نيوٽن: (1727-1643)

نيوٽن: (1727-1643)

اعجاز منگي

1683ع ۾ پنهنجي دور جا ٽي سائنسدان ڪرسٽوفر رين Christopher Wren، Robert Hook ۽  Halley لنڊن ۾ گڏجي ماني کائي رهيا هئا ته اوچتو بحث ڇڙي پيو ته سج جي چوڌاري ڦرندڙ جسمن جا مدار بيضوي شڪل جا ڇو آهن؟

ان تي رين هڪ وڏو انعام ڏيڻ جو اعلان ڪيو. چيائين ته جيڪو به ان سوال جو جواب ڳولهي ڏيندو مان ان کي چاليهه شلنگ ڏيندس. چاليهه شلنگ ڪجهه هفتن جي پگهار جي برابر هوندا هئا.

ان تي Hook چيو ته مان ان سوال جو جواب ڳولهي لڌو آهي. Hook لاءِ اهو مشهور هو ته هو هميشه ٻين جي خيالن کي پنهنجو ڪري پيش ڪندو هو ۽ دنيا جي واتان پنهنجي واهه واهه ٻڌي خوش ٿيندو هو. Hook چيو ته مون کي ان سوال جو جواب اچي پيو، پر جيئن ته مان چاهيان ٿو ته ٻيا به ان جو جواب ڳولهي لهن، ان لاءِ کانئن سائنس ۾ کوجنا سان پيدا ٿيندڙ اطمينان کي کسڻ نٿو چاهيان، پر حقيقت ان جي ابتڙ هئي، گهڻا سائنسدان ان سوال جو جواب ڳولهي رهيا هئا، پر ڪنهن وٽ به ان جو جواب نه هو. Halley به ان سوال جي جواب ڳولهڻ ۾ رڌل هو، پر کيس اڃان تائين ڪا ڪاميابي نه ملي سگهي هئي. همراهه ايترو ٿڪجي پيو جو هن نيوٽن ڏانهن پنڌ ڪرڻ شروع ڪيا. نيوٽن ان وقت يونيورسٽي آف ليوڪيشين University of Lucasian ۾ رياضيءَ جو پروفيسر هو. هيلي کي اها اميد هئي ته آئزڪ نيوٽرن سندس مدد ڪندو.

نيوٽن عجيب همراهه هو، ڇسو، بي رنگ ايستائين جو وڏو وهمي هو کيس اهو  وهم هو ته ٻيا ماڻهو سندس خلاف سازش ڪن ٿا. سندس عجيب شخصيت ۾ نيوٽن جي پسمنظر جو وڏو ڪردار هو. ننڍي هوندي پيءُ مري ويس، ماءُ ڇڏي وڃي ٻئي شخص سان پرڻي، ڏاڏي وٽ رهندو هو اتي ڪا خاص پروش نه ٿي هئس ماءُ جو ٻيو مڙس به مري ويس ٽن ويڳن ٻارڙن سان وري واپس آئي اچڻ سان نيوٽن کي اسڪول مان ڪڍيائين ۽ کيس فارم تي ڪڙمي ڪري رکيائين، پر نيوٽن جي انهن مشينن ۾ ڪابه دلچسپي نه هئي ان لاءِ مجبور ٿي سندس ماءُ کيس ٻيهر اسڪول موڪليو انهن روين سندس شخصيت کي عجيب و غريب بڻائي ڇڏيو هو. صبح جو ننڊ مان اٿندو هو ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ بستري جي سيراندي کان ويٺو هوندو هو الائي ڪهڙن خيالن ۾ گم هوندو هو. ڪئمبرج يونيورسٽي ۾ هڪ ليبارٽري به ٺاهي هئائين پهريائين اتي مختلف تجربا ڪندو هو ان کانپوءِ عجيب و غريب ڪم ڪرڻ لڳو. هڪ ڏينهن سوڙ سبڻ واري سوئي اک جي کوپي ۾ وجهي ڦيرائي پيو ۽ ويٺي ڀڻ ڀڻ ڪيائين ته ڏسان ته اک کي ڇا ٿو ٿئي، پر سندس خوش بختي جو بچي ويو ڪوبه نقصان نه ٿيس. هڪ دفعي سج کي ويٺي تڪيائين الائي ڪيتري دير ٿي ويس تڪيندو رهيو، صرف اهو ڏسڻ لاءِ ته سج جي روشني سندس بينائيءَ تي ڪهڙو اثر ٿي ڇڏي ان بعد کيس ڪافي ڏينهن اونداهي ڪمري ۾ رهڻو پيو ته جيئن سندس نظر بحال ٿي سگهي، نظر بحال ٿي ويس سندس خوشقسمتي هئي نه ته نابين ٿيڻ ۾ ڪا ڪسر ڪانه ڇڏي هئائين.

سندس اهي حرڪتون پنهنجي جڳهه تي، پر نيوٽن سپريم جينيئس هو عام رياضيءَ کان تنگ ٿي هن رياضيءَ جي هڪ نئين برانچ ڪيلڪيولس Calculus ايجاد ڪئي، پر ستاويهن سالن تائين ڪنهن سان به ان شيءِ جو ذڪر نه ڪيائين.

سائنس کان علاوه هن جا ٻه ٻيا شوق به هئا اهي سندس شوق نه، پر جنون هئا هڪ ڌاتن مان سون ٺاهڻ ۽ ٻيو سندس مذهبي مهم جوئي عيسائين جي مرتد فرقي آرينزم Aryanism سان لاڳاپيل هو، هن فرقي جو بنياد ان عقيدي تي هو ته تثليث جو ڪوئي وجود ناهي. نيوٽن وڏي وقت کان يروشلم جي سليمان بادشاهه جي خانقاهه جي فرش کي پڙهندو رهيو ان يقين سان ته ان ۾ حضرت عيسيٰ جي آمد ۽ دنيا جي ختم ٿيڻ جي تاريخ لکيل آهي.

ڪافي عرصي بعد سندس سند لکيل ڪاغذن کي جڏهن نيلام ڪرڻ لاءِ کڻي آيا ته نيلام ڪندڙ انهن ڪاغذن کي ڏسي حيران ٿي ويو ته ان ۾ ڪائنات ۽ ڪشش سڪل بابت تحقيق نه هئي، پر ڌاتن کي سون ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪم ٿيل هو. نيوٽن جو هڪڙو وار به مليو جنهن تي پڻ پاري جا نشان هئا. ڊاڪٽر هيلي نيوٽن کي ٻڌائڻ کانسواءِ ساڻس ملڻ آيو ملاقات دوران پاڻ ۾ ڪهڙيون  ڳالهيون ٿيون هيون ان جو اسان اندازو ئي لڳائي سگهون ٿا، پر نيوٽن جي ويجهو ساٿي ابراهام ڊي مور Abraham De Moivre جنهن سائنسي تاريخ ۾ هن عظيم ملاقات کي رڪارڊ ڪيو.

1684ع ۾ ڊاڪٽر هيلي ڪئمبرج آيو ڪجهه وقت ڪچهري ڪرڻ بعد هن نيوٽن کان پڇا ڪئي ته سياره جنهن رستي ۾ سج جي چوڌاري ڦرن ٿا، انهن جي شڪل ڪهڙي هوندي جيڪڏهن اسان اهو فرض ڪريون ٿا ته ستارن جي سج ڏانهن ڇڪ سندن وچئين مفاصلي جي چورس اسڪوائر اڻ سڌي لاڳاپي ريسيپروڪل Reciprocal ۾ هوندي اصل ۾ هيلي جيڪو نيوٽن کي ٻڌائي رهيو هو اهو اڻ سڌو چورس قانون Inverse Square Law هو. آئزڪ نيوٽن ان وقت ئي جواب ڏنو “بيضوي” ڊاڪٽر هيلي جي چهري تي خوشي ۽ اچرج جا اڻ لکا احساس اڀريا. هيلي پڇا ڪيس ته توکي ڪيئن خبر پئي نيوٽن جواب ڏنس ته مان رياضيءَ جي مدد سان اهو ڳولهي لڌو آهي. ڀلا اهي رياضي جا حساب ڪتاب ڪٿي آهن؟ هيلي پڇيو. نيوٽن ڪاغذن ڳولڻ لاءِ هيڏي هوڏي هٿوراڙيون هنيون ته کيس ڪاغذ نه مليا. انتهائي پريشاني واري صورتحال هئي. اهو بلڪل ايئن هو ته ڪو ڊاڪٽر ڪينسر جو علاج ته ڳولهي لهي، پر جنهن ڪاغذ تي علاج جو نسخو لکيو هئائين اهو گم ٿي ويو هجي. ڊاڪٽر هيلي جي ايلاز منٿن بعد نيوٽن ٻيهر حساب ڪتاب ڪرڻ جي حامي ڀري ۽ چيائين ته اهو تحقيقي پيپر به ڇپرائيندو. نيوٽن پنهنجي واعدي مطابق ڪم ڪيو، پر ان کان وڏو ڏکيو ڪم ڪري ڏيکاريائين، ٻه سال نيوٽن دنيا کان بي خبر ان پراجيڪٽ تي ڪم ڪندو رهيو ۽ ٻن سالن بعد دنيا جي سامهون هڪ عظيم الشان تحقيق آندائين جنهن کي نالو ڏنائين “فطرتي فلاسافي جا رياضي اصول” تاريخ ۾ شايد هڪ اڌ دفعو ايئن ٿيندو هجي جڏهن انساني ذهن ڪا اهڙي شيءِ تخليق ڪندو آهي جو انسانيت کي ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن، ماڻهو اهو فيصلو ناهي ڪري سگهندو ته داد تخليق کي ڏجي يا ان تخليق ڪندڙ کي. Principia Mathematica به انهن مان هو ان کانپوءِ نيوٽن جو نالو تاريخ ۾ هميشه جي لاءِ امر ٿي ويو. Principia Mathematica اهو جيتوڻيڪ ڏکيو ڪتاب آهي نيوٽن ڄاڻي واڻي ان کي ڏکيو لکيو جيڪي ان کي سمجهن ٿا ان لاءِ ٻاٽ ۾ لاٽ آهي. هن ڪتاب جي اچڻ کانپوءِ انسانن کي ڪائنات کي سمجهڻ ۾ انتهائي آساني ٿي وئي ڪشش ثقل کان وٺي حرڪت جا ٽئي قانون هن ڪتاب ۾ آهن سج جي چوڌاري سياره بيضوي شڪل ۾ ڇو ٿا ڦرن اهو به ان ڪتاب ۾ موجود آهي ڪائنات جي رازن کي سمجهڻ جي ڪنجي هن ڪتاب ۾ آهي.

ڊاڪٽر هيلي نيوٽن سان واعدو ڪيو هو ته اهو ڪتاب “رائل سوسائٽي” کان ڇپرائيندو رائل سوسائٽي ان لاءِ ها به ڪئي هئي، پر جڏهن ڪتاب کين ڏنو ويو ته هنن کتو جواب ڏنو ته کين اهو ڊپ آهي ته Principia Mathematica جهڙو خشڪ ڪتاب ڪير خريد ڪري پڙهندو ان لاءِ هنن هڪ ٻئي ڪتاب “هسٽري آف فشز” مڇين جي تاريخ کي ڇپائڻ کي ترجيح ڏني. ڊاڪٽر هيلي کي اهو ڪتاب پنهنجي کيسي مان خرچ ڀري ڇپرائڻو پيو هيلي جا پنهنجا حالات به پورا سارا هئا ۽ نيوٽن پنهنجي شخصيت ۽ عادتن مطابق ٽڪو به نه ڏنو. Principia Mathematica ۾ آهي ته جيڪڏهن اوهان ٻن جسمن جي وچ ۾ مفاصلو ٻيڻو ڪندا ته انهن جسمن ۾ هڪٻئي لاءِ ڇڪ چوڻي گهٽجي ويندي F=2 G M1 M2/r2 دنيا جو هي عظيم سائنسدان 31 مارچ 1727 ۾ گذاري ويو، سندس  وفات تي ڪنهن شاعر لکيو:

فطرت ۽ ان جا قانون

اونداهي رات ۾ هئا لڪل

چيو خدا هاڻي نيوٽن پيدا ٿئي

ان کانپوءِ ٻريا شمعدان

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments