وزن کي معمول مطابق رکڻ لاءِ اپاءُ
وزن جي باري ۾ گهڻا حساس ماڻهو ڪڏهن ڪڏهن پنهنجي حساسيت کي وساري پنهنجي دوستن ۽ گهر وارن جي اثر هيٺ اچي گهڻو کائڻ شروع ڪندا آهن. جنهنڪري سندن وزن وڌڻ شروع ٿي ويندو آهي. دراصل ڪوبه ماڻهو پنهنجن خانداني گڏجاڻين يا دوستن کي گهڻي وقت تائين خير باد نٿو چئي سگهي. ان لاءِ اهڙن پروگرامن ۾ وڃڻ کان پهرين اوهان کي هڪ پلان جوڙڻو پوندو.
· ان لاءِ اوهان کي انهن کاڌن کان پري رهڻو پوندو جيڪي توهان جي وزن وڌائڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪن ٿا. گهٽ ڪيلوريز وارن کاڌن تي ئي آسرو ڪرڻو پوندو.
· توهان ڪولڊ ڊرنڪس جي جاءِ تي سادو پاڻي يا فريش جوس ۽ ليمونيڊ کي ترجيح ڏيو.
· جيڪڏهن توهان ڪنهن ڊنر يا لنچ ۾ وڌيڪ کائي ورتو آهي ته پوءِ واڪ يا ورزش سان ڪيلوريز کي برابر ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو.
· ان کانسواءِ گرين ٽي (green tea) ۾ ادرڪ جو ٽڪرو وجهي استعمال ڪريو جيڪو اوهان جي ميٽابولزم کي تيز ڪندو ۽ اوهان جي ڪيلوريز کي وڌيڪ تيزيءَ سان خرچ ڪندو.