جاپاني حملي جي خلاف مزاحمت جون پاليسيون عملي قدم ۽ امڪان (23 جولاءِ 1937) سنڌيڪار:فضاقريشي

لوڪ ڇيائو واقعي جي ٻئي ڏينهن 8 جولاءِ تي چين جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي مرڪزي ڪاميٽيءَ، سموري قوم جي نانءُ هڪ منشور جاري ڪيو هو، جنهن ۾ جنگِ مزاحمت جي اپيل ڪئي وئي هئي.

ان منشور جي هڪڙي حصي ۾ اهو چيو ويو هو ته:

”هم وطنو! پئي ڦينگ ۽ ٿيئن چن خطري ۾ آهن! اتر چين خطري ۾ آهي! چيني قوم خطري ۾ آهي! هاڻ نجات جي راهه اهائي آهي ته سموري قوم جنگِ مزاحمت ۾ حصو وٺي. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته حملا آور جاپاني فوجن جي خلاف، بنا ڪنهن دير مضبوط مزاحمت ڪئي وڃي ۽ هر قسم جي هنگامي حالتن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ بنا دير، تياريون شروع ڪيون وڃن. مٿي کان وٺي هيٺ تائين رهندڙ سموري قوم کي اهو خيال ذهن مان هڪدم ڪڍي ڦٽو ڪرڻ گهرجي ته جاپاني دهشتگردن سان گڏ اطاعت گذاريءَ ۽ امن سان گهاري سگهجي ٿو. هم وطنو! اسان کي فنگ چي آن جي فوجن جي بهادراڻي مزاحمت جي تعريف ۽ حمايت ڪرڻ گهرجي. اسان کي اُتر چين جي مقامي آفيسرن جي ان اعلان جي تعريف ۽ حمايت ڪرڻ گهرجي جنهن ۾ هنن واضح چيو آهي ته هو مادر وطن جو آخري دم تائين دفاع ڪندا. اسين مطالبو ٿا ڪريون ته جنرل سونگ چه يوان، پوري اوڻٽيهين فوج 2 کي بنا دير متحرڪ ۽ منظم ڪري لڙائيءَ لاءِ محاذ تي موڪلي. اسين نانڪنگ جي مرڪزي حڪومت کان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته: اوڻٽيهين فوج کي موثر امداد ڏيو. عوام جي محبِ وطن تحريڪ تان پابندي فورن ختم ڪريو ۽ عوام کي جنگ مزاحمت لاءِ پنهنجي جوش ۽ ولولي کي پوريءَ طرح ظاهر ڪرڻ لاءِ موقعو ڏيو. ملڪ جي سموري بري، بحري ۽ هوائي فوجن کي لڙائيءَ بنا ڪنهن دير متحرڪ ۽ منظم ڪريو چين جي سمورن ڍڪيل ڇپيل قومي غدارن، وطن فروشن ۽ جاپاني دهشتگردن جي ايجنٽن جو فورن صفايو ڪريو ۽ اهڙيءَ طرح پنهنجي پُٺ کي مضبوط ڪريو. اسين سموري ملڪ جي عوام کي اپيل ٿا ڪريون ته اهي جاپان جي خلاف پنهنجي بچاءُ جي عظيم جنگ لاءِ تمام توانائين سميت ڪم ڪن. اسان جا نعرا هي آهن: پئي ڦينگ، ٿيئن چن ۽ اتر چين جو هٿياربند بچاءُ ڪريو! پنهنجي وطن جو آخري دم تائين بچاءُ ڪريو! سموري ملڪ جي عوام، حڪومت ۽ هٿياربند فوجون متحد ٿي وڃو ۽ جاپاني دهشتگرديءَ خلاف مزاحمت لاءِ قومي متحده محاذ جي هڪ مضبوط ”ديوارِ چين“ اڏيو! ڪومنتانگ ۽ ڪميونسٽ پارٽي هڪ ٻئي سان پوريءَ طرح تعاون ڪري، جاپاني دهشتگردن جي نون حملن خلاف مزاحمت ڪن! جاپاني دهشتگردن کي چين مان تڙي ڪڍو! اها هڪ پاليسي آهي.

17 جولاءِ تي محترم چيانگ ڪائي شيڪ، لوشان ۾ هڪڙو بيان جاري ڪيو، جنهن ۾ مزاحمتي جنگ جي تياري ڪرڻ واري پاليسيءَ جو اعلان ڪيو ويو آهي. هي بيان سالن کانپوءِ امورِ خارجه بابت ڪومنتانگ جو پهريون حقيقت تي ٻڌل اعلان هو، انهيءَ ڪري اسان ۽ اسان جي تمام هم وطنن انهيءَ کي ڀليڪار چيو آهي. ان بيان ۾ لوڪو ڇيائو واقعي جي حتمي فيصلي يا ٺاهه لاءِ چار شرط پيش ڪيا ويا آهن:

  1. ڪنهن به حتمي فيصلي يا ٺاهه سان چين جي اعليٰ اقتدار ۽ علائقائي سالميت کي ڪوبه نقصان نه پهچڻ گهرجي.
  2. هپي ۽ ڇاهار صوبن جي انتظامي ڍانچي ۾ ڪابه غير قانوني تبديلي نه ڪئي وڃي.
  3. مرڪزي حڪومت جا مقرر ڪيل مقامي آفيسر، ڪنهن ٻئي جي چوڻ تي هرگز برطرف نه ڪيا وڃن يا سندن جاءِ تي نوان آفيسر مقرر نه ڪيا وڃن.
  4. اوڻٽيهين فوج اڄڪلهه جنهن علائقي ۾ موڪليل آهي، کيس فقط ان علائقي تائين محدود نه ڪيو وڃي.

حڪومت لوڪو ڇيائو واقعي بابت جيڪا پاليسي ۽ موقف اختيار ڪيو آهي، انهيءَ تي سدائين قائم رهندي اسان کي ان ڳالهه جو احساس آهي ته جڏهن سموري قوم سراپا احتجاج ٿيندي ته انهيءَ وقت آخري دم تائين قربانين جي ضرورت هوندي ۽ اسان کي ڪنهن به آسان راهه جي ذري برابر اميد به نه ڪرڻ گهرجي. جيڪڏهن جنگ شروع ٿئي ٿي ته هر شخص کي، هر ٻڍي ۽ جوان کي، پوءِ ڀلي اهو اتر ۾ هجي يا ڏکڻ ۾، پنهنجي وطن جي حفاظت ۽ جاپان خلاف مزاحمت جي ذميواري سنڀالڻ گهرجي. اها به هڪ پاليسي آهي.

لوڪو ڇيائو واقعي بابت هي ٻه تاريخي سياسي اعلان آهن، هڪڙو ڪميونسٽ پارٽيءَ جي طرفان ۽ ٻيو ڪومنتانگ جي طرفان ٻنهي ۾ هڪڙي ڳالهه ساڳي آهي ته ٻئي ثابت قدميءَ سان مزاحمتي جنگ جي حق ۾ آهن ۽ ٻئي ڪنهن به سمجهوتي ۽ لالچ جي مخالفت ڪن ٿا.

اها جاپان حملي خلاف مقابلي ڪرڻ جي هڪ پاليسي آهي، صحيح پاليسي! پر هڪ ٻي پاليسيءَ جي اختيار ڪرڻ جو امڪان پڻ موجود آهي. ويجهڙ وارن ڪجهه مهينن ۾ پئي ڦينگ ۽ ٿيئن چن ۾ قومي غدار ۽ جاپان نواز عنصر ڪافي سرگرم رهيا آهن. اهي ان ڳالهه جي ڪوشش ڪندا رهيا آهن ته مقامي اعليٰ آفيسر، جاپان جا مطالبا منظور ڪن. اهي مضبوط مزاحمتي جنگ جي پاليسيءَ کي ڇيهو رسائين ٿا ٺاهه ڪرڻ ۽ لالچن جي آڇ ڏيڻ جي وڪالت ڪن ٿا. اهي انتهائي خطرناڪ نشانيون آهن.

ٺاهه ۽ آڇون قبول ڪرڻ واري پاليسي، مزاحمتي جنگ جي پاليسيءَ جي بلڪل ابتڙ آهي. جيڪڏهن ان کي جلدي نه بدلايو ويو ته پئي ڦينگ، ٿيئن چن ۽ سڄو اتر چين دشمنن جي چنبن ۾ هليو ويندو ۽ سموري قوم وڏي خطري جي ور چڙهي ويندي هر ماڻهوءَ کي ان صورتحال بابت هوشيار رهڻ گهرجي.

اوڻٽيهين فوج جا محب وطن آفيسرو ۽ سپاهيو، متحد ٿي وڃو! سمجهوتن ۽ آڇن جي مخالفت ڪريو ۽ ثابت قدميءَ سان مزاحمتي جنگ وڙهو! پئي ڦينگ، ٿيئن چن ۽ اتر چين جا وطن پرستو، هڪ ٿي وڃو! محترم چيانگ ڪائي شيڪ ۽ ڪومنتانگ جا هڙئي محب وطن ميمبرو! اسين اميد ٿا ڪريون ته اوهين پنهنجي پاليسيءَ تي ثابت قدم رهندئو، پنهنجا واعدا پورا ڪندئو، سمجهوتن ۽ آڇن جي مخالفت ڪندئو، مضبوطيءَ سان ڄمي مزاحمتي جنگ ڪندئو ۽ اهڙيءَ ريت دشمن جي ڪارروائين جو جواب عمل سان ڏيندئو. سرخ فوج سميت ملڪ جي سڄي هٿياربند فوج کي متحرم چيانگ ڪائي شيڪ جي اعلان جي حمايت ڪرڻ گهرجي، سمجهوتن ۽ آڇن جي مخالفت ڪرڻ گهرجي ۽ ڄمي مضبوطيءَ سان مزاحمتي جنگ وڙهڻ گهرجي.

اسين ڪميونسٽ سچيءَ دل ۽ نيڪ نيتيءَ سان پنهنجي منشور تي عمل پيرا آهيون ۽ انهيءَ سان گڏوگڏ اسين محترم چيانگ ڪائي شيڪ جي اعلان جي مضبوط حمايت ڪريون ٿا. ڪومنتانگ جي مڙني ميمبرن ۽ پنهنجي سموري هم وطنن سان ملي اسين پنهنجي ملڪ جي بچاءُ لاءِ پنهنجي خون جو آخري ڦڙو به وهائڻ لاءِ تيار آهيون. اسين هر قسم جي مونجهه، ٻڏتر، سمجهوتي ۽ لالچ جي مخالفت ڪريون ٿا ۽ اسين ثابت قدميءَ سان مزاحمتي جنگ وڙهنداسين.

  1. حڪمتِ عمليءَ جا ٻه مجموعا:

مضبوط مزاحمتي جنگ جي پاليسيءَ جي مقصد جي تڪميل لاءِ حڪمت عمليءَ جي هڪڙي پوري مجموعي جي ضرورت آهي.

اها ڪهڙي حڪمت عملي آهي؟ ان جون خاص خاص ڳالهيون هيٺيون آهن:

(1) پوري ملڪ جي سموري هٿياربند فوج کي متحرڪ ۽ منظم ڪيو وڃي. اسان جي ويهن لکن کان وڌيڪ هميشه رهندڙ هٿياربند فوج جنهن ۾ زميني، سامونڊي ۽ هوائي فوجون، مرڪزي فوج، مقامي فوج ۽ سرخ فوج شامل آهن، تن کي متحرڪ ۽ منظم ڪيو وڃي ۽ اصل فوجن کي هڪدم قومي بچاءُ جي محاذن تي اماڻيو وڃي ۽ ڪجهه فوجن کي نظم ۽ ضبط قائم رکڻ لاءِ پٺيان رکيو وڃي. محاذن تي اهي جرنيل ڪمان سنڀالين، جيڪي قومي مفادن سان سچا هجن. اسٽريٽجي يا حڪمت عمليءَ جو فيصلو ڪرڻ ۽ فوجي ڪارروائين ۾ گڏيل مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ قومي بچاءُ جي ڪانفرنس ڪوٺائي وڃي. فوج ۾ سياسي ڪم جي اصلاح ڪئي وڃي ته جيئن آفيسرن ۽ سپاهين وچ ۾ اتحاد قائم ٿي سگهي. اهو اصول لاڳو ڪيو وڃي ته گوريلا جنگ اسٽريٽجڪ فرض جي هڪڙي پاسي جي ذميواري سنڀالي ته جيئن گوريلا جنگ ۽ باقاعدي جنگ جي وچ ۾ ڳانڍاپي کي يقيني بڻائي سگهجي. فوج مان قومي غدارن جو خاتمو ڪيو وڃي. ريزرو يا پاڇي ڪيل دستن جي ڪافي تعداد کي گهرايو وڃي ۽ کين محاذ تي موڪلڻ لاءِ تربيت ڏني وڃي. هٿياربند فوجن جي ساز و سامان ۽ کاڌ خوراڪ جي کوٽ کي ضرورت پٽاندر پورو ڪيو وڃي. مضبوط مزاحمتي جنگ جي عام پاليسيءَ کي نظر ۾ رکندي، انهيءَ مطابق فوجي منصوبا ٺاهيا وڃن. چين وٽ فوجن جي ڪا کوٽ ڪانهي، پر جيستائين انهيءَ منصوبي تي عمل نٿو ٿئي تيستائين اهي دشمن کي شڪست نٿيون ڏيئي سگهن. جيڪڏهن سياسي ۽ مادي عواملن کي پاڻ ۾ ڳنڍيو وڃي ته اسان جي هٿياربند فوج اوڀر ايشيا جي بي مثال فوج بڻجي ويندي.

(2) سموري عوام کي متحرڪ ۽ منظم ڪيو وڃي. وطن دوست تحريڪن تان پابندي هٽائي وڃي. سياسي قيدين کي رها ڪيو وڃي. ري پبلڪ کي خطري ۾ وجهندڙ سرگرمين جي ٽوڙ بابت هنگامي حڪمن ۽ پريس سينسرشپ جي قاعدن کي رد ڪيو وڃي، موجود وطن دوست تنظيمن کي قانوني حيثيت ڏني وڃي، انهن تنظيمن جو دائرو وڌائي مزدورن، هارين، واپارين ۽ دانشورن تائين ڦهلايو وڃي ۽ عوام کي پنهنجي حفاظت ۽ فوج جي مدد ۽ حمايت جي ڪاررواين لاءِ هٿياربند ڪيو وڃي. مختصر اهو ته عوام کي پنهنجي حب الوطنيءَ جي اظهار جي آزادي ڏني وڃي. عوام ۽ فوج ملي پنهنجي گڏيل قوت سان جاپاني سامراج کي ٽوٽا چٻائيندا. ان ۾ شڪ جي ڪا گنجائش ئي ڪونهي ته قومي جنگ ۾ عوام تي ڀروسو ڪرڻ کانسواءِ فتح نا ممڪن آهي. اسان کي ايبي سينيا جي شڪست مان سبق حاصل ڪرڻ گهرجي. جيڪو ماڻهو مضبوط مزاحمتي جنگ وڙهڻ بابت سچو آهي سو ان نقطي کي نظر انداز ڪري نٿو سگهي.

(3) سرڪاري ڍانچي ۾ اصلاح ڪئي وڃي. رياستي ماهرن جي گڏيل انتظام لاءِ تمام سياسي پارٽين ۽ گروپن جي نمائندن ۽ عوامي ليڊرن کي حڪومت ۾ شامل ڪيو وڃي ۽ حڪومت جي اندر جيڪو جاپان نواز ٽولو ۽ قومي غدار لڪا ويٺا آهن، انهن کي صاف ڪيو وڃي ته جيئن حڪومت ۽ عوام هڪ ٿي سگهن. جاپان خلاف مزاحمت هڪ وڏو ڪم آهي، جنهن کي چند ماڻهو پورو ڪري نٿا سگهن. جيڪڏهن انهن ان معاملي کي پنهنجن ئي هٿن ۾ رکڻ تي زور ڏنو ته اهي ضرور ان کي ڦٽائي ڇڏيندا. جيڪڏهن حڪومت کي قومي بچاءُ جي حقيقي حڪومت ٿيڻو آهي پوءِ ان کي عوام تي ڀاڙڻو پوندو ۽ جمهوري مرڪزين تي عمل ڪرڻو پوندو. کيس ساڳئي وقت جمهوريت ۽ مرڪزيت کي گڏ کڻي هلڻو پوندو. انهيءَ قسم جي حڪومت سڀ کان وڌيڪ مضبوط حڪومت هوندي آهي. قومي اسيمبلي صحيح معنيٰ ۾ عوام جي نمائندگي ڪندڙ هئڻ گهرجي. سندس حيثيت اقتدار جي سڀ کان مٿانهين اداري واري هئڻ گهرجي. کيس رياست جون وڏيون وڏيون پاليسيون طئي ڪرڻ گهرجن ۽ جاپان خلاف مزاحمت ڪرڻ ۽ قوم کي بچائڻ بابت پاليسيون ۽ منصوبا طئي ڪرڻ گهرجن.

(4) سهولت نه ڏني وڃي، بلڪه ان جي ابتڙ سندن جائيدادون ضبط ڪرڻ گهرجن، سندن ورتل قرض ادا نه ڪيا وڃن، سندن ڇاڙتن جو پڻ صفايو ڪيو وڃي ۽ سندن جاسوسن کي ڪڍي ٻاهر ڪرڻ گهرجي. سوويت يونين سان به هڪدم هڪڙو قومي ۽ سياسي معاهدو ڪرڻ گهرجي ۽ ساڻس گهاٽو اتحاد قائم ڪيو وڃي. ڇاڪاڻ جو اهو هڪڙو اهڙو ملڪ آهي جيڪو سڀ کان وڌيڪ اعتماد جي قابل ۽ سڀ کان وڌيڪ طاقتور آهي ۽ جاپان جي خلاف مزاحمت ۾ چين جي مدد ڪرڻ جي سڀ کان وڌيڪ صلاحيت پڻ رکي ٿو. جاپان جي خلاف مزاحمت لاءِ برطانيه، آمريڪا ۽ فرانس جي همدردي حاصل ڪرڻ گهرجي ۽ انهن کان مدد وٺڻ گهرجي، پر شرط اهو آهي ته انهيءَ ڪري اسين ڪو علائقو وڃائي نه ويهون يا وري اسان جا خود مختياريءَ وارا حق ڦٻائجي نه وڃن، جاپاني حملا آورن کي شڪست ڏيڻ لاءِ اسان کي گهڻو ڪري پنهنجي طاقت تي دارو مدار رکڻ گهرجي، پر غير ملڪي امداد کي غير ضروري نه سمجهڻ گهرجي ۽ سڀني کان الڳ ٿي رهڻ واري پاليسيءَ مان صرف دشمن کي ئي فائدو رسندو.

(5) عوام جي معاشيات کي بهتر بنائڻ جي پروگرام جو اعلان ڪرڻ گهرجي. شروعات ۾ گهٽ ۾ گهٽ هيٺيان قدم کنيا وڃن: ڳاٽي ٽوڙ ٽيڪس ۽ مختلف قسمن جا محصول ختم ڪيا وڃن، مزدورن جي ڏهاڙي وڌائي وڃي، وياج تي پابندي مڙهي وڃي، ڍلن ۾ گهٽتائي ڪئي وڃي، سپاهين ۽ ننڍن آفيسرن جي معاشي حالت بهتر ڪئي وڃي، دفتري ڪارڪنن جي رهڻي ڪهڻي بهتر بڻائي وڃي ۽ قدرتي آفتن متاثرن جي مدد ۽ سهائتا ڪئي وڃي. ڪافي ماڻهن جو دليل صحيح ڪونهي ته انهن نون قدمن سان ملڪ جو مالياتي نظام اچي پٽ پوندو. انهيءَ جي برعڪس انهن نون قدمن سان عوام جي خريدڻ جي قوت وڌنڌي ۽ تجارت ۽ مالي حالات بهتر ٿيندا. انهن قدمن سان جاپان جي خلاف مزاحمت لاءِ اسان جي طاقت ۾ بي پناهه اضافو ٿيندو ۽ حڪومت جون جڙون مضبوط ٿينديون.

(6) قومي دفاع جي تعليم شروع ڪئي وڃي. موجوده تعليمي پاليسي ۽ نظام ۾ بنيادي طور تي اصلاح ڪئي وڃي. اهڙا مڙئي منصوبا جن جي فوري طور ضرورت ڪونهي ۽ اهڙا مڙئي قدم جيڪي اڻوڻندڙ آهن، ختم ڪرڻ گهرجن. اخبارون، ڪتاب ۽ رسالا، فلمون، ڊراما، ادب ۽ فن انهن سڀني کي قومي دفاع جي تابع رهڻ گهرجي، غدارانه پروپيگينڊي تي پابندي مڙهڻ گهرجي.

(7) جاپان جي خلاف مزاحمت جون مالي ۽ اقتصادي پاليسيون اختيار ڪيون وڃن. مالي پاليسي ان اصول تي جڙيل هجي ته جن وٽ ناڻو آهي سو ناڻو ڏين ۽ جاپاني سامراجين ۽ چيني غدارن جون ملڪيتون ضبط ڪيون وڃن ۽ اقتصادي پاليسي ان اصول تي قائم ٿيڻ گهرجي ته جاپاني مال جو بائيڪاٽ ڪيو وڃي ۽ ديسي مال کي فروغ ڏنو وڃي. اسان جو هر عمل جاپان خلاف مزاحمت جي خاطر هئڻ گهرجي. مالي مشڪلون، غلط فيصلن ۽ قدمن جي پيداوار آهن، ان قسم جون نيون پاليسيون جيڪي عوام جي مفادن جا تقاضا پورا ڪنديون هجن، اختيار ڪرڻ کانپوءِ ان تي يقينن قابو حاصل ڪري سگهجي ٿو. اهو چوڻ سراسر بي معنيٰ آهي ته هي ملڪ جنهن جي ايراضي ۽ آبادي ايڏي وڏي آهي، سو مالي ۽ اقتصادي طور تي بيوس ۽ مجبور آهي.

(8) قومي متحده محاذ جي مضبوط ”ديوارِ چين“ اڏڻ لاءِ سڄي چيني عوام، حڪومت ۽ مسلح فوج کي متحد ڪيو وڃي، مزاحمت جنگ جي پاليسي ۽ مٿي ڄاڻايل قدمن کي لاڳو ڪرڻ جو دارو مدار انهيءَ متحده محاذ تي آهي. انهيءَ سلسلي ۾ ڪومنتانگ ۽ ڪميونسٽ پارٽيءَ جي وچ ۾ ويجهڙائپ ۽ تعاون بنيادي حيثيت رکن ٿا. حڪومت، فوج، سڀئي سياسي پارٽيون ۽ سموري عوام کي انهن ٻنهي پارٽين وچ ۾ ان قسم جي تعاون جي بنياد تي متحد ٿيڻ گهرجي، ”قومي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ نيڪ نيتيءَ سان اتحاد قائم ڪريو“ وارو نعرو سکڻو نعرو نه هئڻ گهرجي، پر ان جو مظاهرو عمده عمل ذريعي هئڻ گهرجي، اتحاد حقيقي هئڻ گهرجي، مڪر ۽ دهوکي بازيءَ سان ڪم نه هلندو. رياستي مامرن کي هلائڻ لاءِ وڏي دل ۽ وڏي نظر ڌارڻي پوندي. پتڪڙين ڳالهين تي زور ڏيڻ ڪريل حرفتون هلائڻ، وڏيرائپ مان ڪجهه به حاصل نه ٿيندو. اهڙيون حرفتون دشمن خلاف ته بلڪل بي سود ۽ بي اثر آهن، پر پنهنجي هم وطنن تي به انهن جو استعمال کل جوڳو ثابت ٿيندو. هر مامري ۾ ڪجهه وڏا ۽ ڪجهه ننڍا اصول هوندا آهن ۽ مڙئي ننڍا اصول وڏن اصولن جي تابع هوندا آهن. اسان جي هم وطنن کي وڏن اصولن جي روشنيءَ ۾ مامرن تي احتياط سان غور ڪرڻ گهرجي. ڇاڪاڻ جو فقط انهيءَ ريت ئي اهي پنهنجي سوچ ويچار ۽ عمل جو صحيح تعين ڪري سگهن ٿا. اڄ جنهن به شخص جي من ۾ اتحاد جي ڪا سچي خواهش پيدا ناهي ٿي انهيءَ کي رات جي ماٺار ۾ پنهنجي ضمير کان پڇاڻو ڪرڻ گهرجي ۽ شرم محسوس ڪرڻ گهرجي، پوءِ ڀلي ڪو ٻيو کيس کڻي ڪجهه به نه چئي. مٿي ڄاڻايل قدمن کي مضبوط جنگ مزاحمت جو اٺ نقاطي پروگرام چئي سگهجي ٿو. جنگ مزاحمت جي پاليسيءَ سان گڏ انهيءَ پروگرام جو هئڻ ضروري آهي جي نه ته ڪاميابي ماڻي نه سگهبي ۽ چين طرف جاپان جي جارحيت ڪڏهن به ختم ڪا نه ٿيندي، جڏهن ته چين بيوس ٿي ويندو ۽ پوءِ شل ايبي سينيا جهڙي حشر کان بچي سگهي.

