فيض کي پنهنجي ٻوليءَ ۾ پڙهڻ جو چس فضا قريشي March 2021
(هيءُ تبصرو دراصل هڪڙي خط جي شڪل ۾ آهي، جيڪو “منهنجي شاگر نيڻن ۾” ڪتاب جي تخليقڪار مانواري امداد حسيني ڏانهن لکيل آهي، جيڪو هن فيض احمد فيض جي چونڊ شاعري جو منظوم سنڌي ترجمو ڪيو آهي.)
مانوارا سائين امداد حُسيني صاحب!
فيض احمد فيض جي چونڊ شاعريءَ جو سنڌي ترجمو “منهنجي شاگر نيڻن ۾” اوهان اڪير مان مون ڏانهن منهنجي اسلام آباد واري گهر جي پتي تي موڪليو لک لائق. شايد وقت بوقت پنهنجي وچ ۾ فيض بابت ٿيندڙ گفتگو جو اهو ثمر آهي. فيض شناس ڪجهه دوستن سان گڏ ويهي ڪجهه ياد ٿيل سندس اردو نظمن ۽ سنڌي ترجمي کي گڏوگڏ پڙهي ڏاڍو سرور ورتوسين. يقين ڄاڻو ته ڪي ترجمو ٿيل نظم ته مون کي هڪ لحظي لاءِ اصلوڪي کان وڌيڪ وڻيا جهڙوڪ: “غم نه ڪر!”
لوھ ويندا لهي، غم نه ڪر، غم نه ڪر!
يار ايندا ڪهي، غم نه ڪر، غم نه ڪر!
ڦٽ ويندو سڪي، غم نه ڪر، غم نه ڪر!
جهڙ ويندو ٽڙي، غم نه ڪر، غم نه ڪر!
رات ويندي لڙي، غم نه ڪر، غم نه ڪر!
ڏينهن ايندو چڙهي، غم نه ڪر، غم نه ڪر!
رُت ويندي ڦري، غم نه ڪر، غم نه ڪر!
فيض جي ڪتب آيل انتهائي ڏکين لفظن جي لاءِ اوهان جيڪي سنڌي ٺيٺ ۽ سهڻا لفظ استعمال ڪيا آهن، ان لاءِ اوهان جس لهڻو. فيض کي پڙهندڙن ۽ چاهيندڙن جي سنڌ ۽ انقلابي حلقي ۾، سندس جيڪي به نظم مشهور آهن، انهن مان ورلي ڪو چونڊ ڪرڻ کان رهجي ويو هوندو. جيڪڏهن آئون ائين چوان ته وڌاءُ نه ٿيندو ته اوهان فيض کي سنڌي بنائڻ ۾ ڪا ڪسر ڪا نه ڇڏي آهي. جيڪڏهن ڪتاب جي سائيز ٿوري وڌائي اي 4 يا وري شاهه جي رسالي واري سائيز ڪجي ها ۽ ان ۾ هڪڙي پاسي اصلوڪو اردو نظم ۽ ٻئي پاسي ترجمو هجي ها ته ڪيئن ٿا ڀانيو پڙهڻ جو رس ۽ چس ٻيڻو نه ٿي پوي ها! سچ پچ پنهنجي ٻولي پنهنجي آهي. فيض کي آئون 90ع جي ڏهاڪي کان پئي پڙهان، پر فيض جو پيغام ۽ فلسفو، فيض جي ان بابت گهرائي جيڪا پنهنجي ٻولي ۾ پڙهي سمجهه ۾ آئي اٿم، اها اصلوڪي کان ڪي قدر وڌ آهي. اوهان مهاڳ “ڪٺا سچ لئه” ۾ لکيو آهي ته فيض جن لاءِ لکيو آهي يا جيڪي هن جي شاعريءَ جو موضوع آهن يعني عوام، انهن تائين فيض پهچي نه سگهيو آهي. مثلا هن جو نظم آهي “هاري” اهو جن لاءِ هن لکيو آهي انهن تائين پهچي نه سگهيو آهي. اها ڳالهه منهنجي دل تي بيهي رهي ۽ تازو لاهور ۾ ٿيل هڪ تقريب ۾ ڏکڻ پنجاب جا کوڙ هاري ۽ هارياڻيون شامل هئا. تنهن ۾ مون فيض جو اهو ئي پنجابي ۾ لکيل نظم پڙهيو، سندس پيغام جن تائين رسڻ کپي ڪجهه نه ڪجهه ان حلقي تائين رسايو!
ترجمي جي نه رڳو ٻولي سهڻي آهي، پر ان ۾ مقامي رنگ ڍنگ ڪمال جو آهي. جنهن ان جو مزو ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي. هت ان جا ڪجهه مثال ڏيان ٿي.
صحن زندان مين بي وطن اشعار
سر نِگون محو، هين بناني مين
دامنِ آسمان پر نقش نگار
ان جو سنڌي ترجمو آهي:
صحن زندان ۾ بي وطن وڻ ٽڻ
ڪنڌ ڍاري ڇڻي رهيا آهن
پور سان چٽ، اڀ جي اجرڪ تي!
**
چلو آو تم کو دکهائين هم،
جو بچا هي مقتل شهر مين
سنڌي ترجمو آهي:
اچو ان کي ڄاڻ پسائيون،
بچيو جو به جهوڪ شريف ۾.
“مقتل” لاءِ جهوڪ شريف لفظ جو استعمال منڊيءَ تي ٽڪ آهي. اهڙو ئي هڪڙو ٻيو مثال آهي. ترجمي جو ترجمو ته اڃا به بنهه ڏکيو ڪم آهي، پر اوهان ان کي خوب نڀايو آهي. نظمن جا عنوان، اوهان جي ڏنل عنوانن کان مختلف آهن. مثال نظم “حسينه خيال سي” کي اوهان نالو ڏنو آهي “هڪ نظر”!
“مجهه سي پهلي سي محبت ميري محبوب نه مانگ” نظم ۾ شعر “جسم نڪلي هوئي امراض ڪي تنورون سي” پيپ بهتي هوئي گلتي هوئي ناسورون سي” کي جڏهن به هن رومانٽڪ نظم ۾ پڙهندي آهيان ته ڄڻ نظم جو مزو ڪر ڪرو ٿي ويندو آهي جو اهڙي سهڻي نظم ۾ اهي سٽون ڄڻ ته بڇان ڏيارينديون آهن، پر ان ۾ ڪو وڌاءُ ڪونهي ته اوهان انهن سٽن جو ڏاڍو سهڻو ترجمو ڪيو آهي.
جسم نڪتل آهي مرض سندي تنورن مان،
پونءَ ڳڙندي رهي سڙندڙ ناسورن مان.
اهي سٽون نظم ۾ ٺهڪي بيٺيون آهن ۽ سڄي نظم سان گڏ جڏهن روانيءَ ۾ پڙهجن ٿيون ته ڪٿي به بڇان ڏياريندڙ نٿيون لڳن. نظم “ٻاٽ واٽن ۾ ماريا وياسين” ۾ اوهان لکيو آهي:
پنهنجو غم سندي سونهن جي ساک هو،
ڏس ته قائم رهياسين انهيءَ ساک تي صنم!
ان جو اصلوڪو آهي:
“اپنا غم ٿا گواهي تيري حسن ڪي،
ديکھ قائم رهي اس گواهي پي هم!”
هي ڪتاب پڙهي لڳي ٿو ڄڻ فيض جي شاعري جي سر تي سنڌي ٽوپيءَ جو تاج رکي ۽ ڪلهن ۾ اجرڪ وجهي، اوهان کيس سنڌي بڻائي ڇڏيو آهي. اهڙي پورهئي تي اوهان کي مبارڪ!

