نيب کي آصف زرداري ۽ نواز شريف جون گاڏيون منجمد ڪرڻ جي اجازت ملي وئي
نيب کي توشه خانه ريفرنس ڪيس ۾ احتساب عدالت کان آصف زرداري ۽ نواز شريف جون گاڏيون منجمد ڪرڻ جي اجازت ملي وئي آهي. جڏهن ته احتساب عدالت چيئرمين نيب کي گاڏيون منجمد ڪرڻ جي فيصلي جي توثيق به ڪري ڇڏي آهي. چيئرمين نيب زرداري جون ٽي، نواز شريف جي هڪ گاڏي منجمد ڪرڻ جي درخواست داخل ڪئي هئي. نيب احتساب عدالت ۾ موقف پيش ڪيو هو ته نواز شريف ۽ آصف زرداري غير قانوني طور تي توشه خانه مان گاڏيون ورتيون. احتساب عدالت جي جج اصغر علي نيب جي درخواست تي فيصلو ٻڌائيندي نيب کي آصف زرداري ۽ نواز شريف جون گاڏيون منجمد ڪرڻ جي اجازت ڏيئي ڇڏي. واضح رهي ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف تي توشه خانه مان غير قانوني طور تي گاڏيون حاصل ڪرڻ جو الزام آهي. نيب اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، اڳوڻي وزير اعظم يوسف رضا گيلاني ۽ نواز شريف جي خلاف ريفرنس دائر ڪري رکيو آهي ۽ چيئرمين نيب گاڏيون منجمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. جڏهن ته گاڏيون منجمد ڪرڻ جي فيصلي جي توثيق لاءِ نيب عدالت سان به رابطو ڪري رهيو هو.