سمرقند قسط نائين ترجمو: زاهده ابڙو امين مالوف
سمر قند ۾ اهو جشن جو ڏينهن هو ان هوندي به هڪ عورت آهه و زاري ڪري روئي رهي هئي جيڪا ظفرمند خان جي زال هئي، سڀ کان وڏي ڳالهه اها ته هوءَ مقتول سلطان جي ڌيءَ هئي- قدرتي ڳالهه آهي، مڙس تعزيت ڪرڻ آيس هن سڄي حرم کي ماتمي ڪپڙا پائڻ جو حڪم ڏنو ۽ هڪ کدڙي کي جنهن ڪجهه وڌيڪ ئي شوخي ڏيکاري هئي بيگم جي سامهون ڪوڙا لڳرايائين اهو ته خير ٿيو، پر جڏهن هو پنهنجي ديوان ۾ واپس وريو ته هر ماڻهوءَ سان اها ڳالهه ڪندي تامل نه ڪيائين ته ”خدا سمر قندين جي دعائن کي قبوليت بخشي آهي-“
اهو فرض ڪري سگهجي ٿو ته ان زماني ۾ شهر جي ماڻهن وٽ ڪنهن هڪ فرمانروا کي ٻئي فرمانروا مٿان ترجيح ڏيڻ جو ڪو سبب ڪونه هو- تنهن هوندي به انهن دعائون گهريون، ڇو ته انهن جي حقيقي خوف جو سبب ته حڪمران جي تبديلي هئي، جيڪا قتل عام، آزمائشن ۽ اڻٽر مصيبتن ۽ ڦرلٽ سان گڏ ٿي آئي- ڪنهن ٻئي فرمانروا هٿان فتح ٿيڻ جو مطلب اهو هو ته شاهه آباديءَ مٿان ٽيڪس لڳائڻ ۾ حد کان لنگهي وڃي ۽ عوام کي مختلف طريقن سان تنگ ڪري عاجز ڪري ڇڏي- پر نصر سان اهو سڄو معاملو نه هو- هو جيڪڏهن سٺو امير نه به هو يقينن بدترين به نه هو- هو ان سان گذارو ڪري سگهيا ٿي ۽ ان کي قابو ۾ رکڻ لاءِ خدا تي ڀروسو-
ته سمر قند ۾ ان جي خوشي ملهائي پئي وئي ته انهن جي جان بخشي ٿي وئي ”راءس الطاق“ جو ڪشادو ۽ پکڙيل چوڪ دونهين ۽ گوڙ سان لبريز هو- گشتي واپارين هر ديوار سان پنهنجا دڪانڙا ملائي کڙا ڪيا هئا ۽ روشنيءَ جي هر ٿنڀي هيٺان ڪا نه ڪا ڳائڻي يا عود نواز گيت ڇيڙي رهيا هئا قصا خوان، نجومين ۽ جوڳين جي چوڌاري بيشمار ٽوليون جمع ٿيندي وري منتشر ٿي ٿِي ويون- چوڪ جي مرڪز ۾ هڪ تڪڙ ۾ بيهاريل چبوتري تي مقبول شاعرن جي وچ ۾ روايتي مقابلو ٿي رهيو هو جيڪو سمر قند جي بينظيري ۽ استحڪام جي مدح سرائي ڪري رهيو هو- عوام جو فيصلو جلد ٿي ويو هو. نوان نوان ستارا اڀري آيا هئا ۽ ٻيا ٻڏي ويا هئا- لڳ ڀڳ هر جاءِ تي ڪاٺيون سڙي رهيون هيون ڇو ته ڊسمبر جو مهينو هو ۽ رات ٿڌي ٿي چڪي هئي- محل ۾، شراب جون گهگهيون خالي ٿي رهيون هيون ۽ انهن کي ٽوڙي اڇلايو پئي ويو- خان هشاش بشاش هو ڌمچر متل هو ۽ شراب جي نشي ۾ آڪڙجي گهمي رهيو هو-
اڳئين ڏينهن ان جامع مسجد ۾ موتيٰ لاءِ مغفرت جي دعا ڪرائي ۽ پوءِ پنهنجي سهري جي وفات لاءِ حسرتِ آيات تي تعزيت قبول ڪئي- اهي سڀ ماڻهو جيڪي ڪالهه کيس مبارڪون ڏيڻ لاءِ ڊوڙي ڊوڙي اچي رهيا هئا، اڄ پنهنجي ماتمي چهرن سان غم جي اظهار لاءِ نمودار ٿيا- قاضيءَ جنهن پنهنجي حال مطابق ڪجهه شعر پاڻ پڙهيا ۽ عمر کي به ايئن ئي ڪرڻ جي دعوت ڏني دٻيل انداز ۾ ايئن چيائين:
”ڪنهن به شيءِ تي حيران نه ٿي حقيقت جا ٻه چهرا هوندا آهن ۽ ساڳئي ريت ماڻهن جا به-“
ٺيڪ ساڳي شام جو نصر خان ابو طاهر کي گهرايو ۽ کيس ان وفد ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ چيو جيڪو مرحوم سلطان کي سمر قند جو خراج تحسين پيش ڪرڻ وارو هو- عمر به گڏ آيو چئجي ته 120 ماڻهن جي رفاقت ۾-
سلجوقين جي هڪ قديم لشڪر گاهه ۾ تعزيتي مقام ٺاهيو ويو درياءُ جي اتر واري پاسي- هزارين خيما ۽ يورٽ هر طرف لڳايا ويا هئا ۽ تڪڙ ۾ هڪ شهر کڙو ڪيو ويو هو، جتي ماورا النهر جا متين نمائندا ڊگهين ڊگهين قطارن ۾ ورهايل چوٽين واري خيما بردوش جنگ جوئن سان شڪ شبهي سان ملي رهيا هئا جيڪي اتي پنهنجي خيل سان وفاداريءَ جي واعدي کي دهرائي رهيا هئا 17 سالن جو ملڪ شاهه مضبوط قد ڪاٺ جو پر ٻاراڻي چهري سان ڪراڪلي چغي ۾ ويڙهيل ٺيڪ ان جڳهه مسند شاهيءَ تي جلوه افروز هو جتي سندس پيءُ الپ ارسلان شڪست کاڌي هئي ڪجهه قدم سامهون سندس وزيراعليٰ ويٺل هو- پنجاهه سالن جي عمر ۾ اهو ئي سلطنت جو مردِ آهن هو جنهن کي ملڪ شاهه سندس رتبي مطابق ”والد صاحب“ چئي مخاطب ڪندو هو- نظام الملڪ ۽ سلطنت جو ڊسپلين، ان کان اڳ ڪوبه نالو ايترو حقدار نه هو جڏهن به ڪو عالي مرتبي وارو ملاقاتي اڳيان وڌيو ٿي نوخيز سلطان وزير طرف تجسس سان نظر وڌي ٿي جو کيس هڪ غير محسوس اشاري سان اهو ٻڌائيندو ٿي ويو ته ملاقاتي کي گرم جوشي ۽ جذبي سان ڀليڪار چوڻو آهي يا سرد مهري سان، اطمينان سان يا شڪ ۽ شبهي سان، گهڻي ڌيان سان يا بي ڌياني سان-
سمر قند جو سڄو وفد ملڪ شاهه جي قدمن ۾ ويٺل هو جنهن مٿي جي هلڪي جنبش سان کين قبول ڪيو ان کانپوءِ ڪيتريون ئي مشهور شخصيتون وفد کان ڌار ٿي نظام جي پاسي لڙيون وزير مٿان حد درجي جي سنجيدگي ڇانيل هئي ان جا ساٿي هن سان گڏ ڪم ۾ مصروف هئا، پر هو ڪوبه رد عمل ڏيکارڻ کان بغير هن انهن ڏانهن ڏٺو ٿي ۽ انهن جون ڳالهيون ٻڌيون ٿي کيس محل ۾ ڪوبه اهڙو نظر نه اچڻ کپي جيڪو رڙيون ڪري حڪم نافذ ڪري رهيو هجي جيڪڏهن سندس اثر هر جاءِ تي هو، سندس طور طريقو پتلين کي نچائڻ واري ماهر جهڙو هو جيڪو هٿ جي هڪ محتاط حرڪت سان ٻين کان اها حرڪت ڪرائيندو هو جيڪا دراصل هن جي پنهنجي خواهش هوندي هئي هن جون خاموشيون مثال جوڳيون هيون اها ڳالهه ڪنهن ملاقاتي لاءِ ڪا خاص نه هئي ته سندس حاضريءَ ۾ هڪ ڪلاڪ ويهي گذارجي ۽ ان دوران سواءِ ايندڙ ويندڙ جي رسمي جملن ۽ ڪنهن ٻئي لفظ جي ڏي وٺ ٿيندي هجي ماڻهو ان گفتگو کي ٻڌڻ لاءِ نه ايندا هئا، پر انهن جي وفاداري جي اقرار جي تجديد ٿي سگهي ۽ هو هر شڪ ۽ شبهي کي دور ڪري سگهن ۽ غفلت کان پرهيز ڪري سگهن-
سمر قند جي وفد ۾ ٻارنهن ماڻهو ئي اهڙا هئا جيڪي ساڻس هٿ ملائي سگهڻ جي رعايت حاصل ڪري سگهيا هئا جيڪي حڪومت جون واڳون سنڀالي ويٺا هئا- عمر، قاضي ابو طاهر جي ويجهو ئي، پٺيان پٺيان هلي رهيو هو جنهن دٻيل آواز ۾ هڪ جملو ادا ڪيو جيڪو ڄڻ اڳ ۾ ئي گهڙيو پيو هو نظام مٿي کي هلڪي جنبش ڏني ۽ چند گهڙين لاءِ پنهنجو هٿ قاضيءَ جي هٿ ۾ رهڻ ڏنائين، جنهن سان هن جي عزت افزائي منظور ٿي- جڏهن عمر جو وارو آيو، ته وزير جهڪي سندس ڪن ۾ ڪجهه ڳالهايو:
”هڪ سال کانپوءِ اڄ جي ڏينهن اصفهان ۾ موجود رهجانءِ ۽ پاڻ گفتگو ڪنداسين-“
خيام کي يقين ئي نه آيو ته هن ڳالهه صحيح ٻڌي ۽ هو گهٻراهٽ جو شڪار نظر آيو- هيءَ شخصيت کيس ڏاڍي رعبدار لڳي رسمن جي ادائگي کيس متاثر ڪيو ۽ انتشار کيس مدهوش ڪيو ۽ ماتم ڪرڻ وارن جي آهُن کيس ڄڻ ٻوڙو ڪري ڇڏيو هو- هو پنهنجن حواسن تي وڌيڪ ڀروسو ڪرڻ کان مجبور هو- هن تصديق گهرڻ ٿي چاهي ته هن جيڪي ٻڌو اهو درست هو، پر هجوم کيس وهڪري ۾ وهائي رهيو هو- وزير جو رخ ڪنهن ٻئي پاسي هو، هو وري خاموشيءَ سان مٿو ڌوڻي رهيو هو-
واپسيءَ ۾ خيام ان واقعي تي مسلسل غور ڪرڻ کان پنهنجو پاڻ کي روڪي نه سگهيو- ڇا وزير اهي لفظ صرف کيس ئي چيا هئا؟ ڇا هو کيس ڪنهن ٻئي سان ته غلطي ۾ ملائي نه ويٺو هو، ۽ ملاقات ايتري پري مقرر ڇو ڪئي وئي، زمان ۽ مڪان ٻنهي جي حساب سان؟
هن معاملي لاءِ قاضيءَ سان رجوع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو- ڇو ته هو بلڪل سندس سامهون ئي هو، هن ضرور ڪجهه ٻڌو، محسوس ڪيو، ڏٺو يا هن ڪو اندازو لڳايو هوندو- ابو طاهر کيس منظر بيان ڪرڻ ڏنو، ان کانپوءِ وڃي هن شرارت سان اقرار ڪيو:
”اها ڳالهه منهنجي ڌيان ۾ آئي هئي ته وزير تنهنجي ڪن ۾ ڪجهه چيو هو لفظ مون کي ٻڌڻ ۾ نه آيا، پر مان توکي يقين ٿو ڏياريان ته هن توکي ٻيو ڪو سمجهي ايئن نه چيو هو. تو ان جي اوسي پاسي سڀني ماڻهن کي ڏٺو هو؟ انهن سڀني کي ان ڪم تي لڳايو ويو هو ته هر وفد جي شريڪ ماڻهوءَ بابت معلومات فراهم ڪن ۽ ڏانهنس وڌڻ وارن ماڻهن جي رتبي ۽ نالي کان کيس آگاهه ڪن- انهن مون کان تنهنجو نالو پڇيو هو، ۽ پنهنجو پاڻ کي مطمئن ڪري ورتو هو ته خيام نيشا پوري تون ئي آهين، دانشور ۽ نجوم جي ڄاڻ رکندڙ تنهنجي باري ۾ ڄاڻ رکڻ بابت ڪابه غلطي نه ٿي هئي- بهرحال نظام الملڪ کان صرف اها ئي غلطي ٿيندي آهي جيڪا هو پاڻ پيدا ڪرڻ ضروري سمجهندو آهي-“
”هو مون کان ڇا ٿو چاهي؟“
”اهو سڀ سمجهڻ لاءِ توکي پورو سال انتظار ڪرڻو پوندو- ان وقت تائين منهنجو مشورو اٿئي ته پنهنجو پاڻ کي هرو ڀرو جي وهمن ۽ گمانن جي ڌٻڻ ۾ نه ڦاسائي- انتظار ڪافي ڊگهو ڪرڻو اٿئي جيڪو توکي کٽائي سگهي ٿو سڀ کان وڏي ڳالهه اها آهي ته ڀلجي به ڪنهن شخص سان ان ڳالهه جو تذڪرو نه ڪجانءِ!“
”ڇا مان عام طور تي فضول ڳالهائيندو آهيان؟“
لهجي ۾ سرزنش شامل هئي، پر قاضيءَ پنهنجو پاڻ کي بي ڪيف ٿيڻ نه ڏنو:
”هڪ ڳالهه توکي صاف صاف چئي ڇڏيان: ان مائي سان ته بلڪل به ذڪر نه ڪجانءِ!“
عمر کي گهربو هو ته خبردار ٿي وڃي ها ته جهان جو هر هر سندس پاسي اچڻ وڃڻ اهو نا ممڪن هو ته ڪنهن جي نظر ۾ نه آيو هجي- ابو طاهر پنهنجي ڳالهه جاري رکي:
”تنهنجي پهرين ملاقات تي ئي پهريدارن اچي مون کي اطلاع ڏنو هو مون انهن ملاقاتين کي حق بجانب ثابت ڪرڻ لاءِ هڪ ڏاڍي پيچيده ڪهاڻي گهڙي کين ٻڌائي هئي مون کين حڪم ڏنو ته تو مان نظر نه رکي وڃي ۽ توکي هر روز صبح جو وڃي نه جاڳايو وڃي رتيءَ برابر به شڪ نه ڪر، اهو پويلين تنهنجو ئي گهر آهي، اڄ ۽ سڀاڻي، مان چاهيان ٿو ته توکي ان ڳالهه جي چڱيءَ ريت خبر هئڻ کپي- تنهن هوندي به مون ان مائي بابت توسان ڳالهائڻ ضروري ٿي سمجهيو-“
عمر کي ڏاڍو خراب محسوس ٿيو (خجالت) جنهن لهجي ۾ سندس دوست ”ان مائي“ چيو کيس اهو سندس انداز نه وڻيو ۽ پنهنجن ذاتي معاملن تي بحث ڪرڻ جي سندس خواهش نه هئي جيتوڻيڪ هن پنهنجي بزرگ کي ڪجهه نه چيو، تنهن هوندي به سندس چهري تي نا پسنديدگي جا آثار صاف ظاهر ٿي ويا-
مون کي خبر آهي ته جيڪو ڪجهه مان چئي رهيو آهيان ان سان توکي رنجيده ڪري رهيو آهيان، پر جيستائين اهو سڀ ڪجهه پوري ريت چئي نه وٺندس تيستائين چوندو رهندس ۽ جيڪڏهن اسان جي نو مولود دوستي مون کي ان جو حق نه به ڏيندي هجي ته گهٽ ۾ گهٽ منهنجي عمر ۽ حيثيت اهو حق ضرور ڏئي ٿي- جڏهن تو محل ۾ پهريون ڀيرو مٿس اک وڌي ته ان ۾ خواهش هئي- هوءَ جوان ۽ حسين آهي توکي سندس شعر پسند آيا ۽ سندس ارهه زورائي تنهنجي خون کي تپائي ڇڏيو، پر سون سان سندس وات ڀرڻ واري ڳالهه لاءِ تنهنجو رويو مختلف هو- هن پنهنجو وات سونن سڪن سان ڀري ڇڏيو جنهن سان تنهنجي طبيعت بي چين ٿي وئي سندس طرز عمل ڪنهن درٻاري شاعره وارو هو، پر تو هڪ دانشور وانگر اتي پنهنجو وهنوار پيش ڪيو- ڇا تو ان بابت ساڻس ڪا ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي؟“
جواب انڪار ۾ هو، اڃان عمر ڪجهه ڳالهايو ئي نه هو، ابو طاهر کيس صاف صاف ٻڌو هن پنهنجي ڳالهه جاري رکي:
”اڪثر دل جي معاملن جي آغاز ۾ اهڙن نازڪ سوالن کان پرهيز ڪيو ويندو آهي- اهو خوف محسوس پيو ٿيندو آهي ته اهو نازڪ گهرڙو جنهن کي ڏاڍي احتياط سان تعمير ڪيو پيو وڃي ڪٿي ڊهي نه پوي، پر جيستائين منهنجو تعلق آهي جيڪا ڳالهه توکي ان عورت کان مٿي ڪري ٿي سنجيده ۽ بنيادي ٻئي شيون آهن تون زندگيءَ کي ان طرح نه پيو ڏسين-“
”هوءَ هڪ عورت آهي ۽ وڌيڪ اهو ته هڪ بيواهه آهي- هوءَ ڪنهن مالڪ تي انحصار ڪرڻ بدران پنهنجو بندوبست ڪري رهي آهي ۽ مان صرف سندس همت کي داد ئي ڏيئي سگهان ٿو- ڪوبه کيس اهو الزام ڪيئن ٿو ڏيئي سگهي ته هوءَ سون حاصل ڪرڻ لاءِ لالچ رکي ٿي جڏهن ته سندس شعر ان جو مستحق آهي؟“
”مان سمجهان ٿو“، قاضي چيو. مطمئن هو ته آخرڪار هو پنهنجي دوست کي ان بحث ۾ وٺي آيو- ”پر تون گهٽ ۾ گهٽ ان ڳالهه جو اقرار ته ڪندين ته هيءَ عورت درٻار کان علاوه ڪنهن ٻي زندگيءَ جو تصور ئي نٿي ڪري سگهي-“
”شايد-“
”تون اهو اقرار به ڪندين ته تنهنجي لاءِ درٻاري زندگي ڪرڀ جهڙي آهي ناقابل برداشت آهي ۽ تون ضرورت کان وڌيڪ هڪڙو لمحو به وڌيڪ هتي ترسي نٿو سگهين-“
”هڪ شرمساري جهڙي خاموشي نظر آئي- ابو طاهر ڏاڍي مضبوط بيان سان پنهنجي ڳالهه ختم ڪئي:
”مون توکي چيو آهي ته هڪ سچي دوست جي ڳالهه تي رڳو غور ڪر- اڄ کانپوءِ ٻيهر مان پاڻ ڪڏهن به هن موضوع کي نه ڇيڙيندس، سواءِ ان جي ته تون پاڻ اڳرائي ڪرين-“
…(هلندڙ)…