وزيراعظم طرفان آمريڪا کي افغانستان ۾ ڪارروائي لاءِ هوائي اڏا ڏيڻ کان انڪار
وزير اعظم عمران خان طرفان آمريڪا کي افغانستان ۾ ڪارروائي لاءِ هوائي اڏا ڏيڻ کان انڪار، آمريڪي ٽي وي کي انٽرويو ۾ واضح ڪيو ته افغانستان ۾ ايڪشن لاءِ پاڪستاني زمين استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين، اهو ممڪن ناهي ته پاڪستان آمريڪا کي افغانستان ۾ ڪارروائي لاءِ اڏا ڏئي، ياد رھي ته گذريل ڏينھن پاڪستاني ۽ غير ملڪي ميڊيا ۾ پاڪستان پاران آمريڪا کي زميني ۽ فضائي رستا فراھم ڪرڻ جون رپورٽون سامھون آيون ھيون، جن جي پرڏيھي آفيس پاران به ترديد ڪئي وئي هئي، ان کان اڳ سينيٽ ۾ ڳالھائيندي شاھ محمود قريشي جو چوڻ ھو ته پاڪستان ۾ آمريڪي اڏن جي خبر کي واضح لفظن ۾ بي بنياد چئون ٿا، عمران خان جي ھوندي آمريڪي اڏا پاڪستان ۾ نه ٺھندا.

