پاڪستان ۽ زمبابوي جون ٽيمون پهرين ٽي-20 دنگل ۾ اڄ دُوبدو
پاڪستان ۽ زمبابوي جي ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي بين الاقوامي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ميچ اڄ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي. ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ميچ پاڪستان جي معياري وقت مطابق 3 لڳي 30 منٽن تي شروع ٿيندي. واضح رهي ته ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي ٻئين ميچ 8 نومبر تي جڏهن ته ٽئين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ 10 نومبر تي راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ئي کيڏي ويندي ۽ ٽي ٽوئنٽي سيريز جون سموريون ميچون ڊي اينڊ نائٽ هونديون. ٻنهي ٽيمن ٽي-20 سيريز ۾ ڪاميابي جي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي.