قدرتي ڀاڻ جا زرعي ۽ سائنسي فائدا : جوکيو جسارت الياس سنڌي
قدرت جي وسيع ترين ڪارخاني ۾ جيئن ھر شيءِ ڪم واري آھي، تيئن جانورن جي ھاضمي واري سرشتي مان مختلف ٻوٽن، وڻن، طاقتور خوراڪن ۽ کاڌن جو ھضم ٿي، ڳريل ۽ ٺوس شڪل ۾ آخري پيداوار طور ٻاھر نڪرندڙ فُضلو به وڏي اھميت جو حامل آھي. جنھن کي انسان صدين کان وٺي پنھنجي زمينن کي آباد ڪرڻ جي لاءِ ڪنھن نه ڪنھن صورت ۾ استعمال ڪندو پيو اچي. انھن جانورن جي فُضلي کي قدرتي ڀاڻ، وٿاڻ جو ڀاڻ يا وري کاڌ به چيو ويندو آھي، جيڪو نه صرف ديسي ٽوٽڪي طور، غير آباد يا سم ۽ ڪلر وارين زمينن کي سڌارڻ ۽ سنوارڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آھي، پر ايڪيھين صديءَ ۾ جديد ٽيڪنالاجي ذريعي ٺاھيل اوچا ۽ مھانگا ھٿرادو ڪيميڪلن وارا يوريا ۽ اڇا توڙي ڪاري رنگ جا خطرناڪ ڀاڻ (فرٽيلائيزر) به ان جي مقابلي ۾ نٿا ڀيٽي سگھجن. اچو ته ان قدرتي ڀاڻ جي سائنسي فائدن متعلق ڄاڻ حاصل ڪريون ۽ ڏسون ته ھڪ غيرآباد زمين کي جانورن جي وٿاڻ مان ڀاڻ کڻي ڪيئن ٿو آباد ڪري سگھجي؟
جانورن جا کاڌل ڳچ جزا ھضم ٿيڻ بنا، سندن فُضلي ۾ شامل ٿي ٻاھر خارج ٿين ٿا. ڇاڪاڻ ته جانور مڪمل طور تي پروٽين ۽ فائبرFiber کي ھضم نٿو ڪري سگھي، جيڪو ماحول ۾ عام جام روڊن ۽ رستن تي ملي ٿو. قدرتي ڀاڻ جي ليبارٽري چڪاس مان خبر پوي ٿي ته ان جي ڪيميائي جزن ۾ نائيٽروجن، پوٽيشيم ۽ فاسفورس سان گڏوگڏ ٻيا غذائيت سان ڀرپور ضروري عنصر جھڙوڪ: ڪئلشيم، مئگنيشيم ۽ سلفر وغيرہ به شامل ھوندا آھن. جنھن جي ڪري ان فضلي کي ”توانائيءَ“ جو ذريعو سمجھيو ويندو آھي. ياد رھي ته دنيا جا سڀ زرعي ماھر به زمين جي ذرخيزيءَ لاءِ ان ۾ انھن ئي ساڳين غذائي جزن جي موجودگيءَ تي متفق آھن، جيڪي ان فُضلي ۾ ھوندا آھن. ان ۾ موجود عنصر، زمين ۾ موجود بئڪٽيريا ۽ ٻين خوردبين جانورن جي پنھنجن حياتياتي عملن کي جاري رکڻ ۾ مدد ڪن ٿا، جن جي ڪري زمين جي اندر نئين جان اچي ويندي آھي ۽ زمين زندہ ٿي پوندي آھي. ڇو ته خوردبين جاندارن جو ھڪ ڪم حياتياتي نظام ۾ ناڪارہ نامياتي جزن کي ٻيھر استعمال لائق بنائڻ به آھي.
اينٽي بايوٽڪس جو انساني زندگيءَ ۾ بيمارين خلاف ويڙھ ۾ وڏو ڪردار رھيو آھي، جيڪا ھڪ ھٿرادو ڳولا آھي، پر جيڪڏھن اھا ماحول ۾ نامياتي جزي طور ملي ته اھا وڏي نعمت چئبي. آمريڪا جي يونيورسٽي آف منيسوٽاMinnesota پاران 2007ع ۾ ڪيل ھڪ تحقيق اھو ثابت ڪيو ته پٽاٽي ۽ پالڪ جي آباديءَ لاءِ استعمال ٿيل جانورن جي فضلي (قدرتي ڀاڻ) ۾ اينٽي بايوٽڪس موجود ھئي، جيڪا ان ڀاڻ مان وري ان فصل ۾ منتقل ٿي. ان کانپوءِ انھن ”قدرتي ڀاڻ“ کي ھر فصل لاءِ استعمال ڪرڻ جي سفارش ڪئي ته جيئن ان ڀاڻ جي ڪيميائي عمل بعد تيار ٿيل فصل کي کائڻ وارن جانورن توڙي انسانن جي جسم ۾ قوت مدافعت وڌي. ھر آبادگار اھو چاھيندو آھي ته ان جي زمين ۾ ھڪ ڀيرو ڀاڻ لڳائڻ بعد ھر آبادي جي اپت دائمي ۽ سٺي اچي، جنھن لاءِ ھو طرح طرح جا حيلا ھلائيندو آھي، پر نتيجو وري به ٻڙي ايندو آھي. آمريڪا جي يونيورسٽي آف نيبراسڪا لنڪولن جي ماھر سائنسدانن (لنڊا آر اشڪاٽ ۽ امائي ملميئر شمڊٽ 2007ع) مطابق جانورن جي قدرتي ڀاڻ جا تادير اثر رھندا آھن. ڇاڪاڻ ته ان کي زمين تي استعمال ڪرڻ بعد زمين ۾ مختلف جاندارن جھڙوڪ: بئڪٽيريا، فنجائي ۽ سانپوEarthworm جو تعداد به وڌي ٿو، جنھن جي ڪري حياتياتي نظام ۾ ڀڃ ڊاھ جو عمل تيز ٿئي ٿو ۽ نتيجي ۾ نئون ڦٽندڙ فصل توانو ٿي، جلدي وڌي ٿو. انھن مطابق قدرتي ڀاڻ ۾ موجود ڪاربان ۽ ٻين نامياتي جزن جي چڪر جي ڪري زمين جي خوردبين جاندارن ۾ اضافو ٿئي ٿو.
ڪڪڙين ۽ ان جي خاندان جي ٻين پالتو پکينPoultry جي ”وِٺ“ کي عام طور گھر اندر لڳل باغيچي ۽ پارڪن ۾ ڇٻر لاءِ ”ڀاڻ“ طور استعمال ڪيو ويندو آھي، پر ان کي مڪمل ريگستاني يا وري غيرآباد زمين ۾ به جيڪڏھن استعمال ڪجي ته اھڙي غيرآباد زمين مڪمل طور ”آباد“ به ٿي سگھي ٿي. جيئن پولينڊ آمريڪا ۾ ھڪ ڪمپنيءَ تجربو ڪيو، جنھن ۾ 60 لک فارمي ڪڪڙين جي فُضلي کي ريگستاني زمين ۾ ڇڏڻ سان اتي ھاڻي ڪينو جا باغ لڳي ويا آھن.
گھريلو پالتو جانور توڙي چوپايو مال جھڙوڪ: ڳئون، ٻڪري، مينھن، گھوڙو، گڏھ ۽ رڍ وغيرہ سڀ ان قدرتي ڀاڻ جي پيداوار ۾ ڀاڱيوار آھن. انھن سڀني جانورن جا ڇيڻا، پولڙيون ۽ لِڏ وغيرہ کي سندن جسمن مان نڪرڻ مھل تمام گرم ھجڻ ڪري ڪجھ ڪلاڪن لاءِ سڪايو ويندو آھي. جيڪڏھن تازا ڇيڻا کڻي ٻنيءَ ۾ وجھبا ته ان سان فصل ”آباد“ ٿيڻ بدران ”سُڪي“ به سگھي ٿو. ڇاڪاڻ ته تازو ھجڻ ڪري ان ۾ موجود غذائيت جي گھاٽائي(Concentration) وڌيڪ ھوندي آھي، جيڪا ٻوٽن کي ساڙي ٿي. تنھن ھوندي به ان ڳالھ کي رد نٿو ڪري سگھجي ته ھر ٻوٽي جو پنھنجو نظام آھي، ڪجھ ٻوٽا ان تازي ”گرم“ فُضلي تي وڌي به سگھن ٿا. اھوئي سبب آھي ته سنڌ ۾ اھي ڇيڻا وغيرہ، ڪنھن ”ڏَلي يا کَاري“ ۾ وجھي جانورن جي رستن تان ميڙي گڏ ڪري سڪائي ٻنيءَ ۾ اڇلائبا آھن. ڳئون يا مينھون خود گاھ ۽ اناج کائينديون آھن، ان ڪري سندن ڇيڻن ۾ ھضم ٿيل گاھ ھوندو آھي، جيڪو ڀاڻ طور ٻنين ۾ لڳائڻ سان ان زمين جي اُپت ۾ ٻيڻو ۽ ٽيڻو واڌارو ٿئي ٿو. ڳئون جي ڇيڻي ۾ مختلف نامياتي جزا جھڙوڪ: 3% نائيٽروجن، 2% فاسفورس ۽ 1% پوٽيشيم ھوندا آھن، جيڪو ھڪ معياري ڀاڻ وانگر ھوندو آھي. اھڙيءَ ريت سايون ڀاڄيون کائيندڙ ھر جانور جو ڇيڻو زمين لاءِ ڪنھن نعمت کان گھٽ ناھي. ياد رھي ته انساني فُضلو ان سلسلي ۾ ڪڏھن به ڀاڻ طور استعمال نه ڪجي. ڇاڪاڻ ته ان ۾ موجود جزن جي ڪيميائي حالت ”زھر“ وانگر ھوندي آھي، جيڪو فصل کي ساڙي ٿو.
جيتوڻيڪ جانورن جو فُضلو پکين لاءِ فائديمند ھجڻ ڪري ماحول دوست آھي، جيڪو ٻين نامياتي مرڪبن جيان جلد زمين ۾ جذب ٿئي ٿو، پر اڪثر طور اھو ڏٺو ويو آھي ته سنڌ ۾ موجود مينھن ۽ ڳئون جي واڙن اندر يا ٻاھران، جانورن جي فضلي جا ڍير ملندا، جن کي استعمال ڪرڻ يا وڪڻڻ جي بدران ھڪ پاسي رکيو ويندو آھي. اھي ڍير وري شروع ۾ بدبوءِ، گندگي ۽ بيمارين جي ڦھلجڻ جا سبب ٿيو پون. ان ڪري فورن اھڙن ڍيرن کي ڪنھن ٻنيءَ ۾ استعمال ڪجي يا وڪڻي صفائي ڪجي. ان کان علاوہ اھڙن جانورن جي فضلي کي ڪمپوزٽنگ، پيليٽائزنگ ۽ نيوٽريئنٽ ايڪسٽريڪشن ذريعي مختلف مرحلن مان گذاري، ڀاڻ جا مختلف قسم ۽ زرعي دوائون به تيار ڪيون وڃن ٿيون.
جانورن جو فُضلو توانائي جو سستو ۽ ڪارائتو ذريعو آھي، جنھن تائين ھر غريب توڙي امير جي پھچ آھي. ان کي بجلي ۽ گئس جو ذريعو يا نعم البدل ڪري به استعمال ڪري سگھجي ٿو. اڪانامڪ سروي آف پاڪستان پاران 2010ع ۾ ڪيل ھڪ سروي مطابق پاڪستان ۾ 27.3 ملين مينھون، 53.8 ملين ٻڪريون، 26.5 ملين رڍون ۽ 0.9 ملين اُٺن جي آبادي موجود آھي. 2016-2018ع جا انگ اکر ڏسبا ته خبر پوندي ته چوپائي مال جي صرف ھڪ جنس روزانو 10 کان 20 ڪلو فضلو پئدا ڪري ٿي، جڏھن ته ھڪ ڪڪڙ روز 0.08 کان 0.01 ڪلو گرام جون وٺيون ڏي ٿي. اھڙيءَ ريت 20 مارچ 2014ع تي انگريزي اخبار ڊان ۾ اويس منگلوالا جي ڇپيل ھڪ ليک مطابق پاڪستان ۾ روز 2.5 ملين ٽن فضلو صرف جانورن جي ھڪ جنس جو پئدا ٿئي ٿو. ٻئي پاسي صرف 50 ڪلو گرام ڇيڻن مان 100 ڪيوبڪ فوٽ بايو گئس ٺاھي سگھجي ٿي، جيڪا چار فردن تي مشتمل ھڪ خاندان جي بجليءَ جون ضرورتون پوريون ڪري ٿي. ان 100 ڪيوبڪ فوٽ جمع ٿيل بايو گئس مان وري 3KWh بجلي پئدا ڪري سگھجي ٿي ۽ ان حساب سان ملڪ ۾ بجليءَ جون روز مرہ جون ضرورتون ته صرف ھڪ جنس جي سڀني جانور جو فضلو ئي پوريون ڪري سگھي ٿو. ان کان علاوہ ڪروڙين ٽن اھڙو فضلو روز ٻيا جانور به پئدا ڪن ٿا، جيڪو اڪثر ضايع ٿيو وڃي. جيڪڏھن صرف ھڪ جانور جي جنس جو صرف ڏينھن ۾ ھڪ ڀيرو ئي فضلو جمع ٿئي ۽ ان جو درست استعمال ٿئي ته ان سان ڪيتريون ئي توانائي جون گھرجون پوريون ٿي سگھن ٿيون. بايو گئس ۽ نامياتي جزن جي پراسيسنگ ڪري، ان مان ڳچ فائدا حاصل ڪري سگھجن ٿا. ان سان گڏوگڏ لکين ايڪڙ زرعي زمين کي آباد به ڪري سگھجي ٿو. وٿاڻن مان ڀاڻ کي پائيپ لائين وسيلي بايو گئس پلانٽ ۾ جمع ڪري استعمال ڪجي يا اتان کان گاڏين ۾ کڻي ٻنين ۾ کاڌ طور استعمال ڪجي، ٻنھي صورتن ۾ مفيد آھي. پاڪستان ۾ توانائي جي کوٽ ڏينھون ڏينھن وڌي رھي آھي، پر ان بابت ڪا واضح حڪومتي پاليسي ناھي، جنھن جي ڪري لکين ميٽرڪ ٽن قيمتي ڀاڻ ضايع ٿيو وڃي.
References and Sources:
- https://lpelc.org/manure-as-a-source-of-crop-nutrients-and-soil-amendment/
- https://en.wikipedia.org/wiki/Manure#cite_note-UMinn-12
- https://water.unl.edu/article/manure-nutrient-management/how-can-animal-manure-help-my-soils-be-healthier-and-more
- https://soilhealthnexus.org/files/2018/02/ncrwn-synthesis-of-short-long-term-studies-reporting-soil-quality-metrics-report-FINAL.pdf
- https://www.gardeningknowhow.com/composting/manures/cow-manure-compost.htm
- https://web.facebook.com/dw.urdu/videos/381571846650319
- https://lpelc.org/environmental-benefits-of-manure-application/
- https://www.sciencedirect.com/science/article/pii/S2214317316301123#b0075
- https://www.researchgate.net/publication/352401767_Biogas_Production_Potential_from_Livestock_Manure_in_Pakistan
- https://www.dawn.com/news/1094455
- https://www.epa.gov/npdes/animal-feeding-operations-uses-manure
- https://www.omicsonline.org/open-access/economics-of-poultry-waste-use-as-a-fertilizer-in-sindh-pakistan-2332-2608-1000167.php?aid=71421