فطرت کي ساهه کڻڻ ڏيو

ايڊيٽوريل

******

فطرت کي ساهه کڻڻ ڏيو

 

ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ جيڪي فطرت جي سونهن آهن، جتي تمر جا گهاٽا ٻيلا آهن، آبي حيات آهي. تمر جا وڻ ماحول لاءِ ڄڻ آڪسيجن جا ذخيرا آهن جت سامونڊي پکين جون اڏارون آهن. جتي سمنڊ نيرو ۽ ميراڻ کان پاڪ آهي. اهي ٻيٽ وڏي وقت کان مقامي مهاڻن جي روزگار جو بنيادي وسيلو پئي رهيا آهن.

2020-08-31 تي صدر اسلامي جمهوريه پاڪستان انهن ٻيٽن متعلق هڪ آرڊيننس پاڪستان آئيلينڊز ڊولپمينٽ اٿارٽي (PIDA) جاري ڪيو آهي ته اهي هاڻ انهيءَ اٿارٽي جي تحت وفاق جي انتظام هيٺ هليا ويا آهن. وفاقي سرڪار جي دعويٰ آهي ته اتي جديد شهر اڏبا لکين ماڻهن کي روزگار ملندو، سياحتي سرگرمين ۾ واڌ ايندي، پر ملڪ جي آئين جي آرٽيڪل 172/2 مطابق سمنڊ جي اندر 12 ناٽيڪل ميلن تائين جون حدون صوبن جي ملڪيت آهن. ملڪي آئين ثابت ڪري ٿو ته وفاق آئين جي ڀڃڪڙي ڪري صوبن جي حقن تي راتاهو هنيو آهي. ٻيٽن تي قبضي جي تازي واردات انهيءَ ڪري به نرالي آهي جو زمين جو سون ڳيهندڙ قوتون عوام جي حصي لاءِ زمين جو ڪو ٽڪر رهڻ ڏيڻ نٿيون چاهين ڀلي رهائشي ۽ زرعي زمين هجي هاڻ ته ٻيٽ به انهن جي اک چڙهي ويا آهن.

ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽ جيڪي سنڌ جي ملڪيت ۽ اختيار هيٺ آهن. انهيءَ اختيار کي اورانگهڻ جو عمل غير قانوني ۽ غير آئيني آهي ۽ نه سهڻ جيتري بيواجبي پڻ آهي. انهن ٻيٽن جي اختيار واري آرڊيننس جي صوبن به مخالفت ڪئي آهي ۽ مخالف ڌر جون سياسي پارٽيون انهيءَ غير آئيني عمل جون مخالف آهن. انهيءَ ڪري وفاقي سرڪار لاءِ اهو لازم آهي ته اهو آرڊيننس واپس وٺي جنهن جو نه ڪو آئيني ۽ قانوني بنياد آهي ۽ نه ئي ڪو اخلاقي جواز آهي.

اسان جو ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن لاءِ اهو به موقف آهي ته صوبائي سرڪار انهن کي قدرتي حالتن ۾ هميشه رهڻ ڏي جيئن فطرت ۽ ماحول دوستي جو مظهر جڙيو رهي. تمر جي وڻن جا گهاٽا ٻيلا صاف هوا جو ذخيرو ماڻهن، پکين ۽ آبي جيوت لاءِ پيدا ڪندا رهن جيئن حياتي ۽ فطرت ساهه کڻندي رهي. ڪڏهن ته اسان کي ماحول ۽ فطرت دوست ٿيڻو پوندو. ڏنگي ۽ ڀنڊار ٻيٽن کي هزارين سالن کان جنهن قدرتي عمل جوڙي ظاهر ڪيو آهي تيئن اسان کي به انهن کي ائين رهڻ ڏيڻ گهرجي سامونڊي زمين سان هٿ چراند فطرت سان جنگ هوندي. جيڪا ماحول دشمن ته آهي ئي، پر اها حياتي جي به خلاف آهي. اسان کي حياتي ۽ ماحول دوستي ڏانهن اچڻو پوندو.

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments