سنڌ جي آبپاشيءَ جو مختصر جائزو
قسط 03
سنڌ جي آبپاشيءَ جو مختصر جائزو
سيد عطاءُ الله شاهه
آئون ٻي قسط ۾ گهاري محمودو جو سراسري طور ذڪر ڪري ويو آهيان۔ هي واهه پنهنجي برانچن سميت 221 ميل ڊگهو هو۔ ان واهه جي ڊسچارج ته ملي ڪانه سگهي باقي اها ڄاڻ ملي سگهي ته هي واهه 64979 ايڪڙ زمين کي سيراب ڪندو هو ۽ انگريزن جي لکيل مواد موجب سينٽرل حيدرآباد ڪئنال ڊسٽرڪٽ جو وڏو واهه هو. گهارو محمودو کانپوءِ هن علائقي جو وڏو واهه مارک هو جنهن کي اي ايڇ ائٽيڪن E.H.Aitken واري گزيٽيئر ۾ ان علائقي جو سڀ کان سهڻو واهه سڏيو آهي. هو لکي ٿو ته هن واهه جا وڪڙ گهٽايا ۽ کاٽي کڻائي ته انتهائي سهڻو ۽ ڪارائتو واهه بڻجي پيو جنهن جي ڊسچارج 1180 ڪيوسيڪ هئي ۽ 54887 ايڪڙ ٻنيءَ کي سيراب ڪندو هو.
تاريخي مواد ۽ پنهنجي مشاهدي جي آڌار تي لکان ٿو ته سڪرنڊ تعلقي جي هالا سان دنگائي ديهه جي نقر ڍنڍ مان پاڻي کڻندڙ علي بحر ڪچهري واهه مان مارک واهه کرين واري دريائي بندرگاهه کان ٿورو اڳيان پاڻي کڻندو هو هي واهه اصل ۾ سنڌو درياءَ مان پاڻي کڻندو هو، پر پوءِ درياءَ جي البيلائن جي ڪري علي بحر مان پاڻي کڻندو هو۔ ڏاڍو تيز وهڪرو رکندڙ واهه هو۔ وڏن کان ٻڌندا هئاسين ته سنڌ جو هڪڙو مشهور سخي ڄام ڪانڀو خان ان واهه جي کاٽي کڻائيندو هو ۽ واهه جي منڍ تائين هليو ايندو هو۔ ياد ڏياريندو هلان ته ڄام ڪانڀو خان سنڌ جي هڪڙي منفرد وڏي وزير جو والد هو. وڏا ٻڌائيندا هئا ته مارک جي منهن کي آيل ڳنڍو جڏهن کوليندا هئا ته پڙهو ڏياريو ويندو هو ته فلاڻي رات مارک واهه جو ڳنڍو کوليو ويندو ماڻهو ۽ سندن مال پري رهي۔ پوءِ آڌيءَ رات جو مارک جو منهن کوليو ويندو هو. جتي هن وقت اسان جي وڏن جي ورتل ٻني آهي مارک ان کي ٻن حصن ۾ ورهايو بيٺو آهي شايد 1972 جي ڳالهه آهي دريائي اٿل جو پاڻي چڙهندو پئي آيو مون مارک جي ڳنڍي کي وڃي مضبوط ڪرايو۔ مون کان علي بحر ڪچهري واهه جي تيز وهڪري جي دهشت ڪانه ٿي وسري. مارک کي وري نور واهه، ڄام واهه ۽ مارک ننڍو به پاڻي آڻي ڏيندا هئا. مارک واهه جي ڪل ڊيگهه 27 ميل هئي، پر منڍ کان ٿورو هيٺ کان وٺي ان مان ڪيترائي ٻيا واهه ڪڍيا ويا هئا ڪل واهن جي ڊيگهه ٻه سئو ميلن کان سوائي هئي. هن واهه مان نڪرندڙ شاهو واهه تي 1899ع ۾ ريگيوليٽر ٺاهيو ويو هن واهه جو پاڻي اڳتي هلي هڪڙي نو فوٽ جي لوهي نالي وسيلي جمڙائو جي هيٺان گذاري سنجهوري تعلقي جي ٻنين کي سيراب ڪيو ويو. هالا جي حدن مان ڪڍيل گهلو واهه به پنهنجو مٽ پاڻ هو جنهن جون ڪيتريون ئي شاخون هيون. گهلو ڪئنال جي ميرواهه نالي شاخ ميرواهه گورچاڻي ويجهو جمڙائو واهه جي اولهه شاخ مان اٺ فوٽ قطر جي لوهي نالي وسيلي گذري ٿي جنهن کي ريگيوليٽر ذريعي ڪنٽرول ڪيو ويندو هو ميرواهه شاخ ميرپورخاص تعلقي جي زمينن کي سيراب ڪندي هئي.
سنڌ جي آبپاشي واري سرشتي جو ابو انگريز سپرنٽينڊنٽ انجنيئر جي. جي فائف (J.G.Fife) کي سڏيو وڃي ٿو جنهن اٿل واهن يعني inundation canals جي اوڻاين کي سمجهيو ۽ انهن کي دائمي واهن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ رٿون ڏنيون.
آئون هن مضمون جي اختتامي حصي جي طرف ويندس..