سنڌ جي ٿر کان وچ ايشيا جي آمو دريا تائين (I)

الطاف شيخ جو سفر نامو

نه سي سڙهه سکاڻ (سنڌ هند کان روس چين تائين)

سنڌ جي ٿر کان وچ ايشيا جي  آمو دريا تائين (I)

الطاف شيخ

مون جهڙو ماڻهو جنهن جي زندگي جو هڪ حصو دنيا جي مختلف بندرگاهن ۾ گذريو ان لاءِ اهي تاريخي بندرگاهه جيڪي اڄ کڻي ان اوجَ تي نه آهن ته به وڏي اهميت ۽ دلچسپي رکن ٿا. انهن مان هڪ جنهن جو پاڻ ذڪر ڪري چڪا آهيون سنڌ جي ٿرپارڪر ضلعي جي تعلقي ننگرپارڪر جو پَري مندر آهي جيڪو ويراواهه ڳوٺ کان 6 ڪلوميٽرن جي فاصلي تي آهي. پر اڄ اتي پهچي توهان کي حيرت ٿيندي ته اتي فقط هڪ جين مندر جا آثار آهن….. ڇا جو بندرگاهه ڇو جو شهر جيڪو تيرهين صدي تائين ان وقت جي دنيا جو مشغول ۽ مشهور بندرگاهه هو. ٻيو ته ٺهيو پر بندرگاهه لاءِ ته سمنڊ هجڻ ضروري آهي پر اڄ هيڏانهن ته اهو به ميلن تائين نظر نٿو اچي.

نقشي ۾ نظر ڪبي ته سنڌ جي ضلعي ٿرپارڪر کانپوءِ ڏکڻ ۾ هندستان جو ”رڻ جو ڪڇ“ آهي جيڪو ڪنهن زماني ۾ سمنڊَ جو چاڙهه هو ۽ مختلف ملڪن جا ٻيڙا عربي سمنڊ مان ٿي، ڪڇ جو رڻ اڪري هن سهڻي بندرگاهه ۾ پهتا ٿي جنهن جو نالو ئي هو پَري نگر بندرگاهه. ان وقت جي سڙهن وارن جهازن لاءِ، آئون تصور ڪري سگهان ٿو ته هي بندررگاهه واهه جو سڻائو رهندو هوندو. نه ڪراچيءَ وارا ڪُن (Under Currents) نه کُلئي سمنڊ وارا طوفان. بندرگاهه اندر هجڻ ڪري ٻاهرن ملڪن کان آيل سامان گڏهن ۽ اٺن ذريعي يڪدم اندروني سنڌ، گجرات ۽ راجستان پهچي ويندو هوندو. پر پوءِ چوڏهين صدي جي شروعات ڌاري سمنڊ جو پاڻي لهڻ لڳو ۽ آهستي آهستي ٿي هن بندرگاهه ۾ آمدرفت بند ٿي وئي. چوڌاري ميلن تائين رڳو واري ئي واري رهجي وئي. هڪ ٻهڪندڙ چهڪندڙ شهر ويران ٿي ويو…. بندر ۽ بازاريون سڃيون ٿي ويون….واپاري ۽ ناکئا هڪ هڪ ٿي ٻين تڙن ڏي هليا ويا. ”بندر بازاريون، سڃيون سامونڊين ريءَ“

دراصل ان سامونڊي لاٿ کان هڪ صدي کن اڳ ئي هن شهر جي بدقسمتي جو آغاز 1222 کان شروع ٿيو جڏهن ايران جي خورزم گهراڻي جي آخري شاهه بادشاهه جلال دين تي چنگيز خان جلهه ڪري آيو ۽ هو همت ڪري هن جو مقابلو ڪرڻ بدران پنهنجي لشڪر جو ڪجهه حصو وٺي هيڏانهن هوڏانهن ڀڄندو ۽ لڪندو رهيو ۽ پنهنجي سلطنت وڃائڻ جي عيوض پنهنجيون باهيون ٻين علائقن مان ڪڍندو رهيو. هو پَري نگر کان به اچي نڪتو ۽ هِتي جي ماڻهن جي مار مارا ۽ شهر کي ائين تباهه ڪيو جيئن هن کان اڳ رستي تي ايندڙ ٻين شهرن ملتان، اُچ ۽ بکر کي ڪيو. پَري نگر کي ساڙي هو ڀنڀور پهتو جنهن کي پڻ هن تباهه ڪري ڇڏيو پر اهو آهي ته پري نگر ۾ رهندڙ جين ڌرم جي واپارين خوب پئسو ڪڍي هن بندرگاهه کي هڪ مدت اندر وري جيئاري ورتو. پوءِ اهي ساڳيو رونقون کڻي موٽي نه آيون پر ان حال ۾ ضرور رهيو جو هڪ صدي تائين عرب دنيا ۽ لنڪا توڙي ممباسا ۽ زئنز يبار کان، واپاري ٻيڙا ۽ تاجر ايندا ويندا رهيا جيسين وڃي سمنڊ پوئتي هٽيو ۽ آخرڪار آمدرفت بند ٿي وئي. گذريل چند صدين ۾ پري نگر کنڊر ٿي ويو آهي. ٻيو ڪجهه به نه بچيو آهي پر هڪ جين مندر جا فقط ڪجهه حصا ۽ ڪجهه ڊٺل گهر موجود آهن جن بابت اخبار ۾ پڙهيم ته ڀر واري ڳوٺ ويراوهه جا ماڻهو پنهنجا گهر ٺاهڻ لاءِ انهن تاريخي جاين مان سرون ڪڍيو وڃن. اهڙيون ئي چوريءَ جون ڳالهيون موهن جو دڙو بابت پڻ ٻڌجن ٿيون. ڪيڏي افسوسَ جي ڳالهه آهي ته اسان جي  ماڻهن کي پنهنجي تاريخ ۽ ثقافت جي تباهي جو ڪو افسوس نٿو ٿئي.

پَري نگر بندرگاهه جو اوج ته ان ڏينهن کان ختم ٿيو جڏهن ايران جي بادشاهه جلالدين خوارزميءَ هن کي اچي ساڙيو…. ان بعد جيتوڻيڪ پاڻ مارجي ويو پر ايران جي شهنشائيت قائم رهي. هڪ پٺيان ٻيو بادشاهه ۽ هڪ گهراڻي بعد ٻيو گهراڻو ايران تي سالن جا سالَ راڄ ڪندو رهيو ۽ بادشاهي نظام هلندو رهيو تان جو گذريل صدي جي آخر ۾ (1979ع ۾) امام خمينيءَ اسلامي انقلاب آڻي هن ملڪ ۾ جمهوريت آندي ۽ مارمارا، داداگيري ۽ Killing کي ٻنجو ڏنو.

مون ايران جي شهنشاهن ۽ سندن ڪمن بابت پنهنجي ايران واري سفرنامي ”ايران ڏي اڏام“ ۾ ڪافي لکيو آهي. اسان جي ملڪ جا ماڻهو جيتوڻيڪ گهڻي کان گهڻو ايران وڃن ٿا پر هو گهڻو ڪري پنهنجو سفر زيارتن تائين محدود رکن ٿا. اسان جي وڏن فارسي پڙهي ٿي ۽ هنن کي وري به ايران جي ڪافي ڄاڻ رهي ٿي پر اڄ جي نوجوان ٽهيءَ کي ڏِسان پيو ته هڪ طرف ايران ۽ وچ ايشيا جي ملڪن جي ته ٻئي طرف اسانجي پاڙي وارين رياستن گجرات ۽ راجستان وغيره جي ڄاڻَ تمام نه برابر وڃي رهي آهي. ايران جو بادشاهه جلال الدين ”خوارزم گهراڻي“ جي بادشاهن مان هو جن 1096ع کان 1230ع تائين ”ايران“ تي حڪومت ڪئي جيڪو انهن ڏينهن ۾ ”پرشيا“ سڏبو هو ۽ منجھس اڄوڪي ايران کان علاوه اوسي پاسي جي ملڪن جا به ڪجهه حصا اچي ويا ٿي. خوارزم گهراڻي (Khwarezmid Dynasty) کان پهرين ايران تي سلجوقن (تغلق بيگ، مالڪ شاهه، سليمان شاهه وغيره)، غزنوين (سبڪتگين، محمود وغيره)، سمانيا ۽ ٻين گهراڻن جو راڄ هو.

سلجوقن جي جيئن ئي حڪومت ڪمزور ٿي ته خوارزم جي شاهن آخري سلجوق بادشاهه تغرل سوم کي قتل ڪري پاڻ ايران جا حاڪم ٿيا. هنن ايران تي 134 کن سال حڪومت ڪئي. 1218 ڌاري چنگيز خان ايران ڏي ٽريڊ مشن موڪلي جنهن کي پاراب جي گورنر جاسوس سمجھي سندن سامان ضبط ڪيو ۽ کين قتل ڪرائي ڇڏيو. چنگيز خان ان جي بدلي ۾ خون بها گهري پر ان وقت جي ايراني بادشاهه علاؤ الدين محمد (جلال دين جي پيءُ) انڪار ڪيو. فيبروري 1220 ۾ چنگيز خان ٻه لک ماڻهن جي فوجَ سان ايران تي چڙهائي ڪئي ۽ رستي تي ايندڙ شهرن بخارا ۽ گرگانج کي تباهه ڪري خوارزم سلطانن جي گادي واري شهر سمرقند کي باهيون ڏئي ماڻهن جو ايڏو قتل ڪيو جو انساني کوپڙين جو ٽَڪر بنجي ويو. هي به انهن ڏينهن ۾ فئشن هوندو هو يعني حملي وقت نه فقط شهر جون عمارتون ساڙيون ويون ٿي پر قتل ڪيل ماڻهن جو سر ڌڙ کان ڌار ڪري انهن جو اهرام ٺاهيو ويو ٿي.

چنگيز جي حملي تي ايران جو شاهه علاؤالدين محمد سمرقند ڇڏي وٺي ڀڳو ۽ ڪجهه هفتن بعد ڪئسپين سمنڊ جي هِڪَ ٻيٽَ تي گذاري ويو. سندس پٽ جلال الدين نئون سلطان ٿيو. يعني هن کي تخت ۽ تاج ته نه مليو پر سندس قبيلي جي ماڻهن کيس پڳدار بنايو. چنگيز خان هن کي به نه ڇڏيو. هو جان بچائڻ لاءِ پنهنجي ڪجهه لشڪر کي وٺي انڊيا ڏي ڀڳو. انهن ڏينهن ۾ دهلي جي تختَ تي التمش جو راڄ هو جنهن عباسي خليفن جي ڊپ کان جلال دين کي پاڻ وٽ نه رکيو. تخت ۽ تاج وڃائڻ جي غم ۽ غصي ۾ هو رستي تي ڀُڄ، ملتان ۽ ٿرپارڪر جي بندرگاهه پَري نگر کي تباهه ڪندو رهيو. آخرڪار 1213 ۾ کيس چنگيز جي ماڻهن ماري ڇڏيو.

ايڪسپريس ٽربيونل اخبار جي ڪالم نگار ۽ لاهور جي سنگ ميل طرفان ڇپايل ڪِتاب The Apricot Road to Yarkand  جي مصنف سلمان راشد ”پري نگر“ جي کنڊرن کي ڏسي لکيو ته جلال الدين گيديءَ هن شهر کي برباد ڪري ڇڏي. ان  ڪالم تي ڪنهن  Comments ۾ لکيو آهي ته سلمان کي جلال الدين لاءِ اهڙو لفظ “Cowardly” استعمال نه ڪرڻ کپي. تنهن تي ٻئي لکيو ته ڇو نه . هو ڊڄڻو ئي ته چئبو جو چنگيز خان جي لشڪر جو مقابلو ڪرڻ بدران وتيو ٿي امن امان وارا شهر ساڙيندو ۽ بي هٿيار ماڻهن کي ماريندو.

مٿي بيان ڪيل پاراب شهر جيڪو اڄ ڪلهه اترار (Utrar) سڏجي ٿو وچ ايشيا جو شهر آهي جيڪو قزاڪستان مان لنگهندڙ شاهراهه ريشم (Silk Road) تي آهي. چنگيز خان منگول هو جيڪو 1162 ۾ ڄائو ۽ 1227 ۾ وفات ڪيائين. ڄمڻ وقت سندس نالو تيموجن هو. هو منگوليا جي بدو قبيلن کي گڏ ڪري پاور ۾ آيو ۽ پنهنجو پاڻ کي چنگيز خان سڏرياائين. هن يورپ ۽ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن تي چڙهائي ڪري پنهنجي حڪومت ته وڌائي پر هن ان لاءِ دنيا ۾ وڏيون خونريزيون ڪيون.

هِتي اهو به لکندو هلان ته ٿر جي بندرگاهه پري نگر کي تباهه ڪرڻ واري ايراني شاهه جلال الدين خوارزم جي خاندان جو واسطو خوارزم علائقي سان هو جيڪو امو دريا (Amu Darya) جي ڊيلٽا تي وڏي ۾ وڏو خياباني علائقو آهي. جنهن جي اتر ۾ ارل سمنڊ (Aral Sea) آهي ته اوڀر ۾ قائزل قم (Kyzul Kum) رڻ پٽ آهي. سندس ڏکڻ ۾ ڪارا ڪم بيابان آهي ته اوڀر ۾ استرت (Ustyurt) پليٽو آهي. اڄ خوارزم جو ڪجهه حصو ازبڪستان ۾ آهي ته ڪجهه ڪزاڪستان ۾ ته ڪجهه ترڪمنستان ۾.

مون سان گڏ سئيڊن جي يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ ازبڪستان جو شاگرد اميرلو جنهن جو واسطو هن علائقي خوارزم سان آهي ۽ هو انگريزي کان علاوه ترڪي ۽ ازبڪ زبانون ڳالهائي ٿو، ان ٻڌايو ته هنن (خوارزمين) جي نسل جو واسطو اڄ جي ايرانين سان آهي ۽ ماضي ۾ هنن جي وڏن اوڀر ايران واري زبان ڳالهائي ٿي جيڪا خوارزمي سڏجي ٿي. هن جومطلب هو ته خوارزمي فارسي جي ئي ڀيڻ سمجھڻ کپي. جيئن اسان وٽ کڻي چئجي ته پنجابي ۽ سرائڪي آهي بهرحال خوارزمي زبان آذري، ازبڪ ۽ ترڪي زبانن وانگر ڪا ڌارئين زبان نه آهي.

هتي اهو به لکندو هلان ته عربي جي مشهور سائنسدان البيروني (ابوالريحان محمد اِبن احمد البيروني) جو واسطو وچ ايشيا جي هن علائقي خوارزم سان هو جيڪو ان وقت پرشيا (ايران) جو حصو هو جيئن ڪنهن زماني ۾ ملتان به سنڌ ۾ اچي ٿي ويو. البيرونيءَ کان ٻيو ڪو واقف هجي يا نه پر لياقت يونيورسٽي جا شاگرد ۽ پروفيسر ضرور هوندا جو ان جي نالي تي ڄامشوري ۾ هاسٽل پڻ آهي. اهڙي طرح پنڊ دادن خان (پنجاب) ۾ البيروني ڊگري ڪاليج ۽ علي ڳڙهه انڊيا ۾ البيروني هاسٽل پڻ آهي. نيو دهلي جي جاميه همدرد (يونيورسٽي) ۾ ويو هوس ته اتي پڻ البيروني نالي هاسٽل هئي ۽ ازبسڪتان جي شهر گرگانج جي هڪ اهم روڊ جو نالو ”البيروني اسٽريٽ“ آهي  جنهن تي خوارزم پئلس نالي شاندار هوٽل به آهي. البيروني سڄي دنيا ۾ مشهور آهي. ايتريقدر جو روس وارن هن جي مانَ ۾ پوسٽ جي ٽڪلي پڻ جاري ڪئي آهي.

البيروني 973ع ۾ (يعني اڄ کان 1130 سال اڳ خورزم ۾ ڄائو. پاڻ اسلامي دنيا جو وڏو عالم، سائنسدان، تاريخدان، حسابدان ۽ زبانن جو ڄاڻو ٿي گذريو آهي کيس پنهنجي مادري زبان خوارزمين، ايراني ۽ عربي کان علاوه يوناني، هيبرو، شامي ۽ سنسڪرت پڻ آئي ٿي. جِتي پاڻ سائنس ۽ ميڊيڪل جي ڄاڻَ کان واقف هو اتي سندس ايجاد ڪيل مئٿس ۽ Astronomy جي ڳالهين مان اسان جهازران فيض حاصل ڪريون ٿا. هن ڪجهه عرصو خوارزم ۾ علم حاصل ڪرڻ بعد زندگي جو وڏو حصو غزني ۾ گذاريو جِتي 1048 ۾ سندس وفات ٿي. غزني شهر اهو آهي  جِتي جو محمود غزني هو جنهن گجرات (انڊيا) جي سومناٿ مندر تي لڳاتار ڪاهون ڪيون. اڄ ڪلهه غزني افغانستان ۾ آهي پر تن ڏينهن ۾ افغانستان جو اهو حصو به ايران سان شامل هو ۽ غزنوي گهراڻي جي حڪومت ۾ ايران جي گاديءَ جو شهر هو.

1017 ۾ محمود غزنويءَ پنهنجي حڪومت ۾ هن (البيروني) کي ڪورٽ ۾ ماهر نجوم جي حيثيت سان پاڻ وٽ رکيو ۽ سومناٿ تي حملا ڪرڻ وقت محمود غزنوي سان گڏ البيروني به هليو ٿي. اهڙي طرح البيرونيءَ انڊيا ۾ ڪجهه سالَ گذاريا ۽ سنسڪرت زبان سکڻ سان گڏ انڊيا جي ڪيترين شين: رسمن رواجن ۽ تهذيب تمدن جي ڄاڻَ حاصل ڪئي ۽ 1030 ۾ ڪِتاب ”تاريخ الهند“ مڪمل ڪيو.

بيرونيءَ ڌرتيءَ جو radius‏ ماپڻ جو پڻ طريقو ايجاد ڪيو جيڪو هن ڪنهن جبل جي اوچائيءَ کي ذهن ۾ رکي ڪڍيو ٿي. اهو تجربو هن پنجاب (پاڪستان) جي جابلو شهر پنڊ دادن خان جي قلعي نندنا ۾ ڪيو. اڄ به اتي جي کنڊهرن ۾ شهر جي ڪجهه عمارتن ۽ مندر جا نِشانَ قائم آهن. نندنا تي هندو شاهي بادشاهن جو راڄ هو جن سلطان محمود غزنويءَ جي حملي بعد خالي ڪري ڇڏيو ۽ بيرونيءَ هِتي ڌرتيءَ جي نيم قطر (radius) جون ماپون ورتيون. البيروني جي هن تَرَ ۾ آمد ڪري، شايد پنڊ دادن خان جي ماڻهن پنهنجي شهر جي ڊگري ڪاليج جو نالو البيروني رکيو آهي.

البيرونيءَ جو هندستان بابت هڪ ڪِتاب جيڪو فارسي ۽ عربي کان علاوه  ٻين به ڪيترين ئي زبانن ۾ ڇپيو آهي ۽ اڄ کان سؤ سالَ کن اڳ 1910 ۾ لنڊن جي Trubner & Co نالي پبلشنگ اداري Alberuni’s India نالي ڇپرايو، پڙهڻ لائق آهي جنهن جي 50 کن بابن (Chapters) مان ڪجهه هن ريت آهن:

  • هِندُن جو خدا ۾ يقين.
  • ذاتين مُطابق
  • بت پرستي جي شروعات
  • ويدن ۽ پرنائن بابت
  • هندستان ۽ اتي جي ندين مطابق
  • لنڪا بابت
  • مهيني جي حصن ۽ سالَ بابت
  • سمڌي
  • چئن يوگا بابت….. وغيره.

No. 054b

الطاف شيخ

سنڌ جي ٿر کان وچ ايشيا جي  آمو دريا تائين (II)

بهرحال ايران ۽ خوارزم جو ذڪر ڪندي مسلمان دنيا جي آڳاٽي ۽ مشهور حڪيم، سائنسدان، حسابدان، تاريخ نويس، مختلف زبانن جي ڄاڻو البيروني جو ذڪر نڪتو ته هو خوارزمي هو يعني هو خوارزم ۾ ڄائو ۽ سندس مادري زبان خوارزمي هئي جيڪا ايراني فارسي سان ڪافي مشابهت رکي ٿي. خود بيرونيءَ پنهنجي هِڪَ عربي ڪِتاب ”ال آثار الباقية عن القرون الخالية“ ڪِتاب جي 47 صفحي تي خوارزمين جي ايرانين سان پنهنجائپ هُجڻ جي باري ۾ لِکي ٿو ته:

”آلفرس اءهل خوارزم…. ڪانو غصناءِ من دوحة“

(خوارزم جا ماڻهو پرشن (ايران) وڻ جي هِڪَ شاخَ آهن)

فارسي ادبَ خوارزم ۽ ان جي شهر جي نالن سان ڀريو پيو آهي. روميءَ پڻ ”بخارا“ ۽ ”ديهه خُدا“ جو ذڪر ڪيو آهي خاقاني شيرواني جو شعر آهي:

عالم جانها بر او هست مقرر چنانڪ

دولت خوارزم شاهه داد جهان را قرار

(دلين جي دنيا هن جي حڪم هيٺ ائين آهي جيئن خوارزم شاهن دنيا ۾ قرار آندو آهي)

 

شيخ سعدي جو شعر آهي:

يڪي پر طمع پيش خوارزم شاهه

شنيدم  ڪهه  شد  بامدادي  پگاهه

(هڪ هٻڇي همراهه خوارزم شاهه ڏي ويو هڪ صبح جو سوير، اهو ڪجهه آ مون ٻُڌو)

خوارزم صوبي جو دارالخلافه گرگانج رهيو جيڪو Konye Urgench به سڏيو وڃي ٿو جيڪو فارسي زبانَ ۾ ”ڪهنه گرگانج“ سڏجي ٿو.

مشهور عرب جاگرافر ياقوت المحوي (1179-1229) 1219 ۾ خوارزم ۽ ان جي گادي جو هنڌ گرگانج گهمڻ لاءِ ويو. هن گرگانج بعد لکيو ته ”مون گرگانج جهڙو سهڻو ۽ امير شهر ڪٿي به نه ڏٺو.“ بهرحال لڳاتار حملن هن شهر کي ڊاهي رکيو خاص ڪري منگولن اَمُو درياهه جي ڊئم ڀَڃي هن شهر کي ٻوڙائي ڇڏيو. ياقوت الحموي لکي ٿو ته منگول فوج جي هِڪَ هِڪَ سپاهيءَ گرگانج جي چئن ماڻهن کي ماريو. جيڪي ڪجهه مرڻ کان بچيا ۽ هو فقط زخمي ٿيا انهن مان هڪ نجم الدين ڪبرا ٻڌائي ٿو ته گرگانج شهر جا اٽڪل اسي هزار ماڻهو قتل ڪيا ويا. هيٺيون فارسي شعر ان قتل عام جي عڪاسي ڪري  ٿو.

آخر اي خاڪ خراسان داد يز دانت نجات

از بلاي غيرت خاڪ ره گرگانج وڪات

 

(او خراسان جي ڌرتي! الله توکي حفاظت ۾ رکيو آ، ان مصيبت کان جيڪو گرگانج ۽ ڪات کي ڀوڳڻو پيو.)

بهرحال بخارا ۽ سمر قند شهرن جي سونهن ۽ هاڪَ جو احوال فارسي ادب ۾ جام آهي. منهنجي خيالَ ۾ حافظ جو هي شعر انهن شهرن جي شانَ ۽ مانَ جي عڪاسي ٿو ڪري:

اگر  آن ترڪ شيرازي بهه دست آرد دل مارا

بهه خال هندو يش بخشم سمر قند و بخارا

(جيڪڏهن اهو شيرازي ترڪ ڇورو منهنجي دل جيتي، ته آئون هن جي ڳل جي تِرَ جي بدلي کيس هيرن جهڙا شهر سمر قند ۽ بخارا ڏئي ڇڏيان)

ڳالهه ٿا ڪن (جنهن جو احوال آئون پنهنجي ايران جي سفرنامي ايران ڏي اڏام/ايران ڪي دن ۾ به  ڪري چڪو آهيان) ته حافظ جو اهو شعر ٻڌي ان وقت جي حاڪم تيمور لنگ کي باهه وٺي وئي ۽ حافظ کي ڪورٽ ۾ گهرائي دٻ پٽي ته تون آهين اهو، جيڪو ٻئي جي  مالَ تي سخاوت هلائيندو وتين. سمرقند ۽ بخارا جهڙا عَظيم شهرَ جيڪي مون خبر ناهي ڪيئن حاصل ڪيا آهن سي تون پنهنجي يارَ جي تِرَ جي بدلي ڏيڻ جا اعلان ڪندو وتين؟“ حافظ جواب ۾ چيو: ”سرڪار! سخاوت جي ڪمن ڪري ئي ته  منهنجا هي فقيراڻا حال وڃي ٿيا آهن ۽ هاڻ پنهنجي گهر ۾ ڪجهه نه رهيو اٿم ته تنهنجي مالَ غنيمت تي خيرات ڪندو وتان.“

چون ٿا ته تيمور لنگ اهو جواب ٻڌي ايڏو خوش ٿيو جو حافظ کي انعام اڪرام ڏئي روانو ڪيو.

شروع ۾ خوارزم علائقي جي جاگرافيائي بيهڪ بابت لکيو اٿم ته اهو آمو دريا ندي جي ڊيلٽا وٽ آهي جيئن سنڌ جو لاڙ وارو علائقو سنڌو ندي جي  ڊيلٽا وٽ آهي. لڳي ٿو ته اڙدو ۽ سنڌي جو لفظ درياهه فارسي يا ترڪ زبانَ جو آهي جو ايراني توڙي ازبڪ ۽ ترڪ هن نديءَ کي ”آمو دريا“ ندي سڏين ٿا جيتوڻيڪ افغانستان ۾ هن نديءَ کي پشتو زبانَ ۾ ”آمو سنڌ“ Da Amu Sind سڏين ٿا. آمو ندي وچ ايشيا جي وڏي اهم ندي آهي جيڪا وخش ۽ پنج ندين جي ميلاپَ سان ٺهي ٿي.

شروعات ۾ اهو به لکي آيو آهيان ته هن علائقي خوارزم جي مختلف طرفن کان ارل سمنڊ، قزلڪم ۽ قاراقم رڻ پٽ ۽ استرت پليٽو آهن. ارل سمنڊ (Aral Sea) جنهن کي فارسي ۾ دريائي خوارزم سڏين ٿا هڪ ڍنڍ نما سمنڊ آهي. ترڪ زبانَ ۾ ارل جي معنيٰ ٻيٽ آهي. ارل سمنڊ معنيٰ ٻيٽن جو سمنڊ. هن سمنڊ ۾ 1534 ٻيٽ اچي ويا ٿي.

قزل ڪم دنيا جو سورهون نمبر وڏو رڻ پٽ آهي. ترڪي زبان جي فئملي جي سڀني زبانن ۾ قزل ڪم (Kyzul Kum) جي معنيٰ ڳاڙهي ريتي آهي. هي رڻ پٽ آمو دريا ۽ سر (Syr) درياهن جي وچ ۾ آهي ۽ اهو ٽن ملڪن ۾ اچي وڃي ٿو: قازخستان، ازبسڪتان ۽ ڪجهه حصو ترڪمنستان ۾ به اچي ٿو.

قاراقم رڻ پٽ جنهن جي ترڪي زبان ۾ معنيٰ ڪاري ريتي آهي، وچ ايشيا جي هاڻوڪي ملڪ ترڪمنستان جي 70 سيڪڙو ايراضي والاري ٿي. هتي مينهن تمام گهٽ وسي ٿو ۽ آدمشماري اسان جي ٿر واري علائقي کان به گهٽ آهي.

اسلامي دنيا جي مشهور بايوگرافر  ۽ جاگرافر ياقوت الحموي (1179-1229) مطابق هن علائقي جو نالو خوارزم ٻن لفظن جو جوڙ آهي: خوار+ رزم جيڪو رڌل مڇي جي گهڻائي ڏي اشارو آهي  جيڪا هِتي جي ماڻهن جو عام کاڌو آهي. بوس ورٿ (C.E Bosworth) نالي هڪ انگريز خوارزم لاءِ لکيو آهي ته خور معنيٰ سج ۽ زم معنيٰ ڌرتي يعني اها ڌرتي جِتان سج اڀري ٿو. پر مون سان گڏ سئيڊن جي يونيورسٽي ۾ پڙهندڙ خوارزمي ايراني چوندو هو ته اهو لفظ خار (هيٺاهين) زم (ڌرتي) جو جوڙ آهي. يعني هيٺاهين ڌرتي ۽ ان ۾ به ڪو شڪ ناهي ته سڄي وچ ايشيا ۾ ڪئپسين سمنڊ کان علاوه خوارزم وارو علائقو تمام هيٺاهون آهي. بهرحال هن علائقي دنيا جا ڪيترائي قابل ماڻهو پيدا ڪيا. البيروني کان علاوه ٻه ٽي ٻيا به نالا کڻندس جن کان ضرور توهان به واقف هجو:

  • نجم الدين ڪبرا ـــ صوفي، فقير منش.
  • طورا بيگ خانم ـــ ڪتلوگ تيمور جي زالَ
  • محمد ابن موسيٰ الخوارزمي ـــ زبردست حسابدان جنهن الگورٿم ايجاد ڪيو ۽ کيس ان نالي سان سڏيو به وڃي ٿو.
  • محمد ابن احمد ـــ ڏهين صدي جو انسئڪلوپيڊسٽ جنهن مفتح ِ علوم ڪِتاب لکيو جنهن جو انگريزي ۾ ترجمي واري ڪِتاب جو نالو آهي: Key to the Sciences..
  • قطب الزمان ـــ فيلسوف.
  • ابوبڪر خوارزمي ـــ اسڪالر
  • ابل غازي بهادر ـــ تاريخدان.
  • شير محمد مونس ـــ شاعر تاريخدان…… وغيره.

پڙهندڙن جي دلچسپي لاءِ ڪجهه سِٽون مٿي بيان ڪيل محمد ابن  موسيٰ خوارزمي بابت لکڻ ضرور ٿو سمجھان جيڪو لئٽن دنيا ۾ الگورتمي جي نالي سان ۽ اسپيني زبان ۾ گئارسمو ۽ پورچوگالي زبان ۾ الگئارسمو سڏيو وڃي ٿو جيئن ابو سينا مغربي دنيا ۾ اووسينا سڏيو وڃي ٿو. انگريزي لفظ آلجبرا به هن جي ڪري پيو جو هن Linear ۽ Quadratic Equations کي Solve ڪرڻ لاءِ جيڪو طريقو ڪڍيو ان کي عربي زِبانَ ۾ الجبر سڏجي ٿو. (Completion or, subtracting a number from both sides of equation)

هن جي ان طريقي (جبر) ايجاد ڪرڻ تان آلجبرا نالو مشهور ٿيو. هن طريقي کان مئٽرڪ جو هر هڪ شاگرد واقف هوندو. مثال طور a2=40a-4a2 جدول (equation) مان ڪاٽو (minus) نشاني ڪڍڻ لاءِ ٻنهي پاسن ۾ 4a2 جوڙ ڪبا ته ٿيندو.

5a2 = 40a

وغيره يا وري. x2+14 = x+5 جهڙي equation سوڙهو ڪري اسان x2+9=x لکي سگهون ٿا. ان طريقي کي عربي ۾ جبر سڏجي  ٿو ۽ اهو طريقو محمد ابن موسيٰ خوارزمي جي ايجاد آهي جيڪو هن پنهنجي ڪِتاب ”الڪِتاب المختصر في حساب الجبر و المقابلة“ ۾ ڏنو آهي. هي ڪِتاب هن 50 سالن جي ڄمارَ ۾ 830 ۾ لکيو، جنهن لاءِ سندس همت افزائي ان وقت جي خليفي المامون ڪئي. ان بعد اهو ڪِتاب لئٽن زبانَ ۾ ترجمو ٿيو. هن عربي ڪِتابَ جي هِڪ ڪاپي آڪسفورڊ ۾ رکيل آهي جنهن جو انگريزي ترجمو 1831 ۾ روزن (F. Rosen) ڪيو. ان وقت جي لئٽن ڪِتابَ جي ڪاپي ڪئمبرج ۾ پڻ رکيل آهي.

محمد ابن موسيٰ خوارزمي علم فلڪيات (Astronomy) ۽ ٽرگناميٽري جو به ماهر هو جيڪا اسان وٽ خاص ڪري جهازراني ۾ رستو ڳولڻ ۽ جهاز جو مفاصلو طيءِ ڪرڻ جي حِسابَ ۾ ڪم اچي ٿي. مزيدار ڳالهه اها ته سندس علم فلڪيات ڪِتاب ۾ سنڌ جو به ذڪر آهي……. بلڪه ڪِتاب جو نالو ئي آهي: ”زيج السنڌ هند“ جنهن جو انگريزي ۾ ترجمو ٿيل ڪِتاب جو نالو آهي: The Astronomical Tables of Sindh & Hind هن ڪِتاب ۾ 37 کن بابَ ڏينهن (سج)، چنڊ ۽ پنج سيارن جي چرپر جي حِسابَ بابت آهن. (انهن ڏينهن ۾ فقط پنجن سيارن جي ڄاڻَ هئي. شروع واري عربي ڪِتابَ جي ڪاپي ڪٿي به موجود ناهي جيڪا 820 ۾ ڇپي. ان بعد اسپين جي هڪ مسلمان ماهر فلڪيات ابن احمد المرتيءَ اِنَ ڪِتابَ جو سن 1000 ۾ لئٽن ۾ ترجمو ڪيو  جنهن جون چار ڪاپيون موجود آهن. جن مان هڪ لنڊن جي لئبرري ۾ ۽ باقي ٽي پئرس، مئڊرد ۽ آڪسفورڊ جي لئبررين ۾ آهن.

”زيج السنڌ هند“ ڪِتابَ ۾ Cosine & Sine جا ٽرگناميٽرڪ فنڪشن جا ٽيبل به آهن. الگورزم ۽ الگورٿم لفظ سندن لئٽن نالي Algortimi تان ورتا ويا آهن ۽ اسپين ۽ پورچوگال ۾ سندس نالو گئارسمو جي معنيٰ انگ (Digit) آهي. 833ع ۾ سندس جاگرافي تي ڪِتاب ”ڪِتاب صورة الارض“ ڇپيو. پاڻ 780 ۾ خوارزم ۾ جنم ورتو هئائين ۽ 850 ۾ وفات ڪيائين.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments