خاص

پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ واٽس ايپ سروس عارضي معطلي کانپوءِ بحال ٿي وئي.

پاڪستان ۽ ڀارت سميت سڄي دنيا ۾ واٽس ايپ جي سروس جزوي معطلي کانپوءِ بحال ٿي وئي. سماجي رابطن جي معروف واٽس ايپ جي سروس پاڪستان، ڀارت ۽ برطانيه سميت دنيا جي مختلف ملڪن ۾ معطل ٿي وئي هئي. واٽس ايپ جي سروس معطل ٿيڻ سان لکين صارفين کي مشڪلات کي منهن ڏيڻو پيو جنهنڪري صارفين کي پيغام موڪلڻ ۽ وصول ڪرڻ ۾ پريشان ٿي. برطانوي ميڊيا جي مطابق سروس ۾ خرابي سبب سڄي دنيا ۾ واٽس ايپ سروس متاثر ٿي. هن کان اڳ گذريل مهيني واٽس ايپ جي سروس ۾ خرابي جي شڪايت موصول ٿي هئي. ٻئي طرف مائيڪرو بلاگنگ ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي واٽس ايپ جي سروس معطل هئڻ سبب واٽس ايپ جو هيش ٽيگ سرفهرست ٽرينڊ ڪري رهيو آهي. صارفين جتي واٽس ايپ جو هيش ٽيگ استعمال ڪندي سروس جي معطلي جي باري ۾ شڪايت ڪئي اتي ئي ڪجهه مزاحيه تبصرا ڪندي نظر آيا.