بلاگ

سجاول ضلعو ۽ بيوس ماڻهو

جڏهن

 سمورا اداره بيوس بڻيل هجن، ڪير به دانهن ٻڌڻ وارو نه هجي، هر آفيس ۾ راڪاس ڇانيل هجي، ڪنهن جي پرچي ۽ فون کانسواءِ ڪم نه ٿئي اهو چئي آفيس مان موٽائي ڇڏجي ته صاحب وڏو مٽينگ ۾ آهي، جتي اسپتالون ڪوس گهر بڻيل هجن، ٿاڻا وڏيرن جي چرچ تي هلندڙ هجن، ضلعي جو وڏو آفيسر به غير فعال هجي، پوءِ ڇا هن ضلعي ۾ ڪنهن غريب مسڪين ۽ لاچار ماڻهو کي ڪو فيض حاصل ٿي سگهندو. ها ان ضلعي جي ڳالھ ڪري رهيو آهيان جيڪو پاڻ پنج تعلقن تي مشتمل آهي جنهن ۾ جاتي، سجاول، کارو ڇاڻ، بٺورو ۽ شاهبندر شامل آهن. سجاول ضلعي کي هڪ ايم اين اي، چار ايم پي اي مليل آهن، جنهن مان ٻه ايم پي اي چونڊيل آهن، ٻه مخصوص سيٽ تي منتخب ٿيل آهن ۽ انهيءَ مان هڪ ايم پي اي سنڌ اسيمبلي جو اسپيڪر پڻ آهي، پر سجاول ضلعو ترقياتي ڪمن کان بلڪل وانجهيل آهي، ڪوبه ترقياتي ڪم نظر نٿو اچي، جيڪڏهن ڪو ڪم ٿيو به هوندو ته اهو اٽي ۾ لوڻ جي برابر. سجاول ضلعي ۾ اهڙا آفيسر آندا ويا آهن جيڪي عام ماڻهو جي ڳالهه ٻڌڻ لاءِ تيار ئي ناهن، صرف ۽ صرف وڏيرن ۽ ڀوتارن جا ساٿاري بڻيل آهن. عام ماڻهو هنن جي نظر ۾ ڪجهه به ناهي. سجاول ضلعي کي ضلعي جو درجو ملندي ايترو ٽائيم ٿيو آهي، اڃان تائين ضلع کي ضلعي سهولتون ملي ناهن سگهيون. اسان وٽ سجاول ۾ ٽريزري جو بنياد ته وڌو ويو آهي، پر سجاول ٽريزري ۾ اڃان تائين اسٽامپ پيپر به مهيا ناهن ۽ ڪيترن ئي ڪمن لاءِ عوام کي ٺٽي شهر جو پنڌ ڪرڻو پوي ٿو. هتي جيڪڏهن ذڪر ڪجي نوڪرين جو ته اهي به ٻاهرين ضلعن جي ماڻهن کي مليون آهن، سجاول جي نوجوانن کي نظر انداز ڪيو ويو آهي.

سجاول ضلعي جي پنجن تعلقن جو احوال ڪجي ته خبر پوندي ته پنج ئي تعلقه بنيادي سهولتن کان محروم آهن. جنهن ۾ صحت، پاڻي، بجلي، روڊ رستا شامل آهن، عوام پنهنجي بنيادي حقن ملڻ جي آسري ۾ ويٺل آهي. جيڪڏهن ڪنهن کي نانگ ڪکي وجهي يا ڪنهن کي ڇتو ڪتو ڏاڙهي وجهي ته ان جي ويڪسين لاءِ به سياسي چئو چوا کانسواءِ وئڪسين نه ملندي، عام ماڻهو هر جاءِ تي دربدر آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ سجاول جو چونڊيل ايم پي اي سيد شاهه حسين شاهه شيرازي پنهنجي ڀاءُ بابر شاهه شيرازي جي طعبيت خراب هجڻ جي ڪري سجاول سول اسپتال پهتو ته اُتي بجلي نه هئڻ جي ڪري جنريٽر بند هو ۽ ڪابه سهولت نه هئي، اُتي داخل ٿيل مريضن سيد شاهه حسين شيرازي اڳيان شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا، بر وقت ايم پي اي سيد شاهه حسين شاهه بالا آفيسرن کي فون ڪال ڪري ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، پر ان کانپوءِ ڪوبه عمل نه ٿيو. ايم ايس ۽ ڊي ايڇ او سجاول سول اسپتال جي صورتحال کي بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوبه عمل نه ڪيو. جڏهن ته اسپتالن کي پنهنجا ساليانه فنڊ هر مد ۾ مهيا ڪيا ويندا آهن. سوشل ورڪرن انهي مسئلي کي اجاڳر ڪيو ته بااثرن جي دادلي جي وڊيو منظر عام تي آئي جيڪو چئي رهيو آهي سائين چيو آهي ته جيڪو به سوشل ميڊيا وارو اچي انهيءَ کي ڪُٽ ڏيو، جيئن اسپتال جي نالائق انتظاميه جي خبر ٻاهر نه وڃي سگهي. هي حال آهي اسان جي اڳواڻن ۽ اسپتال انتظاميه جو. سجاول ضلعي جو هر تعلقو بدامني ۽ ڪرپشن جي ور چڙهيل آهي. سجاول جا ماڻهو ۽ مرون سڀ پريشانين ۾ مبتلا آهن جن جو ڪوبه والي وارث ڪونهي. سجاول ضلعي جا جيڪي به شهر آهن انهن جي حالت تمام ڳڻتي جوڳي آهي. هن وقت مون سون جي برساتن ۾ هر شهر درياهه جو ڏيک ڏيئي رهيو آهي ۽ انتظاميه اگهور ننڊ ستل آهي. آخر سجاول ضلعي جو ڇا ٿيندو، ڪير سجاول جي مالڪي ڪندو؟

هن ڀيري بلدياتي اليڪشن ۾ سجاول ضلعي جو عوام چاهي ته تبديلي آڻي سگهي ٿو. اهو ممڪن تڏهن آهي جڏهن اسان جا ماڻهو غلامي جي قيد مان آزاد ٿيندا. جيڪڏهن غلامي جي گرفت ۾ رهيا ته ان کان به بدترين حالتون سندن گهيرو ڪنديون. جيڪڏهن هو پنهنجي ايندڙ نسل جي مستقبل لاءِ سوچين ٿا ته کين پنهنجن ذهنن کي غلامي جي قيد مان آزد ڪرائڻو پوندو، پاڻ کي غلامي جهڙي خطرناڪ گار مان آزاد ڪرائڻ لاءِ ثابت قدم کڻڻا پوندا. جيڪڏهن اسان جا ماڻهو ايئن ظلم برداشت ڪندا رهيا ته هڪ ڏينهن ضلعو سجاول پنهنجو وجود وڃائي ويهندو ۽ پوءِ شايد سجاول جو ذڪر تاريخ جي ڪتابن ۾ ملي.