بلاگ

لوڪل گورنمينٽ اليڪشن ۾ ماڻهن جي عدم دلچسپي  

سنڌ ساڳيا اوٺي ساڳيا اٺ، ساڳي اٺن اوڳ

ڀيري ڀيري ڀوڳ، ڀينر هن ڀنڀور ۾

سنڌ صوبي ۾ ٻه ڏينهن پهرين ٿيل اليڪشن جيڪا لوڪل گورنمينٽ ٺاهيندي. ان لاءِ شاهه صاحب جو مٿيون بيت ڪيترو نه مهلائتو آهي. ڀوڳ به ڀيري ڀيري اهو به ڀنڀور ۾ مطلب سنڌ ۾. سنڌ ۾ L.G جون چونڊون 26 تاريخ تي ٿيون سڀ ڪنهن پارٽي پنهنجي قوت آهر اليڪشن ۾ حصو ورتو، پر کٽڻو ته حڪومتي پارٽي کي هو ۽ ٿيو به ايئن. اليڪشن جي رزلٽ به اهو ٻڌائي ٿي ته حڪومتي پارٽي 14 ضلعن مان 13 ضلعن ۾ ڪلين سوئيپ ڪيو آهي. البته گهوٽڪي ۾ مقابلو سخت ٿيو آهي. ضلعي ڪائونسل جي 66 حلقن مان پ پ مخالف 33 اميدوار G.D.A جا يا ايئن کڻي چئجي ته علي گوهر مهر جا بيهاريل اميدوار ڪامياب ٿيا آهن، باقي ايڪڙ ٻيڪڙ سيٽون ٻين ضلعن ۾ پ پ کان ويون آهن. لاڙڪاڻي ۾ به مقابلو سخت ٿيو، پر ميدان وري به پ پ کٽيو آهي. منهنجي نظر ۾ ٻه ٽائون هڪ ڪوٽڏيجي ۽ ٻيو ننگر پارڪر جتي پ پ کي اپ سيٽ جو منهن ڏسڻو پيو بقايا جي رزلٽ اميدن مطابق حڪومتي پارٽي کٽي ورتي آهي حڪومتي ڌر ڇو نه کٽي؟

اسلام ڪوٽ ۾ حڪومتي ڌر جو واٺو صحت کاتي جو ملازم پٽيوالو ڀرتي ٿيل هن وقت ڪلارڪ هڪ 18 هين گريڊ جي ڊاڪٽر کي گاريون ڏئي، ٿڦڙون هڻي ۽ تذليل ڪري صرف انهيءَ ڪري جو اهو ڊاڪٽر جيڪو پرزائيڊنگ آفيسر به هو ان پولنگ قانون مطابق هلائڻ جي ڪوشش ڪئي. نتيجي ۾ ان سان ايڏي وارتا ٿي جنهن تي ڪنهن به نه ڪڇيو ۽ ڊاڪٽر کي مجبور ٿي ان بدمعاش سان ٺاهه ڪرڻو پئجي ويو. پڇڻو اهو آهي اليڪشن ڪميشن پنهنجن پرزائيڊنگ آفيسرن کي به تحفظ فراهم نٿي ڪري سگهي ته پوءِ اليڪشن فيئر ڪيئن ٿيندا؟

ڪجهه به هجي، پر هن اليڪشن ۾ ماڻهن به پاڻ ملهايو آهي. وڏيرن، ڦورن ۽ پوليس سان مهاڏو اٽڪايو آهي. حڪومتي ڌر ته ڄام صادق علي مرحوم جي دور جو ورجاءُ پئي ڪيو ۽ پوليس حڪومت سان گڏ هئي، جنهن به حڪومتي اميدوار کي مخالف اميدوار اغوا ڪرائڻو هو يا ان تي ڪو ڪيس داخل ڪرائڻو هو ته پوليس آفيسر پيش پيش هئا. نوابشاهه شهر جي خبر گردش پئي ڪري ته اتان پوليس بيلٽ باڪس کڻي هلي وئي. ڪنڌڪوٽ جي علائقي ۾ ڌاڙيلن اليڪشن جي عملي کي اغوا ڪيو ۽ پنج ڪلاڪن کانپوءِ اهي واپس آيا. آفيسر، استاد، پوليس، اليڪشن جو عملو ووٽ جي خريد ۽ فروخت، حڪومتي خوف پوءِ اليڪشن ته حڪومتي پارٽي کي کٽڻي ئي هئي، ميڊيا به انهن تي مهربان نظر آئي، بس انڌن ۾ ڪاڻو راجا سوشل ميڊيا هئي جتي ڪجهه حقيقتون ظاهر ٿين پيون. جيئن ميرپورخاص جي هڪ پولنگ اسٽيشن تي خاتون پرزائيڊنگ آفيسر هري رام ڪشوري جي پٽ ڪرن ڪمار سان جٺ ڪئي، پر هنن کي شرم ته آهي ڪونه! بس اليڪشن کٽڻي آهي. سراج دراني سان به ڳڙهي ياسين ۾ جيڪو ٿيو اهو به سوشل ميڊيا هلايو، پر اليڪشن ته پوءِ به سراج دراني کٽي ويو. عزت اچڻي وڃڻي آهي ان سان ڪهڙو ٿو فرق پوي. بازي هن ڀيري به حڪومتي ڌر کي ڦٻي وئي آهي، پر هڪ ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته انهن 14 ضلعن ۾ ووٽرن جو انگ يارنهن ملين کان وڌيڪ آهي ۽ ٽرن آئوٽ لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو رهيو آهي يعني ايتري طاقت ۽ ڌانڌلي ڪرڻ جي باوجود 70 سيڪڙو ووٽر گهر کان ٻاهر نه نڪتو آهي، مطلب 70 سيڪڙو ماڻهو اهڙي اليڪشن مان بيزار آهن ۽ ان جو حصو بڻجڻ نٿا چاهين. انهن اهو سمجهي ورتو آهي ته انهن جي ووٽ جو ڪوبه اثر نٿو پوي جنهن کي به حڪومتي طاقت حاصل آهي اهو اميدوار کٽي وڃي ٿو ۽ پوءِ عام ماڻهن جي ڀلائي ڪرڻ جي ان کي ضرورت نه آهي. بس هو انهن ڌرين کي خوش ڪري ٿو جن کيس کٽرايو ۽ پنهنجو فائدو حاصل ڪري ايندڙ اليڪشن جي تياري ڪري ٿو. وقتي طور تي حڪومت ڌر لاءِ اها ڳالهه بهتر آهي، پر اهي پارٽيون جيڪي  پاڻ کي جمهوريت جو چئمپين چورائن ٿيون انهن کي ايندڙ وقت ۾ اهڙو جهٽڪو لڳندو جو اچي پٽ تي ڪرنديون، عوام سان انهن جو رشتو بنهه ختم ٿيندو ۽ اليڪشن ۾ صرف مقتدر ڌرين جي رحم ۽ ڪرم تي هونديون ته جنهن کي اهي ڌريون کٽرائين. جيئن اسان جي وڏيرن جي سياست هئي هاڻ اها ڪٿي آهي؟ سندن اها طاقت انهيءَ ڪري ختم ٿي جو انهن به عوام سان ناتو ختم ڪيو ۽ صرف سگهارين قوتن جي آسري تي رهيا هاڻي همراهه ڦهڪا ڪريو پيا ڪرن، پر جتي به جن ماڻهن جو عوام سان رابطو آهي اتي اهڙي انڌ هوندي به انهن ماڻهن پاڻ ملهايو آهي، پر اٽي ۾ لوڻ برابر. هن سڄي وايو منڊل ۾ نون ليگ ته غائب رهي خبر نه آهي ته ڪٿان ڪو ڪائونسلر ٿيو به يا نه. پي. ٽي. آءِ ڪجهه سيٽون کنيون بلڪه ننگر پارڪر جي ٽائون ڪاميٽي به غني کوسي جي ڪري پي. ٽي. آءِ کٽي ورتي آهي. نون ليگ جو لوڪل گورنمينٽ اليڪشن ۾ نه هجڻ يا سنڌ جي سياست ۾ برجستو ڪردار نه ادا ڪرڻ ۾ به پ پ جو تمام گهڻو فائدو آهي. عام ووٽر ڪنهن جي آڌار ۽ آسري تي ووٽ ڏيندو آهي ته اگر ڪو ان سان مسئلو ٿئي، ڪير ته ان جي واهر ڪري. جڏهن پ پ ۽ نون ليگ جو اتحاد پڻ آهي، پر نون ليگ جو تازين چونڊن ۾ نه هجڻ نون ليگ کي سنڌ مان آئوٽ ڪرڻ جي برابر آهي. نون ليگ جي لاءِ لمحه فڪريه ضرور آهي. قومپرست پارٽين ڪجهه ٻوٽو ٻاريو، Q.A.T اياز لطيف جي اميدوارن ۽ S.U.P جي اميدوارن ڪجهه سيٽون کٽيون آهن، پر اهي به نالي ماتر، پر پوءِ به ميدان ۾ هئا. هن وقت اليڪشن ايتري مهانگي آهي جو يقين ڪريو ته عام ڪائونسلر جيڪو حڪومتي ڌر جو به هو پوءِ به ان جو خرچ ٻه لک کان وڌيڪ آيو ڪٿي ڪٿي ته پنج پنج لک خرچ ڪري همراهه کٽي آيا آهن. اتي اگر ڪو پ پ مخالف برياني وڪرو ڪندڙ ڪو مزدور ڪائونسلر ٿئي يا ڪنهن گڏهه گاڏو هلائيندڙ مزدور جي ڌيءَ حڪومتي اميدوار کان کٽي وڃي ته اهو مثال ٻين جي لاءِ اتساهيندڙ آهي. مطلب ته شڪست ڏيئي سگهجي ٿي ڏاڍي کي. هاڻي جولاءِ ۾ اليڪشن جي ٻئي مرحلي جو انتظار رهندو جڏهن پ پ ۽ ايم ڪيو ايم جو مقابلو ٿيندو، حال ته ايم ڪيو ايم جا به پورا آهن. هن ئي مهيني ڪراچي ۾ ٿيل قومي اسيمبلي جي سيٽ تي 10683 ووٽ کٽي سگهيا آهن مطلب انهن کي عوام موٽ نٿو ڏئي. جڏهن ته اتي 529000 ووٽ داخل ٿيل هئا.

ايندڙ سال جون عام چونڊون به پري نه آهن خاص طور تي سنڌ جي ٻهراڙي جتي حڪومتي مخالف اميدوارن کي اگر اليڪشن ۾ کٽڻو آهي يا سخت مقابلو ڪرڻو آهي ته گهر ۾ ويٺل 70 سيڪڙو عوام کي ايڪٽو ڪرڻو پوندو ۽ ان کي پولنگ اسٽيشن تائين آڻڻو پوندو، ظاهر آهي خرچ به ڪرڻو پوندو، پر ايئن ٿيندي نظر نٿو اچي! وري به پ پ سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ڪامياب ٿيندي سواءِ ڪجهه حلقن جي. سو سرڪار لطيف ٺيڪ چيو آهي، ڀيري ڀيري ڀوڳ ڀينر هن ڀنڀور ۾.