مان ڏوهي هان، مان ڏوهي هان! نصير مرزا

شيخ اياز صاحب جي “نظمن” تي گفتگو کان اڳ سنڌ ۾ نظم صنف جي چالامان بابت، تنوير عباسي صاحب جي راءِ ٻڌو (پڙهو) “هونئن ته سنڌي شاعري اساسي ۽ ڪلاسيڪل دور کان وٺي ريڙهيون پائيندي رهي آهي. صدين کان پوءِ ان ۾ معمولي تبديليون ظاهر ٿينديون آهن، پر گذريل صديءَ ۾ سنڌي شاعريءَ ٻه ننڍا ۽ ويهين صدي ۾ ٻه وڏا ڇال ڏنا آهن. ننڍا ڇال آهن. سچل سرمست ۽ خيلفي گل محمد هالائيءَ جي شاعري، جنهن سنڌي شاعريءَ جي غزل ۽ فارسي وزن سان سڃاڻپ ڪرائي ۽ ٻيا ٻه وڏا ڇال آهن. مرزا قليچ جي شاعري جنهن “نظم صنف” ۽ مغربي لاڙن کي سنڌي ۾ آندو ۽ ٻيو شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ هري دلگير جي شاعري، جنهن سنڌي ڪلاسيڪي ورثي ۾ جديد مغربي ادبي ڌارائن کي ملائي، سنڌي شاعريءَ کي بين الاقوامي سٿ ۾ آڻي بيهاريو.”

مٿئين پنهنجي راءِ ۾ تنوير عباسي صاحب جهڙي معتبر شاعر ۽ نقاد اسان تي واضح ڪيو آهي، ته سنڌ ۾ “جديد نظم” ۽ جديد لاڙن کي سنڌي شاعريءَ ۾ متعارف ڪرائڻ واري پهرئين هستيءَ جو نالو آهي “مرزا قليچ بيگ!” جنهن بابت شيخ اياز صاحب پڻ واضح لفظن ۾ اسان کي بار بار ٻڌايو آهي ته، سندس ڏات جي رنگين قالين ۾ ڪٿي ڪي ريشمي ڌاڳا، پاڻ مرزا قليچ بيگ کان به مستعار ورتا آهن… هاڻي نظم صنف کي پنهنجي آهنگ سان اختيار ڪرڻ بابت، شيخ اياز صاحب جا بلڪل پنهنجا چيل ۽ لکيل هي ابتدائي لفظ ٻڌو، چيو اٿن:

“ٻين صنفن وانگر”، نظم ۽ آزاد نظم ۾ به مون ترنم ۽ نغمگي برقرار رکڻ چاهي آهي، ترنم جي تخليق لاءِ، نه قافيو لازمي آهي ۽ نه ئي نظم جي ڪائي خاص هيئت آهي. ايئن آزاد نظم وري شعري ڪيفيت جو آزادانه، جولان آهي ۽ نه بي راهه روي، جيئن عام طرح سمجهيو ويندو آهي. دراصل، آزاد نظم ۾ منظوم نظم کان زياده ترنم ۽ فني صلاحيت جي اظهار جي گنجائش آهي.”

اردو جي عظيم شاعر، جوش مليح آبادي جو خيال هو ته ڪوبه وڏو موضوع، وڏو خيال ۽ فڪري ڌارائون موڙي ڇڏيندڙ شاعري، صرف ۽ صرف نظم صنف ۾ ئي ممڪن ٿي سگهي ٿي… نه ڪي غزل، گيت يا قطعه يا رباعيءَ ۾. ان ڪري، پنهنجي طول طويل نظمن جي ئي آڌار تي جوش مليح آبادي کي شاعرِ انقلاب جو لقب ڏنو ويو ۽ مزاحمتي شاعريءَ جو سرواڻ پڻ کيس سڏيو ويو. ڏٺو وڃي ته نظم صنف جي اسلوب کي جديد خيال جي آميزش، سان مرزا قليچ بيگ ئي سنڌي ادب ۾ مروج ڪرايو هو ۽ قليچ بعد، شيخ اياز ۽ ان جي جن پيش رو شاعرن، زبردست پٺ ڀرائي ڪئي، اُهي هئا حيدر بخش جتوئي صاحب… جنهن درياهه شاهه ۽ جيئي سنڌ… جيئي سنڌ… جهڙا تاريخ جا ڌارا، موڙي ڇڏيندڙ نظم لکيا ۽ ٻيو شاعر هو هري دلگير… جنهن پڻ سانوڻي درياهه جهڙو ڌڌڪا ڌڌڪا نظم سنڌي ادب کي ڏيئي، ان جي جهول ڄڻ موتين هيرن سان ڀري ڇڏي هئي.

۽ هاڻي ڳالهه شيخ اياز جِي… جنهن يارهن ورهين جي ڄمار ۾ شاعريءَ جي ابتدا يا گيت لکڻ سان ڪئي يا علامه اقبال جي تتبع تي ترنم ۽ نغمگيءَ کي سامهون رکي نظم صنف سان!

دوستو! شيخ صاحب جي پهرئين شعري مجموعي جو نالو آهي. “ڀؤنر ڀري آڪاس.” جنهن ۾ سندن دعويٰ آهي ته: “مون اهڙي هڪ سٽ به نه لکي آهي، جا منهنجي روح جي گهراين مان چيرجي نه نڪتي هجي…” معنيٰ شيخ اياز جي جيڪا به شعر ۾ چيل ڳالهه آهي، ان کي هُن جي روح جي رڙ سمجهڻ اسان جو به فرض آهي ۽ مان دعويٰ سان پيو چوان ته ٻين صنفن ذريعي شيخ اياز جو سنڌي شاعري ۾ جو به مقام هجي، پر “نظم صنف” مان هُو هڪ فلاسفر، وطن پرست ۽ سماج جي باغي شاعر ۽ جبر قهر کي للڪاريندڙ، انقلابي قلمڪار طور اسان جي آڏو اچي بيهي ٿو. سندس پهرئين ئي شعري مجموعي “ڀؤنر ڀري آڪاس” جي ترتيب ۾ پهرئين پهرئين ئي شايع ٿيل نظم ذريعي، هو هڪ فلاسفر، آفاقي ۽ الهامي مفڪر شاعر طور، اسان جي آڏو اچي بيهي ٿو، ڪائنات جي ارتقا ۽ وقت جي فلاسفي بابت سندس چوڻ آهي ته:

ازل جي پراسرار آڳ

جلائي پئي ۽ وسائي پئي زندگيءَ جا ڏيئا

ڏيئا ۽ ڏياٽيون پيون بدلبيون

مگر لاٽ سان واٽ پئي جرڪندي

سدا جوت کي آهي جاڳ

ازل جي پراسرار آڳ

جلائي پئي ۽ وسائي پئي زندگي جا ڏيئا

ان نظم بعد… ڪائنات جي پراسرار رازن ۽ سرشتيءَ جي ڀيد ڀريل ٽجوڙين کي کولڻ جي جاکوڙ ۾ پنهنجي هڪ ٻئي ابتدائي شاهڪار نظم ۾ هو چوي ٿو:

اسان ننڊ جا نيڻ آهيون پرين

سُتي ساهه جاڳي وڃي دُور دُور

ستارا لتاڙي اسان جو شعور

سوين چنڊ ساٿي

ڪتين جا سوين قافلا رهه گذر ۾

سفر ۾

سوين ڪائناتون

نه آغاز جن جو، نه انجام جن جو

زمان ۽ مڪان کان مسلسل نجاتون

ازل کان ابد تائين سک جون براتون

جڏهن موٽ کائون

سوين راز آڻيون

سوين ساز جي لاءِ آواز آڻيون

اسان ننڊ جا نيڻ آهيون پرين

ته يارو! “نظم” ۾، شيخ اياز جي آواز اجهو اِهو هو! ابتدائي پڙلاءُ، جنهن جديد سنڌي نظم ۾ خيال جا هُل هلائي ۽ طوفان برپا ڪري ڇڏيا… جي ها! انقلابي ۽ روماني طوفان. هي ڏسو سندس رومانوي خيال جو هڪڙو حَسِين پڙلاءُ:

ڪامڻي رات، چنڊ چوٽيءَ ۾

سينڌ ساري ڀري ستارن سان

ٽهلندي ڪائنات ۾ آئي

۽ يارو!! ڪائنات ۾ ٽهلندڙ هيءَ سنڌ جي رات آهي، يا ڪلو پئٽرا يا مينڌري واري مومل جو پرتوو… يا.. خود حُسنِ ازل… ۽ جنهن بابت ڀٽائي صاحب به فرمايو آهي ته:

عبداللطيف چئي پرين اسان جو، هميشه حُسناڪ

هاڻي ورهاڱي جي اوڻيهه سئو ستيتاليهه واري معرڪي ۾ اياز جي آزاد نظم هي علامتي رنگ ۽ جولان اختيار ڪيو:

اوچتو آسمان جو ميدان

ٿي ويو سارو گوڙ ۽ گهمسان

وقت جي ديو جون رٿون ڊوڙيون

چنڊ تارا لتاڙجي ويا سڀ

روشني رات ڀر رهي اڻ لڀ

۽ يارو… جڏهن، پنجاهه جي ڏهاڪي دوران… هر طرف سنڌ تي، ماڪڙ لهندي پکڙجندي وئي ۽ جڏهن هڪ هڪ ٿي ڏيئا، آڳبوٽن ۽ ريلُن ۾ سوار ٿي، پويان پيرن جي روشني ويڙهيندا سنڌ وطن مان ويندا رهيا ۽ دور ڪٿان ڌوڙ اڏائيندا، ڌاريا قاتل، هن ڌرتيءَ تي وارد ٿيندا ويا ته اياز پويان ويندڙن جي پيرن جي خاڪ، اکين تي مليندي هن عزم جو اظهار ڪندو رهيو:

هي ڦُٽل پير وري پنڌ ڪندا

تنهنجو سوڳنڌ ڪندا

هي ٽٽل هٿ هڻي هنڌ ڪندا

مان چوان ٿو ته ضرور

وقت ايندو ته وري چڪناچُور

ڪوڙ جوڪنڌ ڪندا

آ اِهو مچ سهارو پنهنجو

بس فقط سچ سهارو پنهنجو

پوءِ تاريخ ڏٺو ته سنڌ سان وقت جي وزيرِاعظم لياقت علي خان جيڪي ڪلور ڪيا ۽ سنڌ واسين کي سنڌ ۾ اجنبي بڻجي رهڻ تي مجبور ڪرڻ لڳو ته شيخ اياز، پنهنجي نظم صنف ذريعي ئي آواز اُڀاريو:

هر قدم تي زندگي جو جامِ زهر

ڪنهن نئين سُقراط جو آ منتظر

هر گهڙي سوري سڏي

ڪنهن نئين منصور کي

ٿي ٻري شمعِ حيات

آ جلڻ جنهن تي پتنگن جي نجات

تڏهن، چند وطن پرست ديوانا پروانا… سنڌ جي “شمعِ حيات” تي 1950ع کانپوءِ مِڙڻ شروع ٿي ويا، روشن خيالي ۽ وطن پرستي جو سج نمودار ٿيڻ لڳو ته شاعر شيخ اياز جي ساهه ۾ ساهه پيو. اميد جو ڪرڻو نظر آيو ته پاڻ هي چوڻ کان به، نه رهيو ته:

وري ڪونج ڪرڪي

وري جوت جرڪي

وري ڄاڻ ڄرڪي

اُٿي ميت ڪرڪي!

 نه ترساءِ پيارا

نه گهٻراءِ پيارا

اُٿي ڳاءِ پيارا

پرينءَ لاءِ پيارا

هاڻي ون يونٽ جو ڳٽ سنڌ جي نازڪ نفيس ڳچيءَ ۾ پيو ۽ سنڌ لفظ چپن تي آڻڻ جرم قرار ڏنو ويو ته شيخ اياز پنهنجي هڪ منظوم نظم ذريعي دانهن ڪئي:

 پڃري جي ڳڙکيءَ مان ويهي

آئون نهاريان هنجون هاريان

۽ پوءِ هن ريت به همت جو اظهار ڪندي چيو:

اڄ ته اڏامان

اڄ ته اڏامان

ڪونه جهلينم

ڪيسين پڄران

ڪيسين کامان

ڪونه جهلينم

هاءِ لڏن ٿيون

سامهون لامان

ڪونه جهلينم

ڪونه جهلينم

پوءِ اياز هڪ نظم ۾ دلگير ٿي هن ريت به چيو:

 آءُ بادل

مان به روئان

تون به روءُ

مان به غم جا

داغ ڌوئان

تون به ڌوءُ

جيئن مون چيو، شيخ اياز هڪڙو رومان پرور انقلابي شاعر هو. ان ڪري، هوڏانهن جي فيض احمد فيض لکي رهيو هو:

مجهه سي پهلي سي محبت ميري محبوب نه مانگ!

ته هيڏانهن شيخ صاحب وري پنهنجي هڪ شاهڪار روماني نظم ۾ چئي رهيو هو:

صنوبر جي سايي ۾ ويهي رهون

چُمي جيئن سگهي چنڊ تنهنجون چڳُون

گهڙيءَ لئه گناههِ محبت ڪيون

نه شايد وري زندگيءَ ۾ ملون

۽ صوفياڻي بي خوديءَ ۽ جواني ديوانيءَ جي ترنگ ۾ محوِ رقص ٿي پوءِ هيئن به چيو:

هلي آ گذاريون ائين زندگاني

نه الله باقي، نه انسان فاني

اسان جي حقيقت مجاز آهي جاني

اسان جي عبادت جواني جواني

جوانيءَ سوا ٻي نشاني نه رهندي

جواني نه رهندي. جواني نه رهندي

۽ ان بي خوديءَ ۽ ڀٽائي صاحب وانگر: “مڌ پيئندي مون ساجن صحيح سڃاتو“ واري ڪيفيت ۾ چيائين:

اچو اچو

نچو نچو

بهار تي نه آهه ڪوئي ڀروسو

اچو اچو شباب مان گلاب رات ڀر ڇِنو

اچو اچو، نچي ڪيو

سجود ڪام ديو جو

اچو اچو پيئو پيئو

جيئو جيئو

نچو نچو، اچو اچو

شيخ اياز صاحب حياتي جي وچ وارا سال سکر، شڪارپور ۽ عين ڦوهه جواني ۽ پيريءَ وارا سڀ سال، ڪراچي شهر ۾ گذاريا هئا. پنجاهه جي ڏهاڪي ۾ ڪراچي اندر هُنَ ڪوراڙ بلا مثل وَٽَ کائيندڙ شهر جي رستن تي نازڪ نفيس ٽرام هلندي ڏٺي ۽ ان تي مسافرن جا ڳاهٽ ڏٺا ته علامتي انداز ۾ ان بابت ڇا ته شاهڪار نظم لکيائين:

 ڪِنجهندي ڪِنجهندي، آئي پٽي تي ٽرام

سهڪي سهڪي دُونهون نڪتو چوندو اڏام اڏام

دهڪي دهڪي چمني جي دل کي آيو آرام

ويئي ويڙهجي جيئن اوندهه ۾ گدلي گدلي شام

بلب بلب تي پتنگ آيا، ٿيو سوجهرو جام

ڪوڙو ڪانچ جلائيندو ڪيئن خام محبت خام

آهٽ آئي ڳاهٽ ٿيا، سو گمرهه ۽ گمنام

پئي اينگهندي ڪيسين دنيا؟

چنگهندو پيو عوام

ڪنجهندي ڪنجهندي آئي پٽي تي ٽرام

ڪراچي ۾ اسان جو شاعر شيخ اياز جڏهن جڏهن به سمنڊ جي سئر تي ويو، هن کي پنهنجو همعصر شاعر نارائڻ شيام، بي اختيار ياد پيو ۽ لهرن ڏانهن ڏسندي هڪ نظم ۾ چيائين:

ڪٿي ته آهين شيام؟

ڄڻ جمنا جي لهر لهر ۾

تنهنجو آهه لڙاٽ

گهمي ڏٺم سڀ گهاٽ

ڪٿي ته آهين شيام !؟

۽ ان نظم سان گڏ هن هڪ ٻيو نظم به لکيو:

پاتڻي!! ڪاش مان سمنڊ هجان!

تڏهن هن ورهاڱي جي وڍ تي، ته هيءَ به دانهن ڪئي…

اي وطن!!

منهنجي تخيل جا وطن

لونءَ منهنجيءَ جي لگن،

جانِ من!

اڄ چُمي تنهنجو ڪفن

ٿو ڪيان تنهنجو سپردِ خاڪ تن

هاڻي جڏهن وطن يا ڪفن جو معاملو سنڌ واسين آڏو آيو، ته سنڌ سان اياز پنهنجي ڪمٽمينٽ هيئن ظاهر ڪئي:

منهنجو هي انجيل نه منهنجي گيتا يا قرآن

ڌرتي منهنجي ماءُ، انهيءَ تي آ منهنجو ايمان

۽ ان سان گڏ هن هڪ ٻئي نظم ۾ هيئن به اعلان ڪيو…

ڌوڏ هن سماج کي

لوڏ هن سماج کي

ٺاهه سو نئون نظام

جو چڱو چئي عوام

هي نظام آ خراب

انقلاب… انقلاب

ڳاءِ انقلاب ڳاءِ!

اياز صاحب پنهنجي حياتي ۾ هزارين نظم لکيا هئا ۽ ڀانئيان ٿو، اڄ کان 66 ورهيه اڳ جڏهن هڪ مذهبي جماعت ملڪ ۾ زور پڪڙي رهي هئي يا هاڻي هر جاءِ جڏهن طالبان جو چالامان آهي ۽ ملڪ انتها پسنديءَ ۽ دهشت گردي جي چنبي ۾ گهوگهاٽبو پيو وڃي.. تڏهن شيخ صاحب جي هن اڄوڪي محفل ۾ موجود هجي ها ته پُڪاري پُڪاري سڀني آڏو اڄ پنهنجو هي شاهڪار نظم، پنهنجي ئي پسند تي علي الاعلان پڙهندي… بار بار پيو چوي ها ته:

هيءُ ڳاڙها ڏاڙهي مُلان جي.

هيءُ ڪاري چوٽي پانڊي جي.

مون لاءِ ٻنهي ۾ ڦير نه آ.

ٻئي آڳ اُجهاڻل ٽانڊي جي.

سڀ دين ڌرم جي دوکي ۾.

ٿا کوٽ ڀرن کاڻانڊي جي.

***

مون ڏات انوکي آندي آ.

ٿي تند وڙهي تلوارن سان.

ٽڪرايان پنهنجا گيت جڏهن.

ٿو آئون سندءِ ديوارن سان.

ٿا تنهنجا ڀاري برج لڏن.

تون هيڻو آن هٿيارن سان.

مان ڏوهي ها، مان ڏوهي هان.

مان ڏوهي ها، مان ڏوهي هان.

***

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments