وزيراعظم عمران خان کي جمهوري عمل تحت شڪست قبول ڪرڻ گهرجي | # اپريل 2022

جولاءِ 2018ع جي ٿيل عام چونڊن جي نتيجي ۾ تحريڪ انصاف پنهنجي اتحادين سان گڏجي حڪومت ٺاهي. عمران خان کي ايندڙ پنجن سالن لاءِ وزيراعظم جي عهدي تي چونڊيو ويو. عوام جو اهو ووٽ تبديليءَ لاءِ تصور ڪيو ويو هو. جيئن ته تحريڪ انصاف پنهنجي 22 سالا جدوجهد ۾ اها ذهن سازي ڪندي رهي هئي ته پاڪستان ۾ حق حڪمراني ڪڏهن به عوام لاءِ نه رهيو آهي. ڪرپشن ملڪ کي کائي وئي آهي ۽ ٻه سياسي خاندان اقتدار ۾ پنهنجو وارو وٺندا رهيا آهن ۽ اسان جي ملڪ تي مافيائون حڪمران رهيون آهن. نتيجي ۾ تحريڪ انصاف کي جيڪڏهن پاڪستان جي عوام منتخب ڪيو ته سمجهيو ويو ته انهيءَ ٻنهي سياسي خاندانن جي هڪ هٽي کي ختم ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهي چاهين پيا ته ماڻهن کي انهن جو حق واپس ملي، قانون جو اطلاق ٿئي ۽ ڪرپشن کي پاڙان پٽي اڇلايو وڃي.

پاڪستان جي عوام انهيءَ اميد تي تحريڪ انصاف کي ووٽ ڏنو هو ته اها پارٽي سڀ ڪجهه تبديل ڪري ڇڏيندي. اهڙو يقين عوام کي تحريڪ انصاف جي سربراهه جي تقريرن ۽ پارٽي منشور به ڏياريو هو. 15 ڪروڙ نوڪريون ۽ 50 لک گهر انهي جو واعدو الڳ هو، پر جڏهن تحريڪ انصاف جي حڪومت وزيراعظم عمران جي سربراهيءَ ۾ اقتدار ماڻيو ته عوام کي انهيءَ مان سڀ اميدون هيون ته هاڻ ڏک جا ڏينهن ختم ٿي ويا. ڇاڪاڻ جو پاڪستان کي هڪ ايماندار وزيراعظم مليو آهي. هاڻ قانون جي حڪمراني بحال ٿيندي، سڀ ڪجهه ميرٽ تي ٿيندو. وزيراعطم جو ماضيءَ جيئن ته هڪ ڪامياب ڪرڪيٽر ۽ سماج سڌارڪ شخص وارو رهيو آهي. هن جيئن ته 1992ع وارو ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کٽيو هو. انهيءَ ڪري هو ماڻهن جو هيرو هو ۽ پاڪستان جو عوام جو گهڻو ڪري ڪرڪيٽ راند جو شائق آهي، انهيءَ سلسلي ۾ هن جي شخصيت هڪ هيرو وارو پئي رهي آهي. اڳتي هلي شوڪت خانم ڪينسر اسپتال ۽ نمل يونيورسٽي جهڙا صحت دوست ۽ علم دوست پراجيڪٽس ماڻهن جي نظر ۾ هن لاءِ تحسين پيدا ڪئي، پر اهي سڀ ماضيءَ جون ڪاميابيون هيون جڏهن کيس اقتدار مليو 2018ع ۾ انهيءَ کان وٺي اڄ 2022ع تائين. سندس اقتدار جو چوٿون سال هلي رهيو آهي، ڪوبه شخص هر ميدان ۾ ڪامياب ٿئي، اهو شايد ممڪن نٿو هجي. هو هڪ سياستدان ۽ ايجيٽيٽر طور ڪامياب رهيو. اها ڪاميابي تڏهن هئي جڏهن هو حزب اختلاف ۾ هو ۽ سندس خوش نصيبي هئي جو ملڪ جي اعليٰ ادارن ۾ به هن لاءِ تحسين هئي ۽ انهن سان سندس لاڳاپا دوستاڻه هئا.

سال 2018ع عمران خان جي اقتدار لاءِ ڪو سٺو سنئوڻ ڪونه کڻي آيو. سبب انهيءَ جو اهو آهي ته سياست ۽ حڪمراني اهڙو راز آهي جو هر حڪمران کي سمجهه ۾ نه ايندو آهي. ايئن حڪمراني جو اهو طريقو جڏهن سياسي منشور تي عمل ٿئي ۽ صحت، تعليم، زراعت، صنعت ۾ گهربل نتيجا ملن. جڏهن خلق جي روزگار جو مسئلو حل ٿئي ۽ ملڪ ۾ خوشحالي ٿئي. ملڪ جي ماڻهن کي اميدون هيون ته تحريڪ انصاف جي حڪومت سڀ ڪجهه بدلائي ڇڏيندي ۽ ٿيو انهيءَ جي ابتڙ تحريڪ انصاف حڪومت جي نااهلي پهرين ڏينهن کان ظاهر هئي. پاڪستان جي اشرافيه هن حڪومت ۾ پنهنجو وارو وٺي رهي هئي. نتيجي ۾ عمران خان جي حڪومت پنهنجي پهرين سال کان اسڪينڊلن جي ور چڙهي وئي. سڀ کان پهرين دوائن جو اسڪينڊل ظاهر ٿيو جڏهن انهن جون قيمتون 400 سيڪڙو وڌي ويون جنهن غريب ۽ بي پهچ ماڻهن لاءِ مسئلو پيدا ڪيو. پوءِ لاڳيتو پيٽرول، کنڊ ۽ اٽي جا اسڪينڊلز جن گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي زندگيءَ کي زهر بڻائي ڇڏيو. مهانگائي جو لاڳيتو طوفان هو جيڪو تحريڪ انصاف جي سڄي دور حڪومت ۾ جاري رهيو آهي. تحريڪ انصاف جو ٻيو بيانيو هو ڪرپشن فري پاڪستان. انهيءَ ۾ اها حڪومت نااهل ثابت ٿي. حزب اختلاف جي سموري قيادت جيل ۾ هئي ته به سرڪار ڪوبه ڪيس انهن مٿان ثابت نه ڪري سگهي. جڏهن ته برطانيه ۾ مني لارڊنگ ۽ ڪرپشن جا جيڪي ڪيس مخالف اڳواڻن تي هئا جي عمران سرڪار داخل ڪيا هئا، سي به حڪومت هارائي وئي انهيءَ نتيجي ۾ ڪرپشن جي خلاف انهيءَ جي پيش رفت ناڪام ٿي وئي ۽ مخالف پارٽيون ٿوري ئي عرصي ۾ عوام ۾ ٻيهر مقبول ٿي ويون ۽ پي ٽي آءِ حڪومت پنهنجي حڪمراني جي عرصي ۾ گهڻو ڪري سڀئي ذيلي چونڊون هارائي وئي.

نه صرف ايترو پر هاڻ حڪومت نه صرف ملڪي سطح تي ناڪام ٿي آهي، پر انهيءَ خارجه پاليسي ۾ به ڪنهن ڪاميابيءَ جو منهن نه ڏٺو. سي پيڪ جي ڪري چين ڪاوڙجي ويو. متحده عرب امارات سعودي عرب سان تعلقات به مثالي نه رهيا آهن. آمريڪا جو صدر جوبائيڊن ته فون نٿو ڪري، هاڻ ته وزيراعظم سڌو سنئون آمريڪا مخالف آهي. هن پنهنجي تقريرن ۾ اهو چيو آهي ته آمريڪا سندس اقتدار جي خلاف سازش ڪري رهيو آهي. انهيءَ سڄي بيان بازي جي پٺيان حزب اختلاف طرفان پيش ڪيل تحريڪ انصاف خلاف عدم اعتماد آهي جا لڳي ٿو ته ڪامياب ٿي رهي آهي اقتدار هٿ مان ويندو ڏسي. لڳي ٿو ته تحريڪ انصاف جو سربراهه پريشان ٿي ويو آهي ۽ پنهنجي ناڪامين کي لڪائڻ لاءِ مذهب، عقيدي ۽ حب الوطني جي جذبن کي استعمال ڪري رهيو آهي، پر انهيءَ سڀ جي باوجود لڳي ٿو ته سندس اقتدار جا آخري ڏينهن آهن.

وزيراعظم عمران خان کي اهو مشورو ڏينداسين ته هو جمهوري قدرن جو احترام ڪري ۽ پارليامينٽ ۾ پيش ٿيل عدم اعتماد جي تحريڪ کي مڙس ماڻهو ٿي منهن ڏئي ۽ جيڪڏهن عدم اعتماد جي تحريڪ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته هو با عزت طريقي سان ان کي قبول ڪري ۽ اقتدار اپوزيشن ڌڙن جي حوالي ڪري ڇڏي. جيڪڏهن هو اقتدار کان ڌار ٿئي ٿو ته کيس آرام سان ويهي پنهنجي پارٽي جي رهنمائن سان گڏجي پنهنجي ناڪاميءَ جي سببن جي تحقيق ڪرڻ گهرجي ته هن کان پنهنجي دور حڪمرانيءَ ۾ ڪهڙيون ڪهڙيون غلطيون ٿيون. جيڪڏهن هو انهيءَ جو تجزيو ايمانداريءَ سان ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته پوءِ تحريڪ انصاف جڏهن به اقتدار ۾ آئي ته پهرين کان بهتر حڪمرانيءَ ذريعي پاڪستان جي عوام کي بهتر مستقبل ۽ بهتر پاليسيون ڏيئي سگهندي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments