عمران خان جي حڪم تي مون کي باٿ روم ۾ بند ڪيو ويو هو: بشير ميمڻ
اڳوڻي ڊي جي ايف آءِ اي بشير ميمڻ انڪشاف ڪيو آھي ته عمران خان جي حڪم تي مون کي باٿ روم ۾ بند ڪيو ويو هو. بشير ميمڻ هيڪر جي ٽوئيٽ جي تصديق ڪندي چيو آھي ته عمران خان جي حڪم تي مون کي باٿ روم ۾ بند ڪيو ويو، بشير ميمڻ موجب عمران خان منهنجي سامهون مريم نواز خلاف ڪِريل ٻولي استعمال ڪئي. عمران خان کي مون وڏي آواز ۾ جواب ڏنو ته هُن اهڙو ڳالهايو بس رڳو گار نه ڏني. اڳوڻو ڊي جي ايف آءِ اي موجب عمران خان کي ڪاوڙ ۾ ڏسي اعظم خان مون کي باٿ روم ۾ وٺي ويو ۽ ٻاهران دروازو بند ڪري ڇڏيو، اعظم خان چيو ته وزيراعظم کي ايئن پيو چوين.