سمر قند قسط ٽئين امين مالوف ترجمو: زاهده ابڙو | # جنوري 2022
ان رات عمر ابو طاهر جي وڏي ڪشادي باغ جي وچ ۾ هڪ اڀريل جاءِ تي ٺهيل هڪ ڪاٺ جي چورس نما پڃري ۾ جنهن تان بيهي سڄي باغ جو منظر ڏسي سگهجي پيو ان اندر هن ڪجهه دير سمهڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي. ان ڪاٺ جي پڃري جنهن جي مٿان ٽُڪ جو خوبصورت ڪم ٿيل هو جنهن جي ڀرسان هڪ ننڍڙي ميز تي پکيءَ جي پَر جو قلم ۽ مس پيل هئي، ڏيئو جنهن کي روشن نه ڪيو ويو هو، ۽ هن جو ڪتاب پهرين صفحي تي کليل هو جيڪو اڃان تائين بلڪل ڪورو هو.
ڀنڀرڪي جي ڌنڌ ۾ هڪ پاڇو سندس اکين اڳيان اڀري آيو، هڪ خوبصورت ڪنيز رڪابيءَ ۾ گدري جون وڍيل ڦاڪون کڻي آئي، نئين لباس جو هڪ جوڙو ۽ ريشم جي دستار ٻڌڻ لاءِ هڪ ڦرڻي- هن سرٻاٽ ۾ هڪ پيغام ڏنو-
”فجر جي نماز کانپوءِ آقا توهان جو انتظار ڪندو.“
ڪمرو اڳ ۾ ئي مدعين (دعويدارن)، سائلن، درٻارين، دوستن ۽ قسمين قسمين ملاقاتين سان ڀريل هو. انهن ۾ زخمي چهرو به هو جيڪو يقينن خبر چار وٺڻ لاءِ اتي پهتل هو. جيئن عمر دروازي اندر داخل ٿيو، قاضيءَ جي آواز هر ڪنهن جي نگاهه ۽ تبصري جو رخ ڏانهس موڙي ڇڏيو.
”امام عمر خيام کي ڀليڪار، جنهن جو حديث جي علم ۾ ڪوبه ثاني ڪونهي. هڪ رجوع ڪيو ويندڙ جنهن جي ڇا ڳالهه ڪجي، هڪ اهڙو آواز جنهن جي ترديد نه ڪري سگهجي.“ اتي ويٺل سڀ ماڻهو هڪٻئي پٺيان بيهي رهيا احترام مان جهڪيا ۽ پوءِ ويهڻ کان پهرين ڪنهن دٻيل آواز ۾ ڪو فقرو ادا ڪيو. عمر پنهنجي اک آڏي ڪري زخمي چهري جو جائزو ورتو جيڪو ڪنڊ ۾ هيسيل ٻلي وانگر بيٺو هو ۽ سندس چهري تي ناپسنديدگي جا گهنج نظر اچي رهيا هئا.
ابو طاهر بيحد رسمي انداز ۾ عمر کي پنهنجي ساڄي طرف کان اچي ويهڻ جي دعوت ڏني، ۽ پاڻ وٽ ويٺل ماڻهن کان ظاهري طور اجازت ورتي. ان کانپوءِ هن ڳالهائڻ شروع ڪيو، ”اسان جي اعليٰ مرتبي واري مهمان کي ڪلهه شام هڪ حادثو پيش آيو. هي اهو ماڻهو آهي جنهن جي خراسان، فارس، ۽ مازندران ۾ عزت ۽ احترام ٿئي ٿو، هي اهو ماڻهو آهي جنهن جي پذيرائي لاءِ هر شهر خواهشمند آهي ۽ جنهن کي هر امير پنهنجي درٻار سان وابسته ڪرڻ جو حرص رکي ٿو، پر ڪلهه ان ماڻهوءَ تي سمر قند جي رستن تي تشدد ڪيو ويو.“
ماڻهن ان تي حيران ٿيڻ جو اظهار ڪيو، جنهن کانپوءِ افرا تفري ٿي وئي قاضي ان افرا تفري کي پهرين روڪڻ جي ڪوشش نه ڪئي ۽ پوءِ ان کي روڪڻ لاءِ اشارو ڪيو، ۽ پنهنجي ڳالهه جاري رکي.
”ان کان وڌيڪ بدتر اهو ته بازار ۾ لڳ ڀڳ جهڳڙو ٿي پيو. جهڳڙو، ۽ اهو به اسان جي عزت ۽ احترام واري حڪمران نصر خان، شمس الملڪ، جي اچڻ کان هڪ ڏينهن پهرين جيڪو ٺيڪ اڄ صبح جو ئي بخارا کان اچڻ وارو آهي، انشاءَ الله! جيڪڏهن هن هجوم کي قابو ڪري منتشر نه ڪيو وڃي ها ته تصور به نٿو ڪري سگهجي ته اڄ اسان ڪيڏي وڏي مصيبت کي منهن ڏيئي رهيا هجون ها. آئون توهان کي خبردار ٿو ڪريان ته ڪوبه سِر پنهنجي ڌڙ مٿان مطمئن نه هجي ها!“
هن ساهه کڻڻ لاءِ ٿورو وقفو ورتو، ۽ ان لاءِ به ته سندس ڳالهه ماڻهن جي دلين ۾ لهي وڃي، خوف اتي ويٺلن جي دلين ۾ پنهنجو ڪم ڪري سگهي.
”خوش قسمتيءَ سان منهنجو هڪ پراڻو عقيدتمند، جيڪو ان وقت اتي موجود هو ان مان واري مهمان کي سڃاڻي ورتو ۽ اچي مون کي خبر ڏنائين.“ هن زخمي چهري ڏانهن آڱر جو اشارو ڪيو ۽ کيس اٿي بيهڻ جو حڪم ڏنو.
”تو امام عمر کي ڪيئن سڃاتو؟“
هو وات ۾ ڪجهه ڀڻڪيو.
”ٿورو زور سان ڳالهائي! هي وڏي عمر جا ويٺل ماڻهو تنهنجي ڳالهه ٻڌي نٿا سگهن!“ قاضيءَ پنهنجي ساڄي هٿ طرف ويٺل هڪ اڇي ڏاڙهي سان 70 سالن جي هڪ شخص ڏانهن اشارو ڪندي رڙ ڪندي چيو.
”مون مانواري مهمان کي سندس ڪلام جي طاقت جي ڪري سڃاڻي ورتو،“ زخمي چهري ڏاڍي مشڪل سان اهي لفظ وات مان ڪڍيا. ”۽ مون کيس قاضيءَ وٽ وٺي اچڻ کان پهرين سندس سڃاڻپ بابت به پڇيو.“
”ڏاڍو سٺو ڪيئي. جيڪڏهن فساد جاري رهي ها ته خون ريزي ٿي سگهي ٿي. تون ان ڳالهه جو حقدار آهين ته هتي اچي اسان جي مهمان جي ڀر ۾ ويهين.“
جڏهن زخمي چهرو اطاعت جو مِڪر ڪندي ويجهو اچڻ لڳو، ابو طاهر عمر جي ڪن ۾ چيو، ”چاهي تنهنجو دوست نه به ٿئي، پر هاڻي هي توکي عوام جي سامهون لتاڙي به نٿو سگهي.“
هو بلند آواز ۾ ڳالهائيندو ويو، ”ڇا مان اميد ڪري سگهان ٿو ته جيڪو ڪجهه هن سٺو آهي ان جي باوجود، خواجه عمر سمر قند مان ڪا خراب ياد کڻي نه ويندو؟“
”ڪلهه شام وارو واقعو ته مون کي هونئن ئي وسري چڪو آهي،“ خيام جواب ڏنو. ”مستقبل ۾، آئون جڏهن به هن شهر کي ياد ڪندس ته بلڪل هڪ الڳ ئي تصوير منهنجي ذهن ۾ اڀرندي، هڪ بيحد نفيس انسان جي تصوير. مان ابو طاهر جو ذڪر نه پيو ڪريان اعليٰ ترين ڀيٽا جيڪا ڪنهن قاضيءَ کي پيش ڪري سگهجي ٿي، اها آهي ته سندس وصفن جي تعريف نه ڪئي وڃي، پر انهن ماڻهن جي ديانتداري جي جيڪي ان جي ذميداري آهن. ان کي اتفاق کڻي چئو، مان جنهن ڏينهن هتي اچي لٿو آهيان، منهنجو خچر ”باب ڪش“ طرف ويندڙ آخري چڙهائي سان ويڙهه وڙهندو رهيو، ۽ مان پاڻ به اڃان زمين تي مشڪل سان قدم ئي رکيا هئا ته هڪ ماڻهوءَ مون سان ڳالهائيندي چيو.“ ‘هن شهر ۾ توهان جو اچڻ سڀاڳو رهي.‘ ڇا توهان جا ڪي مائٽ يا دوست آهن؟“
”مون جواب ڏنو ته نه، بيٺس ئي ڪونه ان ڊپ کان ته ڪو حرفتي نه هجي يا ڪو فقير نه هجي يا ڪو اهڙو اڻ وڻندڙ ماڻهو هجي، پر اهو ماڻهو ڳالهائيندو رهيو:
”’مهمان سائين، منهنجي ڳالهائڻ تي شڪ نه ڪيو. اهو ته منهنجي آقا جو حڪم آهي ته هتي هر ايندڙ جو انتظار ڪريان ۽ هر ايندڙ مسافر کي مهمان نوازي آڇيان.’
”اهو ماڻهو عام حيثيت جو لڳي رهيو هو، پر ڪپڙا صاف سٿرا پاتل هئس ۽ هن ۾ ادب جا گڻ موجود هئا مان سندس پٺيان هلڻ لڳس ٿورو پري هلندي هو مون کي هڪ وڏي ۽ ڳري دروازي اندر وٺي آيو ۽ هڪ اهڙي رستي تي وٺي آيو جيڪو مٿان ڍڪيل هو، جنهن کي اڪري مان هڪ مسافر خاني جي اڱڻ ۾ اچي پهتس جنهن جي وچ ۾ هڪ کوهه هو مرد مايون هيڏانهن هوڏانهن گهمي ڦري رهيا هئا ڪنارن تي، هيٺ مٿي جي منزلن تي مسافرن لاءِ ڪمرا ٺهيل هئا- هن ماڻهوءَ چيو جيستائين توهان جي دل چوي هتي رهي سگهو ٿا، چاهي هڪ رات يا سڄي موسم. اوهان کي هنڌ، کاڌو ۽ خچر لاءِ چارو ملي ويندو.’
جڏهن مون کانئس پڇيو ته منهنجي ذمي ڪيتري رقم واجب الادا هوندي، ته اهو کيس خراب لڳو.
”اوهين منهنجي آقا جا مهمان آيو.“
”چڱو اهو ته ٻڌائي منهنجو سخي ميزبان ڪٿي آهي، ته جيئن مان سندس ٿورا مڃي سگهان.“
”ست سال ٿي ويا آهن منهنجو آقا هن جهان مان موڪلائي ويو آهي. هو مون وٽ ڪجهه رقم ڇڏي ويو هو جيڪا سمر قند جي هر مسافر جي عزت ۽ احترام لاءِ استعمال ڪري سگهان.“
”تنهنجي آقا جو نالو ڇا هو، ته جيئن مان ٻين سان سندس مهربانين جو ذڪر ڪري سگهان؟“
”اوهان کي صرف رب پاڪ جو شڪرگذار ٿيڻ گهرجي کيس چڱيءَ ريت خبر آهي ته سندس معرفت ڪنهن جون مهربانيون پوريون ٿي رهيون آهن.“
”ايئن مان ڪيترائي ڏينهن ان ماڻهو وٽ رهيس. مان ٻاهر گهمندو ڦرندو رهيس جڏهن به واپس آيس ته مون کي دستر خوان تي هڪ کان وڌيڪ لذيذ کاڌن جا انبار لڳل مليا ۽ منهنجي خچر جي نگهداشت پهرين کان به بهتر ٿي رهي هئي جيڪا مان پاڻ به ڪري سگهيس ٿي.“
”عمر اتي ويٺل ماڻهن تي نظر وڌي کيس ڪجهه رد عمل جي اميد هئي، پر سندس اها ڪهاڻي ڪنهن اک ۾ نه تعجب يا ڪا حيرت اڀاري سگهي. قاضيءَ عمر جي مونجهاري کي ڏسي وضاحت ڪئي، ڪيترائي شهر اهو سوچڻ پسند ڪندا آهن ته سڄي عالمي دنيا ۾ اهي ئي سڀ کان وڌيڪ مهمان نواز آهن، پر صرف سمر قند جا ماڻهو ئي ان اعزاز جا مستحق آهن. جيستائين مون کي خبر آهي هتي ڪنهن به مسافر کي پنهنجي قيام يا طعام جي قيمت ادا ناهي ڪرڻي پوندي. مون کي اهڙن ڪيترن ئي درويش خاندانن جو علم آهي جيڪي هتي اچڻ وارن ضرورتمندن جي مهمان نوازي ۾ پنهنجو الهه تلهه برباد ڪريو ڇڏين، پر تون ڪڏهن به کين ڪا ٻٽاڪ هڻندي نه ٻڌندين. هر رستي ۽ موڙ تي جيڪي ڦُوهارا تون ڏسين ٿو جن جو مٺو پاڻي هر راهگير جي اڃ اجهائڻ لاءِ آهي جن جو انگ هن شهر ۾ ٻه هزار کان وڌيڪ آهي، جيڪي ڪاشي، ٽامي ۽ چيني مٽيءَ جا ٺهيل آهن اهي سڀ هتان جي سمر قند جي رهاڪن جا مهيا ڪيل آهن، پر ڇا توکي ڪنهن به هڪ ماڻهوءَ جو انهن تي نالو نظر آيو جيڪو پنهنجي تعريف جو طلبگار هجي؟“
”مان اعتراف ٿو ڪريان ته اهڙي سخاوت مون کي ٻئي هنڌ ڪٿي نظر ناهي آئي. ڇا اوهان مون کي هڪ سوال پڇڻ جي اجازت ڏيندا جيڪو مون کي پريشان ڪري رهيو آهي؟“
قاضيءَ سندس لفظ سندس وات مان ڦريندي چيو، ”مون کي خبر آهي ته تون ڇا ٿو پڇڻ چاهين: اهوئي نه ته جيڪي ماڻهو مهمان نوازيءَ جي وصف کي ايڏو مان ٿا ڏين سي تو جهڙي مسافر خلاف ايڏي شڪ جو مظاهرو ڪيئن ٿا ڪري سگهن؟“
”يا جابر لاغر جهڙي بيوس پوڙهي خلاف؟“
مان توکي جيڪو جواب ڏيڻ وارو آهيان ان جو خلاصو هڪ لفظ ۾ ڪري سگهجي ٿو. خوف. اسان جي دين تي هر طرف کان حملا ٿي رهيا آهن بحرين ۾ قرامته، قُم جا امامي، ٻاهتر فرقه، قسطنتنيه ۾ رومي، قسمين قسمين ڪافر ۽ سڀني کان وڌيڪ مصر جا اسماعيلي جنهن جا پيروڪار وڏي انگ ۾ بغداد جي دل ۾ موجود آهن ۽ خود هتي سمر قند ۾ به. اهو نه وسارجانءِ ته اسان جي اسلامي شهرن مڪي، اصفهان، بغداد، دمشق، بخارا، مرو، قاهرا، سمر قند انهن جي حقيقت ته ڄڻ نخلستان کان وڌيڪ ناهي. هڪ لمحي به انهن کان غفلت ڪئي وئي ته وري هڪ ڀيرو ٻيهر صحرائن ۾ تبديل ٿي ويندا. اهي هميشه کان ريتيلي طوفانن جي رحم ۽ ڪرم تي رهيا آهن!“
پنهنجي کاٻي هٿ واري روشندان مان قاضيءَ ڏاڍي مهارت سان سج جي مٿي چڙهي اچڻ جو اندازو لڳايو. هو اٿي بيهي رهيو.
”حڪمران سان ملڻ جو وقت ٿي ويو آهي“ هن چيو. هن تاڙي وڄائي. منهنجي لاءِ ڪجهه سفر جو سامان مهيا ڪيو.“ اها سندس عادت هئي ته رستي ۾ چاٻي لاءِ پاڻ سان گڏ ڪشمش کڻندو هو، هڪ عادت جنهن جي نقالي ٻه ڄڻا ڪندا هئا جيڪي سندس خاص ويجها ساٿي هئا ۽ اهي جيڪي ملاقاتي هئا. اهو ئي سبب هو جو ٽامي جو هڪڙو وڏو ٿالهه سندس ڀرسان آندو ويو جنهن ۾ زردي مائل ڪشمش جو ڍير لڳل هو ته جيئن اتان هر ماڻهو کڻي پنهنجا کيسا ڀري سگهي.
جڏهن زخمي چهري جو وارو آيو ته هن ان ڪشمش مان ننڍڙي مُٺ ڀري کڻي خيام طرف وڌائيندي چيو، ”منهنجو خيال آهي ته تون اهو چاهيندين ته مان توکي شراب جي بدران اها پيش ڪريان.“
جيتوڻيڪ هن اها ڳالهه وڏي آواز سان نه چئي هئي، پر ڄڻ ڪو جادوئي اثر هو جنهن جي نتيجي ۾ هر ساهه وارو بلڪل خاموش ٿي ويو. هر ماڻهو ڄڻ حيران ٿي اٿي بيهي رهيو ۽ عمر جي چپن کي تڪڻ لڳو- هن چيو-
”جڏهن ڪو شراب پيئڻ چاهيندو آهي ته پنهنجي ساقي ۽ ساٿين جو انتخاب ڏاڍي احتياط سان ڪندو آهي.“
زخمي چهري جو آواز بلند ٿي ويو-
”جيستائين منهنجو تعلق آهي، مان ته هڪ قطري کي به ڇهڻ وارو ناهيان- مان ته جنت الفردوس ۾ جاءِ حاصل ڪرڻ جو خواهشمند آهيان- لڳي ٿو توکي اتي منهنجي رفاقت جي تمنا ڪونهي-“
”سدا حيات زندگي، ۽ اها به معتبر عالمن جي رفاقت ۾؟ نه سائين وڏي مهرباني خدا ته اسان سان ڪنهن ٻي شيءِ جو واعدو ڪيو آهي-“
اها لفظن جي ڏي وٺ اتي ئي رڪجي وئي عمر تيزيءَ سان قاضيءَ ڏانهن وڌيو جيڪو کيس سڏي رهيو هو.
”اهو ضروري آهي ته شهر وارا توکي منهنجي ڀر ۾ سوار ڏسن- ان سان سندن ڪلهوڪي شام وارو تاثر ختم ٿي ويندو-“
عمر کي رهائشگاهه جي چوڌاري جمع ٿيل هجوم ۾ ايئن لڳو ڄڻ ناشپاتي جي وڻ هيٺان ڇانوَ ۾ ڪا بادام فروش نظر اچي رهي هجي هن رفتار ڍري ڪئي ۽ کيس ڳولڻ لاءِ هيڏانهن هوڏانهن ڏسڻ لڳو، پر ابو طاهر کيس ٽوڪيو-
”اڃان تيز هل خان اسان جي اتي پهچڻ کان اڳ ۾ ئي وارد ٿي ويو ته تنهنجي لاءِ مصيبت ٿي ويندي.
…(هلندڙ)…