سنگاپور کي ٺاهڻ وارو همراهه

الطاف شيخ جو سفر نامون “وري ياد آيا”

قسط: 1

سنگاپور کي ٺاهڻ وارو همراهه

الطاف شيخ

ٽيون ڏينهن هالا جي گرلس ڪاليج ۾ منهنجو ليڪچر هلي رهيو هو ته ان دوران درٻيلي جي منهنجي ننڍپڻ جي ڪلاس ميٽ ۽ جهازي ساٿي ڪئپٽن احمد حسين مخدوم جو سنگاپور کان فون آيو.

“مَنو! ڪٿي آهين؟ پاڻ وارو همراهه رات گذاري ويو، ويري سئڊ!”

احمد حسين مخدوم سان منهنجي سڃاڻپ ۽ ساٿ 1960ع کان آهي، جڏهن آئون ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ هئس ته هن فرسٽ ايئر ۾ ۽ سندس سال کن ننڍي ڀاءُ خالد حسين مخدوم اسان جي مئٽرڪ ڪلاس ۾ داخلا ورتي هئي. منهنجي هنن سان يڪدم سٺي دوستي ٿي وئي، جو سندن والد صاحب جسٽس مخدوم عبدالوالي پتي راند جو شوقين هجڻ ڪري منهنجي ناني سيٺ محمد حسن سومرو جو سٺو دوست هو ۽ موڪل واري ڏينهن تي هي ٻه، ٽيون عبدالصمد ڪاڇيلو (منهنجي ڪلاس ميٽ رفيع ڪاڇيلي جو والد) ۽ چوٿون هيرآباد جو سيٺ مولراج ڀيرواڻي (پيٽارو ڪيڊٽ ڪاليج جي هڪ ٻئي ساٿي رميش ڪمار جنهن جو ڪِٽ نمبر ون هو، جو والد) حيدرآباد جي انگريزن جي ڏينهن جي ونڊسر نالي مشهور ريسٽورينٽ ۽ بار ۾ ڪلاڪن جا ڪلاڪ تاش کيڏندا هئا. ڪئپٽن احمد حسين مخدوم جو والد صاحب بيحد سادگي پسند ۽ ايماندار سرڪاري ڪامورو هجڻ ڪري منهنجي والد گل محمد شيخ جو به دلپسند دوست هو. سندس ان عظمت کان وڏي ٻي ڪهڙي ڳالهه ٿي سگهي ٿي، جو سندس والد يعني احمد حسين جو ڏاڏو جيڪو نوابشاهه ۽ موري پاسي جو وڏو پير هو، ان جي وفات بعد جسٽس مخدوم عبدالواليءَ گادي نشين بڻجي پيري مريدي هلائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

ڪئپٽن احمد حسين مخدوم جيتوڻيڪ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۾ مون کان هڪ سال سينئر هو، پر انٽر بعد ٻه سال مهراڻ انجنيئرنگ ڪاليج ۾ پڙهڻ بعد هن کي مرچنٽ نيوي جو شوق ٿيو ۽ هن جڏهن مئرين اڪيڊمي چٽگانگ، اوڀر پاڪستان (هاڻ بنگلاديش) ۾ داخلا ورتي ته هو مون کان هڪ سال جونيئر ٿي پيو. تعليم حاصل ڪرڻ بعد ڪاليجي ساٿين کي ورلي ڪو ساڳي جهاز تي Sail (نوڪري) ڪرڻ جو موقعو ملي ٿو، پر عجيب اتفاق آهي جو اسان ٻئي ڪيترن ئي جهازن تي گڏ گڏ رهياسين ۽ ڏور اوڀر توڙي يورپ ۽ آمريڪا جي بندر گاهن ۾ گڏ گڏ گهمندا رهياسين. سمنڊ تي به جهاز هلائڻ دوران جيئن ته هن جي نيويگيشن برانچ هئي ۽ منهنجي انجنيئرنگ برانچ جي ساڳي رئنڪ هجڻ ڪري اسان جي ڊيوٽي جا ڏينهن وارا چار ڪلاڪ توڙي رات وارا چار ڪلاڪ ساڳيا رهيا ٿي، يعني ساڳي وقت گڏجي جهاز هلاياسين ٿي. ڊيوٽي دوران چانهه پيئڻ مهل هڪٻئي سان فون يا واڪي ٽاڪي ذريعي چرچا ڀوڳ ۽ خبرون ڪندا رهياسين ٿي ۽ ايندڙ بندر گاهه ۾ گڏ گهمڻ جا پروگرام پڻ سمنڊ تي ئي ٺاهيندا هئاسين.

 

سمنڊ جي نوڪري ڇڏي جڏهن ڪناري جي نوڪري جي چونڊ ڪئي سين ته خبر پئي ته اسان ٻئي هڪ ئي ملڪ ملائيشيا جي ساڳي تعليمي اداري ۾ ٽيچنگ لاءِ اچي نڪتا آهيون، جنهن لاءِ اسان ڪوبه پهرين کان پروگرام نه ٺاهيو هو. ملائيشيا اچڻ کان اڳ ڪئپٽن احمد حسين مخدوم هڪ يوناني جهازران ڪمپني جي جهاز تي ڏکڻ آمريڪا ۾ هو، آئون پاڪستاني جهاز تي جاپان ۾ هئس. احمد حسين کي به مون وانگر ماستر ٿيڻ جو ننڍپڻ کان شوق هو ۽ تعليم دوران سٺو شاگرد ٿي رهڻ ته هنن جي سڄي فيملي جي رت ۾ آهي. احمد حسين جا سڀ ڀاءُ ڀيڻ پڙهائيءَ ۾ هوشيار، ذهين ۽ محنتي رهيا آهن ۽ سٺو شاگرد ئي سٺو ٽيچر ٿي سگهي ٿو. سندس وڏي ڀيڻ ثريه مخدوم به مهراڻ ڪاليج ۾ ڪيترائي سال پڙهايو ۽ سندس ننڍن ڀائرن خالد، زاهد ۽ جاويد مخدوم جن به هر امتحان ۾ اعليٰ پوزيشن کنئي.

 

ڪئپٽن احمد حسين مخدوم به پهريون سنڌي بلڪه پهريون پاڪستاني آهي، جنهن نيويگيشن سان واسطو رکندڙ سبجيڪٽ ۾ ڊاڪٽوريٽ ph.D ڪئي آهي.

ملائيشيا ۾ ڏهاڪو کن سال پڙهائڻ بعد آئون ته موٽي آيس، پر هي 1982ع کان ان تر ۾ اڃان تائين درس تدريس جو ڪم ڪندو اچي… پوءِ ڪڏهن ملائيشيا ۾ ته ڪڏهن برونائي ۽ سنگاپور ۾. ملائيشيا ۾ رهڻ دوران اسان هميشه گڏ گڏ گهمڻ يا آفيس طرفان سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ملائيشيا جي مختلف شهرن: ڪوالالمپور، شاهه عالم، اپوح، پينانگ وغيره توڙي سنگاپور ۽ ٿائلينڊ ڪار يا ٽرين ذريعي ويندا هئاسين. تن ڏينهن ۾ اسان جي ملڪ ۽ ماڻهن جو وڏو قدر هو. سريلنڪا ۽ دبئي جي ته ڇا، پر ملائيشيا ۽ سنگاپور جي ايئر لائين، شپنگ ڪمپني ۽ نيول تعليمي ادارا اسان پاڪستانين هلايا ٿي. ساڳي وقت امن امان جي حالت بهتر هجڻ ڪري ۽ ملائيشيا ۽ سنگاپور جا سياسي ليڊر سادگي پسند هجڻ ڪري اسان جون هنن سان قومي ڏينهن توڙي عيدن ۽ نيو ايئر جي موقعي تي ٿيندڙ اوپن هائوسنگ ۾ دوستي جي حد تائين ملاقاتون رهيون ٿي. ملڪ جي وزيراعظم کان اسيمبلي جي ميمبرن تائين سڀني اسان جو خيال رکيو ٿي ۽ هنن کي احساس هو ته اسان سندن نوجوان ٽهيءَ کي تعليم ڏيئي قابل بڻائي رهيا آهيون. هونئن به هن تر (Malay Archipelago) جي ماڻهن جي اها خوبي آهي ته هو ماستر (Cigu) “چِگو” جي وڏي عزت ڪن ٿا. اهوئي سبب آهي جو ملائيشيا جا ماڻهو پنهنجي وزيراعظم مهاتير محمد کان وڌيڪ سندس والد جي عزت ڪن ٿا، جيڪو ماستر ماڻهو هو.

اسان جي شهر ملاڪا کان سنگاپور ايئن هو جيئن هالا، سڪرنڊ يا ٺٽي ۽ ٿاڻي بولا خان جي ماڻهن لاءِ حيدرآباد، هڪ نه ٻئي آچر تي يا عيد برات جي موڪل تي اسين ملاڪا کان صبح جو نڪرندا هئاسين ۽ ٽن ڪلاڪن اندر سنگاپور پهچي ويندا هئاسين. اڌ رستي تي آئر حطام نالي شهر اچي ٿو، جيڪو ايئن آهي جيئن ڪراچي ۽ حيدرآباد جي وچ ۾ نوري آباد… جتي نيرن ڪندا هئاسين ۽ رات جو واپس موٽڻ مهل ان ئي شهر آئير حطام ۾ هڪ انڊين مسلمان جي ريسٽورينٽ ۾ رات جي ماني کائيندا هئاسين. ڪڏهن ڪڏهن سنگاپور ۾ ڪنهن سستي هوٽل يا دوست جي گهر ٽڪي پوندا هئاسين. سنگاپور ۾ اسان جا ڪيترائي ڪيڊٽ ڪاليج پيٽارو ۽ مئرين اڪيڊمي چٽگانگ جا ڪلاس ميٽ مختلف نوڪرين ۾ هئا. هو ملائيشيا ايندا هئا ته اسان وٽ رهندا هئا. اسان سنگاپور اليڪٽرونڪ جي سامان يا ڪپڙن، بوٽن ۽ ڪراڪري جي سامان لاءِ ويندا هئاسين. ان قسم جو سامان سنگاپور ۾ سستو هو ۽ سنگاپور جا اسان جا دوست ملائيشيا جا جنگل ۽ قدرت جا نظارا ڏسڻ کان علاوه ملائيشيا مان ڀاڄيون ميوا، گوشت ۽ مڇيون خريد ڪرڻ لاءِ ايندا هئا. جيڪي شيون سنگاپور ۾ تمام مهانگيون ٿين ٿيون، جو اهي ٻين ملڪن مان امپورٽ ڪيون وڃن ٿيون. پيٽرول به ملائيشيا مان ذري گهٽ اڌ قيمت تي رهيو ٿي. …(هلندڙ)…

5 1 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments