ٺٽي ۾ 105 سال قديم تاريخي اسڪول تي هڪ نظر آصف علي جوکيو May 2021
ٺٽو شھر سنڌ جو اڳوڻو گادي جو ھنڌ ۽ علم جو مرڪز رھيو آھي جتي سڄي سنڌ کان ماڻھون علم حاصل ڪرڻ ايندا ھئا جنھن ڪري ھي شھر سنڌ اندر ھڪ الڳ مقام ۽ تاريخي حيثيت رکي ٿو. ٺٽي شھر ۾ ھن وقت به ڪافي تاريخي جڳھيون موجود آھن جن ۾ ھڪ سمان دور جي درسگاھ واري عمارت پڻ موجود آھي، جيڪا ھاڻي گجراتي اسڪول نالي سان مشھور آھي جيڪا مختلف وقتن ۾ ڊھندي ۽ ٺھندي رھي آھي، پر ٺٽي شھر ۾ ھڪ 105 سال پراڻي انگريز دور جي ٺاھيل تاريخي عمارت اڄ به پنھنجي اصلي شڪل ۾ موجود آھي، جنھن کي ھاڻي سنڌي اسڪول ٺٽو چئجي ٿو. جڏھن ته اڳوڻو نالو نارائڻ داس گنگا رام اي وي اسڪول ھو. ھن اسڪول جي عمارت چاندني چوڪ شاھي بازار ٺٽي سان لڳو لڳ آھي. ھن وقت ان عمارت ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري سنڌي اسڪول ٺٽو ھلي ٿو. ھيءَ تاريخي عمارت 105 سال اڳ 28 مارچ 1916 ۾ ٺھي مڪمل ٿي ھئي، اسڪول عمارت جي شاندار تعمير ۽ ڊزائين انجنيئر درگاداس بي آڏواڻي جو ٺاھيل آھي. درگاداس بي آڏواڻي ڪراچي جو مشھور انجنيئر، سياسي سماجي اڳواڻ ۽ واپاري شخص ھو، جنھن سال 1898 کان 1901 ڌاري انجنيئرنگ جي ڊگري ڊي جي ڪاليج سنڌ مان حاصل ڪئي. پاڻ 4 مئي 1937 کان 4 مئي 1938 تائين ڪراچي جو ميئر به رھي چڪو آھي. پٿرن جي ٺھيل ھن اسڪول جي عمارت جي تعمير ۾ ٽوٽل 25,500 رپيا خرچ آيو، جنھن مان 11,000 رپيا سيٺ چتر ڀڄ مولجي مل پٽ سيٺ گنگا رام ڀاٽيا، سيٺ نارائڻ داس ڀاٽيا جي ياد ۾ ڏنا ھئا، تنھنڪري اسڪول جو نالو نارائڻ داس گنگا رام ورنيڪيولر اسڪول رکيو ويو، جنھن اندر شاگردن کي سنڌي ۽ انگريزي ۾ تعليم ڏني ويندي ھئي، پر هاڻ اسڪول جو نالو گنگا رام ڀاٽيا اي وي اسڪول مان تبديل ٿي صرف سنڌي اسڪول ٺٽو ٿي چڪو آھي. حقيقت ۾ اسڪول جو نالو گنگا رام ڀاٽيا سنڌي اسڪول ھئڻ کپي. اسڪول جي عمارت جو افتتاح 28 مارچ 1916 ۾ اي ايس او ويسٽ روپ ڪليڪٽر ڪراچي ڪيو ھو، جيڪو گل حسن ڪلمتي جي ڪتاب مطابق 1913 کان وٺي 1916 تائين ڪليڪٽر ڪراچي ھو. محقق ۽ تاريخدان پروفيسر امان الله جوکيو مطابق ٺٽي ۾ پراڻين عمارتن جو بنياد پٿرن جو ٺھيل ھوندو ھو. جڏھن ته ديوارون ڪاٺ جون ٺھيل ھونديون ھيون ۽ ساڳي نموني جون عمارتون حيدرآباد ۽ شڪارپور ۾ به ٺھنديون ھيون. سنڌي اسڪول ٺٽي جي عمارت مڪمل طور پٿرن جي ٺھيل آھي، جنھن ۾ ٽوٽل اٺ ڪمرا ۽ ٻه وڏا ھال آھن جنھن مان چار ڪمرا ۽ هڪ ھال گرائونڊ فلور تي آھن، جن جي صورتحال ڏاڍي خراب آھي ۽ مرمت جي سخت ضرورت آھي. جڏھن ته باقي رھيل چار ڪمرا ۽ هڪ ھال فرسٽ فلور تي آھن تن جي صورتحال بھتر آھي. تنھن بابت ھيڊ ماستر اميت ڪمار ٻڌايو ته اھا مرمت احمد پٽيل ٽرسٽ وارن ڪرائي ڏني آھي. جڏھن ته گرائونڊ فلور انتظاميه جي نااھلي سبب زبون حالت ۾ آھي. ھن اسڪول جي عمارت ته 1916 ۾ ٺھي ھئي، پر اسڪول ان کان به 20 يا 30 سال اڳ کان ھلندڙ ھو ۽ ضرورت کي محسوس ڪندي گورنمينٽ ۽ لوڪل ماڻھن جي سھڪار سان اسڪول کي عمارت ٺاھي ڏني وئي. ھن اسڪول مان جن تاريخ ساز شخصيتن تعليم حاصل ڪئي تن ۾ ڊاڪٽر لکو مل ڀاٽيا به آھي، جيڪو ٺٽي ڄائو ڪراچي مان تعليم حاصل ڪندڙ سنڌ ۽ ھند جو وڏو مشھور ڊاڪٽر ھو، جنھن سارڪ ايوارڊ پڻ حاصل ڪيو. جڏھن ته مختيارڪار رھندڙ ۽ بعد ۾ سرڪاري نوڪري ڇڏي ايم پي اي ٿيندڙ ۽ 1938 ۾ وڏي وزير شھيد الله بخش سومرو جي ڪابينا ۾ شامل ٿي انجنيئرنگ کاتو رکندڙ نيچلداس وزيراڻي پڻ ھن اسڪول مان پڙھيو. سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪتاب “جنب گذاريم جن سين” ۾ لکي ٿو ته شيخ عبدالمجيد سنڌي جيڪو نيچلداس وزيراڻي جو اسڪول فيلو ھو تنھن به سنڌي اسڪول ٺٽي مان تعليم حاصل ڪئي. ٺٽي شھر جي ھن تاريخي عمارت کي اڄ مرمت جي سخت ضرورت آھي ان ڪري حڪومت کي کپي ته ان لاءِ خاص بجيٽ منظور ڪري مرمت جو ڪم ڪرائي، پر ھڪ ڳالھ جو خاص خيال رکي ته عمارت جي سامھون واري ڏيک ۾ ڪابه تبديلي نه اچي. ڇو ته اھا شاندار عمارت خوبصورت ڏيک به ڏئي ٿي ته تاريخي حيثيت پڻ رکي ٿي، جنھن کي ساڳي شڪل ۾ قائم رکڻ عوام ۽ حڪومت جي ذميواري آھي.
***