نئون

هٿ ٺوڪئي جي وڃڻ ۾ دير ناهي، 5 جنوري کان حڪومت جي خاتمي جي ڪهاڻي شروع ٿيندي

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيالا تياري پڪڙين، هٿ ٺوڪئي خلاف هاڻ وار ڪرڻ ۽ اعلان ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي. محترمه بينظير ڀٽو جي 14 هين ورسي جي موقعي تي ڳڙهي خدا بخش ۾ جلسي سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شهيد بي بي توهان جو پاڪستان ڏکيائين ۾ آهي، توهان جي پاڪستان ۾ جمهوريت رڳو نالي جي آهي، هتي نه ڳالهائڻ نه ساهه کڻڻ جي آزادي آهي، توهان جو غريب عوام ننڌڻڪو آهي، عوام سليڪٽڊ راڄ ڀوڳي رهيو آهي ۽ نااهل جو بار کڻي رهيو آهي. هن چيو ته جمهوريت بهترين انتقام آهي، اسان پارليامينٽ کي سڀ اختيار ڏنا، پر جمهوريت تي حملا ٿيندا رهيا ۽ نقصان پهچندو رهيو، ڪڏهن آر او اليڪشن ته ڪڏهن آر ٽي ايس چونڊون، عوام جي ووٽ تي ڌاڙو هنيو ويو، جمهوريت کسي وئي، اليڪشن تي ڌاڙي لاءِ ڪڏهن ڪنهن چوڌري کي استعمال ڪيو ويو ته ڪڏهن ڪنهن نثار کي. سندس چوڻ هو ته پ پ ڊيل جي سياست تي يقين نٿي رکي.