سائين مزمل سائر کي جنم ڏينهن جون واڌايون
ھُو ڀلي هينئر پاڪستان ايڊمنسٽريٽِو سروِسز ۾ آفيسر آھي، پر سندس رَڳن ۾ اڄ به پيغمبري پيشي جو جنون ڊوڙي ٿو. ھُو ھڪ بھترين آفيسر ھئڻ سان گڏوگڏ ھڪ بھترين استاد به رھيو آھي، پر جنھن عھدي تي اڄ ھُو فائز آھي، ھِن عھدي تي پھچڻ کانپوءِ چڱا ڀلا ڪنهن کي ليکين ئي ڪونه، پر هن وڏي عھدي تي فائز ھجڻ باوجود به منجهس ذري برابر گھمنڊ پيدا نه ٿيو آهي. هن شخص پنھنجي زندگيءَ جو اڌ حصو تعليم کي ڏنو آھي. ھُن آسٽريليا جھڙي ترقي يافته ملڪ ۾ به بطور انگريزي استاد طور پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون آھن. ھُن جي وسيع ڄاڻ جي ڪري نه رڳو سندس اهي شاگرد جن جو تعلق پاڪستان سان آهي، پر سندس آسٽريليا جا شاگرد به سندس شخصيت ۽ علم جا مداح آھن. تعليم جي ميدان ۾ ھُن سچ ته پنھنجو پاڻ ملھايو آھي. ھُن پنھنجي ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول مان ورتي. حيدرآباد مان اِنٽرميڊئيٽ پاس ڪري، سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان بِي. اي ۽ پوءِ ايم. اي انگريزي ادب جي ڊگري حاصل ڪئي. 2016 ۾ چيوننگ اسڪالرشپ وارو امتحان پاس ڪري، آسٽريليا ويو ۽ اُتان جي سَري يونيورسٽي(Surrey University) مان ايم. ايس. سي مئنيجمينٽ ڪيائين. پاڻ ڪيترائي سال اتي انگريزي پڙھائيندو رھيو ۽ آسٽريليا جي مشھور يونيورسٽي Monash University ۾ به انگريزيءَ جي استاد طور ڪم ڪندو رھيو آھي.
ڪيترائي ماڻھو چٽاڀيٽيءَ واري امتحان، (CSS) جو نالو ٻُڌي پريشان ٿي پون ٿا، پر ھُن سي. ايس. ايس جھڙي ملڪي سطح جي چٽاڀيٽيءَ واري امتحان کي ھڪ ڀيرو نه، پر ٻه کان ٽي ڀيرا پاس ڪيو. پاڻ ضلعي سکر ۽ بينظيرآباد ۾ ڊپٽي ڪمشنر ۽ ايڊيشنل ايجوڪيشن سيڪريٽري جي عھدي تي فائز ٿي ڪري پنھنجو پاڻ مڃرايو آھي. اُن کان پھرين، ھُو سنڌ ۾ مختلف عھدن تي مقرر رهيو آھي، جنھن ۾ ھُن بطور ڊي. ڊي. او (روينيو) ميرپورخاص ۽ پوءِ ڪراچي ۾ پنھنجون خدمتون سَرانجام ڏنيون. اُن کانسواءِ، ھُن ٻه سال چيف سيڪريٽري سنڌ جو اسٽاف آفيسر، ضلعي ڄامشوري جو اي. ڊي. او فنانس، سنڌ سمال انڊسٽريز جو ايم. ڊِي ۽ ڊائريڪٽر فوڊ طور سنڌ ۾ خدمتون سَرانجام ڏنيون آھن. اڄ بلوچستان صوبي ۾ ايڊيشنل ايجوڪيشن سيڪريٽري طور مقرر آهي.
ادبي گھراڻي ۾ پيدا ٿيڻ ۽ پرورش ٿيڻ ڪري، ھڪ نامياري تعليمدان ھجڻ سان گڏوگڏ ھُو ھڪ شاعر، ترجمي نگار، ڪھاڻيڪار، ذھين نقاد ۽ ليکڪ به آھي. سنڌي، اردو، انگريزي سان گڏوگڏ کيس فارسي ٻوليءَ تي به سٺي دسترس حاصل آھي. سنڌيءَ ۾ سندس پھريون شاعريءَ جو مجموعو ”سدا سائر سِير ۾“ 2001 ۾ شايع ٿيو، جنھن تي کيسSGA سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن طرفان مڃتا ايوارڊ سان نوازيو ويو. 2011 ۾ آمريڪا جي آٿر ھائوس پبلشرز پاران سندس انگريزي شاعريءَ جي مجموعي جو ڪتاب، “SILENCE OF THE PIANO SINGS” کي ڇپايو ويو، جيڪو انگريزيءَ تي زبردست دسترس ھجڻ جو مثال آھي. 2014 ۾ سندس ٻيون شاعريءَ جو مجموعو، ”کٿوري کيپ کيتر ۾“ سنڌيڪا اڪيڊميءَ طرفان ڇپايو ويو، جنھن کي سنڌ ۾ ئي شايع ڪيو ويو. ان کانپوءِ، سندس نئون شاعريءَ جو ڪتاب، ”روح جي گرئفٽِي“، جيڪو صرف نظمن جو نه بلڪه ھُن جي خيالن جي اُڏام ۽ گھرائي، سوچن، تصورن ۽ لفظن جو ڪُلاج آھي، سو به 2020 ۾، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي پاران ڇپايو ويو.
2 آگسٽ 1975 تي هٽڙي، ضلعي حيدرآباد ۾ نامياري اديب عبدالحفيظ هاليپوٽي جي گھر ۾ جنم وٺندڙ انھي نوجوان شاعر، ڪھاڻيڪار ۽ بھترين استاد جو جنم ڏھاڙو آھي، جنھن کي اسين مزمل سائر جي نالي سان سڃاڻون ٿا. سائينءَ کي کوڙ سارين دعائن سان گڏ سندس جنم ڏينھن جون اَڪيچار مبارڪون. لَو يو، سَرَ. آباد ھجو.
***