ادب

يووال نوح هراري چوي ٿو ته انساني نسل تبديل ٿيڻ وارو آهي! شهريار رحمان کوسو December 2021

مون جڏهن هن جو نالو پهريون دفعو پڙهيو هو ته مون کي هن جو نالو عجيب لڳو، پر پوءِ جاچڻ تي خبر پئي ته هي شخص ته دنيا جي مشهور ترين ڪتاب هومو سيپئين جو ليکڪ آهي، هراري هن وقت دنيا جو مشهور ترين ليکڪ آهي. هن جو پهريون ڪتاب هومو سيپئين هو، جنهن کي لکن جي تعداد ۾ ماڻهن پڙهيو. هراري مختلف ادارن ۾آرٽيڪل به لکندو رهيو آهي، پر هن جي ٽن ڪتابن تمام گهڻي شهرت ماڻي جنهن ۾ هومو سيپئين، هومو ڊيوس ۽ 21 ليسن آف دي 21 سينچري شامل آهن. هن وقت دنيا ۾ شايد ئي اهڙو ماڻهو هجي جيڪو ڪتاب پڙهندڙ هجي ۽ ان هراري کي نه پڙهيو هجي.

هراري هڪ منفرد سوچ رکندڙ ليکڪ آهي، هن انساني تهذيب ۽ ٽيڪنالاجي کي گڏ ڪري لکيو آهي. هن جو چوڻ آهي ته انسان هن ڌرتي جو بي تاج بادشاھ آهي ۽ اها بادشاهت انسان کي لکين سال جي ارتقا کانپوءِ حاصل ٿي آهي. هراري پنهنجي ڪتاب هومو سيپئين ۾ لکي ٿو ته: ڪيئن هڪ جاندار مخلوق ٻين مخلوقن کان ڌار ٿي پنهنجو بچاءُ ڪرڻ سکي ورتو هو ۽ انهن وقت جي حساب سان هٿيار به ٺاهيا جن جي مدد سان انهن لاءِ شڪار ڪرڻ وڌيڪ آسان ٿي ويو هو. هراري چوي ٿو ته ان مخلوق پنهنجي ذهن سان پاڻ کان وڌيڪ طاقت رکندڙ جانورن کي مارڻ سکي ورتو هو، ان سان گڏوگڏ انهن نقل مڪاني ڪري سخت موسمن کان بچاءُ جا طريقا به سکي ورتا ۽ ايئن هيءَ مخلوق جنگلن تي بادشاهت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندي وئي. انهن جي آبادي وڌڻ سان انهن هڪٻئي سان جنگيون پڻ ڪيون. ان مخلوق وقت سان نوان هٿيار ٺاهڻ ۽ خوراڪ کي جمع ڪرڻ ۾ مهارت حاصل ڪري ورتي هئي ۽ ايئن انسان جنگلن کان ٻاهر به پنهنجي بادشاهت قائم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو ويو. هراري پنهنجي ڪتاب هومو سيپئين ۾ انسان جي ان زندگي تي بحث ڪيو آهي جيڪا مسلسل ارتقا ڪندي پئي وڃي ۽ انسان جي پنهنجي ارد گرد جي ماحول تي گرفت مضبوط ٿيندي پئي وڃي. هن ڪتاب ۾ هراري انسان جي اوئلي زندگي تي بحث ڪيو آهي، اتي ان انسان جي ڪري جيڪو زرعي انقلاب آيو ۽ برادرين جو نظام وجود ۾ آيو ان تي به گهڻو لکيو آهي. بنيادي طرح سان ڪتاب هومو سيپئين دنيا جي ان مخلوق بابت آهي جيڪا هن ڌرتي تي لکين سال اڳ پنهنجي ذهانت جي ڪري الڳ وجود برقرار رکڻ ۾ ڪامياب وئي ۽ ان پنهنجي بچاءُ لاءِ اپاءُ به ورتا ۽ شديد موسمن کان بچندي پنهنجو وجود برقرار رکيو، اها مخلوق بعد واري وقت ۾ انسان سڏجڻ لڳي. هراري هن ڪتاب ۾ انسان جي زرعي انقلاب کان وٺي گڏجي رهڻ، معاشي صورتحال تي بحث ڪيو آهي. هن پنهنجي ڪتاب ۾ حقيقت کي ظاهر ڪندي لکيو آهي ته، انسان جي بادشاهت قائم ٿيڻ سان دنيا ۾ موجود ٻين جانورن جو استحصال ٿيو آهي، جنهن جو جديد مثال فارمنگ آهي ۽ چمڙي کي ٺاهڻ لاءِ جانورن جي چمڙي جو استعمال ڪرڻ آهي ۽ کير ٺاهڻ واريون ڪمپنيون جنهن طريقي سان ماءُ کي ان جي ٻچڙي کان پري رکنديون آهن، اهو استحصال آهي، جنهن جو ذڪر هراري ڪري ٿو. انسان پنهنجي هٿيارن جي مدد سان ۽ ذهانت کي استعمال ڪرڻ سان اهڙن اهڙن جانورن جو شڪار ڪيو جن کي مارڻ ناممڪن هو. هراري اها شيءِ ثابت ڪئي آهي ته انسان جڏهن کان ذهني طاقت حاصل ڪئي آهي ان وقت کان وٺي هن دنيا کي ۽ ان جي ماحول کي تبديل ڪيو آهي. جنهن ۾ انسان دنيا ۾ سڄي مخلقوق کان وڌيڪ طاقتور ٿي ويو آهي. لکين سال اڳ طاقت ورهايل هئي، پر جڏهن انسان طاقت ماڻي ته هو دنيا تي قابض ٿيندو ويو. اڄ انسان هن ڌرتيءَ جي واحد اهڙي مخلوق آهي جيڪا هن دنيا تي مڪمل اختيار رکي ٿي. ان سان گڏوگڏ انسان ٻين جانورن کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال به ڪرڻ شروع ڪيو. دنيا ۾ موجود خوراڪ پيدا ڪندڙ فصلن تي انسان جو ڪنٽرول ٿيندو ويو، وقت سان گڏ انسان جي طاقت ۾ اضافو ايندو ويو. هراري پنهنجي هن ڪتاب ۾ لکي ٿو ته انسان جيئن جيئن طاقت حاصل ڪندو ويو آهي، هن دنيا جي ماحول کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ وڌيڪ ايندڙ وقت ۾ انسان دنيا جي ماحوليات کي تبديل ڪري سگهي ٿو. جنهن جا خراب نتيجا انسان سميت دنيا ۾ رهندڙ ڪروڙين جاندار ڏسي سگهن ٿا. شروعاتي دور ۾ انسان هٿيار ٺاهڻ ۾ وقت گذاريو ۽ پنهنجي بادشاهت ۽ خاندان لاءِ محفوظ گهر ٺاهيا ۽ خوراڪ کي جمع ڪرڻ شروع ڪيو، پوءِ واپار ۽ زراعت ۾ تبديلي آئي، ڏيتي ليتي جو نظام وجود ۾ آندو ويو، زمين جي مالڪي جو تصور شروع ٿيو، جنهن ۾ ڪو طاقتور شخص پنهنجن ڪجهه ماڻهن سان گڏجي زمين جي ڪنهن ٽڪري تي قبضو ڪري زمين جي مالڪ هجڻ جي دعويٰ ڪئي ۽ ايئن ذاتي ملڪيت ۽ پوءِ بادشاهت جو نظام وجود ۾ آيو. وقت سان گڏ جنگين ۾ به تبديلي آئي پهرين جيڪي جنگيون ڪنهن هڪ سبب لاءِ ڪيون وينديون هيون هاڻي انهن جي مقصدن ۽ ترجيحن ۾ تبديلي اچي وئي.

وقت سان گڏ انسان ٽيڪنالاجي حاصل ڪندو ويو، جنهن ۾ هن جي طاقت ۾ بيپناهه اضافو ٿي ويو. هراري پنهنجي ٻئي ڪتاب ”هومو ڊيوس“ ۾ انهيءَ تي بحث ڪيو آهي ته ڪيئن انسان ٽيڪنالاجي حاصل ڪري اهڙيون قوتون حاصل ڪري ورتيون آهن، جنهن جو آڳاٽي دور ۾ تصور به نه هو. انسان ٽيڪنالاجي ۾ جتي جديد مشينون ٺاهيون اتي ان صحت جي شعبي ۾ به انقلاب آڻي ڇڏيو. هن وقت انسان وٽ جيڪا ٽيڪنالاجي آهي آڳاٽي تهذيبن ۾ اهي قوتون محض خيالي هيون ۽ انسان سمجهندو هو اهڙا معجزا محض ديوتا ئي ڪري سگهن ٿا، پر اڄ انسان پنهنجي خيالي ديوتا کان گهڻو طاقتور ٿي ويو آهي. انسان آڳاٽي دور ۾ سفر ڪرڻ لاءِ گهڻن مهينن جي تياري ڪندو هو، پر اڄ انسان ڪجھ ڪلاڪن ۾ پوري دنيا جو چڪر لڳائي سگهي ٿو. ڪنهن دور ۾ انسان اهو تصور ئي نه پِئي ڪري سگهيو ته هو هڪ ئي وقت ٻن جاين تي موجود هوندو، پر اڄ موبائل فون جي مدد سان انسان دنيا ۾ ڪٿي به هجي ٻي جاءِ کي وڊيو ذريعي ڏسي سگهي ٿو. وقت سان گڏ انسان مشينن کي خود مختيار ڪندو ويو آهي. هاڻي فيڪٽري جي مالڪ کي هڪ هڪ ڪم لاءِ الڳ ماڻهو جي ضرورت ناهي رهي، بلڪه مشين سڀ ڪجھ پروگرامنگ جي مدد سان شيءِ ٺاهي وٺندي ۽ سامان تيار ٿي ويندو. هڪڙي ٻي اهم ڳالھ ته اها شيءِ سامهون آئي آهي، مشين انسان کان بهتر  ڪم ڪري ٿي ۽ ان ۾ غلطي جي گنجائش نه هجڻ برابر آهي. هن کي آرٽيفيشل انٽيليجنس جو نالو ڏنو ويو آهي. مطلب اهڙي مشين جيڪا انسان ٺاهي هجي، پر ڪم پاڻ ڪندي هجي ۽ مشڪل وقت ۾ فيصلو وٺي سگهي. آرٽيفيشل انٽيليجنس جو ننڍي ۾ ننڍي مثال اي ٽي ايم مشين آهي. ڏسو ته ڪيئن ٿي ڪم ڪري ۽ ان ۾ ڪڏهن ايئن ناهي ٿيو جو توهان جي اڪائونٽ ۾ بيلنس نه هجي ۽ اي ٽي ايم مشين توهان جي ڪارڊ تي توهان کي پئسا ڏئي. ان کان علاوه موبائل ڪمپنين جو سڄو نظام ئي  آرٽيفيشل انٽيليجنس تي هلي ٿو. ڪڏهن ايئن ناهي ٿيندو جو پئڪيج ختم ٿيڻ کانپوءِ به غلطي سان انٽرنيٽ هلندو رهي. سڄي دنيا جو  بينڪنگ نظام آرٽيفيشل انٽيليجنس تي هلي ٿو. بينڪ مئنيجر هڪڙي بٽڻ سان هزارين ماڻهن ڏانهن بينڪ طرفان مئسيج موڪلي ٿو. جيئن ئي ڪو ماڻهو پنهنجي اڪائونٽ مان پئسا ڪڍرائيندو يا جمع ڪرائيندو ان ڏانهن هڪڙي سيڪنڊ کان به گهٽ وقت ۾ بينڪ جو مئسيج اچي ويندو ته توهان جي اڪائونٽ مان هيترا پئسا نڪتا آهن ۽ بقايا هيترا بچيا آهن ۽ اهو مئسيج آرٽيفيشل انٽيليجنس جو حصو آهي. اهو سڄو نظام بينڪ جو ڪمپيوٽر هلائي ٿو. هراري پنهنجي ڪتاب ”هومو ڊيوس“ ۾ انهيءَ آرٽيفيشل انٽيليجنس تي بحث ڪيو آهي ته ڪيئن انسانيت هاڻي مشيني دور ۾ داخل ٿيندي پئي وڃي. هراري جو چوڻ آهي ته دنيا هاڻي ڊجيٽل دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي ۽ وقت سان گڏ ان جي جدت ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي. جنهن سان مستقبل ۾ بيروزگاري ۾ اضافو ٿيندو. ڇو ته آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي ماڻهو سڄا ڪم آن لائين ڪندا ۽ مشينون اهي ڪم انسان کان وڌيڪ بهترين نموني سان سر انجام ڏينديون. مثال طور: جيئن پوسٽ آفيس جو ادارو آهي جيڪو هن وقت ايترو اهم نه رهيو آهي، پر تاريخي اعتبار سان اهو ادارو وڏي اهميت جو حامل ادارو هو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پوسٽ آفيس اڄ به دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ شان و شوڪت سان ڪم ڪري پئي، پر ڇا اڄ جو ماڻهو پيغام موڪلڻ لاءِ پوسٽ آفيس کي، سوشل ميڊيا ۽ اي ميل سروس کان وڌيڪ ترجيح ڏئي سگهندو؟ ظاهر آهي ته جڏهن پوسٽ آفيس ۾ ڪم گهٽجي ويو ته ان ۾ نوڪريون به گهٽجي وينديون، اهڙيءَ طرح جڏهن هر شيءِ آن لائين ٿي ويندي ته ڪمپنيون ماڻهن بدران مشينن کان ڪم وٺنديون. دنيا ۾ لين دين جو نظام به ڊجيٽل ٿيندو پيو وڃي، اڄ تقريبن هر ماڻهو انٽرنيٽ بينڪنگ استعمال ڪري ٿو جنهن ۾ ان جي روز مره جي زندگي جا ڪم پورا ٿي وڃن ٿا. وڏن شهرن ۾ اي ٽي ايم مشين سان گڏ هڪڙي ٻي مشين به هجي ٿي جنهن ۾ توهان ڪيش پئسا ڊائريڪٽ پنهنجي اڪائونٽ ۾ وجهي سگهو ٿا ۽ توهان کي بينڪ وڃڻ جي ضرورت ناهي ۽ مشين آچر سميت هر ڏينهن ڪم ڪري سگهي ٿي. مطلب ته بينڪ جيان بند نه ٿيندي هاڻي اڳتي هلي ان قسمن جي مشينن ۾ جدت آڻبي ۽ بينڪ ۾ ملازمن ۾ ڪمي ايندي. ڇو ته جيڪو ڪم ڪيشيئر ڪندو هو هاڻي اهو ئي ڪم مشين ڪندي. انهي آرٽيفيشل انٽيليجنس جو تعلق روبوٽن سان به آهي. روبوٽن جي اندر به اها ئي پروگرامنگ ڪئي ويندي آهي، جنهن جي مدد سان هو آرٽيفيشل انٽيليجنس پيدا ڪندا آهن. مستقبل جي دنيا ۾ گوگل نيوي گيشن جو هڪ اهڙو نظام متعارف ڪرائڻ وارو آهي، جنهن ۾ ڪار بغير ڊرائيور جي هلندي، ڪار ٽريفڪ کي پنهنجي اندر لڳل سينسر جي مدد سان سمجهندي ۽ ڪم ڪندي. ڪار ۾ لڳل ڪمپيوٽر، ريڊار، جي پي ايس سسٽم ڪار جي سڄي نظام کي ڪنٽرول ڪندا. آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مدد سان هلندڙ ڪارن جا ڪيترائي تجربا به ڪيا ويا آهن، جيڪي تجربا متاثر ڪندڙ حد تائين ڪامياب ويا آهن. آمريڪا، برطانيه، جرمني ۽ جاپان ۾ انهن جا تجربا ڪيا ويندا آهن ۽ هڪ ڏينهن ضرور اهڙيون گاڏيون انسان روڊن تي ڏسندو جيڪي پاڻ هلنديون. هراري پنهنجي ڪتاب ”هومو ڊيوس“ ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس کي انسان جي صحت سان به ڳنڍي ٿو. جنهن ۾ انسان کي ڪيترين بيمارين کان نجات ملي سگهي ٿي. صحت جي شعبي ۾ ٽيڪنالاجي جي استعمال کي بايوٽيڪ ۽ جينيٽڪ انجنيئرنگ چيو ويندو آهي. جينيٽڪ انجنيئرنگ محض انسان يا جانورن ۾ نه ٿيندي آهي بلڪه زمين ۾ پيدا ٿيندڙ هر وڻ، ٻوٽي ۽ فصل کي بهتر بنائڻ لاءِ به انجنيئرنگ ڪئي ويندي آهي. انسان جي اوائلي دور ۾ انسان گهڻي محنت ۽ گهڻي  زمين هجڻ باوجود به ايترو اناج حاصل نه ڪري سگهندو هو جيترو اڄ ڪري ٿو. ان جو سبب اهو آهي ته اڄ انسان پاڻي کي پنهنجي مرضيءَ مطابق هلائي سگهي ٿو. ٻيو وري اڄ جي انسان ٻوٽن ۽ ان جي مختلف جنسن تي ڪيترائي تجربا ڪيا آهن ۽ انهن جي جنسن ۾ انجنيئرنگ ڪري ان کي بهتر ٺاهيو ويو آهي. جنهن جي ڪري اڄ زميندار گهٽ زمين هجڻ باوجود وڌيڪ اناج حاصل ڪري ٿو. هراري پنهنجي ڪتاب ۾ ان سلسلي ۾ هڪ دلچسپ ڳالھ لکي آهي ته اڄ جي دنيا ۾ ماڻهو جنگ ۽ بم ڌماڪن کان وڌيڪ شوگر ۽ دل جي بيمارين ۾ وڌيڪ مرن ٿا. ڇو ته اڄ جو انسان اهو ڄاڻي ٿو ته زمين کان وڌيڪ خوراڪ ڪيئن حاصل ڪجي. بايو ٽيڪنالاجي ۾ انسان جي ڊي اين اي مان اهڙين بيمارين کي ختم ڪري سگهجي ٿو، جيڪي هن جي جين ۾ آهن. مطلب جيڪي بيماريون هن جي خاندان ۾ آهن، اهي بيماريون هن ڏانهن منتقل نه ٿي سگهنديون. ٻي شيءِ اها ته بايو ٽيڪنالاجي جي مدد سان ڊاڪٽر جانورن تي تجربا ڪري انسان جي انهن بيمارين لاءِ علاج به ڳولهي سگهن ٿا، جن جي باري ۾ انسان تصور به نه پيو ڪري سگهي. اڄ  بيمار انسان جي اندر مختلف قسم جا ٽيوب يا دل جي نسن ۾ اسٽنٽ وڌا ويندا آهن اهي به بايوٽيڪ جو حصو آهن. اڄ انسان حيرت انگيز طور تي بايوٽيڪ ۾ ترقي ڪري ويو آهي. سڀني کان اهم ڳالھ ته اڄ جي جديد ميڊيڪل سائنس ان تي بحث ڪري ٿي ته وڌندڙ عمر به هڪ بيماري آهي. ان جو مطلب اهو آهي ته علاج ذريعي وڌندڙ عمر کي روڪي سگهجي ٿو. هراري پنهنجي ڪتاب ۾ ڪي اشارا اهڙا به ڏئي ٿو جنهن ۾ انسان آرٽيفيشل انٽيليجنس جي ذريعي پنهنجي ياداشت پنهنجا تجربا مطلب جيڪو ڪجھ ان جي ذهن ۾ آهي اهو ڪنهن ڪمپيوٽر ۾ محفوظ ڪري وٺي پوءِ اهو به ممڪن ٿي سگهندو ته ڪنهن روبوٽ ۾ اهي شيون ٽرانسفر ڪيون وڃن ۽ اهو روبوٽ توهان سان ايئن ڳالهائيندو جيئن توهان جو دوست توهان سان ڳالهائيندو هجي. انسان، مشين ۽ ٽيڪنالاجي جي رشتي کي ڪئي سال گذري چڪا آهن. اسٽيفن هاڪنگ پنهنجي آخري وقت ۾ ڳالھ ٻولھ نه ڪري سگهندو هو، پوءِ سائنسدانن ان کي اهڙي ڊوائيس ٺاهي ڏني جنهن جي مدد سان هاڪنگ ڳالهائي سگهندو هو. ان ڊوائيس کي اسپيچ جنريٽنگ ڊوائيس چيو ويندو آهي. هراري هومو ڊيوس جي آخر ۾ ڊيٽا تي به لکي ٿو ته ڪيئن گوگل، سوشل ميڊيا جي ڪري انسانن جو سڄو رڪارڊ دنيا جي وڏين ڪمپنين وٽ محفوظ ٿيندو پيو وڃي. هراري پنهنجي ڪتاب 21 ليسن آف 21 سينچري ۾ ڊيٽا تي تفصيل سان بحث ڪيو آهي ته مستقبل ۾ اهو ملڪ وڌيڪ طاقتور هوندو جنهن وٽ وڌيڪ ڊيٽا هوندي. هن وقت دنيا ۾ جيتري ويليو سوشل ميڊيا جي آهي اوتري دنيا ۾ موجود تيل جي ذخيرن جي به ناهي.

هراري پنهنجي ڪتاب 21 ليسن آف 21 سينچري ۾ مذهب، سياست، سياسي نظريا، معاشي نظريا، ڊجيٽل انقلاب، آرٽيفيشل انٽيليجنس، انسانيت جو صحيح مفهوم، شخصي آزادي ۽ جنگين جي باري ۾ لکيو آهي. ان کان علاوه هن انسان جي نفسيات تي به لکيو آهي ته انسان سماج ۾ ڇو ٿو جدوجهد ڪري. هراري انسان جي ان نفسيات تي به لکي ٿو جيڪا انسان کي انتها پسندي ڏانهن مائل ڪندي آهي. جنهن ۾ انسان پنهنجي مخصوص نظرين ۾ انتها پسندي کان ڪم وٺندو آهي. هراري پنهنجن ڪتابن ذريعي ماڻهن کي اهو سمجهائڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ته اڄ جو انسان جيترو پنهنجو پاڻ کي آزاد سمجهي ٿو اصل ۾ هو ايترو آزاد ناهي بلڪه سوشل ميڊيا جي گهڻي استعمال سان هو وڌيڪ نظرن ۾ آهي. هراري مطابق آرٽيفيشل انٽيليجنس سوشل ميڊيا ۾ به ڪم ڪري ٿي. مثال طور: ڪو ماڻهو سوشل ميڊيا تي ڪا به شيءِ دلچسپي سان ڏسندو ته پوءِ هر دفعي ان ڏانهن اها شيءِ سامهون ايندي جيڪا هو ڏسڻ چاهيندو هوندو يا ان موضوع جو مواد سامهون ايندو جنهن ۾ ان جي دلچسپي هوندي. سوشل نيٽورڪنگ سائيٽن ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس ماڻهو جي شخصيت ۽ ان جي نفسيات بابت گهڻو ڪجھ ڄاڻي وڃن ٿيون. مستقبل ۾ عين ممڪن آهي ته اليڪشن به سوشل ميڊيا جي ووٽنگ تي ٿئي. هراري مطابق مستقبل ۾ انسان غير ضروري ٿي سگهي ٿو. ڇو ته ان جي جاءِ تي مشينون اچي وينديون ۽ اهڙو وقت به اچي سگهي ٿو جنهن ۾ مشينون انسان تي غالب اچي وڃن. هو وڌيڪ چوي ٿو ته اڄ هر ملڪ وٽ پنهنجي پنهنجي فوج آهي جيڪا بارڊر تي موجود آهي، پر ايئن به ته ممڪن آهي جو اهڙا ميزائيل ۽ اهڙا انٽيليجنٽ اوزار هنيا وڃن جو بارڊر ڪراس ڪندڙ پکي به پڪڙي سگهجي، بلڪه اڄ جو جديد ميزائيل سسٽم به ٿوري گهڻي فرق سان ايئن ڪم ڪري ٿو. جيڪر اهڙا تجربا ڪامياب رهيا ته پوءِ بارڊر تي هزارين فوجي رکڻ بي معنيٰ ٿي پوندو. اهڙيءَ طرح هر اهم ڪم انسان بدران مشين ڪندي ۽ انسان بي معنيٰ ٿي پوندو ۽ دنيا مستقبل ۾ بيروزگاري جي بحران کي منهن ڏيندي. هراري جو چوڻ آهي ته انسان کي هاڻي اڳتي هلي پنهنجي قوم، پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي مذهب واري جذبي کان نڪري پوري انسانيت بابت سوچڻو پوندو. هو چوي ٿو ته مستقبل ۾ ڊجيٽل ڊڪٽيٽرشپ قائم ٿي سگهي ٿي. جنهن وٽ وڌيڪ ڊيٽا هوندي اهوئي وڌيڪ طاقتور سمجهيو ويندو ۽ جنهن وٽ وڌيڪ ڊيٽا هوندي اهو پنهنجي ڊڪٽيٽرشپ قائم ڪري سگهندو. ڇو ته انسانن جو ذهن ٺاهڻ يا خراب ڪرڻ ۾ ڊجيٽل ڊيٽا جو وڏو عمل دخل آهي.

***