ڪهاڻيون

عشق ناهي پروڙ! ليکراج ميگهواڙ Aug 2020

مون کي عِشق ٿي ويو آھي ڪبير! توهان عِشق ڪيو آھي؟

ڪبير شام نما جو پيلو هيڊو ويسُ ڏسندي ڌرتيءَ جي چوڌاري آڪاس جو پهَرو پرکيندي وراڻيو ته منگل عِشقُ ڪبو ناهي! ٿي ويندو آھي! توهان سمجهو ٿا ته عِشق کي عقل آھي، سڌ آھي، سمجهه آھي، بري ڀلي جي پرک ۽ پَروڙ آھي…!؟ نه ائين هر گز ناهي عشق جيڪڏھن سوچي سمجهي ڪيو وڃي ها ته دنيا جا ڪيئي جوڌا جوان ڪيترائي حسين خوبصورت ماڻھو پنهنجي حياتي بچائي سگهن ها…! پر اِهو ممڪن ناهي!

ڇا مطلب؟ منگل ٿورو طنزيه لهجي ۾ چيو.

ڪبير وراڻيو ته منگل، جيتري قدر مون ڏٺو آھي ٿوري گهڻي جڏي ڦڏي تحقيق ڪئي آھي جنهن مطابق عِشق تمام مبهم ڳجهو ۽ ڇرڪائيندڙ صورت شڪل ۾ هوندو آھي، ڪافي مثال آھن، پر آئون توکي سومناٿ (جيڪو هنن جي ويجهو پنهنجي آستان ۾ رهي ٿو) جو هڪ مثال ڏيان ٿو، ڪبير مون کي پهريان اهو ٻڌائي ته عِشق ڪرڻ بعد محبوب جي صورت جيستائين نٿي ڏسي سگجهي يا ان محبوب سان ڳالهه ٻولهه نٿي ٿئي ان وقت جيڪا ڪيفيت برپا ٿيندي آھي انهيءَ کي توهان ڇا ٿا سمجهو؟

منگل ڪبير جي ڳالهه بنا ٻڌندي چئي ڏنو.

اڇا! معنيٰ ته تنهنجي محبوب جا ڊگھا ڊگھا وار آھن حسين سهڻا نيڻ آھن جنهن کي اسين ڇوڪري چئي سگهون ٿا! ڪبير کيس سڌي طرح سمجهائيندي چيو.

منگل منهنجي پوري ڳالهه ٻڌي وڃو، توهان جنهن کي عِشق چئو پيا يا سمجهو پيا دراصل اهو عِشق کان ڪونهين ڏور آھي!

اچ ھلون ٿا سومناٿ وٽ هنن ڏينهَن ۾ ۽ خاص ڪري هن وقت پنهنجي آستان تي هوندو.

اهي ٻئي دوست جلد ئي سومناٿ جي آستان تي پهتا رسمي حال احوال بعد ڪبير سومناٿ کي عرض ڪندي چيو ته فقير سائين منهنجو هي دوست ۽ آئون توهان سان ڪچھري جو سوچي آيا آھيون؟

سومناٿ خوش ٿيندي وراڻيو ته توهان اھڙي ئي خيال سان آيا آهيو ته جيڪا توهان جي مرضي.

ڪبير سومناٿ سان مخاطب ٿي پڇڻ لڳو ته اي ساڌو توهان محل ماڙيون عيش و آرام جا هندورا خالي ڪري واهڻ وستيون جهاڳڻ لڳا هئا ته  توهان کي ڪيترين مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو هو “توهين هي محل ماڙيون ڇڏي هي دردن تڪليفن جي راهه چونڊي هن حال ۾ آهيو توهان انهن سمورن پنڌ پيچرن بابت ٻڌائيندا ته جيئن اسين توهان جي پنڌن تڪليفن بابت ڄاڻي سگهون؟؟”

سومناٿ مسڪرائيندي چوڻ لڳو ته، “سک آرام مون گهڻو ئي ڪيو هو”، “ڪَڏهِن ڪڏھن زندگيءَ پنهنجو دڳ پاڻ ڳولي وٺندي آهي” مون سان به ڪجهه ائين ئي ٿيو، اڄ کان ٽيھه سال اڳ هڪ صبح آئون پنهنجو گهر ڇڏي روانو ٿيو هئس مون کي بس اها ئي ڳالھه بار بار تڙپائيندي هئي ته مون کي پنهنجي زندگي پنهنجن ذاتي طور طريقن تحت گذارڻ کپي ۽ مون ايئن ئي ڪرڻ چاهيو پئي جيڪو اڃان جاري آھي…

منگل يڪدم سومناٿ کان پڇڻ لڳو ته اوهان هنن دردن جي دڳ جي چونڊ ڪيئن ڪئي آهي؟

سومناٿ مسڪرائڻ لڳو.

ٿوري دير بعد ڳالهائيندي چيائين، “منهنجي لاءِ ھي سڀ عبادت آھي، آئون پنهنجو ايشور پنهجو رهبر هن عِشق کي ٿو سمجهان! آئون هن دڳ تي فقط عِشق جي سانگي سان ئي آيو آھيان! منگل ڏانهن اشارو ڪندي چوڻ لڳو توهان جي سوال جو آخري محاورو ڏاڍو دلچسپ لڳو، اصل ۾ هي عِشق جي اُھا ڪيفيت آھي جيڪو مان زبان ذريعي شايد بيان ڪري انصاف نه ڪري سگهان! ڇاڪاڻ جو هي اُھا ڪيفيت آھي جنهن ۾ ماڻھو بيوسي جي واچوڙن ۾ رلندو رهي ٿو! جڏھن هن ۾ حقيقت جي پرک پروڙ پئي ٿي تڏھن هو پنهنجي من تن کي ڇڏي قلب جي ٻڌي ٿو جيڪو بعد ۾ حاصلاتي عشق يا هن جي انتها چئي وڃي ٿي! سومناٿ اڃان ڳالهه پوري ڪئي پئي ته منگل اٻاڻڪو ٿي پڇڻ لڳو ته جيڪڏھن عشق بيوس آھي ته اهو ڪيئن آھي مون کي مثال ڏيو جيئن اسين هي مام سمجهي سگهون؟

سومناٿ وڏو شوڪارو ڀري پاسي ۾ پيل پنهنجي گودڙي ڏانهن ڏسندي وراڻيو، “هي عِشق جي اها ڪيفيت آھي، جيئن لوهه باهه ۾ وجهڻ کان اڳ سخت هوندو آهي، جڏھن باهه ان کي تپائي ڳاڙھو لال ڪري ٿي تڏھن اُھو سخت لوهه ڪيئن باهه اڳيان بيوس ٿي ويندو آھي! پوءِ انهي لوهه کي جيڏانهن ڪريو ان پاسي پيو ورندو آهي! انسان به جڏھن عِشق جي پُلصراط پار ڪري ٿو تڏھن اُھو پنهنجي دڳ جي انتها يا انهي نتيجي تي پهچي ٿو تڏھن لوهه وانگر ئي پنهنجي وجود اڳيان بيوس بڻجي پوندو آھي ۽ بعد ۾ عِشق پنهنجي مرضي مطابق زندگي گذارڻ جو تعين ڪري ڇڏيندو آھي!

ڪبير سومناٿ جي اھڙي جواب کان گهڻو متاثر ٿيو، پر منگل کي اڃان عِشق جي اها بُک هئي جيڪا جلد پوري ٿيندي نظر نه پئي آئي منگل وڌيڪ پڇڻ لڳو ته توهان جنهن کي عِشق چئو پيا ڇا اوهان کي معلوم هو ته هي راهه پلصراط ٿيندي؟؟

سومناٿ وراڻيو ته جيئن مون ٻڌايو ته عِشق نابين هوندو آھي! عِشق جون اکيون تڏھن ڏسنديون آھن جڏھن اُھو وجود دنيا جهان جي سمورن پيڙائن دردن ۽ مسرتن کان واقف ٿي وڃي ٿو! توهان جيڪڏھن عِشق آسان سمجهو ٿا ته اوهان پار نه ٿي سگهندو.

اونداهي ڏنگِيل شينهن جيئن رڙيون ڪندي ڌرتيءَ طرف پنهنجا پير وڌائي رهي هئي، وڻ ٽڻ هوائن جي جهوٽن تي رقص ڪري رهيا هئا، سومناٿ جو آستان گويا ڪو جهونو ازلي ۽ قديمي عِشق جيئن ئي پئي محسوس ٿيو! سومناٿ اڳيان ڪبير ۽ منگل هئا، پر هو ڄڻ “عِشق جي آستان جو سالار بڻيل هجي” ڪبير پڇڻ لڳو ته فقير هي منهنجو دوست آهي جنهن شيءِ کي عِشق سمجهي ٿو سا هڪ ڇوڪري آھي هي ٻئي هڪٻئي سان پريم ڪن ٿا، مون توهان سان اڄ ملاقات هن لاءِ ئي ڪئي آھي سو توهان کي ٻيهر وينتي آھي ته هن کي توهان عِشق جي مام وڌيڪ آسان ڪري سمجهايو ته عِشق آھي ڇا؟؟

بابا! مون کي ايترو علم ناهي جو هن کي هتي ويهي عِشق ٻڌايان ۽ سمجهايان! عِشق جي صحيح سڃاڻپ ئي انهي راهه جو متلاشي سچو جستجو ۽ ڪنهن حقيقت جو ڳولائو بڻجڻ آھي! باقي اهو سچ آھي ته “عِشق جسم سان ٿيو ئي ناهي! هي هڪ اهڙو پويتر رشتو آھي جيڪو ڪڏھن پوڙھو ٿيندو ئي ناهي!” سومناٿ خاموش ٿي ويو لمحي بعد اٿي چوڻ لڳو ته اڄوڪي هي سموري گفتگو جيڪا مون توهان جي مرضي مطابق ڪئي، جيئن توهان هتي مقصد کڻي آيا هئا مون توهان جي دل آزاري نه پئي ڪرڻ چاهي، پر “اصليت اها آھي ته عِشق جنون آھي، عِشقُ حوصلو آھي، عِشق بردباري به آھي، عِشق هڪ لڳن، هڪ جدوجهد، هڪ اهڙي ويساهه جو نالو آھي جنهن کي اسين لفظن سخُنن ۽ ڳالهين سان بيان ئي نٿا ڪري سگهون، ڇوڪري يا ٻي ڪنهن اهڙي وجود سان فقط محبت، پريم، پيار، پريتڻو ٿيندو آهي جنهن جو پڙاڏو به ممڪن آهي، پر عَشق جو پڙلاءُ ۽ پروڙ عشق ۾ جيئڻ ئي آهي، عشق ڪڏهن سمجهي سگهبو ئي ناهي.