ملڪ ۾ حقيقي سياسي تبديلي ڪڏهن ايندي؟ انور حسين قاضي | # جنوري 2022
پاڪستان پاڪستان 2022ع ۾ پنهنجي پلاٽينيم جوبلي ملهائيندو. آگسٽ 2022ع ۾ پاڪستان جي وجود ۾ اچڻ کي 75 سال ٿي چڪا هوندا. 2021ع جي ڊسمبر ۾ ويهي اڄ به اسان اهو سوچيون ٿا ته ڇا پاڪستان جو عوام به آزاد ٿيو؟ آزاديءَ جو مطلب اهو نه هوندو آهي ته صرف جاگرافيءَ جي آزادي، پر ذهني آزادي، معاشي آزادي، قانون جي عملداري، ڪمزور کي انصاف ملڻ، عام ماڻهوءَ جي زندگي بهتر ٿيڻ ۽ ان جو تحفظ، امن امان جو هجڻ اهي سڀ آزاديءَ جو ثمر هوندا آهن؟ ڇا اسان جي ملڪ جي ماڻهن کي اهي سڀ آزاديون ميسر آهن؟ افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته! پنجهتر سالن ۾ اهڙي ڪابه حڪومت نه آئي آهي جنهن جي لاءِ چئجي ته انهيءَ کي عوام چونڊيو آهي. پهرين ته اسان وٽ اليڪشن ڪونه ٿي، پوءِ جڏهن پهرين اليڪشن 1956ع ۾ ٿي صرف بنگلاديش (ان وقت جي اوڀر پاڪستان) جگتو فرنٽ کٽي وئي. جڏهن ته موجوده پاڪستان ۾ هڪ اليڪشن فيلڊ مارشل محمد ايوب ڪرائي، جنهن ۾ صدارتي نظام لاڳو ڪيو ويو ۽ ڪائونسلر چونڊرائي انهن کان ووٽ ورتو ويو جنهن کي عام طور تي Basic Democrat بي. ڊي اليڪشن چيو وڃي ٿو. جنهن ۾ محمد ايوب جي مد مقابل قائد اعظم محمد علي جناح جي همشيره فاطمه جناح هئي جيڪا هر سياسي سرگرمي ۾ قائداعظم محمد علي جناح سان گڏ هئي. جنهن کي مادر ملت به چيو وڃي ٿو، پر فيلڊ مارشل ان کي پاڪستان جو غدار قرار ڏنو.
افسوس سان تاريخي حوالو ڏيڻو ٿو پوي (پيپلز پارٽي وارن کان معذرت) شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، ايوب خان جي اليڪشن مهم هلائي هئي. جڏهن محمد ايوب جي پٺيان پنهنجا ئي پئجي ويا ۽ هن کي اقتدار جو سرينڊر ڪرڻو پيو ته هن ڪنهن به سويلين کي ان لائق نه سمجهيو ته هو اقتدار سندس حوالي ڪري، پر پنهنجي ئي پٽي ڀائي جنرل يحيٰ خان کي اقتدار سونپيو جنهن هڪ دفعو ٻيهر مارشل لا لاڳو ڪئي. 1970ع جون چونڊون ڪرايون جنهن ۾ عوامي ليگ پورو اوڀر پاڪستان (هن وقت بنگلاديش) سوئيپ ڪيو، قومي اسيمبليءَ جون 160 سيٽون کٽيون. پيپلز پارٽي کي سنڌ ۽ پنجاب ۾ 83 سيٽون مليون، بلوچستان ۽ سرحد (هن وقت ڪي پي ڪي) ۾ پيپلز پارٽي ڪو خاص ٻوٽو نه ٻاري سگهي، پوءِ 1972ع ۾ جيڪا صوبائي حڪومت ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ٺهي اها پيپلز پارٽي جي نه هئي، جنهن کي 1973ع ۾ ختم ڪري گورنر راڄ لڳايو ويو. قصو ڪوتاهه ته عوام جي ڳالهه کي رد ڪيو ويو اگر رد نه ڪجي ها ته عوامي ليگ ان وقت حڪومت ٺاهي ها ۽ پاڪستان گڏيل هجي ها بنگلاديش نه ٺهي ها. هاڻي هيءَ ڪا ڍڪيل لڪل ڳالهه ناهي ته اهو ڪنهن ڪيو؟ ۽ ڪيئن ٿيو؟ اسان صرف اها ڳالهه ورجايون ٿا ته عوام جي راءِ کي رد ڪيو ويو جنهن جي ڪري ملڪ جو هڪ وڏو حصو الڳ ٿي ويو.
اسان سوال ٿا ڪريون ته طاقتور ڌرين ايڏي نقصان کانپوءِ ڇا سکيو؟ ڪجهه به نه! 1977ع جي مارشل لا هڻي چونڊيل حڪومت کي ختم ڪري ۽ هڪ آمر اقتدار تي قبضو ڪري ويهي رهيو. ان آمر به فيلڊ مارشل ايوب وانگر پهرين بلدياتي اليڪشن 1979 ۾ ۽ ڪرايا ٻيا بلدياتي اليڪيشن 1983ع ۾ ڪرايا ۽ 1983ع جي ايم آر ڊي موومينٽ جي ڪري مجبور ٿي 1985ع ۾ غير جماعتي عام چونڊون ڪرايون جن کي بعد ۾ مسلم ليگ جو ويس پهرايو ويو. وزيراعظم ٿيڻ جو ڪڻو انتهائي شريف النفس محمد خان جوڻيجو صاحب جي حصي ۾ آيو، کيس به 1988ع ۾ چائنا کان واپسيءَ تي ايئرپورٽ تي ٻڌايو ويو ته تون هاڻي وزيراعظم نه رهيو آهين. ان وقت جي پير پاڳاري صاحب شاهه مردان شاهه صاحب جو اخباري بيان رڪارڊ تي آهي ته ”اها به انهن جي مهرباني جن اسان کي وزيراعظم زنده واپس ڪيو نه ته اتان لاش ايندا آهن“ هن بلڪل سچ چيو هو. 27 ڊسمبر تي ملڪ جي ٻه دفعا وزيراعظم رهندڙ ۽ پوري پاڪستان جي ليڊر کي راولپنڊي لياقت باغ ۾ شهيد ڪيو ويو جنهن جي قاتلن جو اڄ تائين پتو نه پيو آهي. جيتوڻيڪ پيپلز پارٽي هڪ دفعو مرڪز ۾ حڪومت ٺاهي ۽ مسلسل ٽيون دفعو سنڌ صوبي جي حڪمران جماعت آهي.
ڊسمبر 2021ع جي آخري هفتي تائين اسان جي سياسي سيٽ اپ ۾ ڪو سڌارو نه آيو. سياستدان پوءِ ڀلي ڪنهن جي به چوڻ تي ۽ ڪنهن جي به طاقت تي هڪٻئي کي انتهائي برو ڀلو چوندا رهن ٿا. جڏهن ڪابه پارٽي حڪومت ۾ اچي ٿي ته ٻيون پارٽيون ان حڪومت واري پارٽي جي پٺيان ان ڪري پئجي ٿيون وڃن جو ان حڪومت ۾ سندن حصو ناهي ۽ جيڪا حڪمران پارٽي اچي ٿي اها وري پوئين پارٽين کي خراب چوندي رهي ٿي. اهڙو ئي سلسلو اسان وٽ گذريل 75 سالن کان هلندو ٿو رهي. اسان وٽ ڪڏهن به Issue Based سياست نه رهي آهي، صرف سياسي اڳواڻ هڪٻئي جا پٽڪا ڌوڙ ڪندا آهن ۽ عوام هنبوشيون هڻندو آهي.
عام ماڻهو جا مسئلا 1947ع ۾ به ساڳيا هئا ۽ 2021ع جي پڇاڙيءَ تائين به ساڳيا آهن. بک آهي، بيروزگاري آهي، بدحالي آهي، غربت جو تناسب 40 سيڪڙو کي پهتو آهي. اگر تعليم آهي ته اها معياري نه آهي، امن امان نظر ڪونه ٿو اچي، ٻهراڙين کي ڇڏيو شهرن جي حالت ابتر لڳي پئي آهي. اسان جي ملڪ جي آباديءَ جو تقريبن 60 سيڪڙو نوجوانن تي مشتمل آهي، مطلب 35 سالن کان گهٽ عمر وارو آهي ان کان ڪوبه ڪارائتو ڪم نٿو ورتو وڃي، شايد انهيءَ ڪري انتها پسند قوتون انهن نوجوانن کي آساني سان شڪار ڪري پنهنجن مقصدن لاءِ استعمال ڪن ٿيون. ڇو ته انهن نوجوانن کي پنهنجو مستقبل غير محفوظ نظر اچي رهيو آهي.
دنيا ڪائنات کي تسخير ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي ۽ اسان پاڪستاني اڄ به ٻه وقت مانيءَ جي لاءِ پريشان آهيون صرف ان ڪري جو اسان وٽ سياسي نظام مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ ناهي، صرف چند ماڻهن جي فائدي جي لاءِ آهي جيڪي پنهنجي پنهنجي وقت تي پنهنجو پنهنجو وارو وٺن ٿا ۽ پوءِ وري هڪٻئي جو پٽڪو لاهين ٿا ۽ عوام ان تماشي ۾ پيرن هيٺان لتاڙجي ٿو. ڇا 2022ع به ايئن ئي رهندو؟ هڪڙي ڌر چوندي ته فلاڻو اڳواڻ چور آهي چوري ڪري ويو، ملڪ لٽي ويو، واپس ملڪ ۾ نٿو اچي، جي ايندو ته ان کي جيل موڪلينداسين. ٻي ڌر چوي ٿي ته وزيراعظم هوشمند ئي ناهي غير هوشمندي ۾ پيو فيصلا ڪري. ڪا ڌر دانهن ڪري ٿي ته آءِ ايم ايف سان جيڪو معاهدو ڪريو پيا اهو عام ماڻهو جي ڪيتري مفاد ۾ هوندو توهان جي اسٽيٽ بينڪ آءِ ايم ايف وٽ يرغمال ٿيڻ وڃي پئي ڪنهن کي تڪليف ٿئي ٿي؟ بيروزگاري ڏينهون ڏينهن وڌي پئي اهو انهن جو مسئلو آهي؟ اسان جي ملڪ ۾ انتها پسندي پنهنجا پير پختا ڪري چڪي آهي اها ڪيئن ختم ٿئي اهو انهن جو مسئلو آهي؟ هاڻ اهي مسئلا حڪومتن کي حل ڪرڻا آهن حڪومتون عوام ٺاهي ٿو، پر ڇا واقعي عوام ٺاهي ٿو. اڄ تائين ته اهو نظر ڪونه ٿو اچي. حڪومتون مٿي ئي مٿي ٺهي ٿيون وڃن جيئن هن وقت هن حڪومت کي ڊاهڻ ۽ نئين حڪومت کي آڻڻ جي لاءِ ڊيل ٿي رهي آهي پوءِ ڊيل چئون يا سازش. عوام ته ڊيل يا سازش جو حصو ناهي، ڇو نه عوام کي آزاد ڪجي پنهنجي مرضيءَ مطابق حڪومت چونڊي اها حڪومت جيڪا عوام جي آجپي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري ۽ حقيقي آزادي جيڪا ذهني، معاشي ۽ معاشرتي هوندي اها عوام کي ملي. اهڙي قسم جي اميد ڪري سگهجي ٿي؟ ڪجهه ڪم اسان عوام کي به ڪرڻو پوندو پنهنجن حقن جي لاءِ، پنهنجي وس آهر اڳتي اچڻو پوندو ته دنيا جي ترقي ۾ اسان جو به ڪجهه حصو هجي، اميدن تي دنيا قائم آهي.
***