پاڪستانخاصنيو‍‍ز

عرفان مهر جي قتل جو معاملو حل، زال ۽ ٻيا گھرڀاتي ملوث نڪتا

ڪراچي ۾ قتل ٿيل سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان مهر جي قتل ۾ زال ۽ ڀيڻ سميت سڄي فيملي ملوث نڪتي. وقتي طور آءِ جي ڪراچي غلام نبي ميمڻ ڪائونٽر ٽِيررزم ڊپارٽمينٽ جي انچارج (سي ٽي ڊي) راجا عمر خطاب سان گڏ ميڊيا بريفنگ ۾ ڪيس بابت ڪيترائي انڪشاف ڪيا. غلام نبي ميمڻ ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس سنڌ بار ڪائونسل جي سيڪريٽري عرفان مهر جي قتل جي جوابدارن کي پڪڙي ورتو آهي. هن چيو ته عرفان مهر جي قتل جي جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ملڪيت جو تڪرار هو ۽ ان واردات ۾ مقتول جي زال ۽ ڀيڻ سميت سڄو خاندان ملوث هو. غلام نبي ميمڻ چيو ته راجا عمر خطاب ڪيس حل ڪيو آهي، اهو قتل ملڪيت جي تڪرار تي ٿيو آهي. سندس چوڻ هو ته سي ٽي ڊي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي، قتل ڪندڙن کي 30 لک رپين جو قرض ادا ڪرڻ جي لالچ ڏني وئي هئي. سي ٽي ڊي انچارج ميڊيا کي ٻڌايو ته پهرين ڊسمبر تي عرفان مهر کي قتل ڪيو ويو، ٻن موٽرسائيڪل سوار جوابدارن واردات ڪئي. هن چيو ته عرفان مهر ٻارڙي کي اسڪول ڇڏي واپس اچي رهيو هو ته جوابدارن کيس نشانو بڻايو، واردات کانپوءِ جوابدار ڳوٺ فرار ٿي ويا هئا. راجا عمر خطاب اهو به چيو ته ڪيس ۾ ملوث جوابدار اڪبر ۽ واجد لاکي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻنهي جوابدارن واردات ڪئي، پر منصوبابندي ۾ ٻيا ماڻهو ملوث هئا. سندس چوڻ هو ته مقتول جي زال پريشان هئي ڇو جو عرفان هن تي تشدد ڪندو هو، مقتول جي زال پسٽل خريد ڪرڻ لاءِ جوابدارن کي پئسا ڏنا. سي ٽي ڊي انچارج چيو ته فائرنگ اڪبر ڪئي، واردات ۾ مقتول جي زال سميت 2 عورتون به ملوث آهن.