نئون

وزيراعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ ٿيندو

وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندو. ڪورونا وائرس جي وڌندڙ ڪيسن سبب ڪابينا جو اجلاس وڊيو  لنڪ جي ذريعي ڪيو ويندو. اجلاس ۾ اهم ملڪي ۽ قومي معاملن تي غور ڪيو ويندو. جڏهن ته ڪورونا وائرس جي صورتحال تي به غور ڪيو ويندو. گذريل ڏينهن وفاقي ڪابينا جي اجلاس جو ستن نقطن تي ٻڌل ايجنڊا ڪابينا ميمبرن کي موڪليو ويو هو. وفاقي ڪابينا افغان پناهگيرن جي پاڪستان ۾ رهائش ۾ واڌ جو فيصلو ڪندي ۽ افغان پناهگيرن جي واڌ بابت سفيرن جي وزارت ڏانهن سمري موڪلي ويندي. وفاقي ڪابينا اقتصادي رابطا ڪميٽي (اي سي سي) ۽ توانائي تي ڪابينا ڪميٽي جي فيصلن جي توثيق ڪندي.