سون اُپائيندڙ زمينون هائوسنگ اسڪيمن جي ور چڙهيل June 2021

پاڪستان جهڙو ملڪ جيڪو پنهنجي بيهڪ جي حساب سان قدرت جي ڪيترين ئي نعمتن سان مالا مال آهي، جنهن ۾ جابلو ۽ ميداني علائقا به آهن ته ساڳئي وقت ٿڌا ۽ گرم علائقا به موجود آهن، نه رڳو ايترو، پر چئن موسمن جي قدرت کان عطا ٿيل نعمت به پاڪستان جي حصي ۾ آيل آهي. اهڙا علائقا سڄي دنيا ۾ زراعت جي لاءِ آئيڊيل تصور ڪيا ويندا آهن. موهن جي دڙي جو شهر سنڌو درياءَ جي ڪناري آباد ٿيو ان جو به وڏي ۾ وڏو سبب اهو هو ته زمين ذرخيز هئي ۽ پاسي کان سنڌو درياءَ ٿي وهيو جتي پنج هزار سال اڳ جي انسان ڪڻڪ، چانور ۽ ڪپهه پوکي سڄي دنيا سان واپار ڪيو.

افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته هي دور علم، ادب، هنر، فن ۽ ٽيڪنالاجيءَ جو دور آهي جنهن ۾ قومون پنهنجي محدود صلاحيتن مان به وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ڪري رهيون آهن. پاڪستان جهڙو ملڪ نظرياتي بنيادن تي وجود ۾ آيو ۽ پنهنجي عوام کي بهتر مستقبل جا خواب ڏيکاريا اڄ اتي بلڊر مافيا پنهنجي لوهي پنجي ۾ سڄي ملڪ کي خاص طور سنڌ کي ڦاسائي ورتو آهي. سنڌ جيڪا صدين کان سنڌوءَ جي پاڻيءَ سان پنهنجي سيني کي سيراب ڪندي ڪيترن ئي قسمن جا فصل ۽ ميوا عوام جي کاڌ ۽ خوراڪ لاءِ مهيا ڪري رهي آهي، نه رڳو ايترو، پر ان مان ملڪ پرڏيهي ناڻو به ڪمائي رهيو آهي. هن وقت سنڌ جي وڏن شهرن جي اوسي پاسي واريون زرعي زمينون تيزيءَ سان وڪامجي رهيون آهن ۽ اتي بلڊر مافيا مختلف هائوسنگ اسڪيمون جوڙي رهيا آهن. هائوسنگ اسڪيمون ٺهڻ وقت جي ضرورت آهن جنهن جي لاءِ وفاقي ۽ صوبائي سطح تي رٿابندي ڪئي ويندي آهي جنهن ۾ هر طرح سان اهو خيال رکيو ويندو آهي ته ملڪ جي آباديءَ کي ڪهڙيءَ طرح سان ننڍن وڏن شهرن ۾ ورهائي انهن جي ضرورتن کي پورو ڪيو وڃي ته جيئن وڏن شهرن تي گهڻو بوجهه نه پوي ۽ سڀني علائقن ۾ يڪسان ترقي ٿي سگهي، نه رڳو ايترو پر زرعي زمينن جو تحفظ به وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جو فرض آهي. ڇو ته اهي ملڪ جي عوام جي لاءِ کاڌ خوراڪ حاصل ڪرڻ جو ذريعو آهن. جيڪڏهن انهن کي محفوظ نه ڪيو ويو ته اڳتي هلي کاڌي پيتي جون شيون عوام جي پهچ کان ٻاهر نڪري وينديون. سنڌ جي زرعي زمينن کي صرف هائوسنگ سوسائٽين کان ئي خطرو ناهي، پر وفاق طرفان مختلف شاهراهن جوڙڻ لاءِ به سنڌ جي زرعي زمينن کي تباهه ڪيو پيو وڃي. جيڪڏهن بهتر پلاننگ ڪجي ته زرعي زمينن کي تباهه ڪرڻ کان بغير انهن شاهراهن لاءِ ٻيا محفوظ روٽ به ڳولهي سگهجن ٿا. جيئن هن وقت “سکر حيدرآباد شاهراهه” جوڙڻ لاءِ نوابشاهه، مورو، دادو، نوشهروفيروز، محرابپور، رسول پور، لاڙڪاڻو، خيرپور ۽ سکر جي سوين ايڪڙ زرعي زمين ان روٽ جي لتاڙ ۾ ايندي. هن وقت اسان کي وفاقي ۽ صوبائي سطح تي اهڙي ڪابه رٿابندي نظر نٿي اچي ته سنڌ جي زرعي زمينن کي تباهه ڪرڻ کان ڪيئن بچايو وڃي، پر لڳي ايئن ٿو ته وفاق جي دٻاءُ ۾ اچي سنڌ سرڪار خاموشيءَ سان پنهنجون سون اڳائيندڙ زمينون انهن شاهراهن جي حوالي ڪري رهي آهي.

ان قسم جي ڀيانڪ صورتحال ۾ سنڌ جي مستقبل تي ڪيترائي اڻ وڻندڙ اثر پئجي رهيا آهن. ڇو ته اسان جي لڳ ڀڳ 60 سيڪڙو آبادي سڌي يا اڻ سڌيءَ طرح زراعت سان سلهاڙيل آهي، اهي ماڻهو زراعت کانسواءِ ڪوبه ٻيو هنر نٿا ڄاڻن جڏهن اهي بيروزگار ٿيندا ته صوبي ۾ غربت جي شرح ۾ اڃان به وڌيڪ اضافو ٿيندو. ڇو ته زرعي زمينن کي ختم ڪرڻ کانپوءِ انهن علائقن ۾ ڪابه صنعت قائم نه پئي ڪئي وڃي. هر صوبائي حڪومت کي پنهنجن ماڻهن جي کاڌي پيتي جي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاءِ رٿابندي ڪرڻ گهرجي. اسان وٽ ذرخيز زمينون آهن، نهري نظام موجود آهي، کوٽ آهي ته سرڪار جي سرپرستيءَ جي جيڪا نه هجڻ ڪري اسان جو ننڍو آبادگار ڪڏهن پاڻي نه هجڻ ڪري ته ڪڏهن فصلن جا سٺا اگهه نه ملڻ سبب تمام گهڻي مايوسيءَ جو شڪار ٿي رهيو آهي. ان سڄي صورتحال ۾ جيڪڏهن کيس لينڊ مافيا طرفان زمين جي عيوض سٺا اگهه ملن ٿا ته هو زمين وڪڻندو ٿو رهي. جنهن جو نتيجو اڳتي هلي بک ۽ بدحالي جي صورت ۾ اڳيان اچڻو آهي. ڇو ته هتان جي ماڻهوءَ جي زمين تان مالڪي به ختم ٿي رهي آهي ته اڳتي بک ۽ بدحالي سندس راهه ۾ خيما کوڙي انتظار ڪري رهي آهي. زرعي زمينن جي هائوسنگ اسڪيمن ۾ غير معمولي واڌ ويجهه ڪري سنڌ جي ڊيمو گرافيءَ کي به انتهائي غير محسوس طريقي سان تبديل ڪيو پيو وڃي. ڇو ته پاڪستان جي آئين مطابق ڪنهن به صوبي جو ماڻهو ٻئي ڪنهن به صوبي ۾ وڃي جائيداد خريد ڪري سگهي ٿو. اهڙي آئيني حق جي نتيجي ۾ سنڌ سڀني کان وڌيڪ ڀوڳيو آهي ۽ اڳتي سنڌ جي ڊيمو گرافي تيزيءَ سان تبديل ٿيندي نظر اچي رهي آهي. جنهن جا نتيجا سنڌ جي عوام کي ئي ڀوڳڻا پوندا. اهڙي خطرناڪ صورتحال تي سنڌ سرڪار ستل نظر اچي ٿي ۽ سنڌ جي زرعي زمين سنڌ جي اصل مالڪن جي هٿن مان اسان جي ڪوتاهين جي ڪري نڪرندي پئي وڃي. ان سلسلي ۾ وفاق به غفلت جو شڪار نظر اچي رهيو آهي يا ايئن کڻي چئون ته وفاق جي غلط پاليسين جو اثر صوبن تائين پهچي رهيو آهي. ڇو ته پي ٽي آءِ حڪومت گذريل سال اهو اعلان ڪيو هو ته اڏاوت جي ڪاروبار ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ وارن کان آمدني جو ذريعو نه پڇيو ويندو، جنهن جو مطلب اهو آهي ته ڪاري ناڻي کي اڇي ناڻي ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ لينڊ مافيا ميدان تي لٿل آهي ۽ حڪومت انهن جي سهولتڪار بڻيل آهي، جيڪا وفاق جي ملڪ سان دشمني تصور ڪري سگهجي ٿي. جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ جي زمين چاهي اها ڪراچيءَ جي اوسي پاسي جي ڳوٺن جي هجي يا آباد زرعي ايراضي هجي تيزيءَ سان ولاز، فارم هائوسن ۽ هاءِ رائز بلڊنگن ۾ تبديل ٿي رهي آهي. سنڌ سرڪار سان گڏوگڏ اها ننڍن وڏن زميندارن ۽ آبادگارن جي به ذميداري آهي ته اهي ان مسئلي تي آواز اٿارين ۽ سنڌ جي مستقبل کي اونداهي ۾ ڌڪيندڙ سازش تي ڌيان ڏين. سنڌ جي آبادگارن کي ان طرف ڀرپور توجهه ڏيڻ گهرجي ۽ پنهنجي زمينن کي انهن اسڪيمن لاءِ هرگز نه وڪڻڻ گهرجي.

اڃان وقت هٿن مان ناهي ويو سٺي رٿابندي ڪري اسين زرعي زمينن کي بچائي سگهون ٿا جن مان اسين پاڻ ڀرائي جي حد تائين اناج، ڪپهه، ڪمند، ڀاڄيون، ميوا پيدا ڪري خود ڪفيل ٿي سگهون ٿا، پرڏيهي ناڻو به ڪمائي سگهون ٿا ۽ غربت جو خاتمو به ڪري سگهون ٿا. اها نه صرف اسان انسانن، پر فطرت ۽ ماحول جي ضرورت پڻ آهي. سنڌ حڪومت کي گهرجي ته سنڌ جي زرعي زمينن جي مالڪي ڪري زرعي زمينن کي هائوسنگ اسڪيمن ۾ تبديل ڪرڻ جي عمل کي روڪي، روينيو کاتي جي اختيارين ۽ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي تي نظر رکي ته اهي رهائشي ۽ تجارتي مقصدن لاءِ زرعي زمين جي منتقلي وارن اختيارن جو ناجائز استعمال ته نه ڪري رهيا آهن. سنڌ حڪومت کي اها صلاح به ڏجي ٿي ته اها آبادگارن کي سهولتون ڏي، ڀاڻ ۽ دوائون سستي اگهه تي فراهم ڪري، فصلن جي امدادي قيمت مقرر ڪري، پاڻي جي انصاف ڀري ورڇ ۽ فراهمي يقيني بڻائي ۽ زراعت تي ٻڌل صنعتن جو ڄار وڇايو وڃي ته جيئن آبادگار پنهنجي فصلن مان بهترين لاڀ حاصل ڪري سگهن ۽ ڳوٺاڻي آبادي جي زندگيءَ ۾ بهتري اچي سگهي. جيڪڏهن ايئن ٿيو ته آبادگار پنهنجي نفعي آور زمين کي ريئل اسٽيٽ جي سوداگرن کي هرگز وڪرو نه ڪندو. تڏهن اسين فطرت ۽ ماحول دوست سنڌ کي وڌيڪ سائو ستابو ڪري سگهنداسين. وقت اچي ويو آهي جو سنڌ سرڪار کي زراعت، فطرت ۽ ماحول دوست ٿيڻو پوندو. اها وقت جي گهرج آهي ته زراعت، فطرت ۽ ماحول کي بچايو وڃي ته جيئن ڳوٺاڻي آبادي کي غربت ۽ بيروزگاري کان بچائي سگهجي.

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments