پاڪستان جو هيرو – ملائيشيا جي هيروئن

الطاف شيخ جو سفر نامو

خبرون کيڙائن جون

پاڪستان جو هيرو – ملائيشيا جي هيروئن

الطاف شيخ

ايشيا ۾ ننڍي کنڊ (بنگلاديش، پاڪستان ۽ هندستان) ۽ ٻين به ڪيترن ئي ملڪن تي انگريزن جو راڄ رهيو، جهڙوڪ: هانگ ڪانگ، سنگاپور، برما، برونائي، سلون، ملائيشيا وغيره. ٻي وڏي لڙائيءَ ۾ جنهن جپانين انگريزن جي انهن بيٺڪن تي حملو ڪيو ته اسان جي کنڊ جا ماڻهو-گورکا، سک، پنجابي، پٺاڻ- جيڪي انگريز فوج ۾ هئا- هانگ ڪانگ، برما، سنگاپور ۽ ملائيشيا کي بچائڻ لاءِ جاپانين سان وڙهيا. جنگ دوران ڪيترائي مارجي ويا، ڪيترا ڦٽجي پيا.

هوڏانهن يورپ پاسي جرمني ۽ هيڏانهن جاپان، انگريزن جي قبضي ۾ آيل ملڪ هڪٻئي پٺيان حاصل ڪندا ويا، پر پوءِ انگريزن کي وري سندن بيٺڪون ملي ويون. پوءِ انگريزن سگھو ئي هندستان کي آزاد ڪيو ۽ پاڪستان جنم ورتو. ان بعد سنگاپور ۽ ملائيشيا کي به آزادي ملي. انگريزن جي فوج، پوليس ۽ ٻين کاتن ۾ اسان جي طرف جا ڪم ڪندڙ ماڻهو موٽي پنهنجي آزاد ملڪن: هندستان، پاڪستان ۾ آيا، پر ڪيترائي پنهنجن اباڻن ڳوٺن ۾ اچڻ بدران هتي ملائيشيا ۾ ئي ترسي پيا. هڪ ته تن ڏينهن ۾ سفر ڪرڻ ڪو سولو ڪم نه هو جهڙو اڄ آهي. ٻيو ته ننڍپڻ کان فوج ۾ رهڻ ڪري هنن لاءِ جهڙو هي ملڪ تهڙو اباڻو ديس. ڪيترا پاڪستاني ۽ هندستاني هتي ملائيشيا ۾ ان ڪري به ترسي پيا جو وڏي جنگ، بيماري، ڏڪار ۽ هندستان جي ورهاڱي مهل ٿيل ڪوس، ظلم، لڏپلاڻ (جنهن ۾ پنجاب صوبو هيڪاندو گھڻو اثر هيٺ اچي ويو) ۾ مائٽ مٽ دربدر ٿي ويا. نتيجي ۾ هاڻ هو ڪٿي ۽ ڪنهن وٽ موٽي وڃن. ان ڪري ڪيترائي پنجابي مسلمان توڙي سک، ۽ پٺاڻ هتي جي ملئي ۽ چيني عورتن سان شادي ڪري، هتي جي ئي ماحول ۾ رچي، بسي ويا. ڪي وري پنهنجي وطن وڃي شاديون ڪري ڪجھه عرصو رهي، پوءِ هميشه لاءِ ملائيشيا ۾ رهڻ لاءِ زالن، ٻارن ۽ ٻين مائٽن کي وٺي آيا.

سو اهڙيءَ طرح ملائيشيا جي ڪيترن ئي رياستن ۾ پاڪستان جي پنجاب صوبي جا ماڻهو ملندا جن مان ڪيترا ته اڄ به پنهنجي اصلوڪي ديس جو چڪر هڻندا رهن ٿا. ڪي وري هڪ دفعو به واپس ان وطن ۾ نه ويا آهن جتي هو ڄاوا نپنا. هو هتي رهي هتي جي ملئي زبان کان علاوه پنهنجو پاڻ ۾ اڃا تائين پنجابي ڳالهائين ٿا- جيتوڻيڪ سندن اولاد ملئي مائرن جي ڪري پنجابي ايتري سٺي نٿو ڳالهائي، پر سمجھي چڱيءَ طرح ٿو جنهن جو مڌر لهجو هنن کي ڏورانهين ڌرتيءَ جي ياد ڏياري ٿو، جنهن جو نالو پاڪستان آهي ۽ جنهن جي سرسبز ۽ دريائن جي ديس واري صوبي پنجاب ۾ سندن پيءُ ڏاڏو ڄائو ۽ وڏو ٿيو ۽ پوءِ “انگريز بهادر” جي نوڪريءَ ۾ هجڻ ڪري ملائيشيا کان اچي نڪتو-  جيڪو تن ڏينهن ۾ پنجاب جي مقابلي ۾ هر لحاظ کان پٺتي پيل هو- تهذيب ۾، ٽيڪنالوجي ۽ سائنس ۾، لوڪ ادب ۾، شعر و شاعريءَ ۾.

ملائيشيا ۾ رهندڙ ننڍي کنڊ جي ماڻهن ۾ هندستان جي تامل ناڊو ۽ ڪيرالا رياستن جا سڀ کان گھڻا آهن جن جي مادري زبان تامل، مليالم، ڪنهڙ ۽ تيلگو وغيره آهي، پر اهي سڀ هڪ ٻئي سان تامل زبان ۾ ڳالهائين ۽ پرائمري ليول تائين ٻارن کي تامل اسڪولن ۾ موڪلين. ان بعد ننڍي کنڊ جا سک، پنجابي مسلمان، گجراتي، بنگالي، بهاري، سنڌي هندو ۽ پٺاڻ آهن. اهي هڪ ٻئي سان اردو (يا کڻي چئجي ته هنديءَ) ۾ ڳالهه ٻولهه ڪن. ٻارن کي پرائمري ليول کان ئي ملئي ۽ انگريزي پڙهائين جو هتي پرائمري تعليم جا اسڪول چيني، ملئي، انگريزي ۽ تامل ۾ آهن. تامل ۽ چيني اسڪولن جو ڪو خاص اسڪوپ نه رهيو آهي. اهي ٻئي ٻوليون ملئي ۽ انگريزيءَ کان ڏکيون پڻ آهن.

بهرحال ڳالهه انهن ماڻهن جي پئي ڪئيسين جيڪي انگريزن جي ڏينهن ۾ پاڪستان کان هتي نوڪري ۽ پورهئي خاطر آيا ۽ ان بعد واپسيءَ جي ڏکئي سفر ڪري، سُستيءَ ڪري يا هتي جي ڌرتي يا ان جي ڪنهن دوشيزه سان دل لڳائڻ ڪري ويهي رهيا- جنهن جي نگاهن جي تيرن سندن پيرن ۾ سنگهرون وجھي ڇڏيون ۽ هتي ئي قابو ٿي ويا.

اهڙي ڪنهن پاڪستاني فئملي جي ڪهاڻيءَ تي اسان جو يار انور اقبال فلم ٺاهڻ جي موڊ ۾ آهي. انور اقبال بلوچستان جو آهي. سنڌي، اردو، پنجابي ۽ بلوچي سٺي ڳالهائي ٿو. بنيادي تعليم ڪراچيءَ جي مئري ڪلاڪ اسڪول ۽ اسلاميا ڪاليج مان ورتي اٿس ۽ ڪراچي ٽي. وي جي سنڌي ۽ اردو ڊرامن مان کيس مشهوري حاصل ٿي ۽ هاڻ پاڪستان فلم انڊسٽريءَ جو ائڪٽر ۽ پروڊيوسر آهي. مون سان هارون رند ۽ محمود صديقي وارن ٽي وي اسٽيشن تي سندس ڄاڻ سڃاڻ ڪرائي هئي، جڏهن هو اڃا ٽي وي جو آرٽسٽ هو.

تازو ٻه چار ڏينهن اڳ، هو ان سلسلي ۾ هتي ڪوالالمپور آيو هو. مون کي پڻ ڪوالالمپور کان اڏيري لعل جي اسرار شاهه فون تي اهو ٻڌايو ته هڪ پاڪستاني همراهه فلم ٺاهڻ جي سلسلي ۾ ملائيشيا آيو آهي.

ٻئي ڏينهن صبح ساڻ سندس تصوير هتي جي هڪ فلم ائڪٽريس لينا فيروز شاهه سان گڏ انگريزي اخبار ۾ ڏٺم. تصوير سان گڏ اها خبر هئي ته ملائيشيا جي ائڪٽريس لينا کي پاڪستاني پروڊيوسر انور اقبال، پاڪستان ۾ مستقل طور اداڪار ٿي ڪم ڪرڻ جي آڇ ڏني آهي.

جيسين انور اقبال وارن سان ملاقات ٿئي تيسين لينا جو فون نمبر هتي جي هڪ رڪارڊنگ ڪمپنيءَ کان ملي ويو جنهن ان سلسلي ۾ وڌيڪ تبصرو ڪرڻ نه چاهيو، پر هوءَ خوش ضرور هئي ۽ تمام گھڻو ته هاڻ هوءَ ملائيشيا کان علاوه، هڪ ٻئي ملڪ- پاڪستان جي فلمن ۾ پڻ ڪم ڪندي ۽ ڄاڻ ته بين الاقوامي شهرت جي اداڪاره ٿي. لڳي ٿو ته کيس مون وانگر پاڪستاني فلم انڊسٽريءَ جي گھٽ ڄاڻ آهي. پاڪستاني فلمن جو چيو وڃي ٿو ته معيار ايترو ڪري پيو آهي جو خود پاڪستان جا ماڻهو وڏي پڙدي جون فلمون ڇڏي ٽي وي تان ڪرڪيٽ مئچون پيا ڏسن. ڪنهن زماني جا چوٽيءَ جا اداڪار ۽ اداڪارائون پڻ فلمون ڇڏي ڪراچيءَ جي سوڙهين گھٽين ۾ ٿيندڙ اسٽيج ڊرامن ۾ حصو وٺڻ لاءِ واجھائي رهيون آهن. پاڪستاني فلمون ته هاڻ سنجھورو، سانگھڙ، کپرو، ميهڙ جهڙن ڳوٺن ۾ به نٿيون هلن، پر جيڪا پر اميد ڳالهه آهي اها انور اقبال جي ذات آهي. هو محنتي، ذهين ۽ پئسي وارو آهي. چاهي ته هن قسم جي فلم کي هو نه فقط پاڪستان ۾ پر ٻين ملڪن ۾ پڻ هلائي پنهنجو ۽ ملڪ جي فلمي دنيا جو نالو مٿانهون ڪري سگھي ٿو. جنهن قسم جي ڪهاڻي سندس من ۾ آهي ان قسم جي فلم گھڻن ملڪن ۾ نه ته دبئي، دوحا، ملائيشيا، سنگاپور، بنگلاديش، سريلنڪا، انڊونيشيا، مالديپ ۽ فجي جهڙن ٻيٽن تي ضرور هلي سگھي ٿي، جتي ڪيترائي پاڪستاني ۽ ملئي ماڻهو رهن ٿا. آخر ته ان پئٽرن جون شميم آرا جون فلمون مس هانگ ڪانگ، پلي بواءِ وغيره به ته ڪافي مارڪيٽ حاصل ڪري ويون هيون ۽ انور اقبال ته پڪ شميم آرا کان وڌيڪ اڄ جي فلمي مسئلن ۽ مارڪيٽنگ کان ڄاڻو آهي، پر شميم آرا اهي فلمون ٺاهڻ مهل اها عقلمندي ضرور ڪئي ته انهن جي هيروئن پاڻ نه ٿي، پر هن فلم ۾ انور اقبال پاڻ هيرو ٿيڻ چاهي ٿو… ڀلي ٿئي … ڪو خاص اعتراض ناهي، بس فقط ٿورو ورزش ڪري ڪجھه جسم تان ماس هلڪو ڪري وٺي ته سٺو، نه ته هتي جا ماڻهو اهوئي چوندا ته پاڪستان جا ائڪٽر به هندستان جي تامل فلمن جهڙا آهن. جيڪي ائڪٽر گھٽ ڌونئرو ڏڌ وڪڻڻ وارا ميهار وڌيڪ لڳن ٿا يا وري سَڀرن مندرن جا صحتمند ٻانڀڻ.

انور اقبال سان گڏ پاڪستاني ڊائريڪٽر محبوب علي ۽ ڪهاڻي نويس جلال افغاني پڻ ملائيشيا آيو آهي. هو ڪنهن ملائيشين پئسي واري جي ڳولا ۾ آهن، جيڪو هن فلم جي خرچ ڀرڻ ۾ ساڻن ڀاڱي ڀائيوار ٿي سگھي- جنهن جي ستر سيڪڙو شوٽنگ هتي ملائيشيا ۾ ئي ڪرڻ جو سوچيو ويو آهي.

هن پاڪستاني گروپ هتي جي مشهور ملئي ڪهاڻي نويس ۽ فلمي نقاد حمزه حسين سان پڻ ملاقات ڪئي آهي ۽ ٻئي سال جي شروع ۾ ان فلم جو ڪم شروع ڪرڻ جي سلسلي ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي.

“ان فلم جي ڪهاڻي مسٽر افغاني لکندو جيڪا ٻن وڇڙيل خاندانن جي وچ ۾ ڳانڍاپي جي هوندي- جن مان هڪ پاڪستان ۾ ئي آهي ۽ ٻيو پاڪستان ڇڏي ملائيشيا ۾ اچي رهيو آهي.” حمزي ٻڌايو.

هن وڌيڪ چيو ته ان قسم جي ڪهاڻي نه فقط حقيقت تي مبني هوندي، پر ٻنهي ملڪن جي ماڻهن جي وچ ۾ وڌيڪ دوستي ۽ سڃاڻپ پڻ ڪرائيندي.

۽ مون کي پڻ ان جي اميد نظر اچي ٿي. اسان جا پاڪستاني- خاص ڪري پنجاب ۽ سرحد جا مسلمان پنجابي ۽ پٺاڻ دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ آهن. آفريڪا ۽ آمريڪا جي ملڪن کان وٺي يورپ جي ٿڌن ۽ برفاني ملڪن ۾. گلف ۽ عرب رياستن جي تپندڙ وارياسن ملڪن کان هندي ۽ پئسفڪ سمنڊن جي ٻيٽن تي، پر ملائيشيا اهڙو ملڪ آهي جتي پاڪستانين جي سڀ کان گھڻي عزت ڪئي وڃي ٿي ۽ هن قسم جي فلم ان مقصد ۾ اڃا وڌيڪ اضافو آڻي سگھي ٿي.

ملائيشيا کان علاوه هن فلم جي شوٽنگ پاڪستان، بنگلاديش ۽ سريلنڪا ۾ پڻ ڪئي ويندي ۽ ڪجھه آرٽسٽ انهن ملڪن جا به کنيا ويندا.

انور اقبال ٻڌايو ته ان قسم جي فلم راس ڪرڻ تي پنج لک آمريڪي ڊالر خرچ ايندو- يعني پاڪستاني هڪ ڪروڙ رپين جي لڳ ڀڳ- جيڪو هالي ووڊ يا اڄ جي انڊين هندي فلمن جي مقابلي ۾ ڦلن مٺ آهي، پر پاڪستاني فلم تي ايترو ناڻو لڳائڻ منڊي گھوڙي تي شرط لڳائڻ آهي. ڇو جو اڄڪلهه وي سي آر جي دنيا ۾ جڏهن هرڪو گھٽيءَ جي ڪنڊ واري دڪان تان فقط ڏهه رپيا خرچيو، چوريءَ جو ڪئسٽ (Pirated Tape) هڪ کان هڪ اعليٰ فلم جو وٺيو عزيزن دوستن سان گڏ گھر ويٺي ڏسيو ڇڏي. اتي وقت وڃائي، سئنيما هال تائين پهچڻ لاءِ ويهه رپيا ٽئڪسيءَ جو ڀاڙو ڀري، پوءِ ٻيا ڏهه رپيا فلم جي ٽڪيٽ جا ڏيئي، سخت ڪرسين تي ٽي ڪلاڪ ويهي ڪهڙو بيوقوف فلم ڏسندو- پوءِ اها فلم کڻي پاڪستان جي هيرو جي هجي، ملائيشيا جي هيروئن جي- يا سندس پنهنجي مڱڻي شاديءَ جي.

في الحال فلم ٺاهڻ ۽ هلائڻ جي ڏيتي ليتيءَ جو هن ريت حساب رکيو ويو آهي ته اڌ پئسا پاڪستان وارا ڀريندا ته اڌ ملائيشين ڀائيوار. فلم جو هيرو پاڪستاني_ يعني انور اقبال پاڻ ٿيندو ۽ هيروئن ملائيشيا جي ڪا ملئي يا چيني ڇوڪري- گھڻو ڪري لينا فيروز شاهه ٿيندي. پاڪستان، بنگلاديش ۽ سريلنڪا ۾ هن فلم مان ٿيندڙ اپت پاڪستاني ڀائيورا کڻندو. سنگاپور، ملائيشيا ۽ برونائي مان ٿيندڙ ڪمائي ملائيشين پارٽنر کڻندو. انهن ملڪن کان علاوه ٻين ملڪن ۾ جيڪڏهن فلم هلي ته اها ڪمائي اڌو اڌ ڪئي ويندي.

پاڪستاني ڊائريڪٽر محبوب عليءَ ٻڌايو ته جهڙي طرح ان قسم جون ٻين ملڪن بابت ڪيتريون ئي فلمون ٺهي ويون آهن، اهڙي طرح ملائيشيا ۽ پاڪستان جي گڏيل ڪوشش ۽ ائڪٽرن جي فلم پڻ وقت جي اهم تقاضا آهي ۽ ان ريت ٻنهي ملڪن جي فلمن جي مارڪيٽ پڻ وڌائي سگھجي ٿي.

اهي مڙيئي ڳالهيون هن دور ۾ هڪ فلم ڏسندڙ کي عجيب لڳن ٿيون، پر انور اقبال، افغاني ۽ محبوب علي جهڙا ماڻهو ٿي سگھي ٿو ته پنهنجي ان سپني کي ساڀيان بڻائي ڏيکارين ۽ پاڪستان ۾ رهندڙ ڪيترائي ملائيشين شاگرد ۽ ملائيشيا ۾ نوڪريون ڪندڙ اسان جهڙا پاڪستاني هن فلم جي ڪاميابيءَ تي اوچو ڳاٽ کڻي هلن.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
1 Comment
Oldest
Newest Most Voted
Inline Feedbacks
View all comments
jazz piano music
2 months ago

jazz piano music