خاص

طالبان پاران اڄ ئي حڪومت ٺاھڻ جو امڪان

افغانستان مان آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ اڄ افغان حڪومت ٺاهڻ جو امڪان آهي ۽ ان سلسلي ۾ طالبان جمعي جي نماز کانپوءِ ڪابل ۾ هڪ اهم اجلاس طلب ڪري ورتو. پرڏيهي ميڊيا موجب طالبان پاران اڄوڪي ٿيندڙ اجلاس ۾ حڪومت جي سربراهه ۽ ڪابينا بابت فيصلو ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب، ملا هيبت الله کي طالبان حڪومت جو سپريم ليڊر جڏهن ته ملا عبدالغني برادر کي حڪومت جو سربراهه بڻائڻ جو امڪان آهي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته قطر ۾ طالبان جي سياسي آفيس جو ڊپٽي ڊائريڪٽر شير محمد عباس Stanikzai کي افغانستان جو پرڏيهي وزير مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ملا ضعيف کي پاڪستان ۾ سفير طور مقرر ڪيو ويندو. ذريعن موجب طالبان ترجمان ذبيح الله مجاهد ۽ سراج الدين حقاني کي به ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آهي، ان کان سواءِ طالبان حڪومت ۾ عبدالله عبدالله، حامد ڪرزئي، گلبدين حڪمت يار سوڌو ٻين افغان اڳواڻن کي به شامل ڪري سگهجي ٿو. ياد رهي ته طالبان 15 آگسٽ تي ڪابل جو ڪنٽرول سنڀاليو هو ۽ اعلان ڪيو هو ته جيستائين افغانستان ۾ هڪ به آمريڪي فوجي موجود آهي ان وقت تائين حڪومت جو اعلان ڪيو ويندو ۽ نه ئي ڪابينا جوڙي ويندي. آمريڪا 31 آگسٽ کان اڳ ئي افغانستان مان نڪري ويو، جنهن کانپوءِ طالبان حڪومت ٺاهڻ لاءِ مشاورت تيز ڪئي ۽ افغان ميڊيا جي رپورٽن موجب هاڻي طالبان حڪومت ٺاهڻ لاءِ پنهنجي مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي.