بندگيءَ جو انداز ۽ ذاتي زندگي امتياز احمد عرساڻي July 2021
2019ع جي انگن اکرن موجب دنيا جي آبادي ساڍا ست ارب کان مٿي چڙهي وئي آهي. ايتري آباديءَ ۾ تقريبن ڏهن هزارن جي قريب مختلف عقيدا دنيا اندر پنهنجو وجود قائم رکن ٿا. عيسائيت، اسلاميت، يهوديت، هندو ازم، ٻڌ ازم، سک ازم، تائو ازم، ڪنفيو ازم، جين ازم، زوراسٽرن ازم دنيا جي آبادي اندر واضح جڳهه والارين ٿا. جڏهن ته انهن منجهان دنيا جي 84 سيڪڙو آبادي صرف ڪرسچنٽي، اسلام، هندو ازم، ٻڌ ازم ۽ سک ازم سان لاڳاپيل آهي. دنيا جي جن علائقن ۾ انساني آباديءَ ۾ تيزيءَ سان اضافو ٿي رهيو آهي، انهن ئي ملڪن ۾ تعليم جو فقدان جنم وٺي رهيو آهي ۽ غربت جي شرح وڌي رهي آهي. اهوئي سبب آهي جو انهن آبادين اندر مذهبن سان گڏ مختلف عقيدن جو وجود به پنهنجون پاڙون پختيون ڪندو پيو وڃي. توڙي جو نون مذهبن جو جنم ناپيد آهي، پر تڏهن به نوان عقيدا روز بروز نسري انهن راڄ ڌانين اندر وڌندا پنهنجا پير پختا ڪندا پيا وڃن، جنهن ۾ آباديءَ جو تناسب وسائل کان وڌيڪ آهي. ڪنهن به مذهب جو وجود اعتقاد تي ٽڪيل هوندو آهي. ماضيءَ ۾ سمورن مذهبن جي شروعات به ڪنهن خاص عقيدي کان جنم ورتو، مگر سندس اثر ايتري شدت اختيار ڪئي ۽ وسعت ورتي جو اهو هڪ مضبوط مذهب جي صورت اختيار ڪري سامهون آيو.
انسان پنهنجي مستقبل کي محفوظ ڪرڻ واسطي ايندڙ وقت کي پڙهڻ لاءِ صدين کان ڪوشان آهي، جيئن مستقبل ۾ ايندڙ مصيبتن کان اڳواٽ ئي آگاهي حاصل ڪري ان کان بچي سگهجي. ليڪن اڃان اهو ممڪن نه ٿي سگهيو آهي. سندس مستقبل ڪيئن هوندو جو سوال کيس هميشه غير محفوظ بڻايو وجهي. هونئن به اها انساني آبادي جتي وسيلا گهٽ ۽ مسئلا وڌيڪ هوندا اتي بشر پنهنجي مستقبل لاءِ پريشان هوندو. انسان هميشه حادثن، اڻ ٿيڻين ۽ غير متوقع واقعن جي رونمائي کان خوفزده رهندو. آدمي هميشه چاهيندو آهي ته جيئن سندس من ۾ آهي تيئن ئي زندگيءَ جو ايندڙ ڏينهن گذري. سندس سموريون رٿا بنديون ايئن ئي تڪميل تي پهچن، جيئن هن پنهنجي لاءِ سوچي رکيو آهي. مگر چوندا آهن ته “بندي جي من ۾ هڪڙي صاحب جي من ۾ ٻي” انسان سان پيش ايندڙ حادثا سندس سمورا خواب ۽ سپنا چڪنا چور ڪريو وجهن. انهن اڻ ٿيڻين ۽ اوچتين آفتن جو جنم وٺڻ ئي فرد کي پنهنجو مستقبل محفوظ بنائڻ لاءِ ڪنهن اهڙي اڻ ڏٺي قوت ڏانهن ڇڪي وڃي ٿو، جيڪا کيس اهڙن حادثن کان بچائي ٿي، جيڪي سندس محفوظ مستقبل ۾ رڪاوٽ بڻيل آهن. چوندا آهن رياست ماءُ هوندي آهي، مگر رعايا جو ماءُ جي هنج کان خالي ٿي وڃڻ، اعتقادن کي جنم ڏيندو آهي ۽ انڌا عقيدا پنهنجي وجود سان پوري سماج جي سوچ سمجهه جي طاقت سُن ڪري وجهندا آهن.
اهوئي سبب آهي جو مطمئن ڪرڻ واسطي مذهب اندر رڳو ويڙهيل عقيده ئي وجود نٿا رکن، بلڪه انسان پنهنجي اندر ڪيترائي خود ساخته وشواس به کڻي اڳتي وڌندو رهندو آهي. هر انسان جو گذريل ڪلهه هڪ پنهنجو تجربو هوندو آهي. هر فرد الڳ الڳ مرحلن مان گذري اڳتي وڌندو آهي. هو پاڻ سان پيش ايندڙ واقعن جو تعلق ڪنهن نه ڪنهن ثواب يا گناهه سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. هو هميشه اهو پڙهڻ ۽ سمجهڻ جي ڪوشش ۾ هوندو آهي ته مون سان ٿيندڙ حادثو منهنجي ڪهڙي غلطيءَ جو نتيجو آهي. اهڙي صورتحال ۾ منطقي سوچيندڙ فرد پنهنجي غلطيءَ جو ازالو حقيقت جي بنياد تي ڪندا آهن، جڏهن ته غير منطقي فرد پاڻ سان ٿيندڙ حادثي جو تعلق پنهنجي روحاني ڪيفيت سان منسلڪ وشواس سان جوڙڻ جي ڪوشش ڪندا آهن. ڪمزور عقيدي رکڻ وارا هميشه پنهنجي هر ڏينهن جي شروعات مختلف عقيدن سان ڪندا آهن. ڪو ڪاروبار ڪندڙ پنهنجي ڏينهن جي ابتدا اگربتيون ٻاري ڪندو آهي ته ڪو ڊرائيور ڪنهن فقير کي پئسا ڏئي پنهنجي سواري ڪڍندو آهي. ڪو ماءُ جي پيرن کي هٿ لاهي دعا سان ڪندو آهي ته ڪير وري مورتي اڳيان سر نمائي ڪندو آهي. ڪو خدا اڳيان جهڪي پنهنجي سٺي ڏينهن گذرڻ جي دعا ڪندو آهي ته ڪو پٿر جي منڊي پائي ٻاهر نڪرندو آهي. ڪو دل ۾ ئي پنهنجي رب کي ٻاڏائيندو آهي ته ڪير وري ڪنهن طبعي عبادت ذريعي پنهنجي ڏينهن کي سٺو گذارڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. ڪير ٻار کي پيار ڪري کانئس دعا وٺي نڪرندو آهي ته ڪو وري زال جي نخري کي ئي پنهنجي اعليٰ ڏينهن جي شروعات تصور ڪندو آهي. مطلب ته ڪمزور اعتقاد وارو ماڻهو هميشه ڪنهن نه ڪنهن روپ کي ڌاري پنهنجي لاءِ سڻائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.
ڪوبه شخص ڪهڙي به انداز فڪر سان يا ڪنهن به طريقي سان پنهنجي رب تائين رسائي وٺڻ جي ڪوشش ڪري. اهو سندس ذاتي فعل آهي. ليڪن سندس ڪوبه عمل ڪنهن ٻئي جي زندگيءَ تي اثر انداز ٿئي اهو مناسب نه آهي. ڇاڪاڻ ته مهذب معاشرن ۾ ٻئي جي ذاتي زندگيءَ ۾ دخل اندازي خراب عمل سمجهيو ويندو آهي. اهو ڪم جنهن سان ٻئي جي دل آزاري ٿئي ان فعل کي پڻ اهڙي معاشري ۾ جرم جي ذمري ۾ آندو ويو آهي. خاص ڪري اهو ڪم جيڪو اوهان جي ذاتي زندگيءَ سان تعلق رکي ٿو ۽ ٻين جي زندگيءَ تي اثر انداز ٿئي ٿو، اهڙو عمل انساني معاشري ۾ ڪنهن به طرح سان قابل قبول نه هوندو آهي. مثال طور: اوهان ميوزڪ ٻڌو ٿا، اهو اوهان جو ذاتي شوق آهي، پر ان جو آواز جيڪڏهن ٻئي جي اعصابن تي اثر انداز ٿئي ٿو ته نامناسب ٿيندو. اوهان جي هٿن جو ڇهاءُ ڪنهن کي ناگوار گذري ته اهڙي حرڪت پڻ ناڪاري عمل چورائيندي. اوهان جو ڪنهن کي بي جا ڏسڻ ۽ گهورڻ وارو انداز پڻ منفي اثر ظاهر ڪري سگهي ٿو. اوهان سرور حاصل ڪريو ٿا، ليڪن اوهان جي بي خوديءَ سبب ٻيو پريشانيءَ ۾ مبتلا ٿئي، اها ڪار ڪنهن به صورت ۾ قابل برداشت نٿي ٿي سگهي. ايتري حد تائين جو ڪنهن جي ڳالهائڻ، کلڻ، هلڻ، کائڻ ۽ پيئڻ جي اڍنگائي هڪ تهذيب يافته معاشري ۾ بگاڙ جي صورت پيدا ڪرڻ جو باعث هوندي آهي. ان سبب اهڙن معاشرن ۾ ڪنهن به ذاتي عمل کي آزاديءَ جو چوغو اوڍائڻ کان اڳ ان جا خد و خال طئي ڪرڻ لازمي هوندو آهي.
بندگي به هڪ ذاتي عمل آهي، جيڪو اسان جي پنهنجي ديوتا سان مضبوط رشتي جي نشاني آهي. آئون پنهنجي خلقڻهار کي ڪيئن ٿو ڏسان ۽ هن کي پاڻ ڏانهن ڪهڙي انداز سان ڏسندي محسوس ڪري رهيو آهيان، اهو منهنجي ذاتي نظر ۽ طبعي تجربي سان مشروط آهي. منهنجي خيال، سوچ ۽ فڪر ۽ عملي زندگيءَ تي منهنجي خدا جو ڪيترو عمل دخل آهي، اهو به مون کي شخصي طور سمجهڻو آهي. منهنجو پرميشور مون مان ڪيترو راضي آهي ۽ آئون کيس ڪيتري مڃتا ڏيان ٿو اهو فيصلو مون کي ضمير کان وٺڻو پوندو آهي. منهنجو اوتار، مددگار، امتحان وٺندڙ يا بي حساب ڏيندڙ آهي، اهو ته پاڻ کي پرکي نبيرو ڪرڻو هوندو آهي. اگر آئون پنهنجي پالڻهار جو حسن سلوڪ سڀني سان هڪ جهڙو ڀانيان ۽ حساب ڪتاب ۾ پڻ برابري جي توقع ڪريان ته يقينن اهو انصاف جي نظرن کان بچي نڪرڻ جو هڪ رستو هوندو. فطرت ڪيتري آساني ٿي پيدا ڪري ۽ ڪيڏي مهل مصيبتن جا پهاڙ کڻي آڏو ٿي بيهاري، جيڪڏهن ان جي پروڙ ڪنهن کي به نه آهي ته پوءِ اهڙي طاقت جو سموري مخلوق تي هڪ جهڙي اطلاق جو تصور بيجا ٿيندو. اهڙي صورت ۾ يقينن منهنجي مڃتا ۽ بندگي جو سڳو ٻئي جي اطاعت جي تاڃي پيٽي کان مختلف ئي هوندو..!
بندگي ڪرڻ ان هستيءَ کي راضي رکڻ آهي، جيڪا اسان تي قادر آهي. قدرت جو وجود ئي ان بنياد تي ٽڪيل آهي ان ڪري اها اسان جي مستقبل جا فيصلا ڪرڻ تي بضد آهي ۽ پنهنجو اهو اختيار ڪڏهن به انسان ڏانهن تفويض ڪرڻ جي حق ۾ نه آهي، البته انسان اهڙين ڪوششن ۾ ضرور آهي ته قدرت کان اهڙا اختيار پنهنجي هٿ وس ڪري ته جيئن کيس ڪنهن جي به ڪاڻ ڪڍڻي نه پوي. مگر اهو اڃان ممڪن نه آهي. سڀاڻي ڇا ٿيندو ڄاڻڻ جي خود مختياري اڃان انسان کي ناهي ملي سگهي. قدرت هر ڪنهن سان الڳ الڳ نموني سان نبيرو ۽ مقابلو ڪري رهي آهي. فطرت ڪڏهن به برابري جي بنياد تي فيصلا ڪونه ڪندي آهي. اهوئي سبب آهي جو عبادت جو رشتو به بندي ۽ خدا جو ذاتي آهي. جيئن خدا جو رويو هر انسان سان پنهنجو آهي، تيئن ئي انسان پنهنجي رب سان ڪيڏي مهل مشاورت ڪري، ڪيئن ڪري ۽ ڪيترو ڪري اهو بندي جي ذاتي ضرورت ۽ فعل آهي.
گرد وارو، مندر، مسجد، گرجا گهر، چرچ، امام بارگاهه ۽ اهڙيون ٻيون انيڪ عبادت گاهون جن اندر انسان پنهنجي من جي شانتي ڳوليندو آهي. سمورن عبادتن جو طريقيڪار الڳ ۽ ان جي ادائگي جو انداز جدا هوندو آهي. البته مٿو ٽيڪڻ يا سر نمائڻ سمورن عبادتن ۾ هڪ جهڙو آهي. ڪو گهنڊ وڄائي پنهنجي خدا کي جاڳائي ٿو ته ڪو باهه جي تپش سان پنهنجي پالڻهار کي بيدار ڪري ٿو، ڪير ڀڄنن سان سجاڳ ڪري ٿو ته ڪير وري ورد ڪري چوڪس ڪري ٿو، مطلب ته هر عقيدي ۾ پنهنجي پنهنجي طريقي سان عبادتون ڪيون وينديون آهن. پرستش ڪرڻ جو مقصد ساڳيو يعني ڀڳوان کي مڃائڻ آهي، ليڪن ان جا طريقا مختلف آهن، پوءِ اها بندگي مراقبي جي صورت ۾ هجي يا اجتماعيت جي شڪل ۾، اها بندگي سر جهڪائي ڪجي يا اکيون نمائي، اها ڀڳتي اوڙهيل بت سان ڪجي يا اوگهڙ واري حالت ۾ ڪجي. اها اطاعت سونهاري سان ڪجي يا مٿو ڪوڙائي عمل ۾ آڻجي. اعتڪاف ۾ ويهڻ، چلو ڪٽڻ، سجدي ۾ جهڪي ڪجي، گيسيون پائڻ ۽ پنهنجي رب کي راضي ڪرڻ لاءِ زارو قطار روئي ٻاڏائڻ سڀ عبادت جا طريقا آهن. مطلب ته انسان وقت، لباس ۽ شبيهه جي تبديلين سان خلقڻهار کي پنهنجي لاءِ آماده ڪرڻ ۾ هميشه جتن ڪندو رهندو آهي. ثنا خواني، راڳ، ڀڳت وجهڻ ۽ رقص جي صورت ۾ پڻ انسان پالڻهار کان معافي جو طلبگار رهندو آهي ۽ پنهنجي لاءِ سک، شانتي، صحت ۽ مرتبي لاءِ دعائون پندو رهندو آهي.
قدرت جو تعلق هر بندي سان ڌار ڌار آهي. جيئن هر فرد پنهنجي اندر ۾ هڪ الڳ وجود رکي ٿو تيئن ئي قدرت کيس هڪ الڳ دنيا جوڙي ڏني آهي. جنهن ۾ سندس شخصيت بلڪل مختلف صورت سان موجود هوندي آهي. ان صورت ۾ انسان جو قدرت سان رشتو به پنهنجي طبيعت، رويي ۽ سوچ وانگر ڌار هوندو آهي. قدرت ڏانهن مخاطب ٿيڻ ۽ پنهنجي ضرورت، ويچار ۽ انديشن جي روشني ۾ پنهنجي رب کي ٻاڏائڻ جي آزادي هر فرد جو حق آهي. هو پنهنجي خدا سان ڪهڙي نموني مخاطب ٿئي ٿو يا هو ڪهڙي انداز فڪر، طريقي ۽ رخ سان ڪيڏي مهل رجوع ڪري ٿو بشر کي اهو اڳ ئي ڪَٿي ڏيڻ، سندس اعصابن تي حاوي ٿيڻ مثل آهي. هونئن به بندي جو خدا سان نويڪلائي وارو رشتو نڀائڻ ڪنهن جي آرام ۾ خلل انداز نه ٿيندو آهي. ان انداز عبادت سان نه ڪنهن جو احساس مجروح ٿيندو آهي ۽ نه ئي ڪنهن جي دل آزاري ٿيندي آهي.
اسان کي اهو سمجهڻو پوندو ته اجتماعي عبادت کي سماجي فائدن سان منسلڪ ڪري، ماڻهن کي جماعت ڏانهن راغب ڪرڻ واري پرستش کي ٻيهر سمجهڻ جي ضرورت آهي. قدرت جي هر جاءِ تي موجودگي کان ڪير به انڪاري نه آهي ته پوءِ عبادت جي لاءِ مخصوص وقت ۽ جاءِ جي توثيق ڪنهن جي دلڀرائي آهي. جڏهن يقين کي من و عن تسليم ڪيو ويو آهي ته پوءِ منهنجو مخصوص عبادت جي طريقي سان جڙڻ ڇو ضروري آهي. منهنجو تعلق خدا سان جڙيل آهي ته ڪنهن جي گهنڊ وڄائي سڏڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي. جڏهن قدرت منهنجي بي وسيءَ کان واقف آهي ته پوءِ ٻاڏائڻ ۽ گڙگڙائڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ جڏهن خوديءَ جو احساس پيدا ڪرڻو آهي ته هٿ پکيڙڻ جو جواز ڇو سانڍڻو آهي. عقيدو ۽ عبادت بندي جو هڪ ذاتي عمل آهي، عقيدو هر انسان کي پنهنجي سماج ۽ پنهنجي ذاتي عمل ۽ تجربن جي روشني ۾ ملندو آهي. ان جو پنهنجي خدا سان نويڪلائي وارو رشتو هوندو آهي، ان کي اجتماعيت ڏانهن راغب ڪرڻ، پنهنجي بندگيءَ کي نمايان ڪرڻ وارو عمل يقينن مهذبپڻي کان ڪوهين دور وڃڻ مثل آهي. اهي فرد جيڪي ان عمل سان لاڳاپيل نه آهن يا اهي شخصيتون جيڪي پنهنجي خدا سان مختلف انداز فڪر سان جڙيل آهن، انهن سامهون بندگيءَ جو مخصوص طريقي سان اظهارڻ، ڪنهن جي دل آزاريءَ جو احاطو ڪري ٿو.
انسان جي صورت قدرت جو هڪ بهترين تحفو آهي، جيڪا نه صرف اسان کي سمورن انسانن کان الڳ ڪري بيهاريندي آهي بلڪه اسان کي پنهنجي سڃاڻپ پڻ عطا ڪندي آهي. صحتمند، جديد ۽ مهذب معاشرا پنهنجي شبيهه هميشه کليل ۽ واضح رکندا آهن ته جيئن سندن شناخت ٿي سگهي ۽ هو پنهنجي سڃاڻپ جوڙي معاشري ۾ پنهنجو هڪ الڳ مقام ٺاهي سگهن. ٻي سڃاڻپ انسان جي پنهنجي عمل سان جڙندي آهي، جيڪا وقتي به هوندي آهي ته دائمي يعني هميشه رهڻ واري به هوندي آهي. انسان جو اهو عمل جيڪو سندس ذاتي آهي، ليڪن اجتماعي فائدو پهچائي ٿو اهو يقينن سماج کي اڏڻ ۾ مدد ڪندو. ليڪن انسان جو اهو عمل جيڪو اجتماعي آهي، ليڪن صرف ذاتي فائدو پهچائڻ جي نيت سان ڪيو وڃي ٿو، سندس اهو فعل يقينن قابل مذمت آهي. اجتماعي پرستش هڪ اهڙو عمل آهي، جنهن جو مقصد اجتماعي انداز سان پيش ڪري ذاتي فائدو حاصل ڪرڻ هوندو آهي. دور قديم ۾ ته اها اجتماعي پريڪٽس پرميشور کي راضي ڪري لاءِ ڪئي ويندي هئي. ليڪن دور جديد ۾ اهو گڏيل عمل ڪيترو ڪارگر آهي ان جو فيصلو هر ذي شعور ماڻهو آسانيءَ سان ڪري سگهي ٿو. هن جديد دور ۾ دنيا جا سمورا معاشرا هڪٻئي جي اثر هيٺ آهن. جيڪڏهن اڃان به اسان جو سماج پنهنجي اڌ آباديءَ کي پنهنجي صورت يعني پنهنجي شناخت لڪائي هلڻ جو چوندو ۽ ان عمل سان گڏ پنهنجي رب کي راضي ڪرڻ واسطي وڏا وڏا اجتماع ڪندو ته يقينن اڳتي نڪري وڃڻ واري دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي نه هلي سگهندو. ان سان گڏ اهو به ياد رکڻ گهرجي ته ڪهڙي به عمل سان ٻئي جي زندگيءَ تي اثر انداز ٿيڻ وارو ڪم يقينن معاشري ۾ انارڪيءَ پيدا ڪندو آهي. خاص ڪري اعتقاد جا حساس معاملا تعصب جو باعث بڻبا آهن. اهڙي صورتحال ۾ اسان کي گهرجي ته پنهنجي بندگي جو انداز پاڻ تائين محدود رکون ۽ ٻئي جي عقيدي جو هميشه احترام ڪريون.