وڌيڪ گئس جي پيداوار ڏيندڙ صوبي سنڌ کي سزا

24 سيپٽمبر 2020 تي توانائي جي وفاقي وزير عمر ايوب ۽ وزيراعظم جي پيٽروليم واري خصوصي معاون (اسپيشل اسسٽنٽ ٽو دي پرائم منسٽر) نديم بابر هڪ گڏيل نيوز ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي چيو ته ايندڙ سياري ۾ سنڌ ۾ گئس جي ممڪنه کوٽ جو وڏو امڪان آهي.

سندس ان بيان کان پهرين گئس جا صارفين تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مڪمل بل ادا ڪرڻ جي باوجود گرمين جي مند ۾ به گئس جي لو پريشر ۽ لوڊ شيڊنگ کي منهن ڏيئي رهيا آهن. پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 153 مطابق جيڪي به قدرتي وسيلا جنهن ۾ به صوبي مان نڪرن ٿا، انهن صوبن جي ضرورت کي اولين ترجيح تي انهن مان پورو ڪري پوءِ ٻين صوبن کي انهن وسيلن جي ترسيل ڪئي ويندي، پر وفاق هن وقت 8 سيڪڙو گئس جي پيداوار ڏيندڙ صوبي خيبر پختوانخواهه کي پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ 10 سيڪڙو گئس جي فراهمي ڪري رهيو آهي، بلوچستان جيڪو 12 سيڪڙو گئس جي پيداوار ڪري ٿو ان کي پنهنجون ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ ڪل 5 سيڪڙو فراهمي ٿي رهي آهي، پنجاب جيڪو گئس جي مد ۾ صرف 2 سيڪڙو پئداوار ڏئي ٿو ان کي 51 سيڪڙو گئس جي فراهمي ٿي رهي آهي ۽ سنڌ صوبو گئس جي پيداوار ۾ 78 سيڪڙو فراهم ڪري رهيو آهي، ان کي ان جي 30 سيڪڙو ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ گئس فراهم ڪئي پئي وڃي.

سنڌ جو عوام هن وقت انتهائي بيچينيءَ جو شڪار آهي ڇو ته نه سندن چونڊيل صوبائي حڪومت سندن وسيلن جي تحفظ ۾ ڪامياب ٿي سگهي آهي ۽ نه وري وفاق کان پنهنجا آئيني حق وٺي صوبي جي ترقي لاءِ ڪو ڪارائتو ڪم ڪري رهي آهي ته ٻئي پاسي وفاق صوبي جي حقن تي آئين کان بالاتر ٿي ڪري ڌڪ هڻي سنڌ جي عوام کي وڌيڪ غير اعتماديءَ واري صورتحال ڏانهن ڌڪي رهيو آهي. وفاقي وزير عمر ايوب جي چوڻ مطابق ته ان سڄي صورتحال جي ذميدار سنڌ حڪومت آهي جيڪا سنڌ ۾ LNG جي سپلاءِ لائين وڇائڻ ۾ تعاون نه ڪري رهي آهي. سنڌ حڪومت جو سنڌ جي گئس وارن وسيلن تي رائٽ آف وي (ROW) واري نقطهءِ نظر مطابق ته آئيني طور سنڌ مان جيتري گئس نڪري ٿي ان کي استعمال ڪرڻ جو پهريون حق ان صوبي جو آهي ۽ هو LNG جنهن جي قيمت قدرتي گئس کان وڌيڪ آهي، پنهنجي صوبي جي استعمال خاطر وٺڻ لاءِ تيار ناهي. وفاق هن وقت پنجاب جي CNG اسٽيشنن کي، ٽيڪسٽائل انڊسٽريءَ سان گڏوگڏ فرٽيلائيزر انڊسٽري ۽ گهريلو صارفين سان گڏوگڏ ٻين ادارتي ضرورتن جو به پورائو ڪري رهيو آهي. جڏهن ته سنڌ ۾ گئس جي کوٽ جي ڪري صنعتن جا مالڪ ۽ گهريلو صارف گرمين جي موسم ۾ به پريشانيءَ کي منهن ڏيئي رهيا آهن. گهريلو صارف جيڪي سڄو سال بجلي جي لوڊ شيڊنگ کي منهن ڏيڻ سبب مختلف طريقن سان پنهنجي توانائيءَ جو پورائو ڪن ٿا اهو سندن مٿان هڪ اضافي بار آهي، پر گئس جي کوٽ اها به هڪ اهڙي صوبي کي جيڪو پيداوار جو وڏو حصو وفاق جي پول ۾ ڏيئي رهيو آهي ۽ موٽ ۾ کيس ايتري نا انصافيءَ کي منهن ڏيڻو پيو ته ان جو نتيجو ڪو خوش آئند نه نڪرندو سياري جي مند ۾ گئس جي گهرج هر گهر ۾ ٻيڻي ٿي وڃي ٿي ۽ اهڙي وقت ۾ وفاق ۽ صوبي جي وچ ۾ تنازعي جي ڪري عوام جيڪا مختلف طريقن سان اڳ ۾ ئي اضافي بار هيٺ رهي ٿي ان کي ٻارڻ لاءِ ٻين توانائيءَ جي وسيلن جي استعمال کي خريد ڪرڻ لاءِ اضافي خرچ جو بار برداشت ڪرڻو پوندو.

ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت کان به عوام جو هڪ سوال آهي ته ڇا سنڌ حڪومت وفاق کان پنهنجي حصي جي گئس نه ملڻ تي ڪو ٺوس قانوني قدم کنيو آهي، ڪنهن عدالتي فورم تي پنهنجو ڪيس داخل ڪيو آهي يا قومي اسيمبلي جي فلور تي هن مسئلي کي ايجنڊا تي رکرايو آهي يا صرف خاموش تماشائي بڻجي پنهنجي صوبي جي عوام جي زخمن تي لوڻ ٻرڪندي ڏسڻ جا سانباها ڪري رهي آهي؟ ڇو ته پيٽروليم ڊويزن جو چوڻ آهي ته اهو سنڌ صوبي سان اٺن مهينن کان ان مسئلي تي خط و ڪتابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، پر سنڌ حڪومت طرفان ان جو ڪوبه جواب ناهي مليو. پيٽروليم ڊويزن جو چوڻ آهي ته سڄي ملڪ جي گئس جي کپت واري گهرج 6 ارب ڪيوبڪ فوٽ پر ڊي (6 bcfd) آهي. جڏهن ته گئس جي ترسيل RLNG سميت (4.5 bcfd) 4.5 ارب ڪيوبڪ فوٽ وڃي بيهي ٿي ۽ اصل ۾ 1.5 ارب ڪيوبڪ فوٽ پر ڊي جو گهاٽو آهي.

اسان مان ڪيترن کي شايد اها ڄاڻ به ناهي ته گئس جي فراهمي جا ٻه ٽئرف آهن جنهن کي T-1 ۽ T-2 سڏجي ٿو. T-1 لوڪل گئس جي فراهميءَ تي لاڳو ٿئي ٿو جڏهن ته T-2 ٽئرف درآمد ٿيل گئس آر ايل اين جي تي لاڳو ٿئي ٿو. خيبر پختوانخواهه جي صنعتن کي ٽئرف ون جي تحت گئس فراهم ڪئي پئي وڃي ۽ اتي گئس جي ڪنهن به قسم جي ڪابه کوٽ ناهي نه رڳو ايترو، پر اتي گاڏين لاءِ CNG اسٽيشن به مڪمل طور کليل آهن ڇو ته KP جي حڪومت پنهنجي حصي جي گئس کان وڌيڪ گئس وٺڻ ۾ ڪامياب ٿي چڪي اهي ۽ اها به T-1 جي حصي مان.

سنڌ ۽ بلوچستان جي گئس سوئي سدرن گئس ڪمپني لميٽيڊ کي فراهم ڪئي ٿي وڃي جيڪا پنجاب کي به گئس فراهم ڪري ٿي ۽ پنجاب کي اها فراهمي گذريل ڏهن سالن کان SSGC طرفان ٿي رهي آهي. جيستائين ان فراهميءَ کي نه روڪيو ويندو ۽ نوان قائدا ۽ قانون نه جوڙيا ويندا تيسين سنڌ ۽ بلوچستان ايئن ئي ڀوڳيندا رهندا. جمهوري رياست هجڻ باوجود جمهور هتي ڪنهن به طرح رياست ۽ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل نظر نٿو اچي اسان جي صوبائي حڪومتن جي پاليسين کان وٺي وفاقي پاليسين تائين سياسي ڳٺ جوڙ جي ڪري جمهور جا مفاد ۽ ان جو فلاح ڪٿي وڃايل آهي. آخر ايئن ڪيستائين هلندو. هڪ وقت ضرور ايندو جڏهن عوام پنهنجي آئيني ۽ قانوني حقن لاءِ آواز بلند ڪندو.

ان ڪري آئين ۾ درج ٿيل عوامي فلاح ۽ بهبود جي سڀني شقن کي نظر ۾ رکندي صوبائي توڙي وفاقي حڪومتن کي ڪنهن به هڪ اهڙي نقطي تي پهچڻ گهرجي جنهن سان عوام جي روز مره جي پريشانين کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ سڄي ملڪ جي عوام کي هڪ جهڙيون سهولتون ملي سگهن ۽ خاص ڪري وسيلا پيدا ڪندڙ صوبي کي جيڪڏهن ڪا شيءِ سستي نٿي ملي ته اها ان جي عوام لاءِ اڻلڀ ۽ مهانگي نه ٿيڻ گهرجي، صنعتن، سي اين جي اسٽيشن کي T-2 ٽئرف تي گئس فراهم ڪئي وڃي چاهي اهي ڪهڙي به صوبي سان تعلق رکندڙ هجن ۽ گهريلو صارفين کي هر موسم ۾ ترجيحي بنيادن تي T-1 ٽئرف تي گئس فراهم ڪئي وڃي.

 

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments