽائرن کي الڪوحل سان مهٽيو ته جيئن انهن جي گرفت بهتر ٿي سگھي. ڊوڙ جي دوران رانديگرن کي چيو ويو ته اهي بجلي سان گرم ڪيل چڍا پائن ته جيئن سندن جسم ۽ خاص طور ڏورن جو هڪ مخصوص درجا حرارت برقرار رکي سگھجي ۽ بايو فيڊ بيڪ طريقيڪار جا سينسر لڳايا ويا ته جيئن اها جاچ ڪري سگھجي ته ڪهڙو رانديگر ڪهڙي ورزش کي ڪيئن ٿو ڪري. هڪڙي هوا جي ٺاهيل سرنگ ۾ ٽيم تي مختلف ڪپڙن جا ٽيسٽ ڪيا ويا ۽ سندن ٻاهر کليل هوا ۾ سائيڪلنگ ڪرڻ جي ڪپڙن جي جاءِ تي جيڪي هو اندر بند جاين ۾ ڪپڙا پائي سائيڪلنگ ڪندا هئا، تن سا مٽيا ويا، جيڪي وڌيڪ هلڪا ڦلڪا هئا، پر انهن اتي بس ڪانه ڪئي. بريلسفورڊ ۽ سندس ٽيم هڪ سيڪڙي واري بهتري جي اصول پٺيان لڳي رهي ته جيئن رهجي ويل، غير متوقع ۽ نظر انداز ٿيل پاسن کي بهتر بڻائي سگھجي. هنن مختلف مساج ڪريم ٽيسٽ ڪيا صرف اهو ڏسڻ لاءِ ته ڪهڙو ڪريم تيزي سان ڏورن کي مضبوط بڻائي ٿو. هنن هڪڙي سرجن کي رکيو جنهن جو ڪم هو رانديگرن کي اهو ٻڌائڻ ته هٿن ڌوئڻ جو اهڙو ڪهڙو بهترين طريقو آهي جنهن ذريعي کين گھٽ کان گھٽ ٿڌ لڳي. هنن بهترين وهاڻا ۽ گدا ڳوليا ته جيئن هر رانديگر سٺي ننڊ ڪري سگھي. هنن ايتري قدر جو ٽيم ٽرڪ کي به اندران رنگ اڇو ڪرايو ته جيئن مٽي جا ذرڙا به ظاهر ٿي پون جيڪي هونئن نظر انداز ٿي ويندا آهن ته جيئن بهترين سائيڪلن جي ڪارڪردگي تي اثر نه پوي. اهي ۽ اهڙين ٻين سوين ننڍڙين ننڍڙين بهترين شين ملي ڪري  اهي نتيجا ڏنا جيڪي ڪنهن جي وهم ۽ گمان ۾ به ڪونه هئا.

بريلسفورڊ جي چارج سنڀالڻ جي فقط پنجن سالن کانپوءِ، برٽش سائيڪلنگ ٽيم 2008 جي اولمپڪ راندين، بيجنگ ۾ سائيڪلنگ ميچن جي روڊن ۽ رستن جي بادشاهه بڻجي چڪي هئي ۽ 60 سيڪڙو سون جا تمغا هنن کٽيا. ان جي چئن سالن کانپوءِ، جڏهن اولمپڪ رانديون لنڊن ۾ ٿيون ته هنن جو گراف مٿي چڙهي ويو ڇاڪاڻ جو هنن نو اولمپڪ رڪارڊ ۽ ست دنيا جا رڪارڊ قائم ڪيا.

ساڳئي ئي سال، بريڊلي وگنز پهريون برطانوي سائيڪلسٽ هو جنهن ٽور ڊي فرانس کٽيو. ٻئي سال هن جي ٽيم جي ٻئي رانديگر ڪرس فروومي، ڊوڙ کٽي ۽ لڳاتار 2015، 2016 ۽ 2017 ۾ کٽيائين جنهن ڪري برطانوي ٽيم کي ڇهن سالن ۾ لڳاتار پنج ٽور ڊي فرانس جون فتحون نصيب ٿيون. 2007 کان 2017 جي ڏهن سالن جي عرصي ۾ برطانوي سائيڪلسٽ 178 ورلڊ چئمپين شپ کٽي چڪا هئا ۽ 66 اولمپڪ يا پيرالمپڪ سون جا تمغا ۽ پنج ٽور ڊي فرانس فتحون حاصل ڪري چڪا هئا. سائيڪلنگ جي تاريخ ۾ اهو رڪارڊ ڪامياب ترين ليکيو وڃي ٿو. اهو سڀ ڪيئن ٿيو؟ ڪيئن نه ننڍڙين تبديلين هڪڙي عام رانديگرن جي ٽيم کي دنيا جي بهترين ٽيم ۾ تبديل ڪري ڇڏيو. بظاهر ننڍڙيون تبديليون ايڏا وڏا نتيجا ڪيئن ٿيون ڏيئي سگھن؟ ۽ انهن سڀني کي اوهان پنهنجي زندگين ۾ ڪيئن اوتي سگهو ٿا؟

ڪيئن ننڍڙيون عادتون وڏا فرق پيدا ڪري سگھن ٿيون؟:

اهو انتهائي سولو آهي ته هڪڙي اهم ۽ وڏي لمحي جي اهميت کي وڌائي پيش ڪجي ۽ روزاني جي بنياد تي ننڍڙين بهترين جي اهميت کي ڳڻپ ۾ ئي نه آڻجي. اڪثر اسين پنهنجو پاڻ کي مڃرائڻ جي ڪوشش پيا ڪندا آهيون ته وڏين ڪاميابين لاءِ وڏن ڪمن ۽ عملن جي ضرورت آهي. کڻي اهو وزن گھٽ ڪرڻ هجي، بزنس اڏڻ هجي، ڪتاب لکڻ هجي، چئمپين شپ کٽڻ هجي يا ٻيو ڪو به مقصد حاصل ڪرڻو هجي، اسين پنهنجو پاڻ کي وڏي زور بار هيٺ رکندا آهيون ته ڪي زمين کي ڌوڏيندڙ ڪم ڪيون جو هر ڪو انهيءَ باري ۾ ڳالھ ڪري. جڏهن ته “فقط هڪ سيڪڙو بهتري” ڪا خاص ڳڻپ ۾ ڪانه ٿي اچي ۽ ڪڏهن ته اها اڻ لکي ۽ اڻ محسوساتي طريقي سان ٿئي ٿي، پر اها ڪافي معنيٰ خيز ٿئي ٿي جيڪڏهن اسين خصوصن ڊگھي عرصي جي ڊوڙ جي ڳالھ ڪريون ٿا. وقت سان گڏ جيڪو فرق ننڍڙيون بهتريون آڻين ٿيون سو حيران ڪن آهي. هي دراصل حساب ڪتاب جو مامرو آهي. جيڪڏهن اوهان هڪ سال لاءِ روز هڪ سيڪڙو بهتر ٿيندو ته اوهان مجموعي طرح سال جي آخر ۾ 37 ڀيرا بهتر ٿي چڪا هوندو. ساڳئي ريت، جيڪڏهن اوهان هڪ سال لاءِ روزانو هڪ سيڪڙو بدتر ٿيندو ته پڇاڙي ۾ وڃي اوهان ذري گھٽ ٻڙي کي رسندو. ننڍڙي فتح يا ذرڙو ذرڙو پٺتي ڌڪجڻ گڏجي وڏي شيءِ ٿي پون ٿا.

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

گراف-1: ننڍڙين عادتن جا اثر وقت سان گڏ ضرب ٿين ٿا. مثال طور: جيڪڏهن اوهان روز هڪ سيڪڙو بهتر ٿيندو ته سال جي آخر ۾ مجموعي طرح اوهان جو گراف 37 سيڪڙو بهتري ڏيکاريندو.

عادتون پاڻ کي بهتر بنائڻ لاءِ ضرب ٿيندڙ منافعو آهن. اهو ائين ئي آهي جيئن پئسا ضرب ٿيندڙ منافعي تحت وڌن ٿا، اوهان جون عادتون به ائين ئي ضرب ٿين ٿيون جيڪڏهن اوهان انهن کي روز دهرائيندوَ. ڪنهن مخصوص مقرر ڪيل ڏينهن تي سندن فرق گھٽ، پر مهينن ۽ سالن ۾ اهو فرق واضح ۽ وڌيڪ چٽو نظر ايندو. اهڙو فرق تڏهن واضح محسوس ٿيندو جڏهن ٻه، پنج يا وري ڏھ سال پٺتي وڃي ڏسبو ته سٺين عادتن جي قدر و قيمت چٽي ٿيندي ۽ خراب عادتن جي قيمت پڻ!

اهو ڏکيو خيال آهي جنهن کي روزاني جي زندگي ۾ ساراهي سگھجي. اسين اڪثر نئين تبديلين کي نظر انداز ڪريون ٿا ڇاڪاڻ جو اهي ظاهري طرح ڪنهن مخصوص لمحي ۾ ڪا خاص معنيٰ نٿيون رکن. جيڪڏهن اوهان ٿورڙا پئسا هاڻي جمع ڪرڻ شروع ڪندو ته اوهان ڪو ڪروڙ پتي ڪونه ٿي پوندو. جيڪڏهن اوهان جِم وڃڻ شروع ڪندو ته ٽن ڏينهن کان پوءِ به اوهان جو جسم ڍولائتو نه ٿيندو. اوهان جيڪڏهن لاطيني ٻولي اڄ رات هڪ ڪلاڪ پڙهندو ته اها ٻولي سکي ڪونه وٺندو. اسين ائين ڪري دراصل ڪجھ نه ڪجھ تبديلي آڻيندا پيا آهيون جنهن جو اثر هڪدم نظر نه ايندو ۽ انهي ڪري ئي اسين وري واپس پنهنجي پراڻي ڪرت ڏي آساني سان هليا ويندا آهيون.

بدقسمتي سان تبديل ٿيڻ جي عمل جي رفتار سست هجڻ ڪري بريون عادتون بار بار موٽي اچن ٿيون. جيڪڏهن اوهان اڄ غير صحتمند غذا کائيندو ته پيمائش ڪا گھڻي هيٺ مٿي ڪانه ٿيندي. جيڪڏهن اوهان اڄ دير تائين ڪم ڪندو ۽ پنهنجي خاندان کي نظر انداز ڪندو ته اهي اوهان کي معاف ڪري ڇڏيندا. جيڪڏهن اوهان اڄ جو ڪم سڀاڻي تي ڇڏيندو ته ان کي بعد ۾ ڪرڻ جو وقت بلڪل هوندو. ڪوبه هڪڙو ٺلهو فيصلو رد ڪرڻ سولو آهي، پر جڏهن اسين هڪ سيڪڙو غلطين کي ورجايون ٿا، روز، هر ٻئي ڏينهن، ڪمزور فيصلن کي دهرايون ٿا، ننڍين ننڍين غلطين کي ٻيهر ڪريون ٿا ۽ ائين ڪرڻ لاءِ ننڍا ننڍا عذر پيش ڪريون ٿا ته اسان جون اهي ننڍڙيون چونڊون گڏجي زهريلا نتيجا ڏين ٿيون. اهو ڪيترن غلطن قدمن جو مجموعو بڻجي وڃي ٿو، هڪ سيڪڙو هِتان ۽ هڪ سيڪڙو هُتان ۽ ان جو نتيجو وڏي ممڻ ۽ مسئلي جي شڪل ۾ سامهون اچي ٿو. اوهان جي عادتن ۾ تبديلي جو اثر بلڪل ائين ئي آهي جيئن جهاز جي رستي ۾ چند ڊگرين کي موڙڻ يا مٽڻ. تصور ڪريو ته اوهان لاس اينجلس کان نيو يارڪ شهر اڏامو پيا. جيڪڏهن پائليٽ جيڪو ليڪس کان نڪري اهو فقط 3.5 ڊگرين تي لاڙ طرف رخ کي موڙي ڇڏي ته اوهان نيو يارڪ جي بدران وڃي واشنگٽن ڊي سي لهندو. اندازو ڪريو ته ڪيتري نه ننڍڙي تبديلي جيڪا اڏام شروع ڪرڻ وقت بظاهر اڻ لکي آهي، ڇاڪاڻ جو ايئن ڪرڻ سان جهاز جو نڪ چند فوٽ مڙندو، پر جي سموري آمريڪا کي ان دائري ۾ رکبو ته ان جي نتيجي ۾ اوهان سوين ميل پرتي هليا ويندو.

ساڳي ريت، اوهان جي روز مره جي عادتن ۾ ننڍڙي تبديلي اوهان کي زندگي جي انتهائي مختلف منزل ڏانهن وٺي ويندي. هڪ سيڪڙي بهتري يا هڪ سيڪڙي بدتري جي چونڊ ان لمحي اڻ لکي نظر اچي ٿي، پر سموري زندگي ۾ اهڙن ڪيترن لمحن کي جڏهن گڏجي ٿو ته اهي چونڊون اوهان ڇا آهيو ۽ اوهان ڇا ٿي سگهيا ٿي ان ۾ واضح فرق ڪري بيهارين ٿيون. اهو ياد رکو ته ڪاميابي اوهان جي روز مره جي عادتن جي پيداوار آهي ۽ نڪي ڪو فقط هڪڙي ڀيري ڪرڻ جو نتيجو!

ان جو مطلب اهو آهي ته اوهان هن وقت ڪيترا ڪامياب يا ناڪام آهيو، ان سان ڪو فرق نٿو پوي. جنهن شيءِ سان فرق پوي ٿو اها اِها آهي ته اوهان جون عادتون اوهان کي ڪاميابي جي راهه تي گامزن ڪن. اوهان کي پنهنجي موجوده رستي يا پيچري بابت وڌيڪ سوچڻ گھرجي بجاءِ موجوده نتيجن تي سوچڻ جي. جيڪڏهن اوهان لک پتي آهيو، پر اوهان هر مهيني پنهنجي ڪمائي کان وڌيڪ خرچ ڪريو ٿا ته اهو سمجهڻ گھرجي ته اوهان خراب رستي تي آهيو. جيڪڏهن اوهان جون خرچ ڪرڻ جون عادتون تبديل نه ٿيون ته ان جو نتيجو چڱو نه نڪرندو. ان جي برعڪس، جيڪڏهن اوهان غريب آهيو، پر اوهان هر مهيني ڪجھ نه ڪجھ بچايو ٿا ته سمجهو ته اوهان مالي آزادي جي راهه تي گامزن آهيو، ڀلي کڻي اها رفتار اوهان جي چاهڻ کان گھٽ هجي.

توهان جا نتيجا توهان جي عادتن جي ڊگهي ماپ آهن. توھان جي خالص قيمت دراصل توھان جي مالي عادتن جي ڊگھي ماپ آھي. توھان جو وزن دراصل توھان جي کائڻ جي عادتن جي ڊگھي ماپ آھي. ساڳي ريت پراڻين شين ۽ گند ڪچري جا ڍير اوهان جي صفائي جي عادتن جي ڊگھي ماپ آهن. اوهان کي اهو ئي حاصل ٿيندو جيڪو اوهان دهرائيندو. جيڪڏهن اوهان اها اڳڪٿي ڪرڻ ٿا چاهيو ته اوهان زندگي ۾ ڪٿي پهچندو ته اوهان کي پنهنجي ننڍڙين ڪاميابين ۽ ننڍڙين ناڪامين جو ڪاٿو ڪرڻو پوندو ۽ اهو ڏسڻو پوندو ته توھان جا روز مره جا انتخاب يا چونڊ، لائين ۾ ڏھ يا ويھ سالن تائين ڪيئن گڏ ٿيندا. ڇا اوهان هر مهيني پنهنجي ڪمائي کان گھٽ خرچ ڪريو ٿا؟ ڇا اوهان هر هفتي جِم وڃو ٿا؟ ڇا اوهان هر روز ڪتاب پڙهو ٿا ۽ روز ڪجھ نئون سکو ٿا؟ اهڙيون ننڍڙيون جنگيون اوهان جي مستقبل جو تعين ڪن ٿيون. وقت سان گڏ ڪاميابي ۽ ناڪامي جي وچ ۾ وٿي وڌيڪ واضح ٿئي ٿي اوهان ان ۾ جيڪو پوکيندو سو ضرب ٿيندو. سٺيون عادتون وقت کي اوهان جو دوست بڻائي ڇڏينديون ۽ بريون عادتون ساڳي وقت کي اوهان جو دشمن!

عادتون ٻه مُنهي تلوار وانگر آهن. بريون عادتون پنهنجي تيز ڌار سان وڏي آساني سان اوهان کي ڪٽي ڇڏينديون، جڏهن ته سٺيون عادتون اوهان کي اڏي ڇڏينديون. انهي ڪري تفصيل ڄاڻڻ انتهائي اهم آهي. اوهان کي اهو سمجهڻو پوندو ته عادتون ڪيئن ڪم ڪن ٿيون ۽ اوهان انهن کي پنهنجي منشا موجب ڪيئن جوڙي سگھو ٿا ته جيئن اوهان ان تلوار جي تکائي کان بچي سگھو. 

اوهان جون عادتون توهان لاءِ يا توهان جي خلاف جڙي سگهن ٿيون:

دراصل ترقي ڇا آهي؟:

تصور ڪريو ته هڪڙي برف جي ڳنڍڙي ميز تي اوهان جي سامهون رکي آهي. ڪمرو ٿڌو آهي ۽ اوهان پنهنجي ساھ جو دونهون به ڏسي سگھو ٿا. ڪمري جو گرمي پد 25 ڊگري آهي. بنھ آهستي آهستي ڪمرو ڊگري به ڊگري گرم ٿيڻ شروع ٿئي ٿو:

26 ڊگريون

27

28

برف جي ڳنڍڙي اهڙي جا اهڙي اوهان جي سامهون ميز تي رکي آهي.

29

30

31

اڃا به ڪجھ ڪونه ٿو ٿئي.

پوءِ 32 ڊگريون. ها اتي برف ڳرڻ شروع ٿئي ٿي. فقط هڪ ڊگري جي تبديلي، جيڪا بظاهر ڪو خاص فرق درجا حرارت تي نٿي وجهي، پر اها وڏي تبديلي جي راھ کي کولي ڇڏي ٿي.

تبديلي جا لمحا اڪثر پراڻن ڪمن ۽ سر گرمين جو نتيجو هوندا آهن، جيڪي وڏي تبديلي آڻڻ جي لاءِ گهربل صلاحيت پيدا ڪن ٿا. اهو اصول ۽ نمونو هر جاءِ تي نظر ايندو. ناسور يا ڪينسر پنهنجي زندگي جو 80 سيڪڙو ڳجھو ۽ غير متوقع گذاريندو آهي ۽ پوءِ چند مهينن ۾ ئي جسم کي وڪوڙي ويندو آهي. بانس کي شروع وارن پنجن سالن ۾ مشڪل سان ڏسي سگھبو ڇاڪاڻ جو اهو ان عرصي ۾ زمين اندر پنهنجي جڙن کي انتهائي وسيع نموني پکيڙيندو آهي ۽ هو جڏهن ٻڙڪ ڏيئي ٻاهر نڪرندو آهي ته ڇهن هفتن ۾ هوا ۾ نوي فوٽ قدآور ٿي لهرائيندو آهي.

ساڳي ريت، اڪثر ائين محسوس ٿيندو آهي ته اهي عادتون ڪو خاص فرق پيدا نٿيون ڪن جيستائين اوهان هڪڙي مخصوص ڊگري کي نه رسو ۽ ڪارڪردگي جي نئين سطح جا تالا نه کوليو. ڪنهن به اڃ جي شروعاتي يا وچ واري ڏاڪي تي، مايوسي جي وادي اڪثر ايندي آهي. اوهان سڌي لائين ۾ ترقي ڪرڻ جي توقع ۽ خواهش رکندا آهيو ۽ اهو مايوس ڪن ان ڪري هوندو آهي ته شروعاتي ڏينهن، هفتن يا مهينن ۾ ان جو ڪو خاص اثر نظر ناهي ايندو. اهو ائين بلڪل ڪونهي جيئن اوهان ڪيڏانهن اٿي هليا وڃو. اهو ڪنهن به تعميري عمل جو هڪ خاص سَندي نشان آهي. انتهائي طاقتور نتيجا دير سان نڪرندا يا ظاهر ٿيندا آهن.

اهوئي بنيادي سبب آهي جو ڪابه عادت جوڙڻ انتهائي ڏکي آهي. ماڻهو چند ننڍڙيون تبديليون آڻين ٿا، پر واضح نتيجا ڏسي نٿا سگھن ۽ بس ڪري ويهي ٿا رهن. اوهان سوچيو، “آئون سڄو مهينو روز ڊوڙيو آهيان، پر منهنجي جسم ۾ ڪو خاص فرق ته ڪونه پيو آهي؟”. جيڪڏهن هڪ ڀيرو به اهڙي سوچ اوهان تي غالب اچي ويئي ته اهو نهايت آسان آهي ته اوهان جون سٺيون عادتون ڪٿي رستي ۾ ئي رهجي وڃن يا مري وڃن، پر هڪڙو معنيٰ خيز فرق پيدا ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته عادتون ڪافي ڊگھو عرصو رھن ته جيئن اهو طلسم ٽٽي سگهي. اهو خفيه طاقت جو طلسم يا خاصيت آهي.

جيڪڏهن ڪنهن سٺي عادت جوڙڻ يا ڪنهن بري عادت مان جند ڇڏائڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهيو ته ان جو هرگز اهو مطلب ڪونهي ته ڪو اوهان ۾ پاڻ کي بهتر بنائڻ جي صلاحيت ختم ٿي چڪي آهي. اهو اڪثر ان ڪري ٿيندو آهي ته اوهان ان خفيه طاقت جي چوٽي يا حد کي پار نه ڪري سگھيا هوندا آهيو. سخت محنت جي باوجود گھربل نتيجا حاصل نه ڪري سگھڻ جي شڪايت ڪرڻ ائين ئي آهي جو اوهان ان برف جي ڳنڍڙي جي شڪايت پيا ڪريو جنهن کي اوهان 25 ڊگرين کان وٺي 31 ڊگرين تائين گرم ڪيو آهي. اوهان جي محنت رائيگان نه ويندي. اها جمع ٿيندي ويندي. جيڪو نتيجو ايندو اهو 32 ڊگرين تي ايندو.

آخرڪار جڏهن اوهان ان خفيه طاقت جي چوٽي کي سر ڪري وٺندو ته ماڻهو ان کي رات پيٽ ۾ ٿيندڙ ڪاميابي ڪوٺيندا. ٻاهرين دنيا ان سڄي عمل ۽ ڪوششن جي برعڪس فقط ڊرامائي واقعا ڏسي سگھندي آهي، پر جڏهن اهو نظر پيو ايندو آهي ته اوهان ڪا پيش رفت نه ڪئي آهي ته اها اوهان کي خبر هوندي آهي ته اوهان ڪيتريون ڪوششون ڪيون آهن ۽ اوچتو هڪ ڏينهن ان جي نتيجي ۾ وڏي ڪاميابي نصيب ٿي آهي. اهو ارضياتي دٻاءُ جي مقابلي ۾ انساني جسم جو مساوي عمل آهي. ٻه ٽيڪٽونڪ پليٽون لکين سال هڪٻئي خلاف گسجن ٿيون، تڏهن وڃي گھربل تناءُ يا ڇڪ آہستي آہستي پيدا ٿئي ٿي ۽ پوءِ هڪڙي ڏينهن جڏهن اهي ساڳي عمل کي ورجائين ٿيون ۽ ٽڪرائجن ٿيون ته اهو ٽڪراءُ عظيم ثابت ٿئي ٿو. ان کان پهرين جو ڪجھ هڪدم ظاهر ٿئي، تبديلي سوين سال وٺي ٿي. دسترس حاصل ڪرڻ لاءِ صبر لازمي آهي. اين بي اي جي تاريخ ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪامياب ٽيم دي سين اينٽو نيو اسپرس ۾ سندن لاڪر روم ۾ سماجي اصلاح آڻيندڙ جيڪب رلس جو قول لکيل آهي “جڏهن صفا بيوسي وارو عالم هجي ته آئون پري جبلن ۾ پٿر ڪٽيندڙ وٽ ويندس ۽ ان کي وڃي غور سان وڃي ڏسندس ته ڪيئن نه گھٽ ۾ گھٽ سئو ڌڪ هڻڻ کانپوءِ پٿر ۾ سير پوي ٿي ۽ جڏهن سئو کانپوءِ هڪڙو به ڌڪ لڳي ٿو ته اهو ٻه اڌ ٿيو پوي. مون کي خبر آهي ته اهو اُهو آخري ڌڪ ڪونه هو جنهن ان کي ٻه اڌ ڪيو، پر اهو نتيجو هو انهن سڀني ڌڪن جو جيڪي ان کان اڳ هنيا ويا.”

لڪل يا ڳجهي طاقت جي سطح مرتفع:

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 

تصوير-2: اسين اڪثر سڌي لائين ۾ واڌاري يا ترقي جي توقع ڪندا آهيون. ٻيو ڪجھ نه پر اسين اميد ڪندا آهيون ته اهو واڌارو جلدي اچي. جڏهن ته در حقيقت اوهان جي ڪوششن جا نتيجا اڪثر دير سان ايندا آهن. ان ڪم ڪرڻ جي مهينن ۽ سالن کانپوءِ ان ڪم جي قدر ۽ اهميت جو اندازو ٿيندو آهي. ان ڪم ۾ “نااميدين جي وادي” مان به گذرڻو پوندو آهي، جتي اڪثر ماڻهو مايوس ٿي ويندا آهن ڇاڪاڻ جو ڪيترن هفتن ۽ مهينن جي لڳاتار محنت جي باوجود به نتيجا ڪونه ايندا آهن. جڏهن ته اهو ڪم ضايع نه ٿيندو آهي. اهو جمع ٿيندو ويندو آهي. اهو گهڻو دير تائين نه پر جيستائين پوئين ڪوشش جو پورو قدر نڪري نروار نٿو ٿئي تيستائين ان جي خبر ئي ڪانه پوندي.

سڀ وڏيون شيون ننڍڙين شروعاتن مان نڪرن ٿيون. هٿ عادت جو ٻج هڪڙو اڪيلو ۽ پتڪڙو فيصلو آهي، پر جيئن ئي اهو فيصلو دهرائجي ٿو ته اها عادت پڪي ۽ پختي بڻجي وڃي ٿي. پاڙون پاڻ کي خود مضبوط ڪن ٿيون ۽ ٽاريون خود وڌن ٿيون. پاڻ مان خراب عادت ڪڍڻ ائين آهي جيئن هڪڙي مضبوط اڪ جي وڻ کي پاڙان پٽڻ ۽ هڪڙي سٺي عادت جوڙڻ ائين آهي جيئن ڪنهن ڏينهن اوهان نازڪ ٻوٽو پوکيو، پر فيصلا ڪن ڳالھ اها آهي ته ڇا اسان ڪنهن به عادت کي ايترو ڊگهو وڏي عرصي تائين زنده رکي سگھون ٿا يا نه ته جيئن ڳجهي طاقت جي سطح مرتفع اڀري اچي ۽ ٻئي طرف ڪاميابي به ٿي سگھي. اهو سڀ ڪجھ ڇا آهي جو ڪجھ ماڻهو بيجا عادتن جو شڪار بڻجي وڃن ٿا ۽ ڪجھ سٺين عادتن جو کٽيو کائين ٿا؟

هدفن کي وساري ڇڏيو ۽ نظام يا سسٽم جوڙڻ تي ڌيان ڏيو:

موجود عقل ۽ ڏاهپ اهو سيکاري ٿي ته جيڪڏهن اوهان زندگي ۾ ڪجھ حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا ته پنهنجي تز ۽ عمل جوڳا هدف مقرر ڪريو.

ڪيترن سالن تائين آئون پڻ انهي اصول تحت پنهنجون عادتون جوڙيندو رهيس. ننڍڙا ننڍڙا هدف مقرر ڪيم جن کي حاصل ڪرڻو هوندو هو. مون اسڪول ۾ سٺن نمبرن سان پاس ٿيڻ جو هدف مقرر ڪيو، جِم ۾ وزن کڻڻ جو هدف مقرر ڪيم ۽ بزنس ۾ منافعو ڪمائڻ جو هدف مقرر ڪيم. پهرين مون کي تمام ننڍڙي ڪاميابي ملي ۽ ڪافي وڏي ناڪامي. آهستي آهستي مون تي اها ڳالھ عالم آشڪار ٿي ته منهنجن نتيجن جو واسطو منهنجي هدفن سان گھٽ پر ان ڪم لاءِ جيڪو مون سسٽم جوڙيو ان سان وڌيڪ آهي.

سسٽم ۽ هدفن ۾ ڇا فرق آهي؟ اهو فرق اسڪاٽ ايڊم، جيڪو ڊلبرٽ ڪومڪ جو ڪارٽونسٽ آهي ان کان سکيم. هدف اهي نتيجا آهن جيڪي اوهان حاصل ڪرڻ چاهيو ٿا، جڏهن ته سسٽم يا نظام ان سرشتي يا عمل جو نالو آهي جيڪو اوهان کي انهن نتيجن تائين پهچائي ٿو.

جيڪڏهن اوهان ڪوچ آهيو. اوهان جو هدف چيمپئن شپ کٽڻ ٿي سگھي ٿو. اوهان جو سسٽم اهو هوندو ته اوهان ڪهڙي ريت کلاڙين کي ٽيم ۾ کڻو ٿا، پنهنجي ماتحت ڪوچن کي هلايو ٿا ۽ سڄي پريڪٽس ڪيئن ٿا ڪريو.

جيڪڏهن اوهان ڪاروباري آهيو، ٿي سگھي ٿو ته اوهان جو هدف لکين ڊالرن جو بزنس کڙو ڪرڻ هجي. اوهان جو سسٽم اهو هوندو ته اوهان پنهنجي پراڊڪٽ جي آئيڊيا کي ڪيئن ٿا پرکيو، هڪڙا ماڻهو ٿا رکو ۽ مارڪيٽنگ ڪيئن ٿا ڪريو؟

جيڪڏهن اوهان موسيقار آهيو ته اوهان جو هدف ڪا نئين ڌن ٺاهڻ ٿي سگھي ٿو. اوهان جي سسٽم ۾ اها شيءِ شامل هوندي ته اوهان ڪيترو رياض ڪريو ٿا، اوهان ان لاءِ ڏکين مرحلن کي ڪيئن طئي ڪريو ٿا ۽ اوهان پنهنجي استاد کان ڪيئن اصلاح حاصل ڪريو ٿا؟

هاڻي هڪڙو دلچسپ سوال پيدا ٿئي ٿو: جيڪڏهن اوهان مڪمل طرح پنهنجن هدفن کي نظر انداز ڪريو ۽ فقط پنهنجي سسٽم تي فوڪس ڪريو ته ڇا پوءِ به اوهان ڪاميابي ماڻيندو؟ مثال طور: جيڪڏهن اوهان باسڪٽ بال ڪوچ آهيو ۽ اوهان چئمپين شپ کٽڻ جو پنهنجو هدف  نظر انداز ڪريو ٿا ۽ فقط پنهنجي سسٽم تي فوڪس ڪريو ٿا ته روزانو اوهان جي ٽيم پريڪٽس ڪيئن ٿي ڪري ته ڇا پوءِ به اوهين نتيجا حاصل ڪري سگھندو؟

منهنجو خيال آهي ته ها اوهان ڪري ويندو!:

ڪنهن به راند جو هدف اهو هوندو آهي ته ان کي بهترين اسڪور سان مڪمل ڪجي بجاءِ ان جي سڄو وقت اسڪور بورڊ کي ئي تڪيندا رهو، جو ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو فقط هڪڙو طريقو آهي ته اوهان روز بهتر کان بهتر ٿيندا رهو. ٻين لفظن ۾ سپر باول ونر بل واش موجب “اسڪور پنهنجو خيال پاڻ ڪندو”. اهوئي اصول زندگي جي ٻين مامرن تي به لاڳو ٿئي ٿو. جيڪڏهن اوهان کي بهتر نتيجا گھرجن ته پوءِ هدف ٺاهڻ وساري ڇڏيو بلڪه سسٽم جوڙڻ تي توجھ ڏيو.

ان مان منهنجي مراد ڇا آهي؟ ڇا هدف مڪمل طرح بيڪار شيءِ آهي؟ نه، بلڪل به نه! هدف جوڙڻ رخ ۽ سمت درست ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، پر ڪاميابي ماڻڻ لاءِ سسٽم جوڙڻ بهترين عمل آهي. جڏهن اوهين پنهنجي هدفن بابت ضرورت کان وڌيڪ وقت سوچڻ تي ۽ پنهنجي سسٽم ٺاهڻ تي گھربل کان گھٽ وقت لڳائيندا ته ڪافي مسئلا پيدا ٿي سگھن ٿا.

مسئلو 1: کٽيندڙن ۽ هارائيندڙن جا هدف ساڳيا هوندا آهن:

هدف مقرر ڪرڻ بقا جي تعصب جي سنگين صورت ۾ مبتلا هجڻ آهي. اسين انهن ماڻهن جي ڳالھ ٿا ڪريون جيڪي کٽيندڙ آهن يعني بچي ويندڙ ۽ غلطي سان اهو سمجهون ٿا ته انهن جي وڏن هدفن کين انهي ڪاميابي تائين رسايو آهي. اسين انهن ماڻهن کي نظر انداز ڪري ٿا ڇڏيون جن جا به ساڳيا هدف هئا، پر اهي ڪامياب نه ٿي سگھيا.

اولمپڪ راندين جو هر رانديگر سون جو تمغو جيتڻ جو خواهشمند هوندو آهي. هر ماڻهو نوڪري حاصل ڪرڻ چاهيندو آهي ۽ جيڪڏهن ڪامياب ٿيندڙ ۽ ناڪام ماڻهو ساڳيا ئي هدف رکن ٿا ته پوءِ اها ڳالھ سمجهڻ گھرجي ته هدف کٽيندڙن کي هارائيندڙن تي فوقيت، هدف نٿا ڏين. اهو ٽور ڊي فرانس کٽڻ جو هدف نه هو جنهن برطانوي سائيڪلسٽن کي راند جي افق تي رسايو. اهو چئي سگهجي ٿو ته پهرين به هر سال هو کٽڻ چاهيندا هوندا بلڪل ائين جيئن هر پروفيشنل ٽيم کٽڻ چاهيندي آهي. هدف هميشه موجود هوندو آهي. اهو سڀ ممڪن فقط تڏهن ٿيندو آهي جڏهن هو ننڍڙين مسلسل بهترين جو هڪڙو سسٽم جوڙيندا آهن جنهن جي ڪري هڪڙو مختلف نتيجو نڪرندو آهي.

مسئلو 2: هدف حاصل ڪرڻ صرف لمحاتي تبديلي آهي:

فرض ڪريو اوهان جو ڪمرو گندو ۽ ٽڙيل پکڙيل لڳو پيو آهي ۽ اوهان پنهنجو هدف ٺاهيو ٿا ته اوهان ان کي صاف ڪندو. جيڪڏهن توهان توانائي کي گڏ ڪندو ته توهان وٽ ان وقت صاف ڪمرو هوندو. جيڪڏهن اوهان ڪمري کي گندي ڪرڻ واري ساڳي لاهڻ ۽ ڇڇوندر وارين عادتن جا عادي رهيا ته جلد ئي اوهان ڏسندو ته نوان گند جا ڍير جمع ٿيڻ شروع ٿي ويندا ۽ وري ٻيهر اوهان کي ساڳي قوت کپندي ان جي صفائي ڪرڻ لاءِ. توهان کي هر ڀيري ساڳيو نتيجو ملندو ڇاڪاڻ جو اوهان نظام کي تبديل نه ڪيو. اوهان سببن جي بجاءِ، علامتن جو علاج ڪيو.

هدف حاصل ڪرڻ سان اوهان جي زندگي ۾ ان لمحي تبديلي اچي سگھي ٿي. انهن جي سڌاري بابت ڌيان ڇڪائيندڙ شيءِ آهي. اسان سمجهون ٿا ته اسان کي پنهنجن نتيجن کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر نتيجا مسئلا ناهن. ڇا اسان واقعي نتيجن جي سطح تي مسئلا حل ڪريون ٿا؟ بلڪه توهان صرف انهن کي عارضي طور حل ڪريو ٿا. شين کي بهتر ڪرڻ لاءِ توهان کي نظام جي سطح تي مسئلا حل ڪرڻ گهرجن. درآمد کي درست ڪريو ۽ پيداوار پنهنجو پاڻ کي پاڻ ٺيڪ ڪندي.

مسئلو 3: هدف اوهان جي خوشي کي محدود ڪن ٿا:

ڪنهن به هدف جي پويان بيهڻ وارو مفروضو اهو هوندو آهي ته “هڪ ڀيرو آئون پنهنجي مقصد تي پهچي وڃان ته پوءِ آئون خوش ٿي ويندس.” اول هدف واري سوچ جو مسئلو اهو آهي ته توهان ايندڙ سنگ ميل تائين مسلسل خوشي کي ٽاريندا آهيو. آئون ان ڄار ۾ بار بار ڦاسندو رهيو آهيان جو هاڻي مون کي ته ڳڻپ به ياد ڪونهي. سالن تائين، خوش رهڻ هميشه لاءِ منهنجي مستقبل جي لاءِ معنيٰ خيز رهيو. آئون سدائين پاڻ کي اهو سمجهائيندو رهيس ته هڪ ڀيرو جي مون پنهنجو وزن پندرهن پائونڊ ڪري ورتو يا پنهنجو ڪاروبار نيو يارڪ ٽائمز ۾ شامل ٿيڻ بعد، آئون آخرڪار سک جو ساھ کڻي سگھندس. وڌيڪ اهو ته هدف رکڻ سان “يا هي يا هو” وارو تڪرار به پيدا پيدا ٿئي ٿو يا ته توهان پنهنجو هدف حاصل ڪيو ۽ ڪامياب ٿي وڃو يا توهان ناڪام ٿيو ۽ مايوسي ئي مايوسي آهي. توهان ذهني طور تي پنهنجي پاڻ کي خوشيءَ جي تنگ سوچ جي باڪس ۾ دٻائي رکو ٿا اهو غلط آهي. اهو ممڪن ناهي ته زندگي ۾ ملندڙ اصل رستو ڪو اوهان جي ذهن ۾ سوچيل سفر جهڙو ئي هجي. انهيءَ لاءِ توهان جي اطمينان کي هڪ منظر يا واقعي تائين محدود ڪرڻ ڪا عقل مندي نه چئبي جڏهن ته ڪاميابي جا ڪيترائي رستا موجود آهن.

ان نظام جي پهرئين ڳالھ اها آهي ته هو اينٽي ڊوٽ جي ذهنيت مهيا ڪري ٿو. جڏهن اوهان منزل جي سڌ ڪرڻ بجاءِ ان راھ جا پانڌيئڙا بڻجي ويندا ۽ ان راھ تي هلڻ کي ترجيح ڏيندا ته اوهان کي پوءِ اصل خوشي ڳولهڻ لاءِ منزل تي پهچڻ جو انتظار نه ڪرڻو پوندو بلڪه ان راھ تي هلڻ ئي اوهان لاءِ اصل خوشي جو محرڪ هوندو. جيڪڏهن اوهان جو اهو نظام هلندو رهي ٿو ته اوهان ڪهڙي مهل به خوشي ماڻي سگھو ٿا ۽ اهو نظام نه ڪي فقط اها ڪاميابي جيڪا اوهان سوچي هوندي اها ماڻيندو بلڪه ڪيترن ئي مختلف طريقن سان ڪاميابيون ماڻيندو.

مسئلو 4: هدف ڊگھي مدي سان سلهاڙيل ناهن:

هدف رکڻ واري سوچ ماڻهو کي اتي جو اتي ڦيرائيندي رهي ٿي. ڪيترائي ڊوڙندڙ مهينن جا مهينا ان تي محنت ڪندا رهن ٿا، پر جڏهن اهي ان لڪير جي ويجهو پهچن ٿا ته انهن جي سکيا جو عمل رڪجي وڃي ٿو. ڇاڪاڻ جو اها ڊوڙ انهن کي اتساهه ڏيڻ لاءِ باقي نٿي بچي. جڏهن توهان جي سموري محنت ڪنهن خاص مقصد کي حاصل ڪرڻ تي مرڪوز هجي ته پوءِ ان کي حاصل ڪرڻ کانپوءِ باقي اوهان وٽ ڪجھ به نٿو بچي. اهوئي سبب آهي جو ڪيترائي ماڻهو پنهنجو هدف حاصل ڪرڻ کانپوءِ وري واپس پنهنجي پراڻين عادتن ڏانهن موٽ کائين ٿا. هدف قائم ڪرڻ جو مقصد ڊوڙ کٽڻ هوندو آهي، جڏهن ته اهو نظام قائم ڪرڻ جو مقصد ان ڊوڙ کي جاري رکڻ هوندو آهي. اصل ڊگھي مدي واري سوچ دراصل هدف کان بالاتر هوندي آهي. اها ڪنهن هڪڙي ڪاميابي تي ٻڌل ناهي هوندي. اها دراصل اڻ کٽ سڌاري جي واٽ آهي، جيڪا لاڳيتي بهتري جو عمل آهي. آخرڪار اهو توهان جو پڪو ارادو ئي هوندو آهي جيڪو اوهان جي ترقي ۽ ڪاميابي ۾ فيصلا ڪن ڪردار ادا ڪري ٿو.

پتڪڙين عادتن جو هڪ نظام:

جيڪڏهن پنهنجين ننڍڙين عادتن ۾ اوهان کي ڏکيائي پيش اچي رهي آهي ته اهو سمجهڻ گھرجي ته مسئلو اوهان ۾ ڪونهي، پر دراصل اهو ان نظام جو مسئلو آهي. برين عادتن جو بار بار موٽي اچڻ ان ڪري ناهي ته اوهان انهن کي تبديل ڪرڻ نٿا چاهيو، پر ان ڪري آهن جو اوهان جو انهن کي تبديل ڪرڻ جو نظام درست ناهي. اوهان پنهنجي هدفن جي سطح تائين اڀري نه سگھيا آهيو ۽ اوهان پنهنجي نظام جي سطح تائين ئي ناڪام ٿي وڃو ٿا.

هن ڪتاب جو ڳر اهو ئي آهي ته هڪڙي هدف کي مرڪز بنائڻ بجاءِ سموري نظام کي سمجهيو وڃي. اهو لفظ جوهري يا ائٽمي يا پتڪڙي جي پٺيان ڳجهي ۽ گھري معنيٰ رکي ٿو. هاڻي اوهان اميد ته اها ڳالھ سمجهي چڪا هوندا ته ننڍڙين عادتن جو مطلب دراصل آهي ته معمولي تبديلي، ذرڙو فائدو ۽ هڪ سيڪڙو سڌارو، پر جوهري عادتون پراڻيون عادتون قطعن ڪونهن، پر ننڍڙيون ضرور آهن. اهي ننڍڙيون عادتون هڪڙي وڏي نظام جو حصو آهن. اهو ائين ئي آهي جيئن ائٽم يا جوهر، هڪڙي ماليڪيول کي ٺاهين ٿا. ننڍڙيون عادتون شاندار نتيجن جو محرڪ ۽ بڻ بنياد آهن.

عادتون اسان جي حياتي جو جوهر آهن. انهن مان هرهڪ جوهر اسان جي سڌاري جو بنيادي جز آهي. شروعات ۾ اها پتڪڙي روز مره جي عادت اڻ لکي هوندي آهي، پر جلد ئي اهي ننڍڙيون عادتون گڏجي، گھڻ طرفين وڏين تبديلين لاءِ طاقت فراهم ڪن ٿيون جيڪي توهان شروع ۾ لڳايون آهن. اهي ننڍڙيون ته آهن، پر ساڳئي وقت ويون سگھاريون ٿي آهن. اها ئي ان “پتڪڙين يا جوهري” عادتن جي اصطلاح جو اصل مطلب آهي. روز مره ڪرڻ جو عمل بنهه ننڍڙو يا آسان نه آهي، پر اهو بي بها طاقت جو سرچشمو آهي ۽ تيزي سان ٻيڻ ٽيڻ جي بنياد تي وڌندڙ ويجهندڙ نظام جو حصو آهي.

باب جو تت:

عادتون، انفرادي سڌاري جو ڪمپائونڊ انٽريسٽ يا ضرب ٿيندڙ منافعو آهن. روزانو هڪ سيڪڙي جي بهتري، ڊگھي مدي ۾ واضح فرق جو سبب بڻجي ٿي.

عادتون ٻه ڌاري تلوار جيان آهن، جيڪي يا ته اوهان جي فائدي جي لاءِ يا اوهان جي خلاف استعمال ٿي سگھن ٿيون. ان ڪري نتيجن تي ڪم ڪرڻ ضروري آهي.

ننڍڙيون تبديليون تيستائين ڪو خاص نتيجو نه ڏينديون جيستائين اوهان هڪڙي خاص سطح يا ٿريش هولڊ تائين يا نشان تائين نٿا رسو. ڪنهن به ورن وڪڙن واري اڻانگي سفر ۽ نظام جا سڀ کان سهگارا نتيجا دير سان نڪراندا آهن. انهن جي لاءِ اوهان کي انتظار ڪرڻ سکڻو پوندو.

پتڪڙي يا جوهري عادت هڪڙي وڏي نظام جو حصو آهي، بلڪل ائين جيئن ائٽم، ماليڪيول جا بنيادي جز آهن تيئن ئي جوهري عادتون، شاندار نتيجن جا بنيادي جز آهن.

جيڪڏهن اوهان بهتر نتيجا چاهيو ٿا ته هدف رکڻ وساري ڇڏيو. پنهنجي ان نظام کي قائم ڪرڻ تي ڌيان ڏيو.

اوهان پنهنجي هدفن جي سطح تائين نٿا پهچي سگھو، پر اوهان پنهنجي نظام جي مختلف سطحن کي باآساني پار ڪري سگھو ٿا.

fizaqureshi044@gmail.com