جيڪو شخص مضبوط مزاحمت جنگ جي پاليسيءَ بابت مخلص آهي، تنهن لاءِ لازمي آهي ته اهو انهيءَ قدمن جي مجموعي يعني اٺ نقاطي پروگرام کي عملي جامو پارائي اهو ثابت ڪري ته هو مضبوط مزاحمتي جنگ بابت مخلص آهي يا ڪونهي. ان جي سڃاڻپ اها آهي ته هو انهيءَ اٺ نقاطي پروگرام کي مڃي ٿو يا نه ۽ انهيءَ کي عملي جامو پارائي ٿو يا نه! هڪ ٻيو پروگرام به آهي، جيڪو هر لحاط کان هن پروگرام جي ابتڙ آهي ۽ اهو آهي هٿياربند فوج کي پوريءَ طرح متحرڪ ۽ منظم ڪرڻ بدران انهن کي غير متحرڪ ڪرڻ يا پٺيان ڌڪڻ. عوام کي آزادي ڏيڻ بدران انهيءَ تي ظلم ۽ ستم ڪرڻ، جمهوري مرڪزيت جي بنياد تي قومي بچاءُ جي حڪومت قائم ڪرڻ بدران افسر شاهي ۽ وڏن زميندارن جي من ۽ مستيءَ واري حڪومت قائم رکڻ، جاپان خلاف مزاحمت جي خارجه پاليسي اختيار ڪرڻ بدران ان جي چاپلوسي ڪرڻ جي خارجه پاليسي اختيار ڪرڻ، عوام جي معاش کي بهتر بنائڻ بدران ڦرلٽ جاري رکڻ جنهن سبب اهي پنهنجي ڏکن ۽ مصيبتن جي بار هيٺ پيا رڙن ۽ جاپان خلاف مزاحمت جي سڪت ئي وڃائي ويٺا آهن. قومي بچاءُ جي تعليم شروع ڪرڻ بجاءِ قومي غلاميءَ جي تعليم ڏيڻ، جاپان خلاف مزاحمت جي مالي ۽ اقتصادي پاليسين اختيار ڪرڻ بدران انهن ئي پراڻين يا ان کان به بدتر مالي ۽ اقتصادي پاليسيون اختيار ڪرڻ جن سان اسان جي ملڪ بدران دشمن کي فائدو پهچندو آهي. جاپان دشمن قومي متحده محاذ جي ”ديوارِ چين“ تعمير ڪرڻ بدران انهيءَ کي جهڪو ڪرڻ يا اتحاد بابت غلط ڳالهيون ڦهلائڻ، پر ان کي ترقي ڏيڻ لاءِ ڪجهه نه ڪرڻ، عمل جو سر چشمو پاليسي هوندي آهي. جيڪڏهن پاليسي عدم مزاحمت جي آهي ته سڀني قدمن مان عدم مزاحمت ئي نظر ايندي. گذريل ڇهن سالن ۾ اسان اهو ئي سبق پرايو آهي. جيڪڏهن پاليسي مضبوط مزاحمت جي آهي ته اهو ضورري آهي ته ان پاليسيءَ موجب مناسب قدم کنيا وڃن يعني اٺ نقاطي پروگرام تي عمل ڪيو وڃي.

  1. ٻه امڪان:

امڪان ڇا آهن؟ هر شخص انهيءَ بابت فڪر مند آهي. جي پهرين پاليسيءَ تي هلون ۽ پهرين قدمن کي اختيار ڪيون ته امڪان يقيني طور اهو ٿيندو ته جاپاني سامراج کي ڪڍي ڦٽو ڪبو ۽ چين جي آزادي نصيب ٿيندي. ڇا ان سلسلي ۾ اڃان به ڪا شڪ جي باقي گنجائش رهي آهي؟

جي ٻي پاليسيءَ تي هلون ۽ قدمن جو ٻيو مجموعو اختيار ڪريون ته امڪان يقيني طور اهوئي ٿيندو ته جاپاني سامراج چين تي قبضو ڪري وٺندو جنهن جي نتيجي ۾ چيني عوام غلام ۽ پڇ لٽڪائو جانور مثل بڻجي پوندا. ڇا انهي سلسلي ۾ به اڃان ڪو شڪ آهي. هڪ ڀيرو ٻيهر منهنجو خيال آهي ان ۾ به هاڻي شڪ جي ڪابه گنجائش باقي نٿي رهي.

حاصل مطلب اهو ضروري آهي ته پهرين پاليسيءَ تي عمل ڪيو وڃي ۽ پهريان عملي قدم اختيار ڪيا وڃن.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments