بلاگخاصنئون

ٻئي جي گهر جو خيال ڪريو….

الطاف شيخ جي سفر نامي “وسي وڏ ڦڙو” مان کنيل

ٻئي جي گهر جو خيال ڪريو….

الطاف شيخ

هن ڀيري مون کي ملائيشيا ۾ پنهنجي ملڪ جي ماڻهن جو وڌندڙ تعداد ڏسي حيرت ٿي آهي. پنجاب ۽ سرحد (KPK) جا ته ڪيترائي نظر ايندا رهيا ٿي، پر هاڻ سنڌ جا سنڌي مسلمان به ملائيشيا جي هر شهر ۾ نظر اچن پيا. هونئن سنڌ جو هندو  جِتي واپار ۽ تعليم جي سلسلي ۾ دنيا جي هر ملڪ ۾ نظر ايندو رهيو ٿي اتي هاڻ اسان جو سنڌي مسلمان پڻ، مرد توڙي عورتون تعليم، نوڪري، بزنس ۽ پورهئي لاءِ ملائيشيا ۾ رهي رهيا آهن. هو يونيورسٽين ۽ اسپتالن ۾ يا پرائيويٽ ڪمپنين ۾ نوڪري ڪري رهيا آهن. ڪيترا اهڙا آهن جيڪي عرب ملڪن ۾ نوڪري ڪن ٿا، پر پنهنجن ٻارن کي تعليم لاءِ ملائيشيا ۾ رکيو اٿن جن سان گڏ رهڻ لاءِ ماءُ کي هِتي جي حڪومت طرفان ويزا ملي ٿي. ڪيترا ته هِتي جي سيڪنڊ هوم اسڪيم طرفان ڏهه سالن جي ويزا تي رهيل آهن. انهن مان ڪي مسواڙ جي گهرن يا فليٽن ۾ رهن ٿا ته ڪن پنهنجا گهرَ خريد ڪري ڇڏيا آهن. خاص ڪري فليٽ جن ۾ هو رهن ٿا. پنهنجي ملڪ موٽڻ تي انهن کي تالو هڻيو وڃن. ملڪ ۾ ڪافي حد تائين امن امان آهي ۽ قاعدو قانون پڻ سخت آهي. ڪو ڪنهن جي گهر تي غير قانوني قبضو نٿو ڪري ۽ ساڳئي وقت انهن ۾ رهندڙن لاءِ به سخت قاعدا قانون آهن جن جي ڀڃڪڙي ڪرڻ واري کي سخت سزا ملي ٿي. بلڊنگ ۾ يا پاڙي اوڙي ۾ رهندڙن جو خيال رکڻ هر هڪ جو فرض سمجھيو وڃي ٿو.

ڪلهه ڪوالالمپور جي چوڪٽ مارڪيٽ ۾ سنڌ جي هڪ ڊاڪٽر سان ملاقات ٿي جيڪو ڪنهن زماني ۾ ٽي سال کن هِتي ملائيشيا ۾ هو. هاڻ آسٽريليا ۾ نوڪري ڪري ٿو. هن وقت هو ٻن مهينن جي موڪل تي پنهنجي ڳوٺ خيرپور وڃي رهيو هو. هن ٻڌايو ته آسٽريليا کان پاڪستان ويندي ۽ موٽندي هو ٽي چار ڏينهن هِتي ڪئالالمپور ۾ ٽڪي پوندو آهي.

“اسان جي پاسي جي هڪ شاهه صاحب وڏيري جو فليٽ آهي جيڪو مون هن کي وٺرايو هو جڏهن آئون هِتي هئس”،  هن ٻڌايو، “هو سال ۾ هڪ يا ٻه دفعا مهيني اڌ لاءِ ايندو آهي. فليٽ جي هڪ چاٻي مون کي به ڏيئي ڇڏي اٿس ۽ رهي پوندو آهيان.”

شهر جو چڪر هڻندي اسان ان بلڊنگ جي ويجھو اچي پهتاسين ۽ هن مون کي فليٽ تي هلي چانهه پيئڻ ۽ اتي رهندڙ هڪ ٻن ٻين دوستن سان ملڻ لاءِ زور ڀريو. اسان لفٽ ذريعي سندس فليٽ تي پهتاسين جِتي ٻه ڄڻا ٻيا به رهيل هئا. هڪ ڀر واري يونيورسٽي مان Ph.D ڪري رهيو هو ۽ ٻيو هفتو کن گهمڻ لاءِ سکر کان آيو هو. ٻئي ڄڻا مون سان ملي ڏاڍا خوش ٿيا هڪ اٿي چانهه ٺاهڻ لڳو ۽ ٻيو ڪجهه کاڌو وٺڻ لاءِ نڪري رهيو هو ته مون جھليو مانس ۽ اسان فقط چانهه تي ويهي خبر چار ڪئي. ڪلاڪ ڏيڍ کن ويٺس جنهن ۾ واش روم ۾ به وڃڻ ٿيو ۽ چانهه کي پنهنجي مرضي مطابق ٺاهڻ لاءِ ڪچن ۾ به ويس. هڪ ڳالهه ڏسي مون کي افسوس ٿيو ته واش روم جي حالت خراب هئي. هڪ نلڪو ته لڳاتار ليڪ ٿي رهيو هو. ڪموٽ به ڪجهه ڪجهه چوڪ هو. ڪچن ۾ ڪيترن ڏينهن جي ڊبل روٽي جا ٽڪرا ۽ ڀُرڪٽ ٽيبل تي ۽ فرش تي پکڙيل هئا. ڪچري واري باردي انبن جي کلن، ٻوڙ جي هڏن ۽ خراب ٿي ويل ڌونئري سان ڀريل هئي بلڪه اٿلي پئي. ٽي وي لائونج جيڪا هِتي جي ڊرائنگ روم به ٿي، جِتي چانهه کڻي اچي ويٺاسين ان ۾ وڇايل غاليچي تي نه فقط سگريٽ جي راک هئي، پر هڪ ڏينهن اڳ جي ڪريل کير جي چڪڻ ۽ ڌپ پڻ هئي. مون کي وٺي اچڻ واري همراهه ٻڌايو ته هنن ٻن کي پڻ شاهه صاحب (فليٽ جي مالڪ) پنهنجي دوست جي سفارش تي ڪجهه ڏينهن لاءِ رهڻ جي اجازت ڏني آهي جيسين هو پنهنجي رهائش جو بندوبست ڪن.

ان کان علاوه شاهه صاحب جا ڪامورا يا سياسي دوست پڻ اڪيلا يا فيملين سان ملائيشيا ۾ ايندا آهن ته شاهه صاحب کان سندس فليٽ جي چاٻي وٺي اچي رهندا آهن.

هتي آئون ان قسم جي گهرن (فليٽن) جي مالڪن، انهن ۾ رهندڙ سندن دوستن ۽ پڙهندڙن جي ڄاڻ ۽ نصيحت لاءِ اهو لکڻ ٿو چاهيان ته ان قسم جا خالي فليٽ توهان ڀلي پنهنجي دوستن يا مائٽن کي عارضي طور ڏئي هنن کي پرديس ۾ اجايو ڀٽڪڻ يا هوٽل ۾ رهائش جي وڏي خرچ کان بچايو، پر مهرباني ڪري اهو ڪم سوچي سمجھي ڪندا ڪريو ۽ پنهنجي فليٽ جي چاٻي هميشه جوابدار حوالي ڪندا ڪريو. ڇو جو توهان جي غير موجودگي ۾ توهان جي فليٽ ۾ ڪو به مسئلو ٿئي ٿو يا توهان جي دوست يا مائٽ جنهن جي حوالي توهان فليٽ ڪيو آهي، ان کان ارادتا يا غير  ارادتن ڪا غلطي ٿئي ٿي ته ان جو نقصان يا سزا توهان کي ڀوڳڻي پوي ٿي ڇو جو ان جاءِ جا مالڪ توهان آهيو. اها ملڪيت توهان جي نالي لکيل آهي. آئون سالن کان پنهنجي نيوي جي شاگردن کي اها نصيحت ڪندو رهان ٿو ته توهان کي دنيا جي مختلف ملڪن جي شهرن ۾ يا مسافر جي حيثيت ۾ ڪنهن مهربان دوست جي جهاز تي ڪجهه ڏينهن لاءِ رهڻو پوي ته ان کي ڇڏڻ وقت ان گهر يا جهاز جي ان ڪئبن کي ان ئي بهتر حالت ۾ ڇڏيندا ڪريو جنهن ۾ توهان کي ملي. منهنجو هڪ ڪلاس ميٽ دوست ڪئپٽن مظهر زيدي ته ان تي بضد هوندو آهي، ڇڏڻ وقت ان ڪمري يا گهر کي پهرين کان به بهتر ڇڏجي. باٿ روم يا ڪچن جو ڪو نلڪو وهي رهيو هجي ته انجنيئر جي حيثيت ۾ ان کي ٺيڪ ڪري وڃجي. ڪموٽ ۾ پاڻي leak ٿي رهيو آهي ته چار پئسا خرچ ڪري پلمبر کان اهو ٺيڪ ڪرائي ڇڏجي، ڇو جو خبر ناهي گهر جو مالڪ ڪڏهن اچي تيسيتائين هن کي پاڻي وهڻ جو ڇو نقصان ٿئي. ولائت ۾ اليڪٽرسٽي، گئس ۽ ٽيليفون وانگر  هر گهر کي پاڻي جو ميٽر به ٿئي جيڪو توهان جي پاڻي جي کپت نوٽ ڪري ٿو ۽ ان موجب توهان کي هر مهيني پاڻي جي بل جي ادائگي ڪرڻي پوي ٿي. هونئن به ڏٺو وڃي ته جڏهن توهان جي دوست توهان کي پنهنجو فليٽ ڏيئي توهان جو هزاين رپيا هوٽل جو خرچ بچايو آهي اتي توهان جي اخلاقي ڊيوٽي آهي ته وڃڻ وقت ٻه چار سئو رپيا پلمبر تي خرچ ڪري هن کي پاڻي جي ڳري بل کان بچائي سگهو ٿا.

پر مون ڏٺو آهي ته اسان جا ڪيترائي سٺي سوچ رکڻ وارا به ان معاملي ۾ غير جوابداري جو ڪم ڪندا. منهنجي هڪ لاڙڪاڻي جي دوست ٻڌايو ته هن ٻارن جي تعليم دوران نيو يارڪ آمريڪا ۾ هڪ فليٽ ورتو هو جيڪو پوءِ خالي هجڻ ڪري پاڪستان مان ويندڙ دوستن يارن کي ان جي چاٻي ڏئي ڇڏيندو هو. هڪ ڏينهن هن کي پوليس طرفان نوٽيس آيو ته هو آمريڪي ڪورٽ ۾ اچي حاضر ٿئي ٻي صورت ۾ فليٽ ضبط ٿي ويندو… بهرحال قصو مختصر ۽ هن ريت ته ٻه مهينا اڳ، جن هم وطني دوستن کي هن پنهنجي نيو يارڪ واري فليٽ جون چاٻيون ڏنيون هيون اهي هفتو کن اتي رهيا، پر صفائيءَ جو خيال نه رکيائون. آخري ڏينهن تي ته چڪن تڪا ۽ انهن جا بچيل هڏا ۽ نان ڊبل روٽيون ڊائننگ ٽيبل تي ئي ڇڏي تڙ تڪڙ ۾ ٽئڪسي ۾ چڙهي نيو يارڪ جي هوائي اڏي تي پهتا. اتان پنهنجي وطن اچي نڪتا هوڏانهن سندن بچيل کاڌي تي اچي ڪاڪروچن ۽ ٻين ڪينئن ديرو ڄمايو ۽ ويا وڌندا. انهن جي ايڏي ته ويجھه ٿي جو هو ڪجهه هفتن بعد هن جي فليٽ مان نڪري پاڙي وارن جي فليٽن ۾ داخل ٿيڻ لڳا… جن پوليس کي رپورٽ ڪئي ۽ هن فليٽ جي مالڪ جي وٺ پڪڙ ٿي. بهرحال هي همراهه نيو يارڪ پهتو. وڪيل ڪيائين… ڪافي ڏنڊ ڀريائين ۽ پنهنجي ڀر وارن فليٽن جي فيوميگيشن تي خرچ ڪيائين.

ان قسم جو هڪ واقعو هِتي ملائيشيا ۾ اسان جي ملڪ جي هڪ همراهه جي فليٽ ۾ ٿيو. هن جي فليٽ ۾ هڪ فيملي هفتي کن لاءِ اچي رهي جنهن جا ٻار ڪجهه زياده ئي ڏنگا هئا. فليٽ جي درين جا شيشا ۽ ٽيبلن تي سجايل شو پيس ته ڀڳائون آخري ڏينهن تي ڪموٽ ۾ پنا وغيره وجھڻ ڪري ڪموٽ چوڪ ڪري وڌائون.

اهوئي ڪموٽ، هلڪو هلڪو  leak ته پهرين کان هو. هي همراهه ته فليٽ کي چاٻي هڻي هليا ويا، پر ڪجهه ڏينهن بعد ڪموڊ ۾ گڏ ٿيندڙ گند ۽ پاڻي سڄي باٿ روم ۽ باٿ روم کان ٻاهر اٿلندو رهيو. ٽي وي لائونج ۾ وڇايل غاليچا به ان پاڻي ۾ پسي آلا ٿي ويا ۽ هاڻ گندو پاڻي ۽ بدبوءِ فليٽ کان ٻاهر به اچڻ لڳي. پاڙيوارن جي شڪايت تي پوليس اچي وئي ۽ اخبار ۾ به خبر اچي وئي.

منهنجي خيال ۾ ته مالڪن کان چاٻيون وٺي انهن جي گهرن/فليٽن ۾ رهندڙ مهمانن کي کپي ته هو پنهنجي دوستن کي نقصان کان بچائين ۽ هنن جي فليٽن ۾ رهڻ دوران صفائي جو خيال رکن. آخري ڏينهن تي فليٽ ڇڏڻ وقت ان کي چڱي طرح ٻُهاري ڏئي فلٽ ڪجي جيئن ڪاڪروچ ۽ ڪينئان نه ٿين. ياد ڪري پاڻيءَ جا نلڪا ۽ رڌ پچاءُ جي گئس جا وال بند ڪجن ۽ ان سان گڏ دريون پڻ چڱي طرح بند رکجن. فرج ۾ جي سامان آهي ته ان کان علاوه باقي بجلي جا سوئچ بند ڪري نڪرجي. ساڳي وقت مالڪ کي به کپي ته هو چاٻي ڏيڻ وقت مهمانن کي پارت ڪري. ڪجهه اهڙا به ڪيس ٿيا آهن جن ۾ فليٽ جي مالڪن جي دوستن کي ڏنل چاٻي هنن پنهنجن ٻين دوستن کي ڏني هوندي ان فليٽ کي غلط استعمال ڪري فليٽ جي مالڪن کي سورن ۾ وڌو هوندو. اڄ ڪلهه هِتي هڪ عورت جو ڪيس هلي رهيو آهي جنهن کي ڪنهن فليٽ ۾ رهندڙ اسان جي ملڪ جي ماڻهن جيڪي مهمان طور اچي رهيا هئا، زيادتي جو نشانو بڻايو. خبر ناهي ان فليٽ جي اصلي مالڪ جيڪو شايد ڪراچي يا لاهور ۾ هجي، ان ڳالهه جي خبر به پئي آهي يا اڃان نه… ڇو جو آخر ۾ ان تي به ڇنڊا ته ضرور ايندا. ان کان علاوه اسان جي ملڪ جي بدنامي الڳ ٿي رهي آهي.