بلاگقسطوار ناول

سمرقند

ترجمو: زاهده ابڙو

اصفهان اڌ جهان!

اڄ جا ايراني چوندا آهن- ”اصفهان جيڪو اڌ دنيا آهي!“ هي فقرو خيام جي دور کان گهڻو پوءِ عام ٿيو تنهن هوندي به 1074ع هڪ هزار چوهتر ۾ شهر جي لفظي تعريف ۽ توصيف ٿي چڪي هئي: ”هن جا پٿر نقش و نگار، اتان جون مکيون، ماکيءَ جون مکيون، ان جو گاهه زعفران،“ ”هوا ايتري صاف ۽ صحت بخش جو چڪيون ڪنهن مقرر وقت جي حساب سان نٿيون هلن ۽ هتي گوشت خراب ناهي ٿيندو“ اهو درست آهي ته شهر پنج هزار فوٽن جي بلنديءَ تي قائم آهي، پر اصفهان ۾ سٺ ڪاروان سرائون، ٻه سئو بينڪر ۽ لاتعداد ڍڪيل بازارون هيون انهن جي ڪارخانن ۾ ريشم ۽ سوٽي ڪپڙو ٺهندو هو- ان جا قالين، ڪپڙو ۽ تالا ڏورانهن ملڪن تائين موڪليا ويندا هئا اصفهان جي گلابن جا هزارين قسم هئا ۽ ان جي دولت ۽ خوشقسمتيءَ جا مثال ڏنا ويندا هئا- هي شهر ايران جو سڀ کان وڌيڪ آباديءَ وارو شهر آهي اهي انهن سڀني کي جن کي اقتدار، ڌن دولت يا علم جي خواهش هوندي هئي انهن کي پاڻ ۾ جذب ڪري وٺندو هو-

مون چيو ”هي شهر،“ پر حقيقت ۾ ماڻهو ان کي شهر نٿو چئي سگهي- هتي اڃان به ”ري“ جي نوجوان مسافر جو قصو ٻڌايو ويندو آهي جيڪو اصفهان جي عجوبن کي ڏسڻ لاءِ ايتري تڪڙ ۾ هو جو پنهنجي گهوڙي کي اِٽ هڻي سڄي ڪاروان کان اڳيان نڪري ويو- ڪيترن ڪلاڪن کانپوءِ هو زنده رود، ”حيات بخش درياهه“ جي ڪناري تي پهتو ۽ ان جي پاسن کان لنگهندي رڙيون ڪندو رهيو تان جو هڪ مٽيءَ جي ڀت جي ڀر ۾ پهتو- هي شهر کيس مناسب قد ڪاٺ جو لڳو، پر پنهنجي شهر ”ري“ کان ڪنهن قدر گهٽ لڳس، جڏهن هو شهر جي دروازي تي پهتو ته محافظن کان پڇيائين-

”هي شهر ”جي“ آهي، کيس ٻڌايو ويو- هو اڃان اندر داخل ڪونه ٿيو هو ۽ واپس مڙيو ۽ پنهنجي رستي تي اتر واري پاسي نڪري ويو- سندس گهوڙو ٿڪل هو، پر هن چهبڪ جي استعمال کان پاسو نه ڪيو- جلد ئي سهڪندو هڪ ٻئي شهر جي دروازي تي پهتو جيڪو پهرين شهر کان وڌيڪ شاندار هو، پر ”ري“ کان مشڪل سان وڏو هو- هن هڪ پيرسن راهگير کان پڇيو-

”هي يهوديه آهي، ‘يهودين جو شهر-’

”ڇا هن ملڪ ۾ ايترا گهڻا يهودي آهن؟“

”ٿورا گهڻا آهن، پر گهڻي آبادي مسلمانن جي آهي جيئن تون ۽ مان. شهر کي يهوديه ان ڪري ٿو ڪوٺجي جو فرض ڪيو وڃي ٿو جو شاهه نبوبخذ نصر (Nebuchadnezzar) انهن کي هتي آباد ڪيو هو جن کي يروشلم کان ڌڪي ٻاهر ڪڍيو ويو هو- ٻين جو خيال آهي ته هي هڪ ايراني شاهه جي يهودي زال هئي جنهن اسلام جي اچڻ کان پهرين، پنهنجي جماعت جي ماڻهن کي هتي گهرائي ورتو هو- رب ٿو ڄاڻي!“

جيتوڻيڪ اسان جو نوجوان مسافر جنهن حال ۾ هو اتان کان ڦري هليو ويو ان عزم ۽ ارادي سان گڏ ته پنهنجي رستي جي تعبيداري ڪندو چاهي سندس گهوڙو ڊهي پوي، اتي ئي ان پوڙهي مرد کيس سڏ ڪيو:

”پٽ تون ڪيڏانهن ٿو وڃڻ چاهين؟“

”اصفهان!“

پوڙهو ماڻهو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو

”ڇا توکي ڪنهن ناهي ٻڌايو ته اصفهان جو ته ڪو وجود ئي ڪونهي؟“

”ڇا مطلب؟ ڇا اهو ايران جو سڀ کان خوبصورت شهر ڪونهي؟ ڇا هي قديم زماني ۾ پارسين جي شهنشاهه ارتبان جو مايا ناز گاديءَ وارو هنڌ ڪونه هو؟ ڇا ڪتابن ۾ ان جي عجوبن جا گڻ ڳايل ڪونه آهن؟“

”ڪتاب ڇا ٿا چون اها ته مون کي خبر ڪونهي، پر سٺ سال پهرين مان هتي پيدا ٿيو هئس ۽ رڳو ڪجهه غير ملڪين کان ئي اصفهان جو ذڪر ٻڌو آهي- مون پاڻ ڪڏهن ناهي ڏٺو-“ اها گهڻو ڪري هٿ ٺوڪي ڳالهه رهي رهي آهي- ڊگهي عرصي تائين اصفهان مان مراد ڪو شهر ڪونه هو، پر هڪ نخلستان هو جتي ٻه قديم شهر ”جي“ ۽ ”يهوديه“ واقع هئا جن جي وچ ۾ ڪلاڪ کن جو فاصلو هو اهو ته ڪٿي سورهين صديءَ ۾ وڃي ٿيو جو هي ٻئي ۽ ان جي اوسي پاسي جا ڳوٺ ملائي ڪري هڪ حقيقي شهر ٺهي پيو- خيام جي زماني ۾، اهو اڃان وجود ۾ ئي ڪونه آيو هو، پر پوري نخلستان جي حفاظت لاءِ هڪ چوديواري ضرور تعمير ڪئي وئي هئي ٽي فرسنگ يا ٻارهن ميل ڊگهي-

عمر ۽ حسن ٻئي ڪافي دير سان شام جو اتي پهتا کين ”جي“ ۾ رهائشگاهه ملي وئي، ”باب تيرا“ جي ويجهو هڪ ڪاروان سراءِ ۾ کين رهائش ملي- هي ٻئي اتي آرام ڪرڻ لاءِ ليٽي پيا بنا ڪنهن لفظ ڳالهائڻ جي ٻئي ڄڻا کونگهرا هڻڻ لڳا-

ٻِئي ڏينهن خيام وزيراعظم سان ملڻ هليو ويو، صرافن جي چوڪ ۾ ٻين شين سان گڏوگڏ اندلسي، يوناني ۽ چيني سياح ۽ سوداگر صرافن جي چوگرد رش لڳائي بيٺا هئا جيڪي پنهنجي نافذ ڪيل قانون جي حساب سان تور ساهمين ۾ ڪنهن ڪرماني، نيشاپوري يا اشبيري دينار کي کرڙي کرڙي جاچ پڙتال ٿي ڪئي تان جو دهلي جا تانڪا سونگهي ڏسي رهيا هئا بخاري درهم جي وزن جو اندازو لڳائي رهيا هئا يا تازو ئي قسطنطنيه جي ڪريل قيمت واري نوميزما (nomisma) تي بڇڙو منهن ٺاهي رهيا هئا شاهي تخت ۽ نظام الملڪ جي سرڪاري رهائشگاهه، ديوان جو وڏو دروازو ڪجهه وڌيڪ پري نه هو، نوبت وڄائڻ وارا موسيقار وزيراعظم جي شان ۾ ٽي دفعا ترم وڄائڻ لاءِ مقرر ٿيل هئا- ان سڄي جاهه و جلال جي باوجود هر عام ۽ خاص کي ڀلي اها هڪ مسڪين بيواهه ئي ڇو نه هجي ديوان ۾، جيڪو هڪ تمام وڏو کليل ڪمرو هو داخل ٿيڻ جو حڪم عام هو- سطلنت جي با اقتدار ماڻهو جي سامهون پنهنجا ڳوڙها ۽ پنهنجي شڪايت ظاهر ڪري- بس اتي پهريدارن ۽ حجابن نظام جي چوڌاري گهيرو ٺاهي رکيو هو ۽ اتي ئي هو ملاقاتين کان سوال وٺندو هو ۽ ناپسنديده ماڻهن کي اتان ئي روانو ڪندو هو-

عمر دروازي تي ئي بيهي رهيو- هن ڪمري جو جائزو ورتو ان ڪمري جي اگهاڙين ڀتين ۽ ٽن تهن وارن قالينن جو، هن اتي ويٺل حاضرين کي ٿورو گهٻراهٽ ۾ سلام عليڪ چيو اهو هڪ گڏيل سڏيل پر غور ۽ فڪر ڪرڻ وارن جو گروهه هو جيڪو وزير کي گهيري ۾ وٺيو ويٺو هو، پر في الوقت هو هڪ ترڪيءَ جي آفيسر سان ڳالهائڻ ۾ مصروف هو- نظام پنهنجي ٽيڏي اک سان نئين آيل کي ڏٺو ۽ هو ڏانهنس رخ ڪري دوستيءَ مان مرڪيو ۽ کيس ويهڻ جو اشارو ڪيو- پنجن منٽن کانپوءِ هو ڏانهس آيو ٻنهي ڳلن تي چمي ڏنائينس ۽ بعد ۾ پيشانيءَ تي-

”مان تنهنجو منتظر هئس- مون کي خبر هئي ته تون هتي وقت تي پهچي ويندين مون کي توسان گهڻيون ڳالهيون ڪرڻيون آهن-“

پوءِ هو سندس هٿ پڪڙي کيس سڀني کان پري هڪ ننڍڙي اڳئين ڪمري ۾ وٺي ويو جتي هو جيسم چمڙي جي گدي تي هڪٻئي جي ڀر ۾ ويٺا-

”جيڪو آئون چوڻ وارو آهيان ان جو ڪجهه حصو توکي تعجب ۾ وجهندو، پر مون کي اميد آهي ته تون منهنجي دعوت قبول ڪندين ۽ توکي ڪو پڇتاءُ نه ٿيندو-“

”ڇا ڪو نظام الملڪ جي دروازي مان اندر اچڻ کانپوءِ به پڇتائي سگهي ٿو؟“

”ايئن ٿي چڪو آهي،“ وزير سفاڪ مرڪ سان وات ئي وات ۾ بڙ بڙ ڪئي- ”ڪجهه ماڻهن کي مون آسمان تائين پهچائي ڇڏيو آهي ۽ ڪيترن کي پاتال ۾- مان روز زندگي ۽ موت تقسيم ڪندو آهيان- منهنجي نيتن کي خدا ڄاڻي ٿو- سڀ ڪجهه سندس قدرت سان ئي ٿيندو آهي هن عرب خليفي کي بلند ترين اختيار عطا ڪيو جنهن ان کي ترڪيءَ جي سلطان جي حوالي ڪيو، جنهن تنهنجي خادم ايراني وزير جي هٿ ۾ پهچايو مان ٻين کان ان اقتدار جي لڄ رکڻ جو مطالبو ٿو ڪريان، پر توکان، خواجه عمر مان پنهنجي خواب کي محترم رکڻ جو مطالبو ٿو ڪريان- ها مان خواب ڏسندو آهيان پنهنجي هن وسيع و عريض ملڪ کي دنيا جي سڀ کان طاقتور خوشحال ۽ مستحڪم رياست بنائڻ جو، دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ سپاهين جي حفاظت ۾ رهڻ واري رياست- مان اهڙي سلطنت جو خواب ڏسندو آهيان جنهن جي هر صوبي ۽ هر شهر جي عملداري هڪ عادل ۽ خدا ترس ماڻهو جي هٿ ۾ هجي جيڪو پنهنجي ڪمزور ترين رعيت جون دانهون ٻڌڻ جو اهل هجي- مان اهڙي رياست جو خواب ڏسندو آهيان جتي رڍ جو ٻچو ۽ بگهڙ پوري امن ۽ امان سان هڪٻئي سان گڏوگڏ هڪ ئي چشمي تان پاڻي پي سگهن، پر صرف خواب ڏسڻ ئي ڪافي ناهن، مان تعبير ڳولهڻ ۾ به لڳو پيو آهيان- وڃ اصفهان جي مختلف علائقن ۾ وڃي ڏس توکي مزدورن جون کيپون کوٽائي ۽ تعمير ۾ مصروف نظر اينديون، دستڪار پنهنجي ڪم ۾ مصروف نظر ايندا- مسافر خانا، مسجدون، ڪاروان سرائون، قلعا ۽ حڪومتي دفتر توکي هر جڳهه تعمير ٿيندي نظر ايندا- جلد ئي هر وڏي شهر جو پنهنجو وڏو مدرسو هوندو، جنهن جي خصوصيت منهنجو نالو هوندو، ”مدرسه نظاميه“ بغداد واري مدرسي ۾ به درس تدريس شروع به ٿي چڪي آهي- ان جو منصوبو خود مون پنهنجن هٿن سان ٺاهيو آهي، ان جو نصاب به مون پاڻ ئي ترتيب ڏنو آهي، مون ان لاءِ بهترين استادن جي چونڊ ڪئي آهي ۽ هر شاگرد لاءِ وظيفو مقرر ڪيو آهي تو نه ڏٺو ته هيءَ سلطنت هڪ وسيع ۽ پوشيده محلِ تعمير آهي- هيءَ بلند ٿي رهي آهي، ڪشادگي اختيار ڪري رهي آهي ۽ خوشحالي به- قسمت اسان کي هڪ سڀاڳي دور ۾ زندگي گذارڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي-“

هڪ ڀورن وارن وارو خادم اندر داخل ٿيو ۽ ڪورنش بجا آندائين سندس هٿ ۾ نقش و نگار واري چانديءَ جي ٿالهي هئي جنهن ۾ شربتِ گلاب جا ٻه ٿڌا جام رکيل هئا هڪ عمر کڻي ورتو- جڏهن چپن تائين آندائين ته کيس شربت جي ٿڌي يخ جيڪا رت جو دورو بيهارڻ جهڙي ٿڌاڻ هئي محسوس ٿي ۽ هن آهستي آهستي سرڪيون ڀرڻ جو فيصلو ڪيو- نظام پنهنجو جام هڪ ئي ڍڪ ۾ ختم ڪري ڇڏيو ۽ ڪلام جاري رکيو:

”تنهنجي هتي موجودگي منهنجي لاءِ خوشيءَ جو سبب ۽ عزت افزائي آهي!“ خيام ان دوستي جي اظهار واري جملي جو جواب ڏيڻ وارو هو ته نظام کيس اشاري سان روڪي ڇڏيو-

”متان اهو سوچين ته مان تنهنجي خوشامد ڪري رهيو آهيان- مان ايترو طاقتور آهيان جو منهنجي لاءِ صرف الله جي حمد ۽ ثنا ئي کوڙ آهي- تڏهن به تون ڏسين ٿو خواجه عمر، هڪ سلطنت چاهي ڪيتري به پري هجي آباد ۽ امير هجي، پر ان ۾ هميشه ڀلن ماڻهن جو ڏڪار ئي رهي ٿو بظاهر ڪيڏي مخلوق هڪٻئي مٿان پئي آهي، روڊن رستن تي ماڻهن جون قطارون لڳيون پيون آهن، ماڻهن جي رش لڳي پئي آهي! پر جڏهن به مون کي پنهنجي فوج جي صف آرائي ڏسڻ جو اتفاق ٿيندو آهي، يا نماز جي وقت ڪنهن مسجد جو، ڪنهن بازار، توڻي جو پنهنجي ديوان کي ڏسڻ جو، ته مون کي پنهنجو پاڻ کان پڇڻو پوندو آهي: جيڪڏهن مان انهن مان ڪجهه دانش، علم، وفاداري يا ايمانداريءَ جي خواهش ڪريان، ته هر وصف جي ذڪر کانپوءِ ان انبوهه کي گهٽ ٿيندي پوءِ هٽندي يا ختم ٿيندي ڪونه ڏسي سگهندس؟ مان پنهنجو پاڻ کي اڪيلو ٿو محسوس ڪريان، خواجه عمر دردناڪ طور تي تنها- منهنجي ديوان خالي آهي جيئن منهنجو محل ويران آهي مون کي هميشه ايئن محسوس ٿيندو آهي جيئن مون کي چيلهه جي پٺيان صرف هڪ تاڙي وڄائڻي پوندي- توهان جهڙن ماڻهن کي سمر قند گهرائڻ تي مان قانع ناهيان، مان ته خود پيرن اگهاڙو سمر قند وڃي انهن کي وٺي اچڻ لاءِ تيار آهيان-“

عمر هڪ گاڏڙ ساڏڙ انداز ۾ ”خدا نه ڪري“ چيو، پر وزير پنهنجو ڪلام جاري رکيو-

”ته اهي آهن منهنجا خواب ۽ منهنجون پريشانيون- مان توکي سڄو ڏينهن سڄي رات انهن جي باري ۾ ٻڌائي سگهان ٿو، پر مان توکان ڪجهه ٻڌڻ چاهيان ٿو- مان اها ڳالهه ٻڌڻ لاءِ بيچين آهيان ته ڇا هي خواب توکي به ڪنهن طريقي سان متاثر ڪن ٿا جو تون منهنجي پهلوءَ ۾ پنهنجو جائز مقام حاصل ڪرڻ لاءِ تيار هجين؟“

”توهان جا منصوبا ڏاڍا شاندار آهن ۽ توهان جيڪو اعتماد مون لاءِ ڏيکاريو آهي اهو منهنجي لاءِ باعث عزت آهي.“

”منهنجو هٿ ونڊڻ لاءِ توکي ڪهڙي شيءِ جي ضرورت هوندي؟ صاف صاف ٻڌائي جيئن مون دل جي ڳالهه رکي آهي جيڪا شيءِ چوندين ملي ويندئي ڪمزوري، ڪنجوسي ۽ پست همتي نه ڏيکارجانءِ ۽ ايئن نه ٿئي جو منهنجي فياضي واري لمحي کي وڃائي ويهي رهين-“

هن کلندي چيو- خيام ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پنهنجي وکريل ۽ پريشان ذهني ڪيفيت تي مرڪ جو نقاب ڇڪي ورتو-

”منهنجي اها ئي خواهش آهي ته بغير ڪنهن ضرورت جي پنهنجا معمولي علمي ڪم ڪري سگهان- مون کي ان کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه نه کپي ته پيئڻ لاءِ ڪجهه ملي وڃي، پٺ ڍڪڻ لاءِ ڪپڙو هجي ۽ رات گذارڻ لاءِ ڪا جاءِ ملي وڃي-“

”جيستائين رهڻ لاءِ جاءِ جو تعلق آهي، مان توکي اصفهان جي خوشنما ترين رهائشگاهه عطا ٿو ڪريان- جڏهن اهو محل تعمير ٿي رهيو هو ته مان خود ان ۾ قيام ڪري چڪو آهيان- اهو تنهنجو هوندو ان جي گلن، ٻوٽن، ميويدار وڻن، باغيچن، غاليچن، خادمن ۽ ٻانهين سميت تنهنجي خرچ لاءِ 10 هزار شاهي دينار جو وظيفو به مقرر ڪريان ٿو اهو منهنجي حياتيءَ تائين توکي باقائدگي سان هر سال جي آغاز ۾ ملي ويندو- ڪافي آهي؟“

”اهو منهنجي ضرورت کان تمام گهڻو وڌيڪ آهي ايڏي وڏي رقم کي ڀلا ڪيڏانهن ڪندس.“

خيام اها ڳالهه ڏاڍي خلوص سان چئي، پر نظام کي نه وڻي-

”جڏهن سڀ ڪتاب خريد ڪري وٺين شراب جا سڀ ظروف ڀري وٺين جڏهن پنهنجي ڪنيزن کي زيورن سان ڍڪي ڇڏين، ته نادارن ۾ خيرات ڪري ڇڏجانءِ، حج تي وڃڻ وارن قافلن جي مدد ڪجانءِ ۽ پنهنجي نالي تي مسجدون اڏرائجانءِ!“

اهو محسوس ڪندي ته سندس لاتعلقي ۽ ان جي مطالبن جي گهٽتائي سندس ميزبان کي ناراض ڪري ڇڏيو آهي، عمر ٿورو بيباڪ ٿي پيو:

”مون هميشه هڪ رصدگاهه جي تعمير جي آرزو ٿي ڪئي، جنهن جو ڇهه طرفو گنبذ هجي اصطرلاب (پتل جو هڪ اوزار جنهن سان اجرامِ فلڪي جي بلندين کي معلوم ڪيو ويندو آهي يا سيارن جي پئمائش ڪئي ويندي آهي) ۽ ٻيا اوزار هجن آئون نظام شمسي جي بلڪل سڌي ڊيگهه جي ماپ ڪرڻ چاهيان ٿو-“

”عطا ٿي وئي! اڳئين هفتي تائين هن ڪم لاءِ توکي مالي وسيلا مهيا ڪيا ويندا- جڳهه جو انتخاب تون پاڻ ڪندين ۽ تنهنجي رصدگاهه ڇهن مهينن ۾ تعمير ٿي ويندي- پر ٻڌائي ڇا ڪا ٻي اهڙي شيءِ ڪونهي جيڪا توکي مسرت عطا ڪري سگهي؟“

”خدا جو قسم مون کي ٻيو ڪجهه نه کپي اوهان جي سخاوت مون کي غرق ڪري ڇڏيو آهي-“

”ته اهڙي صورت ۾، ڇو نه آئون توکان ڪا گهُر ڪريان؟“

”هاڻي هاڻي جيڪو ڪجهه اوهان مون کي عطا ڪيو آهي، ان تي پنهنجي بي انتها شڪرگذاري جو اظهار ڪري مون کي مسرت ٿيندي-“

نظام بنا هٻڪ جي چيو-

”مون کي علم آهي ته تون تمام محتاط شخص آهين اجائي ڳالهه ٻولهه ۾ دلچپسي نٿو رکين- مون کي معلوم آهي ته تون سياڻو آهين، منصف مزاج ۽ غير جانبدار آهين ۽ هر ڳالهه جي سچ ۽ ڪوڙ ۾ تميز ڪرڻ جي اهليت رکين ٿو مون کي اها به خبر آهي ته تون ڀروسي جهڙو آهين:

”مان هڪ بيحد مشڪل مهم تنهنجي سپرد ڪرڻ چاهيان ٿو-“

عمر ڪنهن بديءَ جو انتظار ڪرڻ لڳو ۽ بلاشڪ اها اچڻ واري هئي-

”مان توکي ”صاحب خبر“ مقرر ٿو ڪريان-“

”مان ”صاحب خبر“! يعني مخبرِ اعليٰ؟“

”سلطنت جي خبر رسان اداري جو سربراهه- جلدي ۾ جواب نه ڏجانءِ هي شريف ماڻهن جي جاسوسيءَ جو معاملو ڪونهي، يا مومنن جي گهرن جي اندران کان خبر چار وٺڻ جو معاملو ڪونهي، پر هي هر فرد ۽ بشر جي سڪون جي حفاظت جو معاملو آهي ڪنهن به رياست ۾، اهو ضروري آهي ته زبردستي يا بي انصافي جي ننڍڙي کان ننڍڙي واقعي کي به حڪمران جي ڪن تائين پهچايو وڃي ۽ ان سان مثالي انداز ۾ منهن ڏجي، ڏوهاري ڪير آهي ان سان غرض ڪونهي- اسان پنهنجي مخبرن جي ذريعي ئي ان ڳالهه کان آگاهه ٿي سگهون ٿا ته ڪهڙو قاضي يا صوبي جو والي پنهنجي منصب جو ناجائز استعمال ڪري ڪمزورن کي نقصان ڏيئي دولت گڏ ڪري رهيو آهي، ڇو ته ناانصافي جو شڪار ٿيندڙ ڪڏهن به شڪايت ڪرڻ جي همت ناهي ڪندو!“

”پر قاضي، والي ۽ امير انهن مخبرن کي خريد ڪري سگهن ٿا يا انهن کي پاڻ سان گڏ ملائي ساز بازي ڪري سگهن ٿا!“

”تنهنجو ڪم، صاحب خبر جو ڪم بلڪل اهو ئي آهي جنهن کي جيڪو ڪم ڏنو ويو آهي اهڙن ماڻهن جي نشاندهي ڪري جن جو ڪردار مضبوط ۽ مستحڪم هجي-“

”جيڪڏهن اهڙي مضبوط ڪردار جا انسان ڪٿي موجود آهن، ته ڇا اهو وڌيڪ سولو ناهي ته انهن کي والي ۽ قاضي مقرر ڪري ڇڏجي!“

اها هڪ سادي راءِ هئي، پر نظام کي ڪنن ۾ ٽوڪ جي گونج محسوس ٿيڻ لڳي هو بيچين ٿي ويو ۽ اٿي بيٺو:

”هن معاملي تي مون کي بحث مباحثي جي ڪا خواهش ڪونهي، مان توکي جيڪو ڪجهه آڇي رهيو آهيان اهو ٻڌائي ڇڏيو آهي ۽ تو مان ڪهڙي اميد رکان ٿو- وڃ ۽ وڃي منهنجي تجويز تي غور ڪر ٻنهي پاسن جي دليلن کي ٿڌي دماغ سان وڃي ماپ تور ۽ سڀاڻي پنهنجي جواب سان اچي حاضر ٿي.

…(هلندڙ)…