ڪتاب تي تبصرو

”ناسور“ غلام نبي سومرو

”ناسور“ڪهاڻين جو نئون ڪتاب جنهن ۾ چوويهه ڪهاڻيون آهن. هي ڪتاب اهڙو ڪتاب آهي جنهن کي پڙهي توهان کي تخليقيت ۽ تخيل جي جيڪا دنيا آهي انهيءَ سان لاڳاپيل حيرت، خوشي ۽ نواڻ پڻ محسوس ٿيندي. اسان جي هن سموري دنيا جي ٻولين ۾ جنهن ۾ سنڌي به شامل آهي. ڪهاڻي لکي پئي وڃي. ڪهاڻي، سماج ۽ فرد جي گوناگون حالتن جو، انهن جي چوڌاري لقائن جو، انهيءَ جي منظرن جو ۽ مظهرن جو. انهيءَ جي وارداتن ۽ واقعن جو تخليقي اظهار رهي آهي. اڄ جي ڪهاڻي ۾ جيڪو قصو آهي، انهيءَ ۾ جا داستان گوئي آهي، اها انهيءَ پراڻي قصه گوئي يا آکاڻي کان مختلف آهي، جو اڄ جي ڪهاڻي يا ايئن کڻي چئون ته جديد ڪهاڻي ۾ نه صرف انهيءَ سماج جو بيان آهي، پر فرد جي من جي جيڪا دنيا آهي انهيءَ جي ڳولا پڻ آهي. هر فرد يا ماڻهو جي جيڪا تهه در تهه شخصيت آهي. ڪهاڻيڪار انهيءَ ۾ لهي پنهنجي تخيل ۽ تخليق جي زور تي اهڙا نوان نتيجا اسان جي سامهون رکي ٿو. جو پڙهندي عجب ۽ حيرت ٿئي ٿي ۽ پڙهندڙ کي ڪهاڻي پڙهندي آگاهي ٿئي ٿي: ته ڳالهه ايئن به هجي ٿي جيئن ڪهاڻيڪار بيان ڪئي آهي. انيس انصاري اسان جو خوب ڪهاڻيڪار آهي. سنڌ جي جديد ڪهاڻي جي روايت جيڪا گذريل صديءَ جي انهيءَ دور کان شروع ٿئي ٿي جڏهن ننڍو کنڊ اڃان متحد هو. انهيءَ وقت کان وٺي اڄ سال 2021 تائين ڪهاڻي سنڌي ادب جي هڪ مقبول صنف آهي جا اسان جي ڪهاڻيڪارن ۽ پڙهندڙن کي پنهنجي سالن جي سفر جي باوجود گرفت ۾ رکيو اچي. انيس انصاري جو هي نئون ڪتاب ”ناسور“ چوويهن ڪهاڻين جي سهيڙ آهي. اچو ته جائزو وٺون ته ڪتاب جي ڪهاڻين ۾ تخليق جو ڪهڙو جهان آباد آهي.

ڪتاب جي پهرين ڪهاڻي ”وٺجانس“ تصوف ۽ درويشي جي دنيا جي اسرار سان ڀريل ڪهاڻي آهي، هڪ قلبي واردات جو بيان انهيءَ ۾ آهي. جنهن جا ڪردار، صوفي مجذوب ۽ درويش آهن. ضمير متڪلم ۾ بيان ٿيل انهيءَ ڪهاڻي ۾ جو ڪجهه تحرير ڪيو ويو آهي اهو نئون آهي ۽ حيرت ۾ وجهندڙ آهي. ڪهاڻي جي هن حصي تي نظر وجهو:

درويش ڇٻيءَ مان مڇي ڪڍي، ناري جي ڪناري اڀريل ڇٻر تي رکي، مٿس هٿ گهمائيندي ان ۾ گهوريندي پڇيو، ”ڪهڙي مڇي آهي؟“

چيومانس، ”ڏاهي.“

نظرون اڃان هيٺ هيس. چيائين، ”ڪيئن ٿو چوين؟“

چيومانس، مڇي جي هيٺين چپ جي ٻنهي طرفن مُڇن وانگر ڳلڦڙا آهن اهي ان مڇيءَ کي ٿيندا آهن. ان کانسواءِ…“

اکيون مون ۾ کپائيندي، ڳالهه کي اڌ ۾ ڪٽيندي پڇيائين، ”ڪهڙي مڇي ٻڌائيه؟“

”ڏاهي“ مون جواب ڏنو.

چيائين، ”ڏاهي هجي ها ته ڪيئن ڦاسي ها؟“

چيومانس، ”ڦاسندا ئي ڏاها آهن.“

درويش کان دانهن نڪري وئي، ”ڦاسندا ئي ڏاها آهن.“

وڏي آواز سان ورجائيندو ڳوٺ طرف وٺي ڊوڙ ڀريائين. مان هڪو ٻڪو ٿي ويس.

ڪهاڻيڪار ڏاڍي سادگيءَ سان، سلوڻي ۽ سادي ٻوليءَ ۾ هڪ اهم ۽ مختلف موضوع کي چٽڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.

ڪهاڻي ڪتاب ”ناسور“ جي ٻي ڪهاڻي ”بدر هپي“ هيءَ ڪهاڻي ماهيت قلب جي موضوع تي غير معمولي ڪهاڻي آهي. بدر هپي شهر جو ڏوهاري شخص آهي. هي ڪهاڻي به ڪهاڻيڪار پاڻ هڪ ڪردار جي روپ ۾ بيان ڪئي آهي. ڪهاڻي جي شروعات ۾ جڏهن بدر هپي جي ضمانت ٿي رهي آهي. ڪهاڻي ۾ اڳتي بدر هڪ مضبوط ڪردار جي طور تي سامهون اچي ٿو. ڪهاڻيڪار بدر هپي جي تهه دار شخصيت ۽ انهيءَ جو بيان ڪري سگهيو آهي ته اهو ڪيئن نه اڳتي هلي جرم جي دنيا کي ڇڏي هڪ مذهبي ۽ تبليغي شخص ۾ بدلجيو وڃي. مولانا بدر جي نالي سان سڏجڻ لڳي ٿو. ڪهاڻي جو ڪلائيميڪس حيران ڪندڙ آهي ته هي سماج اسان کي ڏوهاري طور قبول ڪري ٿو اهو ته ٺيڪ آهي، پر انهيءَ شخص جي شرافت کي مورڳو ئي قبول نٿو ڪري، اهو الميو آهي، ڪهاڻي جو ڪلائيميڪس ڏسو:

نويد انجم جي مشهور ڪيس ۾ جوابدارن پاران هاءِ ڪورٽ ۾ مان به هڪ وڪيل هيم. هڪ دفعي هاءِ ڪورٽ ۾ حاضري ڏيئي واندو ٿي شمسيءَ سان ملڻ لاءِ سيشن ڪورٽ ويم. ورانڊي ۾ هٿڪڙين لڳل پوليس جي جهرمٽ ۾ مون کي مولانا محمد بدر ويٺل نظر آيو. مون کي ڏسي منهن تي مرڪ مڙي آيس. اٺي بيٺو وڃي مليومانس.

پڇيومانس، ”مولانا! هي وري ڇا آهي؟“

مرڪندي وراڻيائين، ”سائين! پوليس ڪاٿي ٿي ڪنهن کي شريف ٿيڻ ڏي. هتي رزاق بدلي ٿي آيو آهي ۽ هاڻي اي ايس آءِ نه پر ايس پي آهي!“

ڪتاب ۾ هڪ ڪهاڻي ”پدما“ جي عنوان سان آهي. معصوم محبت جي ڪهاڻي. عقيدي جي دورين کي نه مڃيندڙ. صلح ڪل جو سبق ڏيندڙ. لاڙڪاڻي جي هندو مسلم برادرين جي تعليم دوران هڪٻئي ڏانهن ڇڪ ۽ اڪير جي ڪهاڻي. جڏهن انهن جي معصوم حياتين مٿان تاريخ ۽ جاگرافي جو جبر جبل جيان ڪر کڻيو بيٺو هو. ورهاڱو ٿيو ۽ پدما سال 1951 ۾ ڀارت هلي وئي. راڄنيتي ۽ ورهاڱا ڪيئن نه دلين تي ڌاڙا هڻندا آهن، انيس انصاري انهيءَ کي خوبي سان بيان ڪيو آهي. جيتوڻيڪ موضوع اهڙو آهي جنهن تي بر صغير جي سڀني ٻولين ۾ ڪهاڻيون لکيون ويون آهن، پر اسان جي ڪهاڻيڪار نهايت سادگيءَ سان دل جي دنيا جي ويرانيءَ جي ڳالهه ڪئي آهي. انيس انصاري جي هن ڪهاڻي جي پيشڪش نرالي آهي ۽ نئين آهي.

”انوري“ هيءَ ڪهاڻي ڪراچي شهر جي پسمنظر ۽ گڏوگڏ ٻهراڙي جي پسمنظر ۾ آهي جتان جو هڪ سيداڻي خاندان جو فرد اسان جي هن ڪهاڻي جو هيرو آهي. ڪهاڻي ۾ ڪئين لقاءُ، مظهر، منظر ۽ ڪردار آهن، پر انهيءَ ڪهاڻي کي اهم بڻائي ٿو ٻن عورتن جو ڪردار: شيرين بيبي ۽ انوري. ڪهاڻي جي فطري flow ۾ انهن جا ڪردار ايترو ڄاتل سڃاتل لڳن ٿا جو سڀ ڪجهه جو ڪهاڻي ۾ آهي اسان جي سامهون وهي واپري رهيو آهي. انيس انصاري جي ڪهاڻين ۾ اها هڪ شاهڪار ڪهاڻي آهي ۽ ڪلائيميڪس ۾ ليکڪ اسان کي حيران ڪري ڇڏي ٿو. جڏهن هو ڏيکاري ٿو ته عورتون ڪيتريون نه سٺيون ۽ سٻاجهيون هجن ٿيون نه ته عام راءِ ۾ عورت جو عورت کي نه سهڻ آهي ۽ ايئن ئي بيان به ٿيندو رهيو آهي ته عورت پنهنجي مرد سان ڪنهن ٻي عورت کي نه سهندي آهي. انيس انصاري کي مبارڪون ته هن ڪهاڻي ۾ عورت متعلق نيون ڳالهيون ڪيون آهن، ڪلائيميڪس ڏسو:

ٽين ڏينهن مون کي، بي بي روشن ۽ سيد حسن سان گڏ ڪراچيءَ وڃڻ جي اجازت ملي. چاچي سوکڙين پاکڙين سان ڍئي ڇڏيو.

گيٽ اڳي ئي کليل هئي. ڪمرا صاف ۽ سٿرا هئا. ٽيبل تي بي بي روشن جو فوٽو فريم ۾ لڳل رکيو هو. جنهن جي ڀرسان گلاب جو تازو گل رکيل هيو.

صوفي تي ويهندي بي بي روشن پڇيو، منهنجي ساهيڙي ڪاٿي آهي. مون کيس ڪوبه جواب نه ڏنو. اکيون اکين سان ملائي چيائين، ”کيس معافي نه ملندي ڇا؟ ڪندئو نه کيس معاف؟“

مون ۾ حڪم جي انحرافي جي طاقت موجود ڪانه هئي.

سادن لٽن ۾ بنا ميڪ اپ جي انوري ڏڪندي ڦڙڪندي اندر آئي.

هيٺ قالين تي ويهڻ جي پئي ڪيائين ته بي بي روشن ڀاڪر ڀري کيس پاڻ سان گڏ صوفي تي ويهاريو.

ڪهاڻين جي هن سهيڙ جي آخري ڪهاڻي ”مومل جي هڪ رات“ مومل راڻي جي قصي مان کنيل هڪ رات جو بيان آهي. جنهن ۾ مومل ۽ سومل جي گفتگو جا مذڪور آهن عشق ۾ گهايل مومل جنهن لاءِ هي رات راڻي کانسواءِ آهي. انهيءَ رات جي درد جنهن ۾ وڇوڙي جا ورلاپ آهن ۽ مومل کي لطيف سائين جي شاعري ۾ پناهه وٺندي ڏسي پڙهندڙ هڪ گهري احساس سان اڪيلائي جي انهيءَ درد کي محسوس ڪندو. انيس انصاري ڪهاڻي سان نڀائي ڄاڻي، هن ڪهاڻي جو ڪلائيميڪس ڏسو خاص طور تي ڪهاڻي جو آخري جملو: ”سج اڀري ٿو.“ جو اميد آهي ۽ زندگي آهي.

دور دور افق جي گهراين مان هلڪو سلو ڦٽندو ڏسڻ ۾ اچي ٿو ۽ مومل ٿڌو ساهه کڻي چوي ٿي.

اڀي اڀاريام، نکٽ سڀ نئي ويا،

هڪ ميو، ٻيو مينڌرو، سڄي رات ساريام،

ڳوڙها ڳل ڳاڙيام، سورج شاخون ڪڍيون.

سج اڀري ٿو.

ڪهاڻين جو هي ڪتاب سنڌي ڪهاڻي جي باغ ۾ تازي هوا جو جهوٽو آهي ۽ تخليق ۽ تخيل جي خوشبو آهي.

ڪهاڻي جي هن سهيڙ جي هڪ ڳالهه حيران ڪندڙ آهي جي ڀلجان نٿو ته مون اڳ ڪنهن به ڪهاڻين جي مجموعي ۾ نه ڏٺي آهي: ڪتاب ۾ نه پيش لفظ آهي ۽ نه ئي انتساب آهي، سواءِ ڏهن سٽن تي مشتمل پبلشر قرباني منگي جي نوٽ جي. يعني ڪتاب کڻو ۽ بنا ڪنهن رڪاوٽ جي ڪهاڻيون پڙهڻ شروع ڪريو. ڪتاب جون سڀ ڪهاڻيون پڙهڻ وٽان آهن. ڪهاڻين جي هن سهيڙ ”ناسور“ جو سر ورق جاذب نظر ۽ خوبصورت آهي جو سعيد منگي ڊزائين ڪيو آهي.

ڪتاب پوپٽ پبلشنگ هائوس خيرپور سنڌ سال 2021 ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي.

***