خاص

پي آءِ اي ٽڪيٽ مقرر قيمت کان گهٽ قيمت ۾ وڪرو.

پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز (پي آءِ اي) جون ٽڪيٽون مقرر قيمت کان گهٽ قيمت ۾ وڪري جون ٺڳيون منظر عام تي آيون آهن. پي آءِ اي سيڪيورٽي ۽ ويجيلنس کي شڪايت ملي ته سيالڪوٽ ۾ سيلز آفيس مقرر ڪيل قيمت کان هيٺ ٽڪيٽون وڪرو ڪندي پي آءِ اي کي 62 لک رپين جو نقصان پهچايو آهي. پي آءِ اي سيڪيورٽي ۽ ويجيلنس پي آءِ اي سيلز آفيس سيالڪوٽ ۾ ٿيندڙ ٺڳين کي پڪڙڻ لاءِ ڪارروائي ڪئي ۽ جعل سازي لاءِ جاري ڪيل ٽڪيٽون منسوخ ڪيون. ذريعن موجب سيالڪوٽ ۾ پي آءِ اي جي ضلعي مئنيجر عاصم امتياز خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي. ذريعن ٻڌايو آهي ته لاڪ ڊائون دوران پي آءِ اي خاص پروازن جي ٽڪيٽن جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي جڏهن ته لاڪ ڊائون کانپوءِ گهٽ قيمتن واريون ٽڪيٽون منسوخ ڪيون ويون، پر پي آءِ اي سيالڪوٽ عملي مبينا طور تي رشوت ورتي ۽ ساڳي قيمت تي 48 مسافرن کي ٽڪيٽون جاري ڪيون، سيالڪوٽ کان ميلان، بارسلونا ۽ ٻين ملڪن جي طئي ٿيل پروازن لاءِ ٽڪيٽون بُڪ ڪيون ويون.