خاص

غلام نبي سومرو ڇهين سالگره جي موقعي تي ميگزين بابت تاثرات

همسري: توهان جي هن مئگزين سان ڪيتري عرصي کان شناسائي آهي ۽ ان سڄي سفر کي ڪيئن ٿا ڏسو؟

غلام نبي سومرو: سمجهان ٿو ته 2017ع ۾ همسري سان هڪ پڙهندڙ جي حيثيت ۾ سڃاڻپ ٿي، جيئن ته پڙهندڙ آهيون ۽ شيون سمجهي سگهون ٿا، همسري جيئن پڙهڻ شروع ڪيم ته ان جي مواد کان تمام گهڻو متاثر ٿيس، آئون ٻيا رسالا به پڙهندو هئس ۽ اڃان به پڙهان ٿو. خاص ڪري همسريءَ جي ڪهاڻين وارو حصو، انٽرويو ۽ ڪرنٽ افيئر تي مضمون، اعجاز منگيءَ جو سفر نامون ۽ زاهده ابڙو جو سفر نامون ڏاڍا وڻندڙ هئا. نه رڳو مون پاڻ ان کي پڙهڻ شروع ڪيو، پر پنهنجن دوستن کي به پڙهايم ۽ پاڻ به ساليانو خريدار ٿيس ۽ انهن کي به ساليانو خريدار ڪيم ۽ اهي فيڊ بيڪ به ڏيندا هئا ته ٻوليءَ جو خاص خيال رکيو ٿو وڃي، پروف جي ڏاڍي تعريف ڪندا هئا ته ان ۾ ڪابه چُڪ نٿي ملي. پوءِ وري 2020ع جي آڪٽوبر جي مهيني ۾ ايڊيٽر صاحبه کي ولايت وڃڻو هو ته پاڻ مون کي مئگزين سنڀالڻ لاءِ ذميداريون سونپيون، جنهن کانپوءِ همسري ٽيم ۾ شامل ٿي ويس. همسري سنڌي رسالن جي تاريخ ۾ پنهنجي هڪ اوچائي ۽ ڪماليت تي آهي. هن ٽيم سان گڏ ڪم ڪندي مون کي لڳي ايئن ٿو ته آئون به سکي رهيو آهيان. پروف ڪندي ۽ مضمون پڙهندي مون کي تمام گهڻي مسرت ٿي ٿئي ته منهنجي لاءِ اهو وڏو اعزاز آهي ته هن وقت آئون همسري جو سب ايڊيٽر آهيان. سچي ڳالهه ته ڪافي شين جي ڄاڻ همسري ٽيم جي ميمبر ٿيڻ کانپوءِ پئي آهي ته همسري جي ايڊيٽر صاحبه هن مئگزين جي تعارف لاءِ وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. سليم سولنگي جيڪو همسري مئگزين جو ڪمپوزر آهي پئي ٻڌايو ته شروع وارن سالن ۾ ايڊيٽر صاحبه صبح جو اٺين وڳي آفيس ۾ اچي ويندي هئي. جڏهن همسري جي هارڊ ڪاپي ايندي هئي ته همسري مئگزين هڪ ئي ڏينهن ۾ پوري سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن ۾ پهچي ويندو هو. همسري جي سفر ۾ ڪيترائي ڏک به آهن، جڏهن شروعاتي ڏينهن ۾ ايڊيٽر صاحبه ڪنهن پروگرام ۾ همسريءَ جون ڪاپيون ورهائيندي هئي ته ماڻهو هڪٻئي کي ڏئي جان ڇڏائيندا هئا، پر پوءِ انهن مان ڪيترن جا انٽرويو همسريءَ ۾ ڇپيا. اهو سڀ ايڊيٽر صاحبه جي مستقل مزاجي مقصد ۽ منزل جي تعين ڪرڻ کانپوءِ ئي ممڪن آهي. اڄ کان ٽيهه پنجٽيهه سال اڳ جڏهن مون لکڻ شروع ڪيو هو ته اسان جي ٽهيءَ جون ڪچيون ڦڪيون تحريرون سهڻيءَ ۾ ڇپبيون هيون. ان وقت سهڻي ۾ آغا سليم، امداد حسيني، امر جليل پئي ڇپيا ۽ آئون سمجهان ٿو ته اڄ همسريءَ ۾ ڇپجڻ وارا اڳتي هلي وقت جا آغا سليم ۽ امر جليل ئي هوندا. همسري نوجوانن جي ٽئلينٽ جو قدر ڪري انهن کي ڇپي رهي آهي، همسري جي اها ڪوشش آهي ته عورت ليکڪائن ۽ نوجوانن کي جن جون لکڻيون معياري آهن وڌيڪ جڳهه ڏي.

همسري: همسري مئگزين سهڻي رسالي جي معيار تائين ڪيئن پهچي سگهي ٿو؟

غلام نبي سومرو: سهڻي گذريل صديءَ جو پرچو هو ان وقت سهڻيءَ ۾ ڪهاڻيون ۽ شاعري ڇپبا هئا ۽ خالص ادبي مئگزين هو. پوءِ اڳتي هلي ان ۾ طارق اشرف انٽرويو شامل ڪيا، هو تمام سٺو انٽرويو ڪندڙ هو. ان جا ايڊيٽوريل به سياسي هوندا هئا جن جي قيمت پوءِ اڳتي هلي طارق اشرف کي ادا ڪرڻي پئي. سهڻي پوءِ اڳتي هلي A4 سائيز ۾ شايع ٿيڻ شروع ٿيو. ان ۾ ڪجهه رنگين صفحا به هئا ۽ لي آئوٽ به سٺو هئس سهڻي پنهنجي پڙهندڙن کي پنهنجي گرفت ۾ رکڻ لاءِ سڀ شيون ڏيئي رهيو هو ۽ پنهنجو سفر ختم ڪيو، همسري اتان پنهنجو سفر شروع ڪيو آهي. جيڪڏهن اهو رڳو ادبي پرچو هجي ته شايد پڙهندڙن کي متوجهه نه ڪري سگهي ها. منهنجي هڪ دوست جي گهر ۾ همسري سڄو مهينو ميز تي پيو هوندو هو ۽ هو چوندو هو ته هي هڪ فيملي مئگزين آهي جنهن کي گهر ۾ هر فرد پڙهي سگهي ٿو.

همسري: پرچي کي ايڊٽ ڪرڻ ۽ آن لائين ڪم ڪرڻ ڪيئن ٿا محسوس ڪريو؟

غلام نبي سومرو: مون جڏهن کان همسري ٽيم ۾ حصو ورتو آهي تڏهن کان پرچو آن لائين ئي اچي رهيو آهي ۽ منهنجو تجربو اهو ٿو ٻڌائي ته نوجوان ليکڪ پرچي کي آن لائين پڙهي رهيو آهي ۽ ان طرف ٻين کي راغب به ڪري رهيو آهي. منور سراج منهنجو دوست آهي ۽ همسريءَ ۾ لکي به رهيو آهي ان چيو ته همسري هڪ جديد لي آئوٽ ۾ خوبصورت آن لائين پرچو آهي ۽ ان مان پوري ٽيم جي محنت ۽ محبت نظر اچي ٿي.