بلاگخاص

شهري ٻوڏ

شهري ٻوڏ

راهول بنساري

ڪراچي سنڌ جي دل مسلسل ٻن هفتن کان وڌيڪ طوفاني برساتن کي منهن ڏنو آهي، شهر جي ڪيترن ئي علائقن ۾ زندگي عملي طور بند ٿي وئي آهي. ڪراچي پاڪستان جو سڀ کان وڏو شهر آهي ۽ دنيا جو ستون وڏو شهر پڻ قرار ڏنو ويو آهي. اهو پاڪستان جو هڪ ڪاروباري مرڪز ۽ پاڪستان جي معاشي سرگرمين جو سينٽر سمجهيو وڃي ٿو، جيڪو ملڪ کي اندازن 164 ارب جي ڊي پي ڊي ساليانه فراهم ڪري ٿو. هي شهر هڪ بندرگاهه تي مشتمل آهي، جيڪا ڏکڻ ايشيا جي وڏي ۽ مصروف ترين ۽ اونهي بندرگاهه آهي، جيڪا ملڪ جي 60 سيڪڙو ڪارگو کي سنڀاليندي آهي. هي اهو واحد شهر آهي جيڪو ملڪي معيشت کي سنڀالي ٿو ۽ ڪمزور معيشت کي هٿي ڏيڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ٿو. ڇو ته اهو پاڪستان جو معاشي حب آهي. انهن سببن جي ڪري هن شهر کي سپر پاور قومن طرفان جنهن ۾ هندستان ۽ چين شامل آهن پنهجو پسنديده شهر قرار ڏنو آهي. هي انهن شهرن مان هڪ آهي جنهن ۾ گهڻ قومي شهر جون خاصيتون موجود آهن. ڪيترن ئي ليکڪن اهو تبصرو ڪيو آهي ته سي پيڪ جي پويان بنيادي سبب ڪراچي آهي. ڇاڪاڻ ته غير ملڪي شهرين هن شهر ۾ مستقبل لاءِ مختلف موقعا محسوس ڪيا آهن، جيڪي ٻين هنڌن تي ملڻ ڏکيا آهن. ان کانسواءِ سنڌ جي زمين کي امن جي سر زمين طور پڻ سڃاتو ويندو آهي ۽ ڪراچي جو شهر هر هڪ ماڻهو کي پنهنجي جهولي ۾ آباد ڪري سگهي ٿو ۽ پنهنجا خوب ساڀيان ڪري سگهي ٿو.

پر جڏهن شهر جي انتظاميه جي ڳالهه ڪجي ٿي ته تمام پريشاني جي ڳالهه نظر اچي ٿي ته هڪ ملٽي نيشنل شهر هجڻ جي ڪري ان کي مناسب انفرااسٽرڪچر هجڻ گهرجي (يعني: روڊ، بجلي جي فراهمي، سيوريج سسٽم، پاڻي ۽ ڪميونيڪيشن جا نيٽ ورڪ) ماڻهن کي آساني سان متحرڪ ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ. پر افسوس ته هي شهر اهڙين سڀني سهولتن کان محروم آهي. تازو آيل ٻوڏ شهر جي خراب حڪومتي ڪارڪردگي ۽ بد انتظامي واري صورتحال جا پول کولي ڇڏيا آهن. شهر جا مکيه انڊر پاس (ڪي پي ٽي انڊر پاس ۽ سب ميرين چورنگي انڊر پاس) مسلسل 2 ڏينهن تائين ٻڏيل رهيا جنهن تمام خراب صورتحال پيدا ڪئي. ميٽرو پول جو مين علائقو ، آءِ آءِ چندريگر روڊ برسات کانپوءِ 16 ڪلاڪن تائين ٻڏل رهيا. شهر جا مکيه علائقا 36 ڪلاڪن ۽ کان مٿي بجلي کان محروم رهيا. 10 کان وڌيڪ ماڻهو برسات جي پاڻي ۾ مختلف حادثن ۾ فوت ٿي ويا. ڪراچي ۾ برسات جي ڪري اها ڳالهه سامهون آئي آهي ته پاڪستان جي جي ڊي پي کي مينهن جي ڪري هر روز 449 ملين ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي. جيڪڏهن هن شهر جي ماڻهن کي سٺو انفرااسٽرڪچر ڏنو وڃي ها ته ماڻهن کي ايتري گهڻي نقصان کي منهن نه ڏيڻو پوي ها. ڪراچي جي ميونسپل ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) تحت 680 ملين رپين جي تازي بجيٽ ڪراچي جي سمورن ڇهن ضلعن جي مرمت، بحالي، روڊن جي فوٽ پاٿن ۽ سيوريج جي لائنن لاءِ مختص ڪئي وئي هئي. اهو چئي سگھجي ٿو ته جيڪڏهن بجيٽ جو 70 سيڪڙو به صحيح نموني سان خرچ ڪيو وڃي ها ته مينهن سبب شهر ۾ ايتري وڏي تباهي پيدا نه ٿئي ها. اهو به ڏٺو ويو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ سنڌ حڪومت جي وچ ۾ هميشه کان ڇڪتاڻ رهي آهي، جيڪا ميٽرو پول ۾ وڏي پئماني تي تباهيءَ جو سبب بڻيل آهي. تنهنڪري اهو نتيجو اخذ ڪري سگهجي ٿو ته جيڪڏهن اهي ادارا ذاتي ۽ انفرادي مفادن کان هٽي ڪري هڪٻئي جي سهڪار سان گڏيل ۽ موثر طريقي سان ڪم ڪندا ته پوءِ ڪراچي دنيا جو هڪ عظيم ڪاروباري مرڪز بڻجي سگهي ٿو.