خاص

تقرري ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي، سينيئر ئي مٿي ايندو: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سينيئر ئي مٿي اچي اهو درست ناهي مقرري ۽ ترقي ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي. وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ پمز اسپتال جي نئين ايمرجنسي وارڊ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته پمز اسپتال جو نئون ايمرجنسي وارڊ عالمي معيارن موجب قائم ڪيو ويندو. هن چيو ته 1985ع کانپوءِ پهريون ڀيرو اسلام آباد ۾ نئين اسپتال ٺهي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اهو درست ناهي ته سينيئر ئي ٽاپ تي ايندو، جيڪڏهن سينيئر سٺو چيف ايگزيڪيوٽو نٿو بڻجي سگهي ته پوءِ بهترين کي مٿي آندو وڃي، مقرري ۽ پروموشن ميرٽ تي ٿيڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته جيترا وڌيڪ ماڻهو ميرٽ تي ڀرتي ڪيا ويندا اوترو معيار بلند ٿيندو، جيڪڏهن ميرٽ جي بالادستي کي يقيني بڻايو وڃي ته سرڪاري ادارا به معياري خدمتون فراهم ڪري سگهن ٿا.