ويمينزم طارق قريشي
ڪلارا سميت اسين اٺ ئي مرد، پريشانيءَ ۽ ڳڻتيءَ جي حالت ۾، باھ جي مچ جي چوڌاري خاموش ويٺا ھئاسين. سياري جي سياھ رات ۾، باقي دنيا کان گهڻو پري جنھن فارم ۾ اسين موجود ھئاسين، اتي پري کان ٻڌڻ ۾ ايندڙ تڏين ۽ زميني ڪيڙن ماڪوڙن جي آوازن ۽ پر ڀرو واٽر ڪورس ۾ موجود ڏيڏرين جي “ٽران ٽران”، سان گڏ، اسان جي ويجھو مچ ۾ ٻرندڙ ڪاٺين جي ڇينڀن جي ڀُرڻ، ڀڄڻ، چٽخڻ ۽ سڙڻ جي آوازن کانسواءِ ڪي ٻيا آواز ڪونه ھئا.
اسين سڀ پنھنجي پنھنجي جاءِ تي ماٺ ويٺا ھئاسين ۽ سوچن ۾ ٻُڏل ھئاسين. فارم جي اتر ۾ جبل ھئا، ڏکڻ ۾ ٻيلو ھو، اوڀر ۽ اولھ ۾ غير حاضر نوابن جون نڌڻڪيون جاگيرون، عرصي کان خالي پوٺن ۽ ميدانن وانگر ويران پيون ھيون. ٻيلي ۾ موجود گدڙن جي اُوناڙن جا اڻ چٽا آواز به ھوائن جي ڪلھن تي سوار ٿي، اسان جي ڪنن تائين پھچي رھيا ھئا. سياري ۾ ته الائجي ڪيترن حيوانن ۽ جهنگلي جانورن جا آواز ايندا رھندا ھئا، پر اسين ڪوٽ ڏنل فارم جي اندر ھڪ چوديواريءَ سان محفوظ پنھنجي چاوڙيءَ ۾ موجود ھئاسين. چاوڙيءَ ۾ اسان سڀ ھڪ وڏي گودام جھڙي ڀانڊي ۾ رھندا ھئاسين ۽ ھينئر اسين سڀ چاوڙيءَ جي آڳنڌ ۾ مچ ٻاري، ان جي چوڌاري چپ چاپ ۽ سوچن ۾ گم ويٺا ھئاسين، اسان سڀني جي ذھنن ۾ ھڪڙو ئي سوال ھو ته “اسان جي پياري ۽ معصوم صورت نئين ساٿياڻي سينڊي تي حملو ڪنھن ڪيو آھي. سينڊي کي اڄ ڏينھن ڏٺي جو، واٽر ڪورس وٽ لوھي اوزار سان، ڪنھن پويان کان مٿي ۾ اھڙو ڌڪ ھنيو ھو، جو ھوءَ مرڻينگ ٿي ڪري پئي ھئي. سينڊي الائي ڪيترو وقت واٽر ڪورس جي ڀر ۾ بيھوش پئي ھئي، ھن جي مٿي مان تمام گهڻو رت وھي چڪو ھو. اسان جي ساٿي ٿيوڊور، جيڪو اسان سڀني ۾ وڏي عمر جو آھي، اتفاق سان ان طرف ويو ھو ته ھن سينڊي کي زخمي حالت ۾ پيل ڏٺو، ھو ھڪدم ڀڳو ته وڃي مالڪ کي اطلاع ڪجي، رستي ۾ ھن کي ايمبروز به مليو ھو، جنھن کي، ھن ڊوڙندي ھڪ ئي ساھيءَ ۾ سينڊي جي حالت بابت ٻُڌايو ھو. ايمبروز واٽر ڪورس ڏانھن وڃڻ بدران ڊوڙندو ديال جي وڻن جي جهُڳٽي ڏانھن آيو، جتي مان ۽ اسان جا پنج ٻيا ساٿي، اوليور، ميڪس، ايٿن، ھيرس ۽ سيموئل گڏجي مالڪ جي ٻارن لاءِ ٽري ھائوس ٺاھي رھيا ھئاسين، اسان کي اھو ٽري ھائوس، بھار جي مند کان اڳ ۾ مڪمل ڪرڻو آھي جو مالڪ جو پٽ اينگس ۽ ڌيءَ نتالي امتحان ڏئي، موڪلون گذارڻ لاءِ فارم تي اچڻا ھئا. ايمبروز جڏھن سينڊي جي زخمي ٿيڻ جي خبر ٻڌائي ته اسان کي اعتبار ئي ڪونه پئي آيو.
اسين سڀ جڏھن سينڊي وٽ پھتاسين ته اتي مالڪ ۽ ٿيوڊور اسان کان اڳ ۾ ئي موجود ھئا. مون کي، منھنجي ٻين ساٿين جي ويچارن جي خبر ڪونه ھئي ته انھن جي دماغ ۾ ڪھڙي سوچ ھلي رھي آھي، پر ان وقت مون لاءِ ٻه ڳالھيون معمول جي ابتڙ ھيون، ھڪ ته مالڪ بلڪل خاموش ھو، جيڪو اھڙي ڪنھن حادثي يا واقعي تي وڦلندو پيو ھو ۽ ھن جي زبان مان رڳو گاريون پيون نڪرنديون ھيون، ٻي ڳالھ عجيب اھا ھئي ته مالڪ اسان غلامن کي ڇُھڻ ته پري جي ڳالھ، پر پنھنجي ويجھو به اچڻ ڪونه ڏيندو ھو، سينڊي جي مٿي تي پٺيان کان لڳل ڌڪ جو جائزو وٺندي، سينڊي کي ھٿ لائي، چڪاسي رھيو ھو ۽ ھن جي نبض کي ھٿ سان جاچي پڻ رھيو ھو. ميڪس کي پاتل قميص لاھڻ جو حڪم ڏيندي چيائين، “پنھنجي قميص کي پٽِي ٺاھي، زخم تي چڱيءَ طرح ٻڌينس ته جيئن وڌيڪ رت ضايع نه ٿئيس.” ميڪس ايئن ئي ڪيو. ڪجھ دير ترسي، مالڪ واري واري سان، اسان کي ڏسڻ لڳو. مون کي محسوس ٿيو ته ڄڻ ھو اسان منجهان ئي ڪنھن کي سينڊي سان ٿيل حادثي جو ذميوار سمجهي رھيو ھجي ۽ ان کي سزا ڏيڻ جو سوچي رھيو ھجي.
“اوليور!”
“جي مالڪ”
“تون اک ڇنڀ ۾ بگي ڪاھي اچ، سينڊي کي ڀر واري شھر سيئانٽيگو شھر جي اسپتال کڻي وڃ. خبر ناھي ته اسپتال تائين پھچندي يا رستي ۾ ئي مري ويندي.”
اوليور، مالڪ جو حڪم ملڻ کانپوءِ رائفل جي گوليءَ جي رفتار سان ڊوڙ پائي ڀڳو ھو. مالڪ ھڪ ڊگهو ساھ کڻي، مون ڏي ڏٺو ۽ چيو، “فيلوس! تون اوليور سان گڏ ويندين. توتي ڀروسو ڪندو آھيان، سمجهين ٿو نه؟”
“جي ھا مالڪ!” مون تعبيداريءَ سان وراڻيو. مون کي خبر ھئي ته مالڪ جي ان جملي “توتي ڀروسو ڪندو آھيان، سمجهين ٿو نه؟” جو مطلب ڇا ھو. ان جو مطلب اھو ھو ته “سيئانٽيگو شھر جي اسپتال ڏانھن وڃڻ جي آزادي ملڻ کانپوءِ، مان پاڻ به فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪونه ڪندس، بلڪه اوليور کي به فرار ٿيڻ ڪونه ڏيندس.” ڀلا مان ڪيئن ٿو فرار ٿيڻ جو سوچي سگهان، مان ڇا، ڪنھن به غلام جي فرار ٿيڻ جي ڪوشش جو نتيجو سواءِ ناڪاميءَ جي ڪجھ به ڪونه ھوندو ھو ۽ ٻيو ته ڪنھن غلام جي فرار ٿيڻ جي ڪھاڻيءَ جو انت غلام جي موت تي ئي ٿيندو ھو ۽ جيڪڏھن موت جي سزا کان ڪو غلام بچي وڃي ته ھن جون ٽنگون ٻانھون وڍيون وينديون ھيون، سڄيءَ حياتيءَ لاءِ معذوري ملندي ھئس. اسين ڪنڌ جهڪائي بيٺا ھئاسين، اوچتو مالڪ جي گجگوڙ ٻڌڻ ۾ آئي، “تون ڪٿي ھئينءَ ۽ ھينئر تائين ڇا پئي ڪيئي؟”
مون مالڪ جي نگاھن جو پيڇو ڪيو ته ڏٺم ته ڪلارا جي مٿي تي تازين مُورين، جي ھڙ ۽ ٻنھي ڪلھن ۾ گوبيءَ ۽ ڳاڙھين گجرن جو ڇٻا لڙڪي رھيا ھئا، سياري جي مند جي باجود ھوءَ پگهر ۾ شل ھئي. مون کي لڳو ته مالڪ جي حشمت سبب اسين سڀ ڪلارا لاءِ ايئن معدوم ۽ موھوم ٿي ويا ھئاسين، جيئن سج نڪرڻ سان تارا گم ٿي ويندا آھن. ان گهڙيءَ ھن کي بس مالڪ جو ڪاوڙيل چھرو ئي نظر ايندو ھوندو. سھڪندي، ھٻڪندي، منجهندي ۽ ڳيتون ڏيندي، چيائين، “مالڪ، مان ڀاڄين جي ايراضيءَ ۾ ھئس، ڪالھ شام جو مالڪياڻيءَ حڪم ڏنو ھو ته سڀاڻي، پاڙ واريون ڀاڄيون ڪڍي کڻي اچجانءِ…”
مالڪ، ڪلارا کي گهوريندو رھيو، پوءِ اسان سڀني کي واري واري سان خونخوار انداز ۾ چتائي ڏسڻ لڳو ۽ چوڻ شروع ڪيائين، “ھفتو مس ٿيو آھي… گذريل آرتوار تي مان بندرگاھ تي ويو ھئس، سينڊي کي مھانگي اگھ تي خريد ڪيو ھئم، ڇو… توھان جي لاءِ…” مالڪ ڪلارا ڏي اشارو ڪندي چيو، “۽ ھن بدبخت لاءِ… اھو سوچي سينڊي کي خريد ڪيو ھئم ته اٺن مردن لاءِ ھڪڙي ڪلارا ڪافي ناھي، ھن کي وارو ڦيرو وٺرائڻ لاءِ ھڪڙي ٻي عورت به ھجي… پر ھيءَ ڪلارا ته صفا ڪا نڀاڳي آھي ئي.. پر اوھان سڀ مرد به ڪي طالع تتا، نپٽ ندورا آھيو… ياد رکو، توھان جي نحوست توھان جو مقدر آھي، پر مان سينڊي کي ٽڪن تي خريد ڪري آيو آھيان، مون وٽ حرام جي ڌراوت ڪونھي، مون کي پنھنجي پائيءَ پائيءَ ۽ ڪوڏيءَ ڪوڏيءَ جو حساب رکڻو آھي، سينڊي مري وئي ته مان توھان سڀني کي ڳترا ڳترا ڪندس. سينڊي کي گهايل ڪرڻ وارو ڪو ٻيو ڪونھي، ڪو حرامي توھان منجهان ئي ھوندو… ڇا ھن فارم ۾ توھان نون ڄڻن کان علاوہ ڪو ڏھون ماڻھو آھي؟”
منھنجي ذھن ۾ آيو ته مالڪ کي چوان ته: مالڪ! توھان جي گهراڻي لاءِ مقرر ٿيل چار گارڊز جيڪي توھان جا ئي ھم نسل آھن، اھي به ته ھن فارم تي رھن ٿا، جيڪي توھان جي حڪم تي اسان کي وڻ ۾ ابتو ٽنگي، ڪوڙا ھڻندا آھن، اسان جا عضوا وڍيندا آھن، ھنن ئي سيموئل جي ساڄي ھٿ جي چيچ، ھيرس جي ڪن جي پاپڙي وڍي ھئي ۽ ايٿن جي ڪرائي به ته ڀڳي ھئائون، ميڪس، ٿيوڊور، اوليور، ڪلارا ۽ منھنجي پٺيءَ جون لٿل چٿڙيون، انھن گارڊز جي ھٿان لڳل ڦٽڪن ۾ اڃان تائين ڦٿڪي رھيون آھن…
مالڪ گجگوڙ ڪندي پڇي رھيو ھو، “ٻُڌايو، توھان کانسواءِ ڪو ٻيو بني بشر آھي، جيڪو ھن فارم ۾ سينڊي تي حملو ڪري سگهي؟”
اسين سڀ ڪنڌ جهڪائي بيٺا ھئاسين. مالڪ جي اکين ۾ ڀر واري ٻيلي جا سمورا خونخوار جانور گڏ ٿي ويا ھئا. چيلھ سان ٻڌل ھولسٽر ۾ پيل پستول تي ھٿ گهمائيندي چوڻ لڳو، “جنھن اھو ڏوھ ڪيو آھي، اھو پاڻ ئي پنھنجو جرم قبول ڪري ۽ پنھنجي زبان سان سزا گهُري وٺي، نه ته اھا ساڳي سزا سڀني کي ملندي…” اوليور، بگي ڪاھي اچي ويو، اسان سڀني گڏجي، سينڊيءَ کي بگيءَ ۾ سمھاريو.
ڀر واري شھر سيئانٽيگو جي اسپتال ۾، سول سرجن جناب ولسن کي مالڪ جو خط ڏنو ۽ بيھوش سينڊي کي داخل ڪرايو. سينڊي جي حالت اھڙي ھئي جو مون کي نٿي لڳو ته ھوءَ بچندي. سيئانٽيگو جي اسپتال تائين، مان سڄي واٽ، بگيءَ ۾ اھوئي سوچيندو پئي آيس ته مالڪ صحيح ته چئي ٿو. سينڊي کي اسان وٽ فارم ۾ آئي اڃان ڪي پنج يا ڇھ ڏينھن مس ٿيا ھوندا… مون کي ياد آيو ته اھا آرتوار جي رات ھئي، ماني کائڻ کانپوءِ اسين تماڪ ڇڪي چڪا ھئاسين. آرتوار جي ڏينھن يعني سُوموار جي رات، ڪلارا، ھيرس سان سمھندي ھئي. اسان سڀ پنھنجي پنھنجي پٿارين تي ليٽيا ۽ آھليا پيا ھئاسين، ڪلارا ھيرس جي پٿاريءَ تي ھئي. ھو ٻئي، ھلڪڙا ٽھڪڙا ڏيئي رھيا ھئا، ٻنھي جي وچ ۾ موج مستي شروع ٿي چڪي ھئي، ھنن شايد اڃان ھڪٻئي کي لباس جي قيد کان آزاد ڪونه ڪيو ھوندو ته ڀانڊي ۾ مالڪ جو گونجدار آواز ٻُريو، “ستل آھيو يا جاڳيل، سڀ ھيڏانھن اچو.”
اسين سڀ ٽپ ڏئي اٿي بيٺاسين، ڊوڙي اچي مالڪ جي سامھون قطار ۾ سيني تي ھٿ ٻڌي، ڪنڌ جهُڪائي بيھي رھياسين. مالڪ سان ھڪڙي ننڍي عمر جي معصوم صورت ڇوڪري گڏ ھئي. محسوس ٿي رھيو ھو ته جواني، ھن جي بدن جي ديس ۾ ھاڻ ئي لٿي ھئي. ھيرس سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل ڪلارا، سينڊي کي پيرن کان وٺي مٿي تائين ڏسي رھي ھئي. مالڪ ڪلارا کي مخاطب ٿيندي چيو، “ڪلارا، تون ھميشه شڪايت ڪندي ھئينءَ ته اٺن مردن کي راضي ڪندي ڪندي تون پاڻ کي ڪنھن ڦاٽل خيمي وانگر محسوس ڪندي آھين… ھيءَ سينڊي آھي، ھن کي به اتان ئي خريد ڪيو اٿم، جتان توکي خريد ڪيو ھئم.. سينڊي ھاڻ تنھنجو ھٿ ونڊائيندي…” مالڪ ھيڏانھن ھوڏانھن نھاريو. ٿيوڊور ڏي ڏٺو ۽ پڇيو، “پوڙھا! ھن ڇوڪريءَ سان تون پنھنجو بسترو شيئر ڪري سگهين ٿو…؟”
ٿيوڊور جي چھري تي انعام ۾ شراب جي ڊرم ملڻ جيتري خوشي ڇانئجي وئي، پر ان جي اڳئين لحظي ۾، مالڪ ھڪدم انڪار ۾ ڪنڌ لوڏيندي چيو، “نه ٿيوڊور، پھريون ٽي راتيون سينڊي مھمان ھوندي، ھن کي ڪير به استعمال ڪونه ڪندو…” ٿيوڊور جي چھري تي آيل خوشي ايئن اڏامي وئي، جيئن سج جي ڪرڻن نڪرڻ کانپوءِ وڻن جي پنن تي لٿل ماڪ. ان کانپوءِ مالڪ مون ڏي ڏٺو ۽ چيو، فيلوس ! سينڊي کي تون پاڻ سان گڏ سمھاريندين ۽ صبح جو ھن جي لاءِ وھاڻو، سوڙهه به ٺاھيندي ۽ وڇائڻ لاءِ پٿراڻي وغيرہ سڀ… پراڻي طنبيلي ۾ توکي ڌاڳا، چمڙو، ڪپڙو، سامان ۽ اوزار ملي ويندا… سمجهئي؟
“جي مالڪ.” مون تمام گهڻي فرمانبرداريءَ سان وراڻيو ھو.
ان رات ڪلارا، اوليور سان ستي ھئي ۽ سينڊي، مون سان گڏ. سينڊي ۽ مون کي سڄي رات ننڊ ڪونه آئي ھئي. سينڊي، شايد پھريون ڀيرو ڪنھن پرائي مرد سان ھڪ ئي بستري ۾ ايتري ويجهي ٿي سُتي ھئي يا شايد ھن اوليور ۽ ڪلارا کي جنسي عمل ڪندي ڏٺو ھو ۽ پريشان ٿي وئي ھئي… ۽ مان وري ان ڊپ ۾ ته سينڊي کي ڪا تڪليف نه پھچي ۽ صبح جو مالڪ سان ڪا شڪايت نه ڪري وجهي.
وقت گّذري ئي نه پيو، ڪنھن گهڙيءَ اک لڳي ٿي وئي يا جهُٽڪو اچڻ کانپوءِ اوچتو وري اک کلي ٿي ته سينڊي کي جاڳندي پئي ڏٺم، ساڳي حالت سينڊي جي به ھئي. ايئن رات وھامي وئي، سج جي روشنيءَ، ڌرتيءَ کي پھريون چميون ڏنيون ھيون ته مان ٽپ ڏئي اٿيو ھئس ۽ پراڻي طنبيلي ۾ ويو ھئس، جيڪو ھاڻي ھڪ ويئر ھائوس ۽ ورڪشاپ طور استعمال ٿيندو ھو. مون سينڊي جي لاءِ ھنڌ بسترو ٺاھڻ شروع ڪيو. مون کي اڄ ئي پنھنجو ڪم پُورو ڪرڻو ھو، جو مون کي پڪ ھئي ته مالڪ رات جو رائونڊ ڏيڻ لاءِ اسان غلامن جي رھائش گاھ واري ڀانڊي ۾ ضرور ايندو ۽ اھو چڪاسيندو ته مون سينڊي لاءِ بسترو ٺاھيو آھي يا نه. ٽپھريءَ کان اڳ مون پنھنجو ڪم ختم ڪيو. سينڊي لاءِ وھاڻو، سوڙ، چادر ۽ چمڙي جي پٿاري ٺاھي تيار ڪئي ھئم. اھو سڄو سامان کڻي، مان ڀانڊي ۾ پھتس ته سينڊي چاوڙيءَ ۾ ٻاھر آڳند ۾ گلن جي ٻاريءَ وٽ ويٺي ھئي. ھر گل جي پنھنجي رونق ۽ سُونھن ھوندي ھئي، پر سينڊي جي اتي ھجڻ ڪري، اڄ گلن جي اھا ٻاري، جنت جو ڪو ٽڪرو لڳي رھي ھئي. سينڊي خاموش ۽ پريشان ھئي، پر ھن جي ڀر ۾ بيد جي ڪاٺين مان ٺھيل چار ڇٻيون رکيل ھيون، جن ۾ اسٽرا بيري ۽ ناسپتين کان علاوہ ٻيا ڪيترا ئي مندائتا ميوا ھئا، جن جا وڻ، فارم جي باغن ۾ اسان غلامن کان پوکرايا ويا ھئا. مان سينڊي جي ڀر ۾ رکيل ٽوڪرين ۾ موجود ميوا ڏسي سمجهي ويس ته سينڊي کي خوش ڪرڻ ۽ پنھنجائپ جو احساس ڏيارڻ لاءِ، منھنجي ساٿين ئي آندا ھوندا. ميڪس ۽ ايمبروز ته اھڙن معاملن ۾ ڪجھ وڌيڪ ئي ڦُڙتي ڏيکاريندا ھئا. مون سينڊي کي، سندس لاءِ پنھنجي ھٿن سان سبيل سوڙ، وھاڻو ۽ ٻيو سامان ڏيکاريو. سينڊي شڪر گذاريءَ وچان منھنجي ٺاھيل شين کي ھٿ لائي ڏٺو. مون کي لڳو ته منھنجو پورھيو سجايو ٿي ويو. سينڊي جيڏي سھڻي ھئي، اوڏي ئي سلڇڻي محسوس ٿي. اسين ٻئي ڀانڊي ۾ آياسين ۽ ھن جي پٿاري وڇائڻ لاءِ ڪنھن جاءِ جو انتخاب ڪرڻ لاءِ چوڌاري نھارڻ لڳاسين. سينڊي ڀانڊي جي مختلف ڪنڊن ۾ ويڙھيل پٿارين ڏانھن ڏٺو. سينڊي کي مون ٻُڌايو ته: “کاٻي پاسي کان شروع ڪندينءَ ته پھرين اوليور، پوءِ ميڪس، ان جي ڀر ۾ ٿيوڊور جي پٿاري آھي، ان جي پريان ڪلارا جي پٿاري آھي. ان جي ڀر ۾ سيموئل ۽ سيموئل جي ڀر ۾ ھيرس، پوءِ ايٿن ۽ پوءِ ايمبروز، ايمبروز جي ڀر ۾ ھيءَ فيلوس يعني منھنجي پٿاري آھي.”
سينڊي پنھنجو بسترو، ڪلارا جي بستري جي ڀرسان رکندي چيو ھو ته “منھنجي لاءِ بھتر آھي ته مان پاڻ کي ڪلارا سان گڏ رکان، ڇو ته فقط ھڪ عورت ئي ٻي عورت کي محسوس ڪري سگهي ٿي.”
ڪلارا کي جڏھن خبر پئي ته سينڊي پنھنجو بسترو، ھن جي پٿاريءَ جي ڀرسان لڳايو آھي ته ھن جي چھري تي خوشي محسوس ٿي. ڪلارا، پاڻ مُرادو سينڊي جي نگران ھجڻ جا فرض سرانجام ڏيڻ شروع ڪيا ھئا. ڪلارا، اسان اٺن ئي مردن تي ڪرڙي نظر رکڻ لڳي ھئي. ھن سينڊي مٿان ھڪ قسم جو پھرو ڏيڻ شروع ڪيو. مالڪ، سوموار جي ڏينھن يعني منگل وار جي رات جو، جڏھن ڀانڍي ۾ آيو ته سينڊي جو بسترو به تيار ھو ۽ سينڊي کي ڪلارا جي ڀر ۾ ديرو ڄمائي ويٺل ڏٺائين ته اطمينان جو اظھار ڪيائين. سينڊي جي، اسان سان گڏ، اھا ٻي رات ھئي. ان ئي رات سيموئل سينڊي کي ھڪڙي کوپري ۽ ھڪڙي زيتون جي تيل جي شيشي تحفي ۾ ڏني، جيڪي مالڪ طرفان کيس ڪنھن زماني ۾ سڀني کان وڌيڪ رونبي ڪرڻ تي انعام ۾ مليون ھيون. ڪلارا خونخوار نظرن سان سيموئل ڏي ڏٺو ۽ پوءِ، ھن کي ۽ ھن سان گڏ اسان سڀني کي مخاطب ٿيندي چيائين، “ڪن کولي ٻُڌي ڇڏيو، سينڊي ڪنھن سان سمھندي ۽ ڪڏھن سمھندي، اھو سڀ ڪجھ مان طئي ڪنديس. توھان سوکڙين پاکڙين ڏيڻ ۽ ٻي ھر قسم جي چاپلوسي ڪرڻ ڇڏي ڏيو.”
ايٿن ھڪدم پنھنجي گهگهي آواز ۾ چيو، “ٽن راتين تائين ته ھونئن به مھمان آھي. باقي سڀاڻي واري رات کانپوءِ ته ھن کي ڪنھن نه ڪنھن سان سمھڻو پوندو.”
ان تي ٿيوڊور جواب ڏنو ھو، “ڪنھن نه ڪنھن سان ڇو؟ مان سڀني کان وڏو آھيان، ڏسجو مالڪ جي جوڙيل قائدي مطابق، مون کي ئي موڪل ملندي. سينڊي پهرين رات مون سان سمھندي.”
ڪجھ دير لاءِ خاموشي ڇانئجي وئي. ايمبروز تماڪ ڇڪي رھيو ھو، اوچتو پنھنجي پائيپ کي وسائڻ لڳو. ان کانپوءِ ڪلارا کي چيائين، “سڄو ڏينھن مون پنھنجي حصي جو به ڪم ڪيو ۽ توسان ونگار وھيو آھيان، گُڏ ڪرڻ ۾ ساٿ ڏنو مانءِ، اھا خدمت ته ياد اٿئي نه؟”
ڪلارا، سينڊي سان ڪا سُس پُس ڪري رھي ھئي، ھڪدم چوڻ لڳي، “صبر ڪر، اچان ٿي، ھونئن به تون ڪھڙو ميڻ بتيءَ سان گڏ صبح تائين ٻرندين، رُڳو ٻه لوڏا ۽ ٺُس…”
“ڏيڍ مھيني کان رُڳو ٿُوم ۽ کنڀيون کاڌيون اٿم، اڄ پاڻ چوندينءَ ته بس ڪر ايمبروز، بس.”
ان وقت ميڪس اٿيو ھو، جارن ۾ لڳل مُک مشعل کي ڇڏي، باقي سڀ ڏياٽيون وسائي ڇڏيائين. مان پنھنجي پٿاريءَ تي ليٽي پيس. ٻيا ساٿي به اوٻاسيون ڏئي رھيا ھئا، سڄي ڏينھن جي ھڻ وٺ، پٽ کوھ ۽ پورھيو ڪرڻ کانپوءِ ھر ڪنھن کي آرام ڪرڻ جي گهرج ھوندي ھئي. دير تائين فقط اھو جاڳندو ھئو، جنھن جو ڪلارا سان سمھڻ جو وارو ھوندو ھو. مون، پاسو ورايو ته ڀانڊي ۾ موجود ھلڪي روشنيءَ ۾ ڪلارا ۽ سينڊي کي پاڇولن وانگر محسوس ڪيم. ھو ٻئي پاڻ ۾ جهيڻي آواز ۾ ڳالھيون ڪري رھيون ھيون، جيڪي مان ڪنائي ڪونه پئي سگهيس. ڪجھ لمحن کانپوءِ سينڊي ليٽي پئي. ڪلارا، پنھنجي پٿاريءَ تان اُٿي وڃي ايمبروز جي ڀر ۾ ليٽي پئي. مان جيئن پاسيرو ليٽيو پيو ھئس، تيئن ئي ليٽيو رھيس. مون کي سامھون ڪلارا ۽ ايمبروز به نظر اچي رھيا ھئا، پر منھنجو ڌيان سينڊي ڏانھن ھو. جيتوڻيڪ ھُوءَ ليٽيل ھئي ۽ اوندھ ۾ ھن جي چھري جا تاثر به ڏسڻ ۾ ڪونه پئي آيا، پر مون کي اھو محسوس ٿي رھيو ھو ته ھن جون وڏيون، خوبصورت اکيون تجسس وچان ايمبروز ۽ ڪلارا کي ڏسي رھيون ھيون، جن جي وچ ۾ ھاڻي ڪابه وٿي نه رھي ھئي.
سينڊي کي ٽي راتيون گذريون ھيون. ڏينھن جو اسين مالڪ جي حڪم تي فارم جي ڏکڻ ۾ موجود گهاٽي ٻيلي مان ماکي لاھڻ ويا ھئاسين. سينڊي به اسان سان گڏ ھئي. ڪلارا، سينڊي کي ھڪ پل لاءِ به پاڻ کان پري ٿيڻ ڪونه پئي ڏنو. اسان اٺن ئي مردن جي ڪوشش ھئي ته اسان به سينڊي کي پنھنجي موجودگي محسوس ڪرايون ۽ کيس ٻين کان گهڻي قرب ۽ ويجهڙائپ جو احساس ڏياريون. مون ھن کي ھڪڙي پاٽوڙي ۾ تازي لاٿل ماکي ۽ ٻيلي ۾ موجود زردالو آڻي ڏنا. ھن شوق سان کاڌا. منھنجي ٻين ساٿين مان ڪنھن صليبي ڦل، ڪنھن مينڊيرئن اورينج ته ڪنھن وڻ مان لاٿل کونئر ته ڪنھن ڪيوي فروٽ آڻي پئي ڏنس. مان ڪلارا ۽ سينڊي جي ٿورو پريان، ماکيءَ سان ڀريل ٿانون ۾ موجود ٿالھ مٿان شيشا رکي، انھن جي مٿان ڇاڻي لڳائي، ماکي ڀري رھيو ھئس. ڪلارا، سينڊي کي چئي رھي ھئي، “تون ھنن مردن جي خوشامد کان متاثر متان ٿين، انھن جون اھي خدمتون، پنھنجي مطلب جي لاءِ اٿئي. جيڪڏھن ٿوري به لڳڙي ٿيندينءَ ته انھن منجهان ھرڪو پنھنجي واري تي توکي ھڪڙيءَ رات ۾ ٽي ٽي ڀيرا به استعمال ڪندو.”
“جيئن گذريل ٻن راتين کان توسان ايمبروز ۽ اوليور ڪندا رھيا آھن؟” سينڊي، ڪلارا کان پڇيو.
“ايمبروز، اڳڙين جو گُڏو آھي، پر ٻيا ڪجھ تکيرا آھن. تون بس ايترو ياد رک ته مرد کي ننڊ اچي ته تون پنھنجي پٿاريءَ تي اچي وڃ، نه ته اسر جو وري جهوٻا سھڻا پوندئي.”
مون کي سامھون وڻن جي جهُڳٽي ۾ ھڪ ھنڌ سفرجل جو پڪل داڻو نظر اچي ويو. مان اھو پٽي کڻي آيس ۽ اچي، ڪلارا کي ڏيندي چيم، “مھربان ڪلارا، ھيءُ ميوو تولاءِ.”
ڪلارا جي چھري تي ھڪ گھري ۽ خوبصورت مرڪ اچي وئي. سينڊي کي ڏسندي چيائين، “سينڊي ! ھيءُ فيلوس اٿئي، ھيءُ ھتي موجود سڀني غلامن ۾ ننڍو آھي، مون کان به ننڍو آھي. فيلوس ته اڃان بالغ به ڪونه ٿيو ھو ته مون کي پھريون ٻار ٿيو ھو… فيلوس ان کي سنڀالڻ ۾ منھنجي مدد ڪندو ھو.”
“اھو ٻار ھاڻي ڪيتري عمر جو آھي ۽ ڪٿي آھي؟” سينڊي پڇيو.
“اھو جيمس ٽائون، ورجينئا ۾ مالڪ جي ٻارن جي خدمت تي مقرر ٿيل آھي. جيمس ٽائون ۾ مالڪ جو ھڪ وِلا آھي، جيڪو مالڪ جي موروثي جائيداد ۾ شامل آھي. ھن وقت منھنجي پٽ جي عمر ٻارنھن سال ھوندي.” ڪلارا جواب ڏنو.
“نالو ڇا اٿس؟”
“اسپوڪ”
“اھو ڪھڙو نالو ٿيو؟”
”مالڪ، ھن جو اھو نالو رکيو.”
“فيلوس ھن کي اينجل چوندو آھي.” مون ڏي ڏسندي ڪلارا چيو ھو.”
سينڊي مون ڏي نھاريو. خبر ناھي ته الائي ڇو مون کي سينڊي جي نگاھن ۾ ڪي سوال نظر آيا. مون کي سمجھ ۾ ڪونه پئي آيو ته مان، انھن جا ڪھڙا جواب ڏيان. ان ٻڏتر ۾ ئي ھئس ته ڪلارا ڳالھائڻ شروع ڪيو، ايئن لڳو ته ھن به سينڊي جي دماغ ۾ موجود اھي سوال پڙھي ورتا ھئا ۽ انھن جا جواب ڏئي رھي ھئي، “نه، فيلوس، منھنجي ٻار جو پيءُ ناھي ۽ ٿي به ڪيئن ٿو ٿي سگهي، جڏھن منھنجو اسپوڪ ڄائو، تڏھن فيلوس پاڻ ئي ٻارنھن تيرنھن سالن جو ھو. اسپوڪ جو پيءُ ڪير آھي، اھا ڪيئن ٿي خبر پئجي سگهي، جو مون کي پاڻ کي اندازو ناھي ته اسپوڪ ڪنھن مان پيدا ٿيو؟”
“توکي اسپوڪ کانپوءِ ٻيو ڪو ٻار پيدا ڪونه ٿيو؟”
“اسپوڪ اڃان سال جو به ڪونه ٿيو ته مون کي وري پيٽ ٿي ويو. مالڪ مون کي سيئانٽيگو شھر جي اسپتال ڏانھن اماڻيو، اتي منھنجو ٻار به ضايع ڪرايو ويو ۽ منھنجي ٽيوبل لائيگيشن به ڪرائي وئي.”
ڪلارا جي ڪچھري مزيدار ھوندي ھئي الائي نه، پر ان وقت مون کي ھن جون ڳالھيون ٻڌي مزو اچي رھيو ھو، شايد ان ڪري جو، مان ان ڪچھريءَ جي بھاني بار بار سينڊي کي ڏسي رھيو ھئس، سينڊي کي ڏسڻ ۽ لاڳيتو ڏسڻ ۾ مزو اچي رھيو ھو، پر مون کي ڪم به ڪرڻو ھو. تمام گهڻي ماکي گڏ ٿي وئي ھئي، جيڪا مون کي شيشن ۽ برنين ۾ ڀرڻي ھئي. مون واپس وڃي، پنھنجو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. شيشن ۾ ماکي ڀريندي، مون کي بار بار اھو خيال اچي رھيو ھو ته دنيا ۾ ماکي وڌيڪ مٺي آھي يا عورت جو وجود؟ اندر ئي اندر ۾ ھڪڙو سوال پيدا ٿيو ته عورت ته ڪلارا به آھي، ڇا اھا به ماکيءَ کان وڌيڪ مٺي آھي؟ مون پاڻ کي پاڻ ئي جواب ڏنو ته: ھر عورت ماکيءَ کان وڌيڪ مٺي ناھي ھوندي… جيڪا دل کي وڻي، اھا ماکيءَ کان وڌيڪ مٺي ھوندي آھي، جيئن سينڊي! ان ئي لمحي، وري مون پاڻ کان پڇيو ته: سينڊي مون کي ڇو ٿي ايڏي مٺي لڳي؟ دل مان جواب مليو ته: سينڊي، سھڻي آھي ۽ مون کان ڪجھ ننڍي ته آھي، پر منھنجي جوڙ جيس جي لڳي ٿي… سينڊي برابر سھڻي ھئي، منھنجي جوڙ جي به ھئي، تنھنڪري فقط مون کي وڻڻ کپي ھا، پر مون کي محسوس ٿيو ھو ته مان به ھن کي وڻان ٿو. ايئن به ھو ته سينڊي جي نظرن ۾ ڪنھن لاءِ به اوپرائپ نه ھئي. سينڊي جي لاءِ سڀ مرد ھڪ جيترا اھم ھئا ۽ سڀني مردن کي سينڊي وڻي رھي ھئي. سينڊي پنجن ڇھن ڏينھن جي اندر اندر سڀني جي دل ۾ قبوليت حاصل ڪري ورتي ھئي.
اھا سينڊي جي چوٿين رات ھئي، ٿيوڊور رات جي ماني کائڻ دوران ڪلارا کي چيو، “اڄ سينڊي جي شروعات ڪراءِ.”
ڪلارا، ٿيوڊور کي ڪچو کائڻ واري انداز ۾ نھاريو ۽ چيو، “سينڊي ننڍي آھي، اڻ تجربيڪار آھي، ھن کي ٻه ٽي ھفتا ڪير به ھٿ ڪونه لائيندو.”
“تون ڪير ٿيندي آھين، اھو فيصلو ڪرڻ واري؟ مان مالڪ سان ڳالھائيندس.” ٿيوڊور ڪاوڙ مان چيو.
ڇا ڳالھائيندين تون مون سان؟ “ان وقت مالڪ جو آواز ٻڌو ھئوسين. جيڪو خبر ناھي ڪيڏي مھل دروازي وٽ اچي بيٺو ھو ۽ اسان سڀني جون ڳالھيون ٻڌي رھيو ھو. ٿيوڊور ۽ اسين سڀ ھڪدم اٿي بيھي رھياسين. مالڪ چوڻ لڳو، ڪلارا ٺيڪ ٿي چئي ٿيوڊور…” ان کانپوءِ مالڪ ڪلارا ڏي ڏٺو ۽ چيو، “ڪلارا! ٿيوڊور کي ڪجھ وقت لاءِ ھڪ کان وڌيڪ واريون ڏيندي ڪر. منھنجي گهوڙن جي سنڀال جو ڪم ڪندو آھي، اھڙا نال ته ڪو ماھر به ڪونه ھڻي سگهندو آھي، جھڙا ٿيوڊور ھڻندو آھي، ھن جو حق ٿئي ٿو…”
ٿيوڊور ٿورا مڃيندي، مالڪ کي دعائون ڪرڻ لڳو. مالڪ ھليو ويو. اسين سڀ تماڪ ڇڪي، ننڊ ڪرڻ جي تياري ڪرڻ لڳاسين. معمول مطابق، ميڪس مُک مشعل کي ڇڏي، باقي سڀ ڏياٽيون وسائي ڇڏيون. ڪلارا منھنجي پٿاريءَ تي مون سان گڏ اچي سمھي پئي. منھنجي ڪن ۾ سرگوشي ڪندي چيائين، “ٻيلي ۾ سفرجل آڻي ڏنو ھئي… مون کي خوشي ٿي… تنھنجي اھا عادت مون کي وڻندي آھي، جنھن رات تنھنجو وارو ھوندو آھي، ان ڏينھن تون ڪونه ڪو تحفو ڏئي، ڏاڍي پيار سان نھاري چوندو آھين، “مھربان ڪلارا ! ھيءُ تحفو تولاءِ.”
“فيلوس! ڪلارا کي اڄ مون ڏانھن موڪل.” ٿيوڊور جو رعبدار آواز سڀني ٻڌو ھوندو. مان ۽ ڪلارا ڪجھ لمحن لاءِ سُن ٿي وياسين. ڪجھ ئي لمحن ۾ پھرين مون پاڻ کي ڪلارا جي ڀاڪر مان ڍرو ڪيو ۽ پوءِ ڪلارا به مون کان ڪجھ وٿيرڪي ٿي وئي. ھن منھنجي ڪن ۾ ڀڻڪندي چيو، “خدا ڪري سڀ گهوڙا مري وڃن… ھن خفتي پوڙھي جون زيادتيون تيستائين بند ڪونه ٿينديون، جيستائين مالڪ جو طنبيلو آباد آھي.”
“اسان سڀني کي مالڪ جي مار کان بچائيندو به ته ٿيوڊور ئي آھي، ڀلا ڪو ٻيو آھي، جيڪو مالڪ جي اڳيان ڳالھائڻ جي جرئت ڪري سگهي؟” مون ھن جي ڏک ۽ ڪاوڙ کي گهٽائڻ جي ڪوشش ڪئي.
“ھا، پر ان جو مطلب اھو ته ناھي ته ٿيوڊور اسان لاءِ مالڪ بڻجي وڃي. ڪيترا ڀيرا ٻُڌائي چڪي آھيانءِ ته ھو مون کي سڄي رات پيو تنگ ڪندو آھي. ڪم ٿيو ته جان ڇڏي نه، پر ڪٿي ٿو ايئن ڪري؟… ھمراھ چئي ته سڄي رات ڇاتين تي ٻانھن رکي، ڄنگهن ۾ ڄنگهون وچڙائي ننڊ ڪندو رھان. مٿان وري خوفناڪ کونگهرا ھڻي ڊيڄاريندو رھندو آھي. ننڊ حرام ٿي ويندي آھي” ايئن چئي ڪلارا آھستگيءَ سان اٿي ھلي وئي.
اڃان ڪچڙيءَ ننڊ ۾ ھئس ته ايئن لڳو ته ڪنھن مون کي جڪڙي ورتو آھي. ڪجھ سرت ۾ آيس ته ڏٺم سينڊي مون کي ڀاڪر پائي، مون سان گڏ ستي پئي ھئي. مون حيرت وچان ھڪدم اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ھن مون کي جھلي ورتو. سڙٻاٽ ڪندي چيائين، “فيلوس! مون کي ڊپ لڳي رھيو آھي، مان توسان گڏ سمھنديس.”
“ڪنھن کان ٿي ڊڄين؟”
“خبر ناھي… پر مان اھو سڀ ڪجھ ڪٿي لکي، رکڻ ٿي چاھيان… تو وٽ ڪو قلم ۽ ڪاغذ آھي؟”
“اسان غلامن وٽ قلم ۽ ڪاغذ جو ڪھڙو ڪم… توکي لکڻ پڙھڻ ايندو آھي ڇا؟”
“مان ھتي اچڻ کان پھرين، ھڪڙي حڪيم جي دواخاني تي ڪم ڪندي ھئس. ان مون کي لکڻ پڙھڻ سيکاريو ھو.”
“توکي ڏٺل وائٺل شين کان ڊپ ٿو لڳي يا اڻ ڏٺل مخلوق کان؟”
“ڊپ ته مون کي ھتي موجود ماڻھن کان ئي لڳي ٿو… ۽ مون کي لڳي ٿو ته ڪو مون کي نقصان پھچائڻ چاھي ٿو، ڪير آھي…”
“پريشان نه ٿيءُ، ھتي اھڙي ڪابه ڳالھ ناھي.”
سينڊي مون کي زور سان ڀاڪر پائي چنبڙي پئي ھئي. ڪجھ دير تائين اسين خاموش ھئاسين. منھنجي ننڊ اُڏامي وئي ھئي. ھن جي ساھن جي ھوا، مون کي پنھنجي چھري تي محسوس ٿي رھي ھئي. ڪجھ دير کانپوءِ ھن پيٽ وٽان پنھنجي شرٽ مٿي ڪندي، منھنجي ھٿ کي پڪڙي پنھنجي ڇاتين تي رکيو ۽ چيو، “ٿيوڊور، ڪلارا کان منھنجي گهُر ڪئي، ڪلارا انڪار ڪيو ته، ھو تنھنجو وارو کائي ويو… تون مون مان پنھنجو حصو وٺ… مان حاضر آھيان…”
“تون مون وٽ ان لاءِ آئي آھين، جو توکي ڊپ لڳي رھيو ھو… تو مون وٽ اچي آٿت ورتو آھي، مان موقعي جو فائدو وٺان ۽ تو جيڪو ساھس ورتو، مان ان جي توکان قيمت وٺان؟!”
“فيلوس! مون جيئن محسوس ڪيو ھو، تون اھڙو ئي سٺو آھين.” ايئن چئي، سينڊي نرميءَ ۽ پنھنجائپ سان، منھنجو ھٿ پنھنجي ڇاتين تان ھٽائي، پنھنجي شرٽ کي سڌو ڪري ڇڏيو ھو، پر ھن مون کي ڀاڪر پائي رکيو ھو ۽ ڪجھ دير کانپوءِ اسان ٻنھي کي ننڊ اچي وئي ھئي.
ٻيون ٻه راتيون به ايئن ئي گذريون ھيون. رات جو جڏھن سڀ سمھي پوندا ھئا، خود مون کي به ننڊ اچي ويندي ھئي ته اوچتو ڪچڙيءَ ننڊ مان جاڳ ٿيندي ھئي ۽ سينڊي کي پاڻ سان چنبڙيل ڏسندو ھئس. ھن جي زخمي ٿيڻ جي حادثي رُونما ٿيڻ واريءَ رات، ھن مون کان پڇيو ھو، “فيلوس! توکي لکڻ پڙھڻ ايندو آھي؟”
“ايندو آھي، پر مون ڪڏھن ظاھر ناھي ڪيو… تون مون تي ڀروسو ڪرين ٿي، ته مون به ڀروسو ڪري توکي ٻڌايو آھي… چون ٿا ته اسان کان اڳ ۾ اسان جي مالڪ وٽ ھڪڙو غلام ھو، جنھن کي لکڻ پڙھڻ ايندو ھو، ان الائي ڪٿان لکڻ پڙھڻ جو سامان ھٿ ڪيو ھو… ھو رات جو دير سان پنا کڻي، الائي ڇا ڇا لکندو ھو. خبر ناھي ڪيئن مالڪ کي خبر پئجي وئي… انھن پنن ۾ الائي ڇا لکيل ھو… مالڪ سزا طور، ھن جا ھٿ پير ٻڌي، ھن کي پنھنجي ڪتن جي آڏو اڇلايو ھو… انھن خونخوار ڪتن، ھن جي جسم جي ھر حصي کي پٽي کاڌو ھو…”
“فيلوس! مون وٽ ھڪڙي نچڪڻي آھي.”
“ڪلارا وٽ به آھي، جنھن سان ھوءَ نڪ جا، ڀرن جا ۽ چھري تي آيل ڪي اضافي وار پٽيندي آھي.”
“فيلوس! مون پنھنجي پٿراڻيءَ مان، چمڙي جو ھڪڙو ننڍڙو ٽڪرو ڦاڙي، ان تي نچڪڻيءَ سان ھڪڙو نالو لکيو آھي ۽ چمڙي جو اھو ٽڪرو مون پنھنجي وھاڻي ۾ وڌو آھي..”
“مطلب ته ھاڻي تون ان وھاڻي تي سمھندينءَ ته توکي سمھڻ مھل ڊپ ڪونه لڳندو… ضرور ڪو بابرڪت آسماني نالو لکيو ھوندئي.”
“جنھن ماڻھوءَ کان مون کي نقصان ٿيڻ جو انديشو آھي، مون ان جو نالو لکيو آھي.”
مان ٿورو حيران ٿي ويس. ڪجھ دير سوچڻ کانپوءِ مون چيو ھو، “ٿيوڊور جو نالو لکيو ھوندئي… ھو بد مزاج ۽ جهڳڙالو آھي، پر ھو ڪنھن کي نقصان نٿو پھچائي سگهي، مان ھن کي سڃاڻان ٿو.”
“ٿيوڊور جو نالو ڪونھي… ٻڌ فيلوس! جيڪڏھن مان مري وڃان ته پڪ سمجهجانءِ ته مون کي ان ماڻھوءَ ماريو آھي.”
“ڪنھن غلام کي، ڪو غلام ڇو ماريندو؟”
“مون کي ان ماڻھوءَ جي اکين ۾ پنھنجو قاتل نظر اچي ٿو… مون کي اھو ماري ڇڏيندو، ان ماڻھوءَ جو نالو، توکي منھنجي وھاڻي ۾ رکيل چمڙي جي ٽڪري تي اُڪريل نظر ايندو.”
مون ڪوبه جواب ڪونه ڏنو… مون کي لڳو ته ھن وقت سينڊي جي دماغ جي حالت اھڙي آھي جھڙي شروع ۾ ھر غلام جي ھوندي آھي… بلڪل ايئن، جيئن اسان سڀ غلام پنھنجي شروعاتي زندگيءَ ۾ تمام گهڻو سوچيندا آھيون، جنھن ڪري، اسان جي دماغ ۾ اجايا ۽ ابتا سبتا خيال ايندا آھن، خواب به عجيب ۽ غريب ڏسڻ ۾ ايندا آھن… ڪڏھن ھرو ڀرو روئندا آھيون ته ڪڏھن بي سبب کلندا آھيون… ڪڏھن رڙيون ڪندا آھيون ته ڪڏھن پھرن جا پھر خاموش… پر پوءِ ھڪ ڏينھن آخرڪار سمجھ ۾ اچي ويندو آھي ته اسان جو ڪو به خدا ڪونھي… يا شايد اسان جو خدا به اسان وانگر ڪنھن ٻئي خدا جو غلام آھي.
ھوءَ اسر تائين، ڀاڪر پائي، مون سان چھٽي سُتي ھئي. مون کي ڏاڍي دير سان ننڊ آئي ھئي، پر عادت موجب، سج اڀرڻ شرط، اٿي ڪم تي ھليو ويو ھئس. مون کي ساٿين سان گڏ، ٽري ھائوس ٺاھڻ جي ڪم ۾ حصو وٺڻو ھو. مان ڪاٺ جي تختن کي چيرڻ، لسائڻ ۽ انھن تي رنگ ڪرڻ جو ڪم ڪري رھيو ھئس. ايمبروز ڊوڙندو آيو ھو ۽ جڏھن ھن سھڪندي سھڪندي سينڊي جي زخمي ٿيڻ جي خبر ٻڌائي ته اسان کي اعتبار ئي ڪونه پئي آيو. اعتبار ته ھن لمحي تائين ناھي آيو.
ھن لمحي، مان اوليور سان گڏ، ڀر واري شھر سيئانٽيگو جي اسپتال ۾ موجود ھئس. سينڊي، ڊاڪٽرن جي حوالي ھئي. منھنجي دل مان، بار بار اھائي دعا نڪري رھي ھئي ته سينڊي جي زندگي بچي وڃي، ھوءَ بلڪل چڱي ڀلي ٿي وڃي، پر الائي ڇو مون کي پنھنجي دعائن مان فائدي ٿيڻ جي اميد ڪونه پئي نظر آئي. مون ته زندگيءَ ۾ جيتريون به دعائون گهريون ھيون، انھن مان ڪا ھڪڙي دعا به ڪانه اگهامي ھئي.
“ڪھڙي صلاح آھي، واپس فارم تي ھلي، مالڪ کي حال احوال ڏيون؟” ڪافي دير پريشانيءَ جي عالم ۾ رھڻ کانپوءِ اوليور مون کان پڇيو ھو.
“مالڪ کي ھلي ڇا ٻڌائينداسين؟”
“اھوئي ته، اسان توھان جو خط سول سرجن جناب ولسن کي ڏنو. انھن سينڊي کي اسپتال ۾ داخل ڪيو. ان کانپوءِ سينڊي سان ڇا ٿيو، سينڊي ڪيئن آھي، اسان کي ان جي ڪابه خبر ناھي.”
مون چيو، “مالڪ سوال مٿان سوال پڇندو. اسان وٽ ته ڪي به جواب ڪونه آھن. اسان واپس فارم تي ھلون، پويان سينڊي گذاري وڃي ته، اسان کي ڪير اطلاع ڏيندو، ٻن ٽن ڏينھن کانپوءِ جڏھن مالڪ کي خبر پوندي ته ڏمرجي پوندو ۽ اھو به چئي ڇڏيندو ته توھان اسپتال ۾ انتظار ڇو ڪونه ڪيو، پوءِ مالڪ جي قھر کان ڪير بچائيندو؟”
“پوءِ تون ئي ٻڌاءِ ته ڇا ڪجي؟”
“سوچڻ ڏي.. في الحال ته منھنجي ذھن ۾ اھائي ڳالھ اچي ٿي ته اسان ٻنھي مان ھڪڙو ھتي اسپتال ۾ ھجي ۽ ٻيو واپس وڃي مالڪ کي صورتحال کان آگاھ ڪري.”
“اسان ٻنھي مان ڪير ھتي ترسي ۽ جيڪو به ترسي ته اھو رات جو سمھندو ڪٿي، کائيندو ۽ پيئندو ڪٿان؟”
اسان اڃان پاڻ ۾ ڳالھائي رھيا ھئاسين ته سول سرجن جناب ولسن جو اردلي آيو ۽ سول سرجن صاحب وٽ پيش ٿيڻ جو چيائين. سول سرجن صاحب اسان کي ھڪڙو خط ڏيندي چيو ته “پنھنجي مالڪ کي منھنجا سلام ڏجو. کين ٻڌائجو ته مريضه جي حالت، تمام گهڻي ڳڻتيءَ جوڳي آھي، ھن جي لاءِ ايندڙ چوويھ ڪلاڪ نھايت اھم آھن. ان دوران ھن جي طبعيت ۾ سڌارو آيو ته چڙھي پوندي، نه ته ھن جي بچڻ جو آسرو گهٽ آھي. پرينھن صبح جو مريضه جو واءَ سواءُ لھڻ اچي سگهو ٿا. ان سان گڏ، احتياطي طور، آخري رسمن لاءِ به تياري ڪري ڇڏجو، وڌيڪ تفصيل مون خط ۾ لکي ڇڏيا آھن…”
مان ۽ اوليور جڏھن فارم تي پھتا ھئاسين ته اڌ رات ٿي چڪي ھئي. اسان بگيءَ مان گهوڙي کي الڳ ڪيو، ان کي طنبيلي ۾ ٻڌي، چارو ڏئي، چاوڙيءَ ڏانھن آياسين. آڳنڌ ۾ ٿيوڊور، ڪلارا، ميڪس، ايمبروز، سيموئل، ھيرس، ايٿن، مچ ٻاري، ان جي چوڌاري چپ چاپ ۽ سوچن ۾ گم ويٺا ھئا. اسان کي ڏسي، ھنن سڀني جون اکيون سوال بڻجي ويون. مون ۽ اوليور، ھنن کي سربستو ال احوال ڏنو. ان کانپوءِ ھيرس صلاح ڏني ته سول سرجن جناب ولسن جو خط ھينئر ئي مالڪ کي پھچائڻ گهرجي. مون سميت سڀني، ان راءِ جي مخالفت ڪئي، ڇو ته ڪافي دير ٿي چڪي ھئي، مالڪ ھن وقت آرام ۾ ھوندو ۽ سندس رھائش گاھ جي ٻاھران ويٺل گارڊز اھو خط وٺي، پاڻ وٽ ئي رکي ڇڏيندا ۽ مالڪ جي جاڳڻ کانپوءِ ئي ان کي ڏيندا. خط پھچائڻ لاءِ اسان مان ڪو ويو به ته اھي گارڊز، ڪمھلي وقت ڪنھن غلام کي مالڪ جي رھائش گاھ ڏانھن ايندي ڏسي، پري کان گولي ھلائڻ ۾ به دير ئي ڪونه ڪندا. سو ھن وقت خط پھچائڻ جو جوکو کڻڻ سراسر بيوقوفي ھئي. مچ جي چوڌاري ويٺي، ھاڻي اسان سڀ خاموش ھئاسين. مان سمجهان ٿو ته ان وقت اسان سمورن جي ذھن ۾ اھوئي خيال ھو ته اسان منجھان ڪير اھڙو آھي، جيڪو سينڊي جھڙي معصوم ڇوڪريءَ جو مندو ٿي سگهي ٿو؟ الائي ڪيترو وقت گذريو ھو ۽ اھا به خبر ناھي ته وقت گّذري به رھيو ھو يا سياري جي ٿڌ ۾ ڄمي ويو ھو، اوچتو ٿيوڊور ڳالھائڻ شروع ڪيو، “سينڊي جيڪا الائي بچندي به الائي نه، پر ان جي زخمي ٿيڻ جو واقعو، اسان کي بچڻ ڪونه ڏيندو… اسان کي ھتي پندرنھن سال کان ڪجھ مٿي عرصو گذريو آھي… مان توھان سڀني ۾ وڏو آھيان… ھن مالڪ کان پھرين مان ھڪڙي فلڪيات جي ماھر، جيڪو مختلف مذھبن جو عالم به ھو، وٽ غلام ھئس، اھو مري ويو ته ان جي پٽ مون کي، اسان جي ھن موجودہ مالڪ کي وڪڻي ڏنو ھو… توھان مان ڪو اغوا ٿي پھتو ته ڪو جنگ ۾ قيد ٿي ھتي غلام بڻجي آيو يا وري ڪنھن جا ابا ڏاڏا غلام ھئا، پر اسان منجھان جيڪو جيئن به ھو، تقدير جي ھٿان ھتي اچي پھتو… اسان سڀ وڻ وڻ جي ڪاٺي آھيون… اسان جي ڪاٺيءَ کي به ڪوساڻ کپندي ھئي… اسان کي ھتي اڃان گهڻو وقت ڪونه گذريو ھو ته اسان جي مالڪ اسان مان ڪجھ ساٿين کي مُشت زني ۽ ھم جنس پرستي ڪندي پڪڙيو ھو… ۽ پوءِ ستت ئي ڪلارا کي اسان جي لاءِ خريد ڪري آيو… ڪلارا آئي ته اسان سڀني گڏجي، ترتيب سان وارا مقرر ڪيا. ماھواريءَ جي ڏينھن کي ڇڏي، ڪلارا ڪڏھن ڪنھن جي واري ۾ ڪا گهٽ وڌائي ڪانه ڪئي… ڪلارا، اسان لاءِ راتين جا اوجاڳا ڪيا ۽ اسان ھن کي ڏينھن شينھن جي سختيءَ کان بچايو… سيارو ھجي يا اونھارو، اسان سڀني ڪلارا کي خوش رکيو ۽ ڪلارا به ڪنھن سان ڪو فرق ڪونه ڪيو… ڪلارا، اسان کي رڌي پچائي کارائڻ سان گڏ، مالڪ جي زال جا گهريلو ڪم ڪار به ڪيا ۽ فارم ۾ ڦٽيون چونڊڻ، رونبن ۽ لابارن جھڙا ڪم پڻ ڪيا ۽ اڃان سُوڌو ڪندي رھي ٿي.. مالڪ کي ھن تي قياس ۽ ڪھڪاءُ آيو ته ھن لاءِ حال ڀاياڻي ۽ ساٿياڻي وٺي آيو… جيڪا ھن وقت سيئانٽيگو شھر جي اسپتال ۾ موت ۽ زندگيءَ جي ٻه واٽي تي بيٺي آھي… اھو ڪنھن جو نقصان ٿيو… ظاھر آھي ته سڀ کان گهڻو ڪلارا جو ئي نقصان ٿيو… ان جو فائدو ڪنھن کي ٿيو، اھو پاڻ کي سوچڻو آھي… سو جيڪڏھن، اسان اھو معلوم ڪري وياسين ته سينڊي کي زخمي ڪرڻ يا مارڻ جي ڪوشش ڪرڻ جو فائدو ڪنھن کي ٿي سگهي ٿو ته اسان سينڊي تي حملو ڪندڙ کي نشانبر ڪري وٺنداسين… جيڪڏھن سينڊي تي حملو ڪندڙ ظاھر ٿي ويو ته سزا فقط ان کي ئي ملندي… ٻيا سڀ مالڪ جي سزا کان بچي وينداسين…”
مون سڀ کان پھرين ھٿ مٿي کڻي، پنھنجي متفق ھجڻ جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته “ھن فارم تي اسان غلام ئي شڪ جي دائري ۾ اچون ٿا، پر منھنجو اھو به خيال آھي ته اسين سڀ بيگناھ آھيون. ڇاڪاڻ ته اسان منجھ ڪوبه سينڊي جو ويري ڪونھي.”
“اسان مان جيڪڏھن سڀ جو سڀ بي گناھ آھن ته پوءِ سينڊي کي ڪنھن گهائل ڪيو؟” ڪلارا منھنجي ڳالھ تي اعتراض ڪيو.
ڪجھ لمحن جي خاموشيءَ کانپوءِ اوليور چيو، “مالڪ جي گهراڻي لاءِ مقرر ڪيل گارڊز به ته فارم ۾ گهمندا ڦرندا آھن، انھن مان به ته ڪو ٿي سگهي ٿو.”
ٿيوڊور، اوليور کي غور سان ڏٺو ۽ چوڻ لڳو، “اھا ڳالھ تنھنجي مغز ۾ ته ڪونه ڦُٽي ھوندي، ڀانئيان ٿو ته تون ڪنھن ٻئي جي سوچ بيان ڪري رھيو آھين.”
اوليور لڄي ٿيندي، پھرين مون ڏانھن ڏٺو ۽ پوءِ اعترافي انداز ۾ چيو، اسين سيئانٽيگو شھر جي اسپتال ۾ ھئاسين، اتي اھا ڳالھ فيلوس ڪئي ھئي.
ڪلارا، اوليور کي ڪاوڙ ۾ ڏٺو ۽ چيو، “فيلوس توکان وڌيڪ بيوقوف آھي، جو عقل جي ڳالھ تو جھڙي بيوقوف سان ڪئي اٿائين…” مون ڏي منھن ڪندي چيائين، “فيلوس! جيڪڏھن تنھنجي انھن خيالن جي خبر مالڪ جي بدران، مالڪ جي گارڊز کي پئجي وڃي ته ھو مالڪ کان پڇڻ کانسواءِ ئي توکي گولي ھڻي پورو ڪندا ۽ مالڪ کي فقط ايترو چوندا ته ھنن توکي فرار ٿيندي ڏٺو ۽ توکي شُوٽ ڪري ڇڏيو… پنھنجي خيالن کي ڀلي آوارہ بڻائي، پر پنھنجي زبان کي ايترو ڇڙواڳ نه ڪر.”
اوليور ڪاوڙجي پيو ۽ ھڪدم جذباتي ٿيندي چيائين، “مان ۽ فيلوس ته ٿياسين بيوقوف… مڃيوسين… پر ھاڻ اھو ٻڌايو ته جنھن وقت واٽر ڪورس جي ڀر ۾ سينڊي زخمي ٿي ھئي، ان وقت مان يعني اوليور ۽ فيلوس ته گڏ ئي ھئاسين، پر اسان سان ميڪس، ايٿن، ھيرس ۽ سيموئل به گڏ ھئا ۽ اسين سڀ واٽر ڪورس کان تمام گهڻي فاصلي تي ديال جي وڻن وٽ مالڪ جي ٻارن لاءِ ٽري ھائوس ٺاھڻ واري ڪمن ۾ مصروف ھئاسين. جنھن جو صاف مطلب آھي ته اسين ڇھ ڄڻا ته ان واقعي جا ذميوار ناھيون…” ھن ٿيوڊور ڏي ڏسندي چيو، “باقي بچو ٿا توھان ٽيئي، يعني ٿيوڊور، ايمبروز ۽ ڪلارا… اوھان ٽنھي مان ئي ڪنھن سينڊي کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي آھي…”
اوليور جي ان ڳالھ ٿيوڊور، ڪلارا ۽ ايمبروز کي وائڙو ڪري ڇڏيو… ان کان پوءِ سڀني تي خاموشي ڇانئجي وئي ھئي، اھا خاموشي ايتري ڊگهي ٿي وئي جو ان کانپوءِ ڪنھن ڪجھ به ڪونه ڳالھايو ھو.
سول سرجن جناب ولسن جو موڪليل خط پڙھي، مالڪ مون ڏانھن ۽ اوليور ڏانھن ڏٺو ۽ چيو، “سڀاڻي صبح جو اوھان ٻئي وري سيئانٽيگو شھر وڃجو. ٻه خط ڏيندو سانوَ، جنھن مان ھڪڙو خط، سول سرجن جناب ولسن کي ڏجو ۽ ٻيو خط مرڪزي چرچ جي وڏي پادريءَ لاءِ ھوندو. پادريءَ لاءِ لکيل خط ۾ اھا درخواست ڪيل آھي ته سينڊي جي آخري رسمن کي چرچ طرفان ادا ڪيو وڃي، آخرڪار، اسين چرچ کي ھر فصل تي اناج ۽ موسم آھر ميوا موڪلڻ سان گڏ، چندي ۾ نقد رقم به ڏيندا آھيون ته چرچ جي ڪجھ سروسز تي، اسان جو به حق آھي… پر جيڪڏھن سول سرجن چئي ته سينڊي ھاڻي خطري کان ٻاھر آھي ته پوءِ پادريءَ کي خط پھچائڻ جي ضرورت ڪونھي… ھاڻي اوھان ٻئي وڃو ۽ ٿيوڊور، ڪلارا ۽ ايمبروز کي مون ڏانھن اچڻ جي ھدايت پھچائجو…” مون ۽ اوليور ھڪ ٻئي ڏي ڏٺو ۽ ٻنھي ھڪ ئي وقت تعبيدار لھجي ۾ “جي مالڪ” چيو ۽ پٺئين پير، اتان نڪري آياسين.
ٿيوڊور، ڪلارا ۽ ايمبروز، مالڪ وٽان، حاضري ڪرائي موٽي آيا ته ھنن جا چھرا گهٻرايل ۽ قدم لڙکڙايل محسوس ٿيا. اسان ھنن کان پڇي ڪجھ ھڪڙو رھيا ھئاسين، ھو جواب ڪجھ ٻيو ڏيئي رھيا ھئا. ھن جا حواس جائيتا ڪونه ھئا. اڌ اکرين ۾ ڪيل ھنن جي ڳالھين مان بس ايترو ئي اندازو ٿيو ته مالڪ ھنن کي سينڊي کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش جو ڏوھي قرار ڏيندي، کين پرينھن صبح جو سزا ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو آھي.
رات جو، سڀ پنھنجي پنھنجي پٿارين تي ليٽيا پيا ھئاسين. سڀني جي ننڊ ڦٽل ھئي. ڪنھن به ماني ڪونه کاڌي ھئي، البته پنھنجي پنھنجي جاءِ تي ڪنھن ويٺي تماڪ پيتو ته ڪنھن پنھنجي ڪوٽا مان بچائي رکيل شراب جا ڍڪ پئي ڀريا. معمول جي حساب سان، رات جي ان وڳڙي ۾ ميڪس، جارن ۾ لڳل مُک مشعل کي ڇڏي، باقي سڀ ڏياٽيون وسائي چڪو ھوندو آھي ۽ ان کانپوءِ ڪلارا، اسان مان ڪنھن نه ڪنھن سان، ھيٺان کان ھيٺ مٿي ٿيندي آھي يا وري جوش ۾ ھجڻ سبب مٿان چڙھي پئي ڌمال ھڻندي آھي. ماھواريءَ وارن ڏينھن کي ڇڏي، ڪلارا جو اھو معمول ھوندو آھي. ڪلارا ۽ جنھن سان سندس وارو ھوندو آھي، اھي ڪيتري دير جاڳيا ۽ ھنن ڪيتري رھاڻ ڪئي، اسان مان ڪير به ڪونه جاچيندو آھي. سڄو ڏينھن گڏھ وانگر ڪم ڪرڻ کانپوءِ ھرڪو ايترو ٿڪل ھوندو آھي، جو ھنن جا لست ۾ ٻڏل ڪيڪڙاٽ، سھڪا ۽ دٻڪا ٻڌڻ جي قابل ئي نه رھندو آھي… بلڪه اھي آواز ته ننڊ پئجي ويندڙن جي کونگهرن جي آوازن ۾ ئي دٻجي چڪا ھوندا آھن.
دماغن کي ڦاڙي ڇڏيندڙ خاموشي ڇانيل ھئي. وقفي وقفي سان منھنجي نظر ٿيوڊور جي پٿاريءَ تي ساڻس ڪلھو ڪلھي سان گڏائي ويٺل ڪلارا تي وئي ٿي ته مون ڏٺو پئي ته ھوءَ، ٿيوڊور سان سُڙٻاٽن ۾ ڄڻ ڪو بحث ڪري رھي ھئي. ٿيوڊور، بار بار انڪار ۾ ڪنڌ لوڏي رھيو ھو. ڪلارا، ھن کان ڪا ڳالھ مڃرائي رھي ھئي ۽ ٿيوڊور سختيءَ سان انڪار ڪري رھيو ھو. ھنن جي اشارن ۽ چھري جي تاثرن منجھان مون کي ۽ ٻين کي ته ھونئن ئي تجسس ٿي رھيو ھو، پر ايمبروز جي چھري تي به ھن جي اندر جي ھورا کورا ۽ مونجهارا ڇانيل ھئا، جيتوڻيڪ ھو ڪلارا ۽ ٿيوڊور سان گڏ، مالڪ جي حاضري به ڀري آيو ۽ اسان باقي ڄڻن کان وڌيڪ باخبر تصور ڪيو پئي ويو.
ڳچ دير تائين ڪلارا ۽ ٿيوڊور، سرگوشين ۾ بحث ڪندا رھيا ھئا. اوچتو ٿيوڊور جي ھٿ ۾ جهليل پنھنجي ھٿ کي جهٽڪي سان ڇڏائيندي ڪلارا زور سان ٿيوڊور کي چيو، “نه، بس، مون فيصلو ڪري ڇڏيو آھي. مان مالڪ جي اڳيان پنھنجو ڏوھ قبول ڪري ڇڏينديس ته مون ئي سينڊي کي ماريو آھي…”
“پنھنجو وات بند رک.” ٿيوڊور ھن کان وڌيڪ تيز لھجي ۾ ۽ وڏي آواز سان ڳالھايو. اسان سڀني کي مخاطب ٿيندي چيائين، “مون توھان سان ڪڏھن ڪا ٺڳي ناھي ڪئي، دوکو ناھي ڪيو، وڏي ھجڻ جي ناتي، اوھان کان پنھنجي حصي جو ڪم ناھي ورتو، مون مالڪ کي سفارشون ڪري، اوھان جي سزائن کي گهٽرايو ھوندو، ٽاريو ھوندو، سو ڇا توھان مون تي اعتبار ڪندا، يا ڪلارا تي؟”
“ٿيوڊور، مان پنھنجي جرم جي ڪيل سزا، توکي ڀوڳڻ ڪانه ڏينديس.” ڪلارا به ٺھ پھ ورندي ڏني.
امالڪ ٿيوڊور، ڪلارا کي زوردار چماٽ وھائي ڪڍي. ٻئي لمحي ڪلارا ٿيوڊور کي چنبن ۽ مڪن سان اچي ورتو. ٿيوڊور به جوابي ڪارروائي ڪندي، ڪلارا کي وڌيڪ چماٽون ھڻڻ لڳو. ڪلارا سگهي ۽ جوان عورت ھئي، مڙڻ واري ڪونه ھئي، ھن به ٿيوڊور کي جوابي ڌڪ ھڻڻ شروع ڪيا… ٿيوڊور ۽ ڪلارا جي وچ ۾ باقائدي وٺ وٺان ٿي وئي، ھڪٻئي کي وڏي واڪي گاريون ڏيندي، زور سان ڌڪ ۽ چنبا ھڻڻ لڳا، اسان سڀ وائڙن وانگر ھنن کي ڏسڻ لڳاسين، پر ھيرس اسان ۾ ڪجھ وڌيڪ سُڌير ھو، ڊوڙي وڃي، ھنن جي وڃ ۾ پيو ۽ ٻنھي کي وڙھڻ کان روڪڻ لڳو. ھو ٻئي جيڪي ھڪٻئي جا وار پٽي رھيا ھئا، سو، پاڻ ۾ وڙھڻ ڇڏي، ھيرس کي گڏجي ڪُٽڻ لڳا، پر ان وچ ۾، اسان سڀ اٿي پياسين. سيموئل، اوليور، ميڪس، ايٿن ۽ مون گڏجي، ٿيوڊور کي قابو ڪيو، ايمبروز ۽ ھيرس، ڪلارا کي ڇڪي پري ڪري، ٻئي طرف پڪڙي ويھاريو. ھو ٻئي سھڪي رھيا ھئا. ٿيوڊور چوڻ لڳو، توھان سڀ گڏجي ڀلي منھنجو سند سند ۽ ھڏ گڏ ڀڃي ڇڏيو، پر ھن ڇتي ڪُتيءَ کي خاموش ڪرايو… مان توھان سان ڪجھ ڳالھائڻ ٿو چاھيان.”
“خارش ورتل ڪتو تون آھين، تون ئي اھو آھين نه، جيڪو مون کي سوئر وانگر پويان به چھٽندو آھي…” ڪلاررا ڪاوڙ ۾ رڙيون ڪندي چوڻ لڳي، تون مون کي سچ ڳالھائڻ ڇو نٿو ڏين…”
“تون نسورو ڪوڙ پئي ڳالھائين… تون وڦلين ٿي.”
“مان، پنھنجي گناھ جو اعتراف ڪرڻ ٿي چاھيان.”
“ھن جي وات ۾ ڪپڙو وجهي، پٽي ٻڌوس، نه ته ھيءَ مون کي ڳالھائڻ ڪونه ڏيندي.”
“ڪا ضرورت ڪانھي، تون ڀلي ڀونڪ، مان ھاڻي ڪانه ڳالھائينديس.”
ٿيوڊور سھڪندي، اسان سڀني ڏي ڏٺو، چوڻ لڳو، “مان ٿو ٻڌايان… مون چاھيو پئي ته سينڊي جي نئين ٺڪر جھڙي جوانيءَ کي مان ئي اُمائيان… ڪوري ٿانو ۽ اڻ ڇھيل عورت جي بدن جي خوشبوءِ کان وڌيڪ دنيا ۾ ڪو واس ئي ناھي… مون سينڊي کي پائڻ ٿي چاھيو… پر ڪلارا منع ڪيو… ۽ ٻين جي واري ۾ گهوٻي ھڻي، مون کي پرڀائيندي ۽ ريجهائيندي رھي ته جيئن مان سينڊي جي تقاضا ڇڏي ڏيان… مان جيترو سينڊي لاءِ اسرار پيو ڪيان، ھيءَ اوترو مون کي ٽارييندي رھي ھئي… مان ھن کان بار بار ان جو سبب پڇندو رھيس ته جواب ۾ ھيءَ مون کي چوندي رھي ته نئين ساماڻيل ڇوڪري آھي، ڊنل ۽ ھيسيل آھي، ڪڙم قبيلي کان ڌار ڪيل آھي… ھن کي پھرين ھتان جي ماحول سان جوڙجي، ھن جي دل کي، دھڪي کان پڪو ڪجي، ريتن رسمن سان آشنا ڪجي ۽ ان کانپوءِ ئي ھن جي سٿر تان ستر لاھجي… پر ان دوران ٿيو ڇا…؟ مون کان پڇو… پڇو نه مون کان ته ڇا ٿيو…”
“ڇا ٿيو؟” ميڪس ٿڌو ساھ کڻي پڇيو.
“سينڊي، فيلوس سان ستي ھئي… اھا ناانصافي مون پنھنجي اکين سان ڏٺي.”
سيموئل، اوليور، ميڪس، ايٿن، ايمبروز ۽ ھيرس مون ڏانھن ڏسڻ لڳا. مون وضاحت ڏيڻ لاءِ ڪجھ چوڻ چاھيو ته ٿيوڊور ھٿ ڊگهيريندي مون کي اشارو ڪري چيو، “فيلوس! مھرباني ڪري تون ڪابه وضاحت نه ڏجانءِ… پھرين مون کي منھنجي ڳالھ مڪمل ڪرڻ ڏي.”
پل کن ترسي ٿيوڊور وري ڳالھائڻ شروع ڪيو، مون کي ان ڳالھ تي ساڙ ٿيو ھو. مون ڪالھ سينڊي کي واٽر ڪورس جي پاسي واري ايراضيءَ ۾ گند گاھ صاف ڪندي ڏٺو ته مان ھن ڏي ويس. ھن کان پڇيم ته ھن، اسان جي چاوڙيءَ جا اصول ڇو ٽوڙيا، مان غلامن ۾ سڀني کان وڏو آھيان، ھن کي پھرين مون سان سمھڻ کپندو ھو، ھن پاڻ مرادو فيلوس جي بستري جو انتخاب ڪري، اھو ثابت ڪيو ته ھن لاءِ ڪنھن مرد جي صحبت، ڪا نئين ڳالھ ڪونھي. ھن جو حجاب اڳ ۾ ئي ڀڳل ھو ته ھن کي قائدي موجب پھرين مون کي ئي وارو وٺرائڻو ھو… منھنجي اھا ڳالھ ٻڌي، سينڊي مون سان رُخ ڏئي ڪونه ڳالھايو، ھن منھنجي ڳالھ ٻُڌي، اڻ ٻُڌِي ڪري ڇڏي. مون کي ويتر وڌيڪ ڪاوڙ اچي وئي، منھنجي بيلٽ ۾ اوزارن واري بجڪي لڙڪي رھي ھئي، مون ان منجهان ھٿوڙي ڪڍي، ھن جي مٿي تي زور سان وھائي ڪڍي…”
“پير کوڙي ڪوڙ ويٺو ھڻي… سينڊي کي ھن ڪونه ماريو آھي.” ڪلارا رڙيون ڪري چوڻ لڳي، “سينڊي کي مون ماريو آھي… مان مالڪ جي زال جي لاءِ پاڙ واريون ڀاڄيون کڻڻ لاءِ ويس پئي، ان وقت سينڊي واٽر ڪورس مان پاڻي پيئڻ لاءِ جهُڪي ھئي ته مون ھن کي پنھنجي رُنبيءَ سان پويان کان مٿي ۾ ڌڪ ھنيو ھو.”
سيموئل، اوليور، ميڪس، ايٿن، ايمبروز ۽ ھيرس کي ته ڪلارا جي ڳالھ تي ڪنھن ڀتر جيترو به ويساھ ڪونه آيو، پر مون کي ته ڀتر جي ڀور جيترو به يقين ڪونه آيو. مون ڪلارا کي چيو، “تون ڇو سينڊي کي ماريندينءَ، تنھنجي ۽ سينڊي جي وچ ۾ ڪا اڻبڻت ھجي ھا ته اسان کي به خبر پئي ھا.”
واري واري سان، ھيرس، ايمبروز ايٿن، ميڪس، اوليور ۽ سيموئيل به منھنجي ڳالھ جي تائيد ڪندي چوڻ لڳا، “فيلوس صحيح ٿو چئي.”
“حرامي سڀ مرد آھيو نه، ان ڪري، وري به مرد جي پاس خاطري ٿا ڪيو…”
تمام گهڻيءَ دير تائين ھوءَ اسان مردن کي گاريون ڏيندي رھي. ڪنھن ڪنھن کي ننڊ آئي ھئي، سا خبر ڪانه ھئم، پر منھنجي اندر ۾ ھڪڙو سوال جاڳي رھيو ھو. مان ان سوال کي ننڊ ڪرائي ڪونه سگهيس. اھو سوال پڇي رھيو ھو ته: “ڪلارا، سينڊي کي مارڻ جو الزام پاڻ تي ڇو ٿي کڻڻ چاھي، ڪلارا لاءِ مرد سڀ حرامي آھن، ٿيوڊور به ھڪ مرد آھي. معنيٰ ته ٿيوڊور به حرامي آھي. پوءِ ڇو ڪلارا ھڪ حراميءَ کي سزا بچائڻ لاءِ پاڻ کي قربان ڪرڻ ٿي چاھي؟”
سول سرجن جناب ولسن، مالڪ جو خط پڙھڻ کانپوءِ مون ڏانھن ۽ اوليور ڏانھن ڏٺو ۽ پڇيو، “توھان جي مالڪ، توھان کي مرڪزي چرچ جي وڏي پادريءَ لاءِ خط ڏنو ھوندو؟”
“جي جناب.” اسان ٻنھي ھن کي ھڪ آواز بڻجي جواب ڏنو.
“اھو خط، پھچائي، توھان واپس پنھنجي مالڪ ڏي ھليا وڃو.”
سول سرجن جي جملي کي سمجهڻ ۾ ٿوري دير لڳي، پر اسان کي جيئن ئي ھن جي ڳالھ سمجھ ۾ آئي ته اسان جي سوچڻ سمجهڻ جي صلاحيت ئي غائب ٿي وئي. اسين ٻئي ڪيئن سيئانٽيگو شھر جي اسپتال کان، مرڪزي چرچ پھتاسين، اتان پوءِ واپس فارم تي آياسين، ڏينھن گذري ويو، رات ٿي چڪي ھئي، اسان کي رستي ۾ ڪنھن اڏ تان پاڻيءَ جي لپ به چپن تائين آڻڻ جو خيال ڪونه آيو. اوليور جي خبر ناھي، پر سمورو وقت، منھنجي نگاھن ۾ ٻه خوبصورت وڏيون روشن اکيون ھيون ۽ منھنجي ڪنن ۾ سينڊي جي گرم ساھن جا آواز اچي رھيا ھئا. انھن کانسواءِ، نه ڪو ٻيو منظر ڏسڻ ۾ آيو ۽ نه ئي ڪو ٻيو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.
فارم تي پھتاسين ته اڌ رات ٿي چڪي ھئي. گهوڙي کي بگيءَ مان ڇوڙي، داڻو پاڻي ڏئي، مان ۽ اوليور سوڳوار قدم کڻندا، چاوڙيءَ ۾ آياسين جتي موت جھڙي خاموشي ڇانيل ھئي. ڀاندي ۾ ٻرندڙ مُک مشعل جي روشنيءَ ۾ اسان جي پٿارين کانسواءِ، ڪلارا سينڊي ايمبروز ۽ ٿيوڊور جون پاٿاريون به ويڙھيل نظر آيون، اسين پنھنجا بسترا کولي ليٽي پياسين.
آسمان صاف ھو، روشن ۽ چمڪندڙ سج، پنھنجي آب ۽ تاب سان زمين تي پنھنجي اُس پکيڙي رھيو ھو. مالڪ ۽ سندس ڪٽنب جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيل سڀ گارڊز ۽ اسين سڀ غلام، ٽيوب ويل جي ڀرسان کجيءَ جي وڻن جي جهُڳٽي وٽ موجود ھئاسين. جتي ٽيوب ويل جي ھوديءَ جي ڀر ۾ موجود، لڻيل اناج رکڻ لاءِ، ٺاھيل شيڊ جي ٽن الڳ الڳ ٿنڀن سان ايمبروز، ڪلارا ۽ ٿيوڊور رسين سان ٻڌل ھئا. مالڪ نھايت بيحس انداز ۾ انھن کي چئي رھيو ھو، “مون کي ان سان ڪو سروڪار ناھي ته توھان ٽنھي مان سينڊي جو قاتل ڪير آھي، پر منھنجي نظر ۾ توھان ٽئي مشڪوڪ آھيو… سو توھان ٽئي پنھنجي انجام لاءِ تيار ٿي وڃو.”
ايمبروز جو منھن صفا ھيڊو ٿي ويو ھو. ڪلارا به ساھ کڻڻ وساري ويٺي ھئي. فقط ٿيوڊور ۾ ڪجھ ھمت نظر آئي پئي، جنھن پنھنجي خشڪ ٿي ويل چپن تي زبان ڦيرائي ڳالھايو، “مالڪ! اسان جي زندگي، توھان جي ئي ملڪيت آھي…. مالڪ… گناھ ڪنھن ھڪڙي ڪيو آھي، سزا ان کي ئي ملڻ گهرجي، ٻين ٽن بيگناھن جي سزا معاف ڪيو، مالڪ.”
ٻيا ٽي وري ڪيئن؟ توھان ته ڪل ٽي ڄڻا آھيو؟” مالڪ طنزيه انداز ۾ پڇيو.
“مالڪ! اسان ٽنھي ۾ ھڪڙو قصور وار آھي، جيڪو مان ئي آھيان… ٻه بي گناھ ڪلارا ۽ ايمبروز آھن، انھن کان علاوہ ٽيون بيگناھ به آھي، ان جي سزا معاف ڪيو.”
“ٽيون بي گناھ ڪھڙو آھي؟”
“مالڪ! ٽيون بي گناھ توھان پاڻ آھيو، مالڪ.”
“ڇا پيو چئين، ٿيوڊور؟ بتال ٿي ويو آھين، پڪ ئي پڪ.”
“مالڪ، مون ھڪڙي قصوروار کي توھان ماري پوري ڇڏيندو ته توھان جو مقصد پورو ٿي ويندو، پر مالڪ، توھان ڪلارا ۽ ايمبروز کي ماري، پنھنجا ٻه پراڻا ۽ تجربيڪار غلام ڇو ٿا کُٽايو؟ اھو توھان جو ري گناھ نقصان به منھنجي ڪري ئي ٿئي پيو… اھا سزا پاڻ کي نه ڏيو مالڪ.”
مالڪ جي چھري تي سوچ جي ھڪ ليڪ پيدا ٿي ۽ غائب ٿي وئي. اسان سڀني تي ھڪ نظر وجهي، پنھنجي گارڊز کي چيائين، “ايمبروز ۽ ڪلارا کي ڇوڙي ڇڏيو، ٿيوڊور جون ٻئي ٽنگون ۽ ٻئي ٻانھون ڀڃي، ھتي ئي ڦٽِي ڪري ڇڏجوس، اوليور ۽ فيلوس ھن کي واري واري سان کاڌو ڏئي ويندا، بقايا زندگي، پيٽ ڀر ريڙھيون پائي گذاريندو… اڄ کان منھنجي گهوڙن جي سارسنڀال جو ڪم سيموئل ڪندو…”
سيموئل، گهوڙن جي سارسنڀال تي لڳي ويو. ٽري ھائوس جي تعمير جو ڪم ھاڻي فقط مان، اوليور، ميڪس، ايٿن ۽ ھيرس ڪرڻ لڳاسين. ڪلارا، رڌ پچاءَ سان گڏ ڀاڄين جي ايراضيءَ ۾ ڪم ڪندي ھئي ۽ اپاھج ٿيوڊور ٽيوب ويل جي ھوديءَ جي ڀر ۾ موجود، لڻيل اناج رکڻ لاءِ، ٺاھيل شيڊ ۾ ھڪ ھنڌ پيو ھوندو ھو. ھو نه ئي پاڻ کائي پي سگهندو ھو ۽ نه ئي وري حاجت کان فارغ ٿيڻ کانپوءِ پنھنجي صفائي ڪري سگهندو ھو. روزانو ٻن ويلن جي ماني پھچائڻ جو ڪم، واري واري سان ھڪڙي ڏينھن مان ڪندو ھئس ته ٻئي ڏينھن اوليور ڪندو ھو. ھن کي پنھنجي ھٿن سان ماني کارائي ۽ آخر ۾ پاڻيءَ جا ٻه وڏا ڪُپا پيئاري پوءِ موٽندا ھئاسين. ٻئي ڪنھن کي، ھن سان ملڻ جي اجازت به ڪونه ھئي. ٽري ھائوس به ذري گهٽ مڪمل ٿي چڪو ھو. بھار جي مند به شروع ٿي وئي ھئي. مون ۽ اوليور ڪوشش ڪئي ھئي ته ھو اڳي وانگر اسان سان ڳالھيون ڪري، پر ھن جي زبان تي تالا لڳي ويا ھئا. رڳو “ھا” يا “نه” ۾ جواب ڏيندو ھو. جنھن ڏينھن منھنجو وارو ھوندو ھو ته مان ھن کي ڌوئاري، وھنجاري، صاف ڪندو ھئس ۽ ھفتي ۾ ھڪ ڀيرو، ھن جا ڪپڙا به ڌوئي، ھن کي پارائيندو ھئس. اڪثر وقت مان ئي ھن سان ڳالھائيندو ھئس، ھن کي پُور پوندو ھو ته انڪار يا اقرار ۾ فقط ڪنڌ لوڏي ڇڏيندو ھو. ھن کي ماني کارائڻ دوران، مان چاوڙيءَ جا حال احوال به ٻُڌائيندو ھئس، جنھن ۾ ٻين ساٿين جي ڪمن ڪارن ۽ روز مره جي زندگيءَ جا واقعا شامل ھوندا ھئا. مثال طور: ھيرس کي وڇونءَ جو ڏنگ لڳڻ، ڪلارا کي ڏاٺ ۾ سور پوڻ، ميڪس کي گهوڙي جي لت لڳڻ، ٽري ھائوس جو لڳ ڀڳ مڪمل ٿي وڃڻ، اِيسٽر تي مالڪ طرفان نوان ڪپڙا ملڻ، چاوڙيءَ کي ٿيل چُن جي پوچيءَ جو ذڪر ۽ ڀانڊي جي ڇت جو مينھن ۾ ٽمڻ وغيرہ… انھن سڀني ڳالھين کي ھو خاموشيءَ سان ٻڌندو ھو. ڪو به تاثر ڪونه ڏيندو ھو.
اونھاري جي شروع وارن ڏينھن ۾، ھڪڙي ڀيري مون کي اندازو ٿي ويو ته ھن کي فقط طنبيلي جي سرگرمين ۽ ڳالھين ٻڌڻ ۾ دلچسپي آھي. مون ھن کي ٻڌايو ته “مالڪ جي سامونڊي گهوڙي جي پير ۾ ڪو اھڙو ڌڪ لڳو آھي جو اھو ھاڻ منڊڪائي ٿو ھلي، ان ڪري سيموئل ڏاڍو پريشان آھي، ڇو ته مالڪ، سيموئل کي ڌمڪي ڏني آھي ته جيڪڏھن گهوڙي منڊڪائڻ نه ڇڏيو ته ھو کيس ٽنگ ۾ گولي ھڻي منڊو ڪري، ويھاري ڇڏيندو.”
“ڪھڙي ٽنگ کان ٿو منڊڪائي؟”
مون اچرج وچان ٿيوڊور ڏانھن ڏٺو، ساڍن چئن مھينن کانپوءِ مون ٿيوڊور جي زبان مان نڪتل ھڪ مڪمل جملو ٻڌو ھو. ھڪدم وراڻيم، “ساڄي پاسي جي پوئين ٽنگ کان منڊڪائي ٿو.”
“سيموئل کي چئو ته نال بدلائي ڇڏيس، سامونڊي گهوڙي جي، ان پير جي نال ۾ اندرئين طرف کان ھڪڙو بلڪل سنھڙو چِير ھو، اونھاري ۾ لوھي شيون پکڙجنديون به آھن، ممڪن آھي ته اھو وار جھڙو چِير، وڌي، وڏو ڪريڪ ٿي ويو ھجي.”
مون خاموشيءَ سان، سيموئل کي وڃي اھو نياپو ڏنو ھو. جڏھن گهوڙي جو منڊڪائڻ بند ٿي ويو ته مون ٿيوڊور کي، سيموئل جو شڪريه ادائيءَ جو نياپو به پھچايو ھو، جنھن تي ٿيوڊور چيو ھو، “مون کي به سامونڊي گهوڙي جي پير کڻڻ ۾ فرق محسوس ٿيو ھو، ان وقت مون سوچيو ھو ته نوان سنج پيا اٿس، ان ڪري اھو فرق محسوس ٿو ٿئي.. پر اھو مسئلو ڪونه ھو… توکي ياد ھوندو ته مون گهوڙي تي چڙھي ديال جي وڻن جي جهڳٽي واري ميدان ۾ ڪيترائي چڪر ڏنا ھئا… ان ڏينھن، تون ٽري ھائوس جي لاءِ ڪپيل ڦٽن تي رندو ھڻي رھيو ھئين، مان جڏھن تنھنجي ويجهو کان گذريو ھئس ته تو مون کي سڏي، پنھنجيءَ گهگهيءَ مان پاڻي به پياريو ھو ۽ ٻيلي مان آندل انجير ۽ سڪل ڄامون ٻير به کارايا ھئا ۽ اھوئي بدقسمت ڏينھن ھو، جنھن تي سينڊي زخمي ٿي ھئي…”
“مون کي ياد آھي، ٿيوڊور.” مون کي خوشي ٿي ته ھن جي ياداشت ڪم ڪري رھي ھئي، ان جو مطلب ھو ته ھو فقط جسماني طور اپاھج ٿيو ھو، ذھني طرح مفلوج ڪو نه ٿيو ھو.
مان ھن کان موڪلائي واپس پنھنجي ڪم تي اچي رھيو ھئس. اڌ کان وڌيڪ پنڌ لتاڙي آيو ھئس ته منھنجا پير ھڪدم زمين جڪڙي ورتا… نه ئي منھنجي پير ۾ ڪو ڪنڊو لڳو ھو ۽ نه ئي وري ڪا بلا ٽنگن ۾ وچڙي ھئي… پر اوچتو باھ ۾ ڪاٺ ويڙھيءَ جي سڙڻ دوران پيدا ٿيل وقتي شعلي وانگر ٿيوڊور جا لفظ منھنجي دماغ ۾ ڀڙڪڻ لڳا ھئا: “مان جڏھن تنھنجي ويجهو کان گذريو ھئس ته تو مون کي سڏي، پنھنجي گهگهيءَ مان پاڻي به پياريو ھو ۽ ٻيلي مان آندل انجير ۽ سڪل ڄامون ٻير به کارايا ھئا ۽ اھوئي بدقسمت ڏينھن ھو، جنھن تي سينڊي زخمي ٿي ھئي…”
منھنجي دماغ تي ڇانيل ڪوھيڙو صاف ٿي رھيو ھو، مون ياد اچي رھيو ھو ته جنھن ڏينھن سينڊي زخمي ٿي ھئي، ان ڏينھن ته ٿيوڊور، مالڪ جي سامونڊي گهوڙي کي نوان سنج پارايا ھئا، ھن گهوڙي کي ھوريان ھوريان پئي گهمايو. ھو سڄو وقت ديال جي ھُڙيءَ پاسي ميدان ۾ سواري ڪندي نظر آيو ھو… ان کانپوءِ پري کان مون ھن کي طنبيلي ۾ به ويندي ڏٺو ھو. طنبيلي مان ھو ڪلاڪ ڏيڍ کانپوءِ پيرين پنڌ ھڪ طرف ھليو ويو ھو. ھن کي بنا ٻانھن واري شرٽ پاتل ھئي… ۽ ھن جي بيلٽ ۾ اوزارن واري بجڪي به لڙڪيل ڪونه ھئي… ۽ ڪجھ ئي منٽن کانپوءِ ايمبروز ڊوڙندو ۽ سھڪندو آيو ھو ۽ سينڊي جي زخمي ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ھئائين… ايتري مختصر وقت ۾، ڪو ھٿين خالي ماڻھو، ايڏو پنڌ ڪري، واٽر ڪورس واري ايراضيءَ ۾ وڃي، سينڊي کي مٿي ۾ ڌڪ ھڻي، مرڻينگ ڪري، پوءِ ھڪدم وڃي مالڪ کي اطلاع ڪيئن ٿو ڪري سگهي؟
مان، پيٽ ۾ گڙگڙ ٿيڻ جو بھانو ڪري، اوليور، ميڪس، ايٿن ۽ ھيرس کان اجازت وٺي چاوڙيءَ ۾ آيس. ڀانڊي ۾ ڪير به ڪونه ھو. مون ھيڏانھن ھوڏانھن جو جائزو وٺي، ڪلارا جي غير موجودگيءَ جي پڪ ڪئي. ھڪدم سينڊي واري پٿاري کولي، سوڙ ۾ ويڙھيل وھاڻو ڪڍي، ان کي چڱيءَ ريت چڪاسڻ لڳس. ڪپھ وجهڻ واري پاسي کان، وھاڻي جو ڪجھ حصو اُڊڙيل ڏسي، مون اتان ئي ان کي ٿورو وڌيڪ اُڊيڙيو. ھٿ اندر وجهي گهمايم، ڪجھ ئي لمحن ۾ ڪپھ سان گڏ، چمڙي جو ھڪڙو کُھرو ٽڪرو، ھٿ سان ٽڪرايو. ھڪدم قابو ڪندي، احتياط سان ٻاھر ڪڍي، ان چمڙي جي ٽڪنڊي ٽڪري کي ڏسڻ شروع ڪيم. ان تي ڪجھ به اڪريل ڪونه ھو. پوءِ تيزيءَ سان ان چمڙي جو ٻيو پاسو ڏسڻ جو خيال آيو، بنا دير جاچيم، چمڙي جي ٽڪري جي ٻئي پاسي واقعي ڪنھن چھنبدار شيءِ سان کوٽي کوٽي ھڪڙو لفظ لکيو ويو ھو: “ڪلارا.”
رات جي ماني کارائي، مون ٿيوڊور کي پائيپ ۾ تماڪ ڇڪرايو. ھن شڪر گذاريءَ سان ڏسندي چيو، “فيلوس! اوليور به مون لاءِ ماني کڻي ايندو آھي، پر ھو ڄڻ آڳ ٽاري ھليو ويندو آھي… تون منھنجي ايئن چاڪري ڪندو آھين، ڄڻ تون منھنجو پٽ ھجين… مون کي معاف ڪري ڇڏ… مون توکي ڪنھن زماني ۾ رنجايو ھو…”
“مون سڀ ڪجھ وساري ڇڏيو آھي، ٿيوڊور. مون کي تنھنجي ھڪڙي چڱائي ياد آھي، جنھن جي ڪري مان تنھنجو قدر ڪندو آھيان.”
“ڪھڙي چڱائي ياد اٿئي؟”
ھيرس ۽ ايٿن مون سان زوريءَ بدفعلي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ تو مون کي بچايو ھو، مان ان وقت ننڍڙو ھئس ۽ انھن ٻنھي رسين سان منھنجون ٻانھون ٻڌيون ھيون… جيڪڏھن تون نه اچين ھا ته…”
“ان جي بدلي ۾ مون ورھين جا ورھيه تنھنجي واري کان توکي محروم به رکيو ھو. ڪلارا کي توسان سمھڻ ڪونه ڏيندو ھئس. ھڪڙي چڱائي ڪري، مون تو کان ھميشه ان جي قيمت ورتي ھئي، لٿ پٿ ته ڪڏھوڪو ٿي وئي ھئي، مون ته توکان مرڳو اُٽل ورتي آھي. ھاڻي مون محتاج جي تون روز اچي مقعد ڌوئين ٿو، وھنجارين ٿو، نڪ ۽ ڪنن مان مير ڪڍين ٿو، ننھن لاھين ٿو، منھنجي جسم جا جهنگ صاف ڪرين ٿو… منھنجي رت جو ڦڙو ڦڙو تنھنجو مقروض ٿي ويو آھي، مان تنھنجا احسان ڪونه لاھي سگهندس…”
“لاھڻ چاھين ته، ٿيوڊور، لاھي سگهين ٿو، پر تو ۾ اھڙو ضمير ڪٿي ؟”
“مان بي عيب ناھيان، پر مان بي ضمير به ته ناھيان، فيلوس!”
“جي تو ۾ ضمير آھي ته مون کي ٻڌائي ته سينڊي کي قتل ڪندڙ ڪلارا کي تو سزا کان ڇو بچايو؟”
ٿيوڊور زوردار ڇرڪ ڀري مون ڏي ڏٺو. ھن جي اکين ۾ خوف ڀرجي آيو. ڪافي دير تائين مون کي خوفزدہ انداز ۾ گهُوريندو رھيو ۽ پوءِ ڳيتون ڏيندي پڇيائين، “رڳو توکي آھي يا ٻين کي به اھا خبر آھي؟ ڪلارا زنده ته آھي نه؟ ان ئي توکي ٻڌايو ھوندو؟”
“سينڊي پنھنجي قاتل جو نالو مون کي ٻڌائي وئي ھئي.”
“آسماني پيءُ جي بادشاھت جا اصل وارث، غريب ئي آھن… جھڙو ئي لطيفو پيو ٻڌائين…”
“نه، مان مذاق نٿو ڪيان. مون کي ته تو کان اھو راز به معلوم ڪرڻو آھي ته ڪلارا کي سينڊي سان ڪھڙي دشمني ھئي.”
“فيلوس! مون کي پريشان نه ڪر، صاف صاف ٻڌائي ته توکي ان حقيقت بابت ڪنھن آگاھ ڪيو آھي؟”
“ٿيوڊور، مان تو سان سچ ڳالھائي رھيو آھيان ته سينڊي مون کي پنھنجي قاتل جو نالو ٻڌائي وئي ھئي.”
“ھُون … ٿيوڊور ھڪڙو ڊگهو ساھ کنيو ۽ پوءِ چيو، “تون ھمدرد دل جو مالڪ آھين، تو مان ڪنھن کي نقصان پھچڻ جو انديشو ڪونھي، تو منھنجا به ڪيئي راز دل ۾ سانڍي رکيا آھن، مون توتي تڏھن به ڀروسو ڪيو ھو، جڏھن تون ٻارڙو ھئين، مون توکي لکڻ پڙھڻ به سيکاريو ھو، تو ان وقت کان وٺي ھن گهڙيءَ تائين، اھو راز به پنھنجي سيني ۾ سلامت ئي رکيو آھي… سو مان توتي اڃان به ويساھ ڪري سگهان ٿو… ھونئن به تون منھنجي ايتري خدمت ڪرين ٿو جو، ان جو حساب ئي ڪونھي، ان حساب ۾ به تنھنجو حق ٿئي ٿو ته مان توکي حقيقت ضرور ٻڌايان…” ٿيوڊور خاموش ٿي ويو ۽ ماحول ۾ ڪجھ ٻڌڻ جي ڪوشش ڪيائين. ان کانپوءِ چوڌاري نھاري پڪ ڪيائين ته اسان ٻنھي جي علاوہ ڪو ٽيون ماڻھو ته اسان جون ڳالھيون ڪونه ٿو ٻُڌي. پوءِ وري ٿڌو ساھ ڀريائين ۽ چوڻ لڳو، “مان ڪلارا جو عادي ھوندو ھئس… ھن کي منھنجي حمايت جي ضرورت ھئي… ايٿن جي ٽرڙائپ، ميڪس جي بد زباني، ھيرس جي طرفان ھر وقت ھن جي جسم جي حصن سان حرڪت ڪرڻ، ھن کي ايذائيندو ھو، توکي ته خبر آھي ته اھو مان ئي ھئس جو تو جھڙي رنگروٽ کان وٺي، سيموئل جھڙن بي لغام گهوڙن کي ضابطي ۾ رکندو ھئس… سو مان ھن لاءِ ايئن ئي ڇپر ڇانوَ ھوندو ھئس، جيئن تنھنجي لاءِ، جڏھن تون ڪچڙي وھيءَ ۾ ھتي آيو ھئين… جڏھن چاوڙيءَ ۾ سينڊي جي پھرين رات ھئي ۽ ھوءَ توسان گڏ ستي ھئي، تون گهٻرايل گهٻرايل ھئين، توکي شايد سڄي رات ننڊ ڪونه آئي ھئي. سج اڀرڻ کان اڳ ئي بسترو ڇڏي، ڪم تي ھليو ويو ھئين… اھو سڀ ڪجھ ياد ھوندئي… پر ان ڳالھ جي توکي متان خبر نه ھجي ته ان رات ڪلارا، اوليور کي ٺاري، مون سان اچي ليٽي ھئي… ھن مون کي چيو ھو ته مان جلدي ڪم اڪلائي وٺان، ڇو ته کيس مون سان ڪجھ ڳالھائڻو آھي… توکي مون ٻڌايو ھو نه ته، مان ٻالڪپڻي ۾ ئي وڪرو ٿي ھڪڙي عالم وٽ پھتو ھئس… منھنجي ان مالڪ بابت مشھور ھو ته اھو فلڪيات جو وڏو ماھر ھو… خدا کي خبر ته ماھر ھو يا نه پر ھن جي ڪيل اڳڪٿين مطابق واقعي به سج گرھڻ ۽ چنڊ گرھڻ ٿيندا ھئا… منھنجي ان مالڪ، ھڪ ڀيري دنيا جي ختم ٿيڻ جون نشانيون ٻڌايون ھيون… ھڪڙي نشاني ياد ڪري، مان اڄ تائين کلندو آھيان… ھن چيو ھو ته آخري زماني ۾ مردن جو تعداد گهٽجي ويندو ۽ عورتن جو تعداد ايترو عام ھوندو جو، چاليھ عورتون، ھڪڙي مرد جي پويان پيل ھونديون. مرد، ھڪ ئي وقت ۾ ٻن ٻن ۽ ٽن ٽن عورتن سان ميلاپ ڪري رھيو ھوندو ته پنج اٺ عورتون پنھنجي واري جي انتظار ۾ ھونديون… مون پنھنجي ان مالڪ کان پڇيو ھو ته اھو دور ڪڏھن ايندو؟.. ته ھن چيو ته دنيا جڏھن گناھن سان ڀرجي ويندي ته اھو دور شروع ٿي ويندو، ان کانپوءِ مسيحا ايندو… ڀلا ٻُڌاءِ… اڃان ڪڏھن دنيا گناھن سان ڀرجندي؟.. ساڳي پيشاني، ساڳيو نڪ، ساڳيون اکيون، ساڳيو رت، پوءِ به ھڪڙا عيش ۽ آرام جي زندگي گذارين ۽ ساڳيو ھڏ، ساڳيو چم، ساڳي صورت، ساڳيو لحم، پر ٻيا ماڻھو زندگي ڀر غلام… ۽ جانورن کان بدتر زندگي گذارين… پوءِ به ته اڃان تائين، آخري زمانو ناھي آيو… ڪو به مسيحا ظاھر ناھي ٿيو…
“ٿيوڊور، تون ھِتان ھُتان جون آکاڻيون ڇڏ، اھو ٻڌائي ته ان رات، ڪلارا تو سان ڪھڙي ڳالھ ڪئي ھئي…؟”
“فيلوس، توکي لڳي ٿو ته دنيا ۾… خاص طور اسان جھڙن غلامن مان مرد کي ڪا ڌار عورت حاصل ٿيندي… جيڪا فقط ھن جي لاءِ ئي ھجي… غلام جي دل جنھن وقت چئي، ھو ان سان سمھي پئي… ھفتي کانپوءِ واري جو انتظار ڪرڻو نه پئيس… ان عورت کي رات جو ٿڪاوٽ به نه ھجي ۽ ان کي ننڊ ڪرڻ جي تڪڙ به نه ھجي..”
“ٿيوڊور، تون مون کي اھو ٻڌائي ته ڪلارا، سينڊي کي ڇو ماريو؟”
“پھرين تون مون کي ھڪڙي ڳالھ جو جواب ڏي، جڏھن تنھنجو مون يا ڪنھن ٻئي وارو کاڌو پئي ته ڇا توکي ڪاوڙ نه ايندي ھئي؟”
مون چيو، “ڪاوڙ به ايندي ھئي، ڏک به ٿيندو ھو، مان روئندو به ھئس ۽ سڄي رات پڄرندو رھندو ھئس ۽ پنھنجي پٿاري تي جاڳيل ھوندو ھئس، تون يا جيڪو به منھنجي واري تي ڪلارا سان چھٽيو پيو ھوندو ھو، ان کي دل ۾گاريون به ڏيندو ھئس ۽ ڪڏھن ڪڏھن اھو سڀ ڪجھ ڏسندي صفا بي حال ٿي ويندو ھئس… ڪو توھان جي اڃارن چپن تان پاڻيءَ جو پيالو ڦُري ته توھان جي ڪھڙي حالت ٿيندي… مان ڪا اوڍڻي ٽنگن تي وجهي، پنھنجي ھٿ سان پاڻ کي اُجهائي وٺندو ھئس… اڳتي ھلي، آھستي آھستي، مان پاڻ سان ٿيندڙ اھڙين بي واجبين ۽ زيادتين جو عادي ٿي ويو ھئس… ھاڻي ته اھي ڳالھيون ياد به ناھن اينديون…”
“فيلوس! آسماني پيءُ جي بادشاھت ۾ جيڪڏھن مون کي ڪي اختيار مليا ته مان اھو قانون قائم ڪندس ته ھر غلام کي ھڪڙي ڌار عورت حاصل ھوندي… ۽ جيڪڏھن عورتن جو تعداد گهٽ آھي ۽ مرد وارا بنديءَ تي مجبور آھن ته ان صورت ۾ دنيا جو ڪبيرو گناھ ڪنھن جو وارو کائڻ قرار ڏيندس… ڪيئن، آھي نه، شاندار خيال؟”
سينڊي بي گناھ ماري وئي، ڪلارا جي ڏوھ جو ڪيتو تو ڇو لوڙيو، ٿيوڊور؟ مون ھن کي اصل ڳالھ ھڪ ڀيرو وري ياد ڏياري ھئي.
“ڪا ڳالھ ڪانه ھئي، فيلوس. ڪلارا جي دماغ ۾ ڪو ڪيڙو اچي ويو ھو… ان رات جڏھن سينڊي پھريون ڀيرو توسان گڏ ستي ھئي ۽ ڪلارا، اوليور وٽان فارغ ٿي مون وٽ آئي ھئي. ھن سمجهيو ھو ته مان ھميشه وانگر پھرين پنھنجي غرض پوري ڪندس ۽ پوءِ ئي ڪا ٻي ڳالھ ڪندس، مون ھن کي چيو، مان جڏھن فارغ ٿي ويندو آھيان ته مون کي ننڊ اچي ويندي آھي، سو اڄ تون منھنجي ضرورت جي پرواھ نه ڪر، مان سڀاڻي ڪسر پوري ڪري وٺنديس… ھينئر بس تون پنھنجا احوال ٻڌائي ته توکي مون سان ڪھڙي ڳالھ ڪرڻي آھي… ڪلارا ڏاڍي ڏک وچان چيو ته: اڄ سندس دنيا لُٽجي وئي آھي… فيلوس ڇا ٻڌايانءِ ته ھن جي ڪھڙي ڪيفيت ھئي… ٻئي ڏينھن صبح جو به جڏھن مان طنبيلي ۾ ھئس ته اتي به اچي، ھن پنھنجي تباھ ٿيڻ جا سور پٽيا… ان کانپوءِ فارم ۾، ھر ھنڌ، مطلب جتي به جنھن به گهڙيءَ ڪٿي گڏجون پيا يا رڌ پچاءُ جو يا ڪو ٻيو گڏيل ڪم ڪيون پيا، ويھون پيا يا رات جو سمھون پيا، ھوءَ رڳو ۽ رڳو سينڊي جي اچڻ کانپوءِ پنھنجي دنيا لٽجي وڃڻ جي ۽ پنھنجي رياست ورھائجڻ جي ڳالھ ئي ڪندي پئي رھي…”
“ٿيوڊور، توکي اندازو ھو ته ڪلارا، سينڊي کي ماري ڇڏيندي؟”
“نه، منھنجي ته تصور ۾ به ڪونه ھو ته ھوءَ سينڊي کي ماري وجهندي.”
“ٿيوڊور، منھنجي ذھن ۾ اڃان به گهڻا سوال آھن، پر الائي دير ٿي وئي آھي. مان ھاڻي واپس چاوڙيءَ ٿو وڃان، سڀاڻي تو وٽ اوليور جي ڊيوٽي آھي، پاڻ پرينھن صبح جو وري گڏباسين.”
“دير ته ھونئن ئي ٿي وئي اٿئي، ميڪس ڀانڊي جون ڏياٽيون اُجهائي ڇڏيون ھونديون… ٻه ٽي گهڙيون ٻيون به ويھ.”
“ضرور ويھان ھا، پر اڄ رات منھنجو وارو آھي، دير ڪندس ته ڪلارا سمھي رھندي، ننڊ مان اٿاري، ھن کي پاڻ سان سمھارڻ، ڪنھن لاش کي پاڻ سان سمھارڻ جھڙو خراب لڳندو اٿم.”
“سو ته برابر آھي، پر ھاڻي ته ھيءُ پوڙھو ٿيوڊور به اپاھج بڻجي، ڪنھن ويراني ۾ اڪيلو پيو آھي، گهٽ ۾ گهٽ تنھنجو وارو ته ڪير ڪونه ٿو کائي يا اڃان تائين، ٻين سان به ساڳيءَ حضور شرميءَ ۾ پيو ھلين؟”
“ٿيوڊور، مان حضور شرم ناھيان، پر بي شرم به ناھيان. اڄ ڪلھ گرميون وڌي ويون آھن، ڀانڊي ۾ اندر ناھيون سمھندا، چاوڙيءَ جي آڳنڌ ۾، کليل ھوا ۾ سمھندا آھيون…”
“پوءِ ڪلارا ته اڄ ڪلھ ڀانڊي جي ڇت تي سمھندي ھوندي نه… ڪڏھن توکي پاڻ سان کُڏ تي وارو وٺرايو اٿائين؟”
“ھيلوڪي اونھاري ۾ اھا مھرباني ڪرڻ شروع ڪئي اٿائين.”
ھلو سٺو ٿيو… بس پوءِ تون وڃ، جي گهڻي دير ڪيئي ته ڪلارا ڏاڪڻ ئي ڪانه ڏيندئي…”
مان جيئن ئي چاوڙيءَ جي ويجهو پھتو ھئس ته آسمان مان ڪلارا جو آواز آيو، “جي ڪو ٻيو ڪم ڪونه اٿئي، بلڪل واندو ٿي چڪو آھين ته ڏاڪڻ ڏيانءِ؟” مون ڪنڌ مٿي کڻي نھاريو ته چنڊ جي روشنيءَ ۾ ڪلارا، ڀانڊي جي ڇت جي تيڪي کان ھيٺ مون ڏانھن ڏسي رھي ھئي. مون ھن کي چيو، “ھا، ڏاڪڻ ڏي.”
ڪلارا، ڇت تي پنھنجي ڀر ۾ رکيل ڪاٺ جي ڏاڪڻ کي ڀانڊي جي ڀت سان لڳائي، ھوريان ھوريان ھيٺ مون ڏانھن لاٿو، مون ٻانھون اڀ ڏانھن ڊگهيريون. جيئن ئي ڏاڪڻ منھنجي ھٿن کي ڇھيو ته پوءِ دير ڪونه لڳي، کن پل ۾ ڏاڪڻ ھيٺ رکجي به وئي، مان مٿي چڙھي به آيس ۽ تيڪي وٽان جهُڪي ھٿ وجهي، ڏاڪڻ کي ڇڪي مٿي ڇت تي آندم. ھاڻي ڪو ٽيون ماڻھو ڇت تي اچي ڪونه پئي سگهيو.
چانڊوڪيءَ رات ۾ تارن ڀريل آسمان ھيٺان، ٿڌڙي ھوا گهلي رھي ھئي، مان ڇت جي وچ تي موجود چئن ماڻھن جي گنجائش جيتري ويڪري بستري تي اچي وھاڻن کي ٽيڪ لڳائي ويٺس. ڪلارا، پريان رکيل مٽ مان مون لاءِ پاڻيءَ جو ڪُپو ڀري آئي ھئي. مون پاڻي پيتو، فرحت محسوس ٿي ته لڳو، مون کي گهڻي دير کان اڃ ھئي.
مون ويندي مھل، رستي مان، چڱا موچارا پڪل زردالو پٽيا ھئا، جيڪي پنھنجي شرٽ جي ٻن وڏن ڇٻن جھڙن اڳين کيسن ۾ ڀريا ھئم، سي ڪڍي، ڪلارا کي ڏنم. ھن مرڪي ڏٺو ۽ چيو، توکان تحفو ڏيڻ، ڪڏھن به وسرندو ناھي.”
زردالو کائيندي، چوڻ لڳي، “توکي خبر آھي ته مان ماني گهٽ کائيندي آھيان، اڄ جي ڳالھ ناھي، ايامن کان اھوئي معمول اٿم… ان لاءِ ته مان اڃان تائين جوان آھيان… تون منھنجي ھٿن جو ٻار آھين.. ھاڻي ته تون مون کان به وڏو لڳندو آھين… تون ڪيڏو نه اٻالو ۽ شرميلو ھوندو ھئين… توکي سچ پچ ڪجھ به نه ايندو ھو… ياد اٿئي نه ته ڪيلن جي باغ ۾ مون ئي توکي ھمٿايو ۽ اڀاريو ھو، تون مون کي پويان کان چنبڙي رھيو ھئين… ڇا توکي واقعي به اھا خبر ڪونه ھئي ته عورت کي اڳيان کان پيش اچبو آھي؟…”
“مان ننڍو ھئس، مون کي انھن ڪمن جي خبر ڪونه ھئي… مون ھيرس ۽ ايٿن کي، ھڪٻئي سان جنسي عمل ڪندي ڪيترائي ڀيرا ڏٺو ھو، ھڪڙي ڀيري ھنن ٻنھي مون کي اڪيلو ڏسي…”
“ھا، اھو واقعو منھنجي ھتي فارم ۾ اچڻ کان اڳ جو آھي، ھن توکي بچايو ھو، ٿيوڊور اھا ڳالھ مون کي ٻُڌائي ھئي… ڇڏ انھن ڳالھين کي، پائيپ ۽ تماڪ اٿئي؟
مون پنھنجي بيگي ٽرائوزر مان تماڪ جي ٿيلھي، پائيپ ۽ ماچيس ڪڍيا، تماڪ ڀري، پائيپ کي شعلو ڏيکاريم. ھن مون کان پائيپ ورتو. ڪجھ ڊگها سُوٽا ھڻي، کنگهندي پڇيائين، “ٿيوڊور ڪيئن ھو؟”
“تنھنجو ڇا اندازو آھي ته ھو ڪيئن ھوندو؟”
اوليور ۽ توکان جيڪي حال احوال ملن ٿا، ان حساب سان ته ٺيڪ ئي آھي…”
“ڪو اپاھج ھجي، بُت تي خارش ٿئيس ۽ کنھي نه سگهي، اھو ڀلا ڪيئن ٺيڪ ھوندو؟”
ھن تڪڙا تڪڙا ڪش ھڻندي چيو، “بس، سڀني جو پنھنجو پنھنجو نصيب آھي.. ھن جي مقدر ۾ ايئن ئي لکيل ھو…”
“صحيح ٿي چئين، ويچاري سينڊي به ھتي ڪنھن جي ھٿان مرڻ ئي آئي ھئي، سندس مقدر ۾ مرڻ لکيل ھو، جنھن جي ھٿان مئي، ان بي رحم عورت جي مقدر ۾ تارن سان ٽاڪيل آسمان جي ڇت ھيٺ ويھي پائيپ پيئڻ جا مزا به لکيل ھئا…”
منھنجي ان جملي تي ڪلارا جي ھٿ ۾ جهليل پائيپ ڇڏائجي ھيٺ بستري تي ڪريو، مون ڦُڙتيءَ سان، ھٿ جي تري، مٿان ڏئي، پائيپ مان ڇڻيل ٻرندڙ تماڪ کي وسايو، منھنجو ھٿ لڇڻ لڳو. مون ڪلارا ڏي ڏٺو، لڳم ته منھنجي ھٿ کان وڌيڪ، ھن جون نگاھون لُڇي رھيون ھيون. “فيلوس، اھو سڀ ڪجھ توکي ڪنھن ٻڌايو آھي؟” ھن ٻُوڙي ۾ لڪل ڪنھن نانگ جي ڪيل ڦُوڪار واري انداز ۾ پڇيو.
“اھو ساڳيو سوال، مون کان ٿيوڊور به پڇيو ھو ته ڇا اھو سڀ ڪجھ توکي ڪلارا ٻڌايو آھي…”
“تو ھن کي ڪھڙو جواب ڏنو؟”
اھوئي ته سينڊي مون کي پاڻ چيو ھو ته ھن کي ماريو ويندو ۽ ھن کي شڪ ھو ته کيس ڪلارا ئي ماريندي.”
اھا ڳالھ ٻڌي، ڪلارا خاموش ٿي وئي. ڪافي دير کانپوءِ ھوءَ اٿي بيٺي ۽ پريان رکيل مٽ مان پاڻيءَ جا لاڳيتا ٽي ڪپا ڀري پي وئي. مان به ھن جي پيرويءَ ۾ مٽ جي ويجهو آيس ۽ پاڻي جو ھڪڙو ڪپو، مون به پيتو. اسان واپس بستري تي اچي ويٺاسين ته ڪلارا چيو، “تو اھي ڳالھيون ٻيو ڪنھن کي ٻڌايون آھن، اوليور کي ته ضرور ٻڌايون ھوندئي؟”
“ان ڳالھ جي خبر رڳو توکي ۽ ٿيوڊور کي آھي، مون کي نه ڳڻ… منھنجو سينو ته قبرستان آھي، الائي ته ڪيترا راز، ان ۾ دفن ٿيل آھن..”
منھنجي ھٿ کي قابو ڪندي، پنھنجي چپن جي ويجهو آڻي، چمي ڏيندي چيائين، “فيلوس! تون پيدا ته فرشتن ۾ ٿيڻو ھوندين، پر الائي ڪيئن غلام ٿي پئين.”
“جيڪڏھن تون مون کي ڪنھن فرشتي جھڙو سمجهين ٿي ته مون کي بس ھڪري سوال جو جواب ڏي… تو سينڊي کي ڇو ماريو؟”
“خبر ناھي… پر جڏھن مالڪ سينڊي کي وٺي چاوڙيءَ ۾ آيو ۽ ٻُڌايائين ته ھوءَ ھاڻ اسان سان گڏ رھندي… مون ڏٺو ته سڀني مردن جي اکين ۾ ھڪ عجيب چمڪ اچي وئي ھئي… ٿيوڊور ڏي ڏٺم، پوءِ واري واري سان سڀني ڏي ڏٺم، ھر مرد جون نظرون سينڊي ۾ کُتل ھيون… تون به ته ھن ۾ کوئجي ويو ھئين… يا مان غلط ٿي چوان؟”
مون ڪو به جواب ڪونه ڏنو.
ڪلارا سامھون گهوريندي، وري چوڻ لڳي، “منھنجو سڪون ان ئي لمحي ختم ٿي ويو… مان پنھنجي ايندڙ زوال کي ڏسي رھي ھئس… ۽ مون کي پنھنجو ماضي ۽ حال به ڏسڻ ۾ اچي رھيو ھو… ڪو مون لاءِ چنبيليءَ جا گل پٽي ايندو ھو ته ڪو ماکي لاھي ايندو ھو، ڪنھن جي رومال ۾ مون لاءِ آڙُو ٻڌل ھوندا ھئا ته ڪنھن جي کيسي مان مون کي تازيون ڳاڙھيون جهنگ جليبيون ملنديون ھيون. سڀ منھنجي اڳيان پويان ڦرندا ھئا، منھنجي خاطر مدارت ۾ ھڪ ٻئي کان گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ڪندا ھئا… مون کي پير ۾ ڪنڊو لڳي ته سڀ تڙپي پوندا ھئا، منھنجي ڪاوڙ تي سڀ ڪُسجي پوندا ھئا… مون کي خوش رکڻ لاءِ منھنجي حصي جا ڪم ڪندا ھئا، مان پاڻي گهران ته، ھرڻيءَ جو کير کڻي ايندا ھئا، مان انھن جي راڻي ھئس… پيدا ته ڪنھن ھڪڙي جي تخم مان ٿيو ھوندو، پر منھنجي ان پيٽ ڄائي کي سڀني پيءُ بڻجي پاليو… مون کي ان پٽ جي دوري به ڪڏھن ڪنھن محسوس ٿيڻ ڪونه ڏني، مان اھڙن پيار ڪندڙ مردن کي ڪنھن ٻيءَ عورت جو ٿيندي، ڪيئن ٿي ڏسي سگهيس؟”
ھوءَ خاموش ٿي.. مان به خاموش ھئس. مون کي سمجھ ۾ نه پئي آيو ته مان ڇا چوان، سو مان لاڳيتو خاموش ئي رھيس.
ٿيوڊور جا ڪپڙا ڌوئي، سامھون انب جي وڻ ۾ سڪڻ لاءِ ٽنگيا ھئم، سي ھاڻ ذري گهٽ سڪي ويا ھئا، کيس پارائڻ لاءِ لاھي کڻي آيس. ھن کي ڪپڙا اوڍائي، مون مانيءَ جا خالي ٿانو کنيا ۽ واپس وڃڻ جو ارادو ڪيم ته ٿيوڊور پڇيو، “اھڙي ڪھڙي ڳالھ آھي جو تو مون سان ڳالھائڻ ئي ڇڏي ڏنو آھي؟”
“ڇا ڳالھايان؟ سمجھ ۾ نٿو اچي…”
“جيڪو سمجھ ۾ نٿو اچئي، اھوئي ڳالھائي.”
“اسان اٺ مرد، ھڪڙي عورت تي راضي ھئاسين، جيڪڏھن اسان منجهان ڪو، ڪنھن جو وارو به کائيندو ھو ته، اڳلو برداشت ڪري ويندو ھو… ڪڏھن ڪير ڪنھن سان ڪونه وڙھيو… ڪنھن ساٿيءَ کي ڌڪ ھڻڻ ته ٿيو پري، پر ڪنھن اُلاريو به ڪونه ھوندو…. ۽ ھوڏانھن ھڪڙي ڪلارا کان، ھن جي ھڪڙي ھم جنس برداشت ڪونه ٿي… ھُوءَ فقط ھڪڙي عورت کي به برداشت ڪري نه سگهي… ماري ڇڏيائين ان کي… ٿيوڊور! توکي آسماني پيءُ جي بادشاھت ۾ ڪي اختيار ملن ته ڇا تون ڪو اھڙو قانون قائم ڪندين، جنھن ۾ عورت کي عورت کان تحفظ حاصل ھجي؟”
“فيلوس! توکي خبر آھي ته مون سينڊي کي زخمي حالت ۾ ڏٺو ته منھنجي دل ۾ پھريون خيال ڪھڙو آيو ھو؟”
“ڪھڙو خيال آيو ھئي؟”
“اھوئي ته، خداوند! سينڊي تي ٿيل ھيءُ حملو ڪلارا جي ڪيل حرڪت نه ھجي… ۽ ڪاش ھن ڏوھ جو جوابدار ڪو ٻيو ھجي ۽ مان ان شخص جون اکيون پنھنجي ھٿن سان ڪڍان…”
“ٿيوڊور! توکي ڪلارا سان ايڏي ھمدردي ھئي؟”
ھمدردي نه، فيلوس، پيار چئو پيار.”
“مان نٿو مڃان”
“نه مڃ، پر اھو ته مڃيندين ته مون اپاھج ٿيڻ قبول ڪيو، پر ڪلارا کي بچائي ورتم.”
“سينڊي بيگناھ مارجي وئي.” مون ڏک وچان چيو ھو.
“سينڊي بي گناھ مارجي وئي ۽ ڪلارا گناھ ھيٺ مارجي وڃي ھا… اسان اٺ ئي مرد، ان ھڪڙي عورت کان به محروم ٿي وڃون ھا.”
اٺ نه ست، تون پاڻ کي ڇو پيو ڳڻين؟ تون ته پاڻ کي ھميشه لاءِ محروم ڪري چڪو آھين… توکي ته ڪو فائدو ڪونه ٿيو…”
“مان محروم ئي سھي، پر منھنجا ست ساٿي ته محروم ٿيڻ کان بچي ويا آھن…”
“ڪاش! ڪلارا به تو وانگر سوچي ھا…”
“مون ۾ ۽ ڪلارا ۾ ڪو ته فرق ھوندو.”
“رڳو عورت ۽ مرد جو فرق آھي.”
ٿيوڊور، ڏاڍي سڪون سان وراڻيو، “ھا، مرد ۽ عورت ۾ اھوئي ته فرق آھي…”
***