پاڪستان جي پراڻي سياسي روش حصو پهريون آفتاب لاشاري Aug 2020

پي ٽي آءِ جي حڪومت اچڻ کان پهرين عوام جو اهو خيال هو ته عمران خان جي اچڻ سان پاڪستان جي تقدير بدلجي ويندي. ڇو ته عمران خان هڪ ايماندار ماڻهو تصور ڪيو وڃي ٿو. هن جي زندگي جا ڪجهه اهڙا پهلو آهن جن تي آڱر کڻي سگهجي ٿي، پر وري به سندس ايمانداري تي گهڻا ماڻهو يقين رکن ٿا.

سياست کان پهرين عمران خان ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ هڪ فاسٽ بائولر ۽ ڪپتان جي حيثيت ۾ پنهنجون صلاحيتون مڃرائي چڪو آهي. نه رڳو ايترو هن 1992ع جو ورلڊ ڪپ کٽي پنهنجي قد ڪاٺ ۾ به اضافو ڪيو. شوڪت خانم اسپتال کي قائم ڪري هڪ ناممڪن خواب کي حقيقت ۾ تبديل ڪري ڏيکاريو، شايد انهيءَ ڪارنامي جي بنياد تي پاڪستاني عوام اهو سمجهيو ته عمران خان سياست ۾ اچي ملڪ جي قسمت تبديل ڪري سگهي ٿو.

ننڍي کنڊ ۾ خاص طور پاڪستاني عوام ڪنهن منظم تحريڪ جي بجاءِ فرد ذريعي انقلاب ۽ تبديلي جي اميدوار رهي آهي… اڄ به اسان مان گهڻا ماڻهو اهو ٻڌن ٿا ته ڪو آيت الله خميني جهڙو ماڻهو هتي اچي ۽ اسان جي ملڪ جي قسمت کي تبديل ڪري ڇڏي يا واري ڪو حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنه جهڙو ماڻهو اچي اهو ان ملڪ جي قسمت کي بدلائي ڇڏي. ان مان ظاهر اهو ٿو ٿئي ته اسان جي عوام شخصيت پرست آهي. ڇا حضرت عمر رضي الله تعاليٰ عنه بنا ڪنهن جدوجهد جي ۽ بنا تحريڪ جي سڀ ڪجهه برپا ڪيو؟ ڇا آيت الله خميني بنا ڪنهن منظم انقلابي جدوجهد جي انقلاب برپا ڪيو؟؟

پاڪستان ۾ شروع کان وٺي ڪڏهن به ڪا سياسي تنظيم طاقتور ناهي رهي، سياسي اڳواڻن به تنظيمن کي طاقتور بنائڻ بجاءِ پنهنجي شخصيتن کي طاقتور بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. پاڪستان جون سڀئي سياسي تحريڪون سواءِ جماعت اسلاميءَ جي پنهنجي اڳواڻ جي شخصيت جي گرد گهمندي نظر اچن ٿيون. پاڪستان مسلم ليگ ن مان جيڪڏهن نواز شريف کي ڪڍيو وڃي ته تنظيم ڪجهه به ناهي. پاڪستان پيپلز پارٽي مان جيڪڏهن هن وقت زرداري  کي ڪڍي ڇڏجي ته تنظيم ڪجهه نه رهندي، جمعيت العلماءِ اسلام مان مولانا فضل الرحمان کي جيڪڏهن ڪڍي ڇڏجي ته تنظيم ڊهي پوندي. اهڙيءَ ريت تحريڪ انصاف مان عمران خان کي ڪڍي ڇڏجي ته اها تنظيم وڃي پٽ تي پوندي.

پاڪستان جي سياسي منظر نامي ۾ اها ڳالهه واضح نظر اچي ٿي ته تنظيمي طاقت کي ختم ڪري شخصيتن کي اڀارڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي، پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ذريعي انهن شخصيتن کي اڀارڻ لاءِ انهن جي اشتهاري مهم هلائي ويندي آهي اهڙي وقت ۾ ان تنظيم جي بجاءِ ان جي پٺيان بيٺل طاقتون پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون هونديون آهن.

پاڪستان جي تاريخ ۾ هر حۡڪمران تنظيمي ۽ حقيقي سياسي جدوجهد جي بجاءِ طاقتور ڪلهن تي سوار ٿي اقتدار جي ايوان ۾ داخل ٿيو.

پاڪستان جو ٽيون گورنر جنرل هڪ ٽيڪنو ڪريٽ هو، هو ڪنهن جي ڪلهن تي سوار ٿي اقتدار جي ايوان ۾ آيو ۽ هن کي اقتدار جي ايوان مان ڪنهن ٻاهر ڪڍي ڦٽو ڪيو؟؟؟ يقينن ان ۾ عوام جو ڪوبه ڪردار نه هو جو ملڪ غلام محمد کي اقتدار ۾ وٺي آيو هجي يا هن کي ٻاهر ڪڍيو هجي.

ساڳئي ريت ذوالفقار علي ڀٽو، محمد خان جوڻيجو، بينظير ڀٽو، نواز شريف به طاقتور ڪلهن جي ذريعي اقتدار ۾ آيا ۽ ٻاهر ڪڍيا ويا.

هاڻي عمران خان کي جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته اها حقيقت ڏينهن جي روشني وانگر سڀني کي نظر ايندي ته خانصاحب کي ڪنهن  آندو آهي؟ ظاهري ڳالهه آهي جيڪي کيس اقتدار جي ايوان تائين وٺي آيا آهن ۽ جن کيس اقتدار جي مسند تي ويهاريو آهي اهي کيس هتان ٻاهر به ڪڍي سگهن ٿا. جيڪڏهن عمران خان حقيقي سياسي جدوجهد سان اچي ها ته اهو يقينن ممڪن هو ته هو پنهنجي ايجنڊا جي تڪميل ڪري سگهي ها، پر کيس جيڪي وٺي آيا آهن انهن جون پنهنجون ترجيحون ۽ پنهنجا ايجنڊا آهن.

شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين اسان جي سياسي روش اها رهي آهي ته اقتدار عوام جي بجاءِ طاقتور ڪلهن ذريعي حاصل ڪيو وڃي ٿو. حقيقي جدوجهد جي بجاءِ عوام کي محض جذباتي نعرا ڏنا وڃن ٿا، نه آئين جو جهنجهٽ نه منشور تي ڪو احتساب ڪيو وڃي.

پاڪستان ۾ 1947ع کان 1958ع تائين ڪڏهن قومي سطح تي چونڊون نه ٿيون. 1958ع کانپوءِ ٿيون به ته اهي حقيقي چونڊون نه هيون. پاڪستان جي تاريخ ۾ سڀ کان پهرين صدارتون چونڊون 2 جنوري 1965ع تي منعقد ٿيون جنهن ۾ فاطمه جناح جي مقابلي ۾ حڪومت جي گادي تي ويٺل ايوب خان چونڊون کٽي ورتيون.

ظاهري ڳالهه آهي ته اصل طاقت ايوب خان سان گڏ هئي ۽ ان کي ئي کٽڻو هو. ايوب خان کان پهرين مير جعفر جي پڙ پوٽي اسڪندر مرزا، ملڪ غلام محمد ڪنهن عوامي طاقت جي ذريعي اقتدار جي گادي تي نه ويٺا هئا. جيڪڏهن ڪنهن حقيقي عوامي جدوجهد سان اليڪشن کٽيا به هئا ته ان کي انهن طاقتن اقتدار حوالي نه ڪيو. ڪلهه به اسان جي روش اها هئي اڄ به اسان جي روش ساڳي آهي. اڄ به اسان اتي ئي بيٺا آهيون جتان 73 سال پهرين بيٺا هئاسين. نه ماضيءَ مان سبق سکيا آهيون نه حال تبديل ٿيو آهي. هاڻي سوال اهو آهي ته مستقبل کي تبديل ڪجي پر ڪيئن تبديل ڪجي؟؟

 

…(هلندڙ)…

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